رضا علڻ فقير جو اصل نالو فقير رضا علي هو، پاڻ مشهور لوڪ فنڪار علڻ فقير جو ننڍو ڀاءُ هو. علڻ فقير جي وڇوڙي کان پوءِ رضا علي پنهنجو نالو ڀاءُ جي نسبت سان رضا علڻ فقير سڏايو.
رضا علڻ راڳ جي شروعات پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي سندس 70 واري ئي ڏهاڪي ۾ اي ڪيٽيگري جي فنڪارن ۾ شمار ٿيندو هو، علڻ فقير سان پاڻ گڏ ڪيتريون ئي لطيف جون وايون ڳايون. ان دور ۾ ڪيتريون ئي ڳايل سندس ڪافيون مشهور ٿيون. رضا علڻ فقير جي والد جو نالو ڌمالي فقير هو جنهن جو شمار سنڌ جي وڏن سگھڙن ۽ موسيقي جي ڄاڻن ۾ ٿيندو هو، ڌمالي فقير ٻه شاديون ڪيون پهرين گهر واري مان علڻ فقير ۽ ٻئي گهر واري مان رضا علي، مشتاق علي ۽ غلام علي پٽ پيدا ٿيا.
رضا علڻ راڳ جي سکيا استاد محمد يوسف کان ورتي پاڻ بنيادي طور غزل ڳائڻ وارو فنڪار هو. پر علڻ فقير جي خواهش تي لطيف جون وايون ڳائڻ شروع ڪيون، پاڻ ٿوري ئي وقت ۾ وائي ۽ لطيف جي بيتن ڳائڻ تي عبور حاصل ڪري ورتو، رضا علڻ فقير لطيف جي شاعري تي عبور حاصل ڪري درست تلفط جي درستگي تي وڏو ڌيان ڏنو، علڻ فقير جي وڇوڙي کان پوءِ رضا علڻ، علڻ فقير جي ثقافتي ورثي اجرڪ جي پٽڪي کي زنده رکڻ سان گڏ لطيف جي راڳ کي به زنده جاويد رکيو.
رضا علڻ فقير ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي ثقافت کاتي لطيف سرڪار جي ميلي جي راڳ جي ڪانفرنس ۾ مدعو نه ڪيو ويندو هو جنهن جو رضا فقير کي شديد ڏک هو. رضا علڻ اڄ حيدر آباد ۾ مسواڙي گهر ۾ صبح نوين وڳي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو. پاڻ سوڳوارن ۾ هڪ بيوه ۽ چار نياڻيون ۽ ٻه پٽ ڇڏيا آهن. رضا فقير 65 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو آهي. سندس وڇوڙي تي مانجهند شهر ۾ سوڳ واري ڪيفيت آهي، رضا علڻ جي تڏو مانجهند شهر ۾ مانجهند محلي ۾ وڃايو ويو آهي تدفين شام پنجين وڳي، مقامي قبرستان سخي عبدالله شاهه تي ڪئي ويندي.
ويچارو زرداري، نيب ۽ نئون وزيراعظم!
تحريڪ انصاف جي اٺن مهينن جي غير معروف حڪومت ٻيو ڪجهه ڏنو نه ڏنو پر ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قيمت ۾ ڪميءَ سان گڏ آءِ ايم ايف جي ملڪ ۾ واپسي ، خساري واري بجيٽ، مهانگائي، شاهي خرچن ۾ اضافو، بلوچن ۽ پختونن کي سختيون، سنڌين کي بک، پاڻي جي کوٽ، گڏيل پول مان ملندڙ رقم جي ڪٽوتي ضرور ڏني آهي.
ملڪ کان ٻاهر سرحدن تي به ڪا سٺي صورتحال ناهي. آمريڪا جيڪا عمران حڪومت کان طالبان سان ڳالهين جي ڳنڍ کولڻ جي اميد ڪري رهيو هو ان ۾ به ڪا پيش رفت نہ ٿي سگهي، الٽو ايران طالبان جي ڳوڻ ڀري وڃي روس پهتو. انڊيا ۾ مودي جي ٻيهر کٽڻ اچڻ سان خطي ۾ جنگي جنون ۾ واڌ ٿي آهي.
