حيدرآباد کان جڏهن اوهان سيوهڻ ڏانهن سفر شروع ڪندا ته ٺيڪ 78 ڪلوميٽر تي اوهان پنهنجي گاڏي کي بريڪ هڻي جيڪڏهن انڊس هاءِ وي جي اوڀر پاسي نهاريندا ته اوهان کي سنڌ جو قديمي شهر مانجهند ڏسڻ ۾ ايندو، ضروري ناهي ته اوهان مانجهند شهر جي اندر قبضو ڪيل سوڙهين گهٽين مان ٿيندا درياه جي پيٽ ۾ آباد ٻائي جي مندر تي وڃو جتي 1939 ۾ ڀڳت ڪنور رام آخري ڀڳتي ڳائي ابدي ننڊ لاءِ رڪ اسٽيشن ڏانهن سفر ڪيو هو جتي دنالي بندوق وارو ڀڳت ڪنور رام لاءِ موت بڻجي آجيان ڪرڻ لاءِ بيٺو هو. اوهان درياه جي ان ڪپ تي به نه وڃو جتي 1832ع ۾ الينگزينڊر برنس هڪ رات گذاري هئي ۽ پنهنجي ڪتاب” سنڌوءَ جو سفر “۾ لکيو هو ته “هي شهر 16 ڀيرا ٻڏي چڪو آهي ان جي باوجود به هن جو جاه جلال ڏسڻ وٽان آهي هن جون وڏيون عمارتون، ٻرندڙ شمعدان، ھوادار منگھ ۽ خوبصورت بندر هن شهر جي خوشحاليءَ جي گواهي ڏيئي رهيا آهن.”
اوهان کي 1919 ۾ ٺهيل انگريزن جي ان ٿاڻي ڏانهن ڏسڻ جي به ضرورت ناهي جتي هاڻي هڪ پوليس اهلڪار مينهن جو واڙو ان نيت سان ٺاهيو آهي ته ڄاڻ پوليس جو کٽل کاتو ٿاڻي جا اثاثا وڪرو ڪندو اوهان کي ڀُريل، ڊٺل سپاهين جي رهائش جي به ڪالوني ڏسڻ جي ضرورت نه آهي جنهن جي ڪوارٽرن ۾ ڪنهن دور ۾ ٻارن جا ٽهڪ ئي ٽهڪ هوندا هئا هاڻي ويراني واسو ڪري ويٺي آهي. نه گهوڙن جو استنبل رهيو نه ئي هڻڪون ڏيندڙ متارن گهوڙن جا سوار رهيا.
لاڪ اپ جي منهن به نه چڙهجو ڇاڪاڻ اڃان تائين اڌ اگهاڙي ان لاڪپ ۾ ڪجهه قيدي اکيون بند ڪري ويهندا آهن تڏهن ڪو سچ پترن جو زخمي وجوده کڻي قيدي لاڪپ جي در تي ئي ٺهيل بنا در واري بيت الخلا مان حاجت پوري ڪري نڪرندو آهي.
اوهان کي پرائمري اسڪول جي عمارت جي در تي ان لائبرري جي پاسي به ناهي نهارڻو جنهن لائبريري تي شعور ۽ آگاهي جي صدا ڏيڻ جي ڏوھ سبب انتهاپسندي جي بندوق تاڻيل آهي ۽ لاڪ ڊائون دوران شريف شهري ان جا در ۽ دريون ڀڃي تاريخي ڪتاب ۽ فرنيچر به کڻي ويا آهن.
اوهان کي منع ڪريان ٿو محبتن جي ان مينار کي به ھٿ نه لاهجو جيڪو مينار مانجھند جي هڪ هندو سيٺ ورهاڱي کان رڳو ڇھه سال پهرين 1941 ۾ پنهنجي درم پتني جي ياد ۾ ان اميد سان ٺهرايو هو ته هي محبت جو مينار صدين تائين ايندڙن نسلن کي محبت ڪرڻ جا سنيها ڏيندو. هن نئين دور ۾ ان محبتن جي مينار کي هٿ لاهڻ سان اوهان ڪافر ٿي سگهو ٿا. ڇاڪاڻ محبت ماڻهن ۾ اميد پيدا ڪندي آهي ۽ هڪ ٻئي جي ڪاڻ ڪڍڻ سيکاريندي آهي. هي مينار هاڻي محبتن جو مينار سڏجڻ بدران ڪافرن جو مينار سڏجي ٿو ان مينار تي لکيل گرمکي ٻولي جي تختي کي ڇيڻن ۽ مترڪن سان هاڻي ٽوڙيو پيو وڃي.
هنن کي ڀلا سمجهائي ته محبت کان وڏو ڪو مذهب ئي ناهي.