ائين عمران جي اليڪشن کان اڳ ڪيل تقريرن ۾ جتي انصاف جي ڳالهه هئي، ترقي يافته ملڪن مان پاڪستان ۾ نوڪرين لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهن جو خواب هو، سٺي تعليم بھتر صحت جي اميد هئي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ گهر ڏيڻ جو واعدو هو اهو سڀ اردو جي شعر جي سٽ جيان لڳڻ شروع ٿيا آهن.
“وہ واعده ئي کیا جو نبھا نا پڑھے”.
عام ماڻهن کي ته اها به اميد هئي ته ملڪ ۾ ڪرپشن ڪندڙ سڀ ڪرپٽ ماڻهو جيلن ۾ ويندا ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان هوندو سفارش جي جڳهه تي ميرٽ هوندي، نئون پاڪستان هر روز ٽچ بٽڻ جيان ڪنهن نئين ڪرپٽ ماڻهو کي جيل جي کولي ۾ قابو ڪندو پر ٿيو ان جي ابتڙ.
مهانگائي جي طوفان، ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني عوام کي بيزاري جي ان جڳهه تي پهچايو آهي جو هاڻي عمران خان جيڪڏهن ڪوهه مري جي ٿڌي جبل تي ٿڌ وٺڻ جي لاءِ پهچي ٿو ته” گو عمران گو” جي نعرن سان کيس اهڙو تپايو وڃي ٿو جو مڙس جا پگهر ئي نٿا بيهن.
سڄي پاڪستان ۾ انڪروچ مينٽ جي نالي تي جيڪا ڀڇ ڊاهه ڪئي وئي ان جو متبادل نه ڏيڻ ڪري لکين ماڻهو، روزگار ۽ گهرن کان بي دخل ٿيا.
نواز شريف کي جيل ۾ رکڻ کان وٺي نيب جي پلي بارگننگ وارين ڪارواين ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڪي سٺا اثر نه ڇڏيا ويتر ملڪ ۾ ايندڙ ڊالر کي مخصوص طريقي سان روڪيو ويو جنهن سبب ڊالر روز آسمان سان ڳالهيون پيو ڪري.
قرضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، مهانگائي جي ڪري حڪومت مان عوام بيزار آهي نه ڪروڙ نوڪريون نه غريبن جي لاءِ گهر آهن. اهڙي حالتن ۾ اسلام آباد جي سازشي موسم ۾ طعه ٿي رهيو هو ته” مائنس” عمران خان”جي تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ڪيئن برقرار رکجي.
اهڙو اشارتون رکندڙ سوال ڪالهه هڪ باخبر صحافي شاهه محمود قريشي کان پڇيو.
ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته اوهان وزير اعظم ٿي رهيا آهيو.
شاهه محمود قريشي جواب ۾ کلي چيو اسان عمران خان جي قيادت تي متفق آهيون.
اهو جواب مڪمل طور ڊپلوميٽڪ هو.
چوڻ وارا ته چون ٿا ته عمران خان جي قيادت تي سڀ متفق آهن پر وزير اعظم جي ڪارڪردگي تي وڏي اڪثريت متفق ناهي.
اهڙي صورتحال ۾ آصف علي زرداري جي گرفتاري ان ڪري به متوقع هئي ڇاڪاڻ عمران خان جي حڪومت کي هڪ اهڙو مثالي فيصلو گهربل هو جنهن سان هو عوام ۾ وري ڪرپشن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن تي ڳالهائي سگھي جيئن اصل مهانگائي، روزگار، نوڪرين، ملڪ جي اندر موجوده ڇڪتاڻ ۽ ٻين مسئلن تان عوام جو توجهه ڪجهه ئي وقت لاءِ هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿين.
آصف زرداري جي گرفتاري عمران خان جو اهڙو ڇڪو آهي جيڪو اکيون پوري فل ٽاس بال تي هنيو ويو آهي. جيڪڏهن بال فيلڊر جي هٿن ۾ ٿو اچي ته عمران خان آئوٽ هوندو جيڪڏهن بال گرائونڊ ڪراس ڪري ٿو وڃي ته ڪجهه رنسن جو وري اسڪور ۾ اضافو ٿيندو ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ڪجهه سٺو کيڏڻ جو موقعو ملندو.
هن سموري صورتحال ۾ ڏسڻو هي آهي ته مريم نواز، بلاول ڀٽو زرداري، اختر مينگل، اسيمبلي کان ٻاهر مولانا فضل الرحمان سان گڏجي ڇا ٿا ڪن.
گهڻو ڪري هن ئي سال پيرني جي وظيفي سان آيل ملڪ جو وزير اعظم عمران خان تبديل ئي ٿيندو.
زرداري جي گرفتاري کي وزير اعظم جي تبديلي جي پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. باقي نه نيب وٽ ڪي سزا ڏيڻ جهڙا ثبوت موجوده آهن نه ئي نيب وٽ ڪا تحقيقاتي ٽيم پروفيشنل آهي.
ويچارو زرداري ته هونئن ئي بيمار آهي، نيب عملدار بيمار زرداري کي وقت تي دوائون کارائيندا يا ڪرپشن بابت پڇاڻو ڪندا.
حيدر ملاح
ڏات ڌڻين ڏانهن…..
اوھان ڀلي ڪتابن جي مھورتن جو صدارتون ڪريو ياد رکو اسان جا تاريخي ماڳ، اسان جي تاريخ جا شاھد آھن!!
اسان جا قومي ورثا ۽ اثاثا آھن اسان کان اسان جي وطن سنڌ جي آزادي جو اھڃاڻ حيدرآباد جو پڪو قلعو ڦريو ويو آھي. جيڪو ھن وقت مقبوضہ قلعو آھي.
شاھي قلعي لاھور جي ديوار تي ھٿ تہ لاھي ڏيکاريو پنجاپي ڏسو تہ ڪھڙو ٿا اوھانجو حشر ڪن پر اسان جي پڪي قلعي حيدرآباد جي مک در تي سالن کان ايم ڪيو ايم جو جھنڊو جھولندو رھيو ھاڻي وري پاڪ سرزمين پارٽي پئي جھنڊا جھولائڻ جون ڪوششون ڪري .
پڪي قلعي جي اندر اھو سڀ ڪجھہ ڪيو ويو آھي جيڪي نڌڻڪن قومن جي قومي ورثن ۽ تاريخي اثاثن سان ڪيو ويندو آھي.
ھو اسان جي تاريخ کي ختم ڪرڻ چاھين ٿا جيئن اسان جا ايندڙ نسل موڳن ماڻھن وانگر جيئندا رھن کين پنھنجي تاريخ ڳولي بہ نہ ملي!!
سنڌ ۾ آھي ڪو اديب جيڪو ڪنھن ادبي پروگرام جي صدارت ڪندڙ وزير کان اٿي پڪي قلعي حيدرآباد جي آزاديءَ جي بلند آواز سان گھر ڪري ثابت ڪري تہ ھو باضمير اديب آھي اڃان وڪرو نہ ٿيو آھي کيس وطن جي تاريخي ورثي سان محبت آھي.
سنڌ جا ڏات ڌڻي مونکي خبر آھي اوھان انتھائي حساس آھيو ڪنھن جھوپڙي جي ڊھڻ تي اوھان جو روح رڙي پوندو آھي. اوھان ڪنھن ھڪ جي وجودہ ميسارڻ تي پنا ڪارا ڪري ڇڏڻ جي اھل بہ آھيو، اوھان پاران پڪي قلعي جي بقا جي گھر ڪا انسان دشمن گھر بہ ناھي نہ ملڪ جي قانون جي خلاف آھي پڪي قلعي تي قبضو ڪري ويٺل قابض متبادل زمينون، پلاٽ ۽ معاوضا بہ وٺي چڪا آھن.
ڇا سنڌ جا قلمڪارو، اوھان مان اھيا اميد ڪريون تہ اوھان پڪي قلعي تي قبضي خلاف ھر ان ادبي پروگرام ۾ آواز اٿاريندو جنھن جي صدارت ڪلچر جو وزير صاحب يا ڪو سرڪاري ڪارندو ڪندو.
حيدرملاح
زندگي مختصر
مان ٿو ڄاڻان کُٽي ساھہ جو پيو سفر!
زندگي مختصر، زندگي مختصر!!
تو چپن جي چمين ۽ اکـــين ۾ رکيو
پنھنجي ڀاڪر ۾ ويڙهي بدن ۾ رکيو
جٌون جي اس ۾ ڇانو تون ھُئين ڇپر
زندگي مختصر، زندگي مختصر!
شام ٿيندي رڙان ۽ ڪڙھان ٿو پيو
رات جو چنڊ سان مان وڙھان ٿو پيو
ننڊ ويئي آ رُسي، نيڻ ٿيا ھـــي پٿر
زندگي مختصر، زندگي مختصر!
پيار دوکو نه ھو پيار ســودو نه ھو
پيار منھنجو سچو، پيار کوٽو نه ھو
ڇو وڌي تو وٿي، ھر خوشي ڪئي زھر!
زندگي مختصر، زندگي مختصر!!
گيت منھنجا رنا، نيڻ منھنجا ڀِـنا
پيار منھنجو ڏسي، درد تو ھا ڏنا
رات ”حيدر ”لُڇان، ڏينهن ڪيو تو قھر!!
زندگي مختصر، زندگي مختصر!!
حيدر ملاح

ٻن صدين جي درد ڪٿا!
اي منھنجا پٽ تون مونکان اڻ مئي آزاديءَ جي گھر نہ ڪر،
مان توکي ورثي م مليل غلامي ڏيئي وڃي رھيو آھيان،
تون عظيم تھذيب موھن جي وارثي جي فخر مان ٻاھر نڪري اچ!!
مان توکي ايڪويهين صدي م کليل گٽر ء گندگي سان ڀريل گھٽيون ڏيئي وڃي رھيو آھيان،
بدبوءِ تي نڪ تي ھٿ نہ رک!
مان تہ سڄو توکي ڀوتارن جو بدبودار سماج حوالي ڪرڻ وارو آھيان!!
اکيون نہ ٻوٽ حالتن جي جبر کي ڇھي محسوس ڪر، مون رڳو زندگيءَ ۾ تنھنجي راھن تان ڪنڊا ميڙندي ھٿن سان گڏ روح بہ رھنڊايو آھي،
توکي ئي منزل تائين وڃڻو آھي، مونکي پراون کان وڌيڪَ پنھنجن جي بي وسيءَ ماريو آھي، نہ تہ مان گذريل صديءَ م ئي توکي اڻمئي آزادي ڏيئي وڃان ھا،اڄ تون تاريخ ۾ ٻن صدين جي غلاميءَ جو درد کڻي نہ جيئين ھا!!
حيدر ملاح

سرحدن جي اندر……
اها ڳالهه سو فيصد درست آهي ته جن هن ملڪ کي ٺاهيو انهن مان اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي جيڪي پنهنجي سوچ عمل ۽ مزاج ۾ سيڪيولر خيالن جا ماڻهو هئا يا ڀلا ائين کڻي چئون ته سوچڻ ۾ انتها پسند نه هئا.
منهنجي نظر مان باباءِ پاڪستان جي اهڙي ڪابه تصوير نه گذري آهي جنهن ۾ سجدو ته پري، پر ڪا جناح صاحب جي هٿ ۾ تسبيح هجي.
ائين ئي پاڪستان جو خواب ڏسندڙ علامه اقبال جو شڪوه جي ڪٿي محفل ۾ پنھنجي نالي سان تحت اللفظ طور پڙهجي ته ڪافر اعظم جو لقب ضرور ملندو.
جوهر برادران بظاهر ڏاڙهي وارا هئا پر سندن تقريرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ مقامي مذهبن جي لاءِ نفرت ناهي.
پري ڇو ٿا وڃون هي “سنڌ مدرسو ” ٺاهيندڙ حسن علي آفندي جو لهجو، گفتگو جو انداز بلڪل منڇر جي مهاڻن جهڙو هو. ڪچيون پڪيون سڀ گاريون رواني سان هضم ٿي وينديون هيون.
لياقت علي خان لاءِ ته چون ٿا ته رنگين محفلن ۾ ٻرندڙ فانوس جيان پيو عشق جي آوي ۾ پچندو هو. حُسن پرور هجڻ ڪري صنف نازڪ سندس وڏي ڪمزوري هئي.
اهي آهن پاڪستان ٺاهيندڙن جا وڏا نالا ۽ ڪردار.
جماعت اسلامي ۽ جمعيت العلماءَ جهڙيون مذهبي جماعتن ته کلي نموني هن ملڪ جي ٺهڻ جي مخالفت ڪئي هئي.
حقيقت ۾ جناح صاحب، ۽ ٻين جي جبري برقعي مٽائڻ کان پوءِ صورتحال يڪسر تبديل ٿي.
شايد ملڪ جي نون طاقتور مالڪن کي ڪنهن فلسفي جو جملو ٻڌايو ته” تضاد ۾ زندگي آهي ” ۽ ملڪ جا بڻياد مذهبي تضاد تي رکيا ويا.
انڊيا جيڪا ڪروڙن انسانن جي معاشي منڊي هئي جتان ساليانه اربين روپيا ڪمائي پئي سگهيا ان کي دشمن جي قطار ۾ بيهاريو ويو. اڳتي هلي افغانستان، ايران، ۽ چائنہ سان به ڪشيده تعلقات پيدا ڪيا ويا.
ائين سرحدن جي ٻاهران دشمنن جون قطارون ٺاهيون ويون.
يقينن هر طرف دشمن هجي ته گهر کي هر وقت اندروني خطرو ته رهندو. هاڻي سرحدن جي اندر خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ به ڊرون ٽيڪنالاجي جي ائين ضرورت آهي جيئن ٻاهرين دشمنن سان مقابلي لاءِ شاهين ۽ گوري ميزائل ۽ ايٽم بم جي ضرورت آهي.
پر ان جنگي ٽيڪنالوجي سان گڏ نفسياتي جنگ جي به جديد ٽيڪنالاجي جي ضرورت محسوس ڪندي، خصوصي دانشورانه سيل ٺاهيا ويا.
انهن دانشورن کي وڏي پگهار تي ننڍو ڪم ڪرڻو هو. ننڍو به صفا پتڪڙو ڪم.
جيڪو به رياست جي بهتري جي ڳالهه ڪري، دشمنيون گهٽائڻ ۽ عوامي ڀلي جي لاءِ ڪا صلاح ڏيئي. قومن جي تاريخي وجوده ۽ وطن جي ڳالهه ڪري يا جنگي جنون کي گهٽائي امن لاءِ وس آهر پاڻ پتوڙي، کيس ٽي وي چينلن ۽ اخباري ڪالمن ۾ گهيلي اهڙو ڪري پيش ڪريو جو، جن اجتماعي مفادن جي هو ڳالهه ڪري ٿو اهو اجتماع ئي ان کي پنهنجو دشمن سمجهڻ شروع ڪري. غدار ۽ ڪافر جي فتوائن جي لاءِ پوري دانشورانه ملان برگيڊ تيار ڪئي ويئي.
صحافين جا اهڙا جٿا ٺاهي، لوگو ڏيئي ميدان ۾ لاٿا ويا جن جو ڪم ئي اهو آهي ته ماڻهن کان مذهبي سوال ڪن. مسئلن اوهان جيڪڏهن عوامي مفادن جي ڳالهه ڪريو ٿا ته صحافي اوهان کان اٿندي سوال ڪندو ٽيون ڪلمو ٻڌاءِ.
هاڻي اوهان کي ٻيو ۽ ٽيون ڪلمو ياد ناهي اوهان ڪافر ۽ ملڪ دشمن ٿي ويا.
يا وري ملڪ جي اندر گفتگو جون به سرحدون طعه ٿيل آهن. اوهان شهري، قبائلي ۽ مذهبي دهشتگردي جي خلاف ڳالهائي نٿا سگهو.
انتها پسندي جي خلاف رڙ نٿا ڪري سگهو. مدرسي جي مدي خارج تعليم ۽ سياست تي گفتگو نٿا ڪري سگهو.سائنس جي حق ۾ دليل نٿا ڏيئي سگهو. پير پرستي، فرقي پرستي، توهم پرستي جي خلاف تقرير نٿا ڪري سگهو.
پاڪ فوج جي بيڪري کان وٺي پيٽرول پمپ جي ڪاروبار، وڏي بجيٽ سميت رياست بابت لکي نٿا سگهو.
ايترو به نه پر سرحدن کان ٻاهر امن قائم رکڻ جي لاءِ شل نه اوهان گفتو ڪڍيو، اوهان ايجنٽ، ڪافر ۽ غدار سڏبا.
ڪنهن ملڪ جي اندروني آزادي عوامي اظهار جي آزاديءَ سان لاڳاپيل هوندي آهي.
اظهار جي آزادي دنيا ۾ بنيادي انساني حق تسيلم ٿيل آهي، اسان جي ملڪ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اقوام متحده وٽ ان آزادي ڏيڻ جي لاءِ لکت ۾ معاهدا ڪيا آهن. ان جي باوجود به هن رياست لکڻ، پڙهڻ ۽ تقرير جا ڪجهه عوام دشمن پيراميٽر طعه ڪيا ويا آهن. جيڪي موضوع ممنوع آهن اهي آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان.
هاڻي اسان کي سمجهايو وڃي ٿو ته رياست بدران حڪمرانن تي ڳالهايو، ڇاڪاڻ حڪمران تبديل ٿيندا رهندا. پيا ماڻهو مٿو هڻن. يا اسان کي چيو وڃي ٿو ته قوم فقط هڪ آهي پاڪستاني قوم، ٻين تاريخي قومن کي تاريخ جي ورقن ۾دفن ڪريو.
مذهب به هڪڙو آهي اسلام، ملڪ ۾ رهندڙ ٻيا سڀ ڪافر آهن ۽ ڪافرن جي خلاف جهاد هر مسلمان تي فرض آهي.
ائين سمجهي ڇڏيو هي رياست سرحدن جي اندر هروقت حالت جنگ ۾ آهي.
ان ڪري ئي هن رياست کي سيڪيورٽي رياست چيو وڃي ٿو، سيڪيورٽي رياست جي گهرج جديد کان جديد هٿيار هوندا آهن. تعليم، سائنس، صحت ، بهتر معاشيات، واپار ۽ امن سيڪيورٽي رياست جي گهٽ گهرج هوندا آهن.
پاڻ ائين کڻي چئون ته سرحدن جي ٻاهران ۽ سرحدن جي اندر جڏھن هر وقت جنگ جا طبل وڄندا هجن ته، اهڙي حالتن ۾ عدل، انصاف، روزگار ۽ امن امان ديواني جي خواب جيان هوندو آهي.
حيدر ملاح

خود شناسي!
مونکي خدا ھڪ اڻ ڏٺي طاقت ڏني آھي جيڪا مون بابت عام ماڻھن کي دير سان محسوس ٿيندي آھي، پر مونکي ان جو قدر آهي.
ڪڏھن سنڌ جو ٿر اوھان ڏٺو آھي اتي سالن تائين برسات نه پوندي آھي پر جڏھن بارش پوندي آھي تہ سمورو ٿر سرسبز ٿي ويندو آھي، ٿر جي مٽيءَ ۾ هزارين خوبصورت ٻج دفن ٿيل آھن جيڪي سالن تائين بارش نه ھجڻ باوجودہ مٽيءَ ۾ مٽي ٿي جيئندا رھندا آھن ۽ جڏهن برسات جون ڦڙيون ان مٽيءَ تي وسنديون آھن تہ ھر طرف نظر نھار تائين ساوڪ ۽ خوشبو ڦھلجي ويندي آھي.
مان ٿر جي واري جي زرڙن ۾ پيل اھو ئي خوشبودار ٻج آھيان جيڪو ڏڪار ۾ مري نٿو!
پيار جو ڏڪار مونکي ماري نٿو سگھي. جڏھن به ڪا پيار جي ڪڻي منھنجي من جي ٿر تي وسندي تہ مان خوشبو ٿي پنهنجي ڌرتيءَ تي مھڪندو رھندس.
( اوھان به پاڻ بابت
پاڻ سان ڳالهايو )
حيدرملاح
خود ملامتي تصوف….!
سنڌ ۾ تصوف جي نئين شڪل نروار ٿي سامهون اچي ويئي آهي ان جا تخليڪار خود سنڌ اندر نئين بدتن کي جنمن ڏي رهيا آهن .تصوف جا راڳي خود مرشد بڻجي مريدن جا کيسا ڪٽڻ ۾ مصروف آهن .
چڙا ۽ گهنڊ ڳچين ۾ ٻڌي ،اڌ شهپر ۽ مٿا ڪوڙي،ڳچين ۾َتوا ٻڌي راڳ ۽ ويراڳ سان جي تبديليون اچن ها ته پوءِ سموري دنيا ۾ انقلابي يڪتارن جي چپڙن تي سنگ جوڙي آزادين ۽ انقلابن جا نغارا وڃائين ها.
مائوزيتنگ لانگ مارچ نه ڪري ها .چي گويرا بندوق جو سهارو نه وٺي ها ،نيلسن منڊيلا جيلن جي سلاخن پٺيان ويهي ويڙهه نه ڪري ها ،لينن سرخ فوج نه جوڙي ها نه ئي جلاوطن ٿيئي ها،آنگ سانگ سوچي، سياسي جدوجهد نه ڪري ها سڀ ماڻهو الله توهار ڪريو .”ڏاڍو ٿا پيون پيون تڏهن ٿا جيئون پيا ڳائين ها“.
سنڌ کي فڪري ۽ سياسي تحريڪن جي ضرورت آهي .لاتعلقي ،فراريت جي جڳهه تي سياسي مزاحمت جي ضرورت آهي .
سنڌ جو تصوف خود ماضيءَ ۾ صوفي شاهه عنايت جي فڪري روپ ( جيڪو کيڙي سو کائي ) جي شڪل ۾ مزاحمتي رهيو آهن .هن وقت سنڌ ۾ درگاهن جا پير ڌنڌوڙي ،ڪرپٽ حڪمرانن جا ٻانهن ٻيلي ۽ موالين پيدا ڪرڻ جا ڪارخانا بڻيل آهن
معاف ڪجو .
انهن پيرن جيڪي شاهه عنايت شهيد جا پاڻ کي پوئلڳ سڏائين ٿا سي پڻ هن دور جا وڏا بي رحم جڳاڙي ۽ ڦورو ٿي سامهون آيا آهن .
سنڌ جون اڪثر درگاهون اوهان کي لاتعلقي ڏانهن وٺي وينديون .پيرين پوڻ سيکارينديون پيرن تي بيهي ويڙهه وڙهڻ نه سيکارينديون
هي دور ”هو چونئي تون ۾ چئه وارو دور ناهي “هن دور ۾ اوهان کي جي بحيثيت قوم جي جي زندهه رهڻو آهي ته بي رحم ٿيڻ جي ضرورت پوندي .اوهان جو انهن سان مقابلو آهي جن جو مشهور مقولو آهي ته ماڻهو نه ڌرتي کپي .
اهڙن بي رحمن سان مقابلي لاءِ تصوف جو ملامتي انداز اسان سڀني کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو .
ان ڪري الله سان جهيڙي ڪرڻ بدران انهن سان عملي مقابلو ڪريو جن اهيو فيصلو ڪري ورتو آهي ته هو اوهان کان اوهان جي ڌرتي ڦري وٺندا .
صدين جي سياسي سفر کي پڙهڻ کان پوءِ مان ته ان نتيجي تي پهتو آهيان تصوف دنيا ۾ ڪٿي به آزادي ۽ انقلاب جو سبب نه بڻيو آهي .
ها باقي ٺرو پي غلام ڪجھ گهڙيون ٺينگ ٽپا ڏيئي رليڪس ٿيڻ چاهين ٿا ته اها آزادي جي جدوجهد نه پر حالتن سان سهمت ٿيڻ جي شاندار پيش قدمي ضرور آهي .

حيدر ملاح
زندہ لاش جو سفر……….
جمنا جو مذهب ڪهڙو به هجي پر خانا بدوش قبيلي جي فقيري ۾ خوش رهندڙ فقيري سامي جي هيءَ ڌيءَ جڏهن به هٿ ڊگهو ڪري پنندي هئي ته اشد آڱر مٿي ڪري ﷲ ڏانهن اشارو ڪري چوندي هئي سائين “ﷲ جي نالي خيرات ڏي”.
هن ڀيري هن کي خيرات ۾ ڪچو شراب ڏنو ويو.جمنا کي ڪچو شراب زوري پياريو ويو، دوکي سان پياريو ويو يا خانا بدوش قبيلي جي هن ڇوڪريءَ وڏن جي ڪرت کي ڏسي، شراب کي خوشي خوشي سان ڏوڪي ڇڏيو. پر جمنا سان ريپ ڪيو ويو.
ريپ جنهن ۾ منشا ۽ مرضي شامل نه هوندي آهي، ريپ لفظ ئي ڏاڍائي ۽ زبردستي جو اهڃاڻ آهي.
تيرنھن سالن جي نياڻي جمنا کي وحشي درندن ٽنڊو محمد خان ۾ کليل ميدان تي اڇلائي هڪ پيغام ڏنو ته هتي جمنا کي پاڪ پوتر ناهي ڇڏڻو.
جمنا جي وائرل ٿيل وڊيو، هڪ باضمير انسان جي اندر ۾ وڍ وجهي ٿي.
جمنا جو لڇڻ، جمنا جو رڙيون، جمنا جي اندر جي درد کي هر حساس ماڻهو پنهنجو درد سمجهي ٿو.
هڪ سوال ته ڪر کڻي بيهي رهي ٿو ته هن ملڪ ۾ جهنگل جو ئي قانون آهي.
ٽنڊو محمد خان جي کليل ميدان مان پوليس کي هٿ آيل جمنا جو درد جو سفر اڃان ختم نه ٿيو آهي.
جمنا زنده لاش جي سفر جي هڪ ٻي ڪهاڻي ٿي اڳيان وڌي آهي.
جمنا کي ٽنڊو محمد خان مان سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
ڪجهه گهڙين ۾ کيس ڌڪا ڏئي ٻيهر ٽنڊو محمد خان جي اسپتال ڏانهن موڪليو ويو.
قصو اتي ختم نه ٿيو، زندهه لاش کي ٽنڊو محمد خان جي ٿاڻي جي وڏي منشي ۽ صوبيدار جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جن جمنا جي روح کي رهنڊڻ جهڙا سوال ڪيا. سندس جسم جا زخم ڳڻيا، ريپ ڪيئن ٿيو، ڪنهن ڪيو جا تفتيشي سوال پڇيا ۽ ايف آئي آر ڪاٽي ايس پي کي رپورٽ ڏني سائين جمنا جي ايف آئي آر ٿي ويئي.
جمنا جا ريپ ڪندڙ گرفتار ٿي ويا آهن، اڳتي ڪيس هوندو، جمنا ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ ريپ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. وڪيل جمنا کان آڏي پڇا ڪندا.
ريپ ڪندڙ جا هٿ ڪٿي، ريپ ڪندڙ هيٺان هو يا مٿان هو.ائين ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ نه ڄاڻ ڪيترو وقت جمنا جي زنده لاش سان قانون، وٽنس، ميڊيڪل رپورٽ، جي نالي تي ريپ ٿيندو رهندو.
فيصلو ڪڏهن اچي ڪا خبر ناهي ! سزا ملندي يا نه ڪا خبر ناهي.
پر هڪ خبر پاڻ سڀني کي ضرور آهي ته جمنا جي زنده لاش جو سفر کٽڻو ناهي.
حيدر ملاح

اُم رباب، نئين سنڌ جو اجرو چهرو.
اُم رَباب چانڊيو جي جدوجهد جي مخالفت پويان ٻہ واضع مقصد آهن.
پ پ پ کي به راضي رکڻو آهي، جيئن سنڌ سرڪار جا نور نظر رهون ۽ مدي خارج، عوام دشمن، انسان دشمن سردارن جي به ونگار وهڻي آهي.
جيئن سردارن جو دڙڪو، ڌاٻو غريبن جي مٿان قائم رهي ۽ سردارن جي رعايتن جي مٿي تي ٻاجھه به رهي.
هڪ انسان دوست ترقي پسند قومپرست جي حيثيت ۾
اسان کي هر صورت ۾ ڪمزور ۽ مظلومن سان گڏ بيهڻ گھرجي.
سنڌ ۾ سرداري سرشتو ڪمزور ٿيندو ته عام ماڻهو آزادي سان سوچڻ شروع ڪندو. عام ماڻهو جي ووٽ کي آزادي ملندي، نيئن دنيا سان قدم وڌائي اڳتي وڌي سگهڻ جي اهل ٿيندو.
سنڌ جا نوجوانو ياد رکو، ڪنهن به ظالم جي ڀَرِ نه وٺو، ظالم سان بي پناهه نفرت ڪريو ان نفرت ۾ ئي اوهان جي نجات لڪل آهي.
حيدر ملاح