اوهان کي شِوَ جي ان مندر ۾ به جُوهَ وجهي ناهي ڏسڻو جيڪو صديون پراڻو عمارت سازي جو شاهڪار لڳي ٿو پر هاڻي ان ۾ هڪ درگاھ جي گادي نشيني جي دعويدار پير ٻڪرين جو ڌڻ ٻڌي ڇڏيو آهي.
ان ڪري اوهان کي رڳو انڊس هاءِ وي کان اوڀر طرف سڏ پنڌ تائين ئي وڃڻو آهي.
اهو سڏ پنڌ سم نالي جي ڪنڌيءَ تي ٺهيل جهوپڙين تائين هوندو ته اوهان کي اتي چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندڙ اهڙو ٻار ملي ويندو جنهن کي حالتن وقت کان اڳ ئي وڏو ڪري ڇڏيو آهي.
ان ٻار جو رشتو مانجهند سان رڳو ايترو ئي آهي ته ان ئي سم نالي جي بدبوءِ دار هوا ۾ ساه کڻي وڏو ٿيو آهي هي ڄائو ته هن جو نالو “نمرود” رکيو ويو هن جو تعلق خانه بدوش گرگلن جي قبيلي سان آهي جيڪي ڀٽ ڀائٽي مان اٿي ڀٽ شاھ ۾ اچي ڪجهه سال ترسيا هئا ۽ پوءِ گڏھ گاڏن تي جهوپڙين جو سامان سٿي ڪتا ڪاهي اچي مانجهند جي ان سم نالي جي ڪپر جي ڀر ۾ آباد ٿيا هئا جنهن زمين جي مالڪن سرڪار کان معاوضو ته ڀير تي ڏونڪو هڻي ورتو پر اڃان به هنن جي اک انهن پڊن تي آهي جنھن تي هي گُرگلا آباد آهن.
هن معصوم ٻار تي نمرود نالو ڇو رکيو ويو اها ته خبر ان جي ماءُ پيءُ کي به ناهي بس هنن کي ايتري خبر آهي ته ماضي ۾ چئن صدين تائين دنيا تي راڄ ڪندڙ” نمرود” جو گرگلن جيان ڪو مذهب نه هو. شايد هنن کي اها به خبر نه آهي ته مسلمان جي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد جي ٻن صوره ۾ نمرود جو قصو بيان ڪيل آهي ۽ نمرود جو ذڪر دنيا جي ظالم بادشاہ طور ٿيئي ٿو.
هي گرگلا هنن سڀني تاريخي حوالن کان نه صرف بي خبر آهن پر هنن جي زندگيءَ ۾ اها بي خبري سڪون جو سبب به آهي هنن جي سانورين جسماني طور سگهارين عورتن جي مٿي تي صبح سان سامان جون ڀريون آهن جن ۾ عورتن جو هار سينگار جو سامان، ٻارن جا رانديڪا، نخن پالش، هٿ جو ٺهيل ڪجل، پيرن جا پازيب ۽ محبتن جي مٽا سٽا وارا ڪنگڻ ۽ منڊيون آهن هي در در تي گهورَ ڪري شام جو جڏهن پنهنجي جهوپڙين ۾ واپس اچن ٿيون ته هنن جي پگهريل بدن سان ٻار چھٽي پون ٿا. هنن جي مردن جي لاءِ اڳ مشهور هو ته هي رڳو ڪچو شراب ۽ سوئر جو سڪل گوشت کائي جسماني لذت وٺڻ جي لاءِ پيدا ٿيا آهن پر هاڻي تبديل ٿيندڙ نئين پاڪستان ۾ هنن جي شڪاري ڪتن کي به ٻيلا نه هجڻ ڪري نه سَهو شڪار لاءِ ملي ٿو نه ئي ڪڏهن سوئر مُنھن ۾ پئي ٿو ان ڪري جڏهن ڪڻڪ جي لابارن ۽ بصر جي گُڏَ جي مزدوري لڳي ٿي ته هي گرگلا مرد ڏانٽا ۽ کرپيون کڻي گهرن کان جڏهن زميندارن ڏانهن ڏهاڙي جي مزدوري لاءِ نڪرن ٿا ته سڏ پنڌ تائين هنن جا خانداني شڪاري ڪتا هن کي الوداع ڪري اچي وري سم نالي جي ڪپ تي کوٽيل چَرِ ۾ شام تائين ڪنڌ لٽڪائي مالڪن جي واپسيءَ جو انتظار ڪن ٿا.
پر نمرود نه ماءُ سان گڏ گهرن ۾ شيون کڻي گهورَ ڪرڻ وڃي ٿو نه ئي وري هو پيءُ سان گڏجي، لاباري يا گُڏَ ڪرڻ لاءِ نڪري ٿو، جهوپڙي جي ڪنڊ ۾ وڇايل رلي تي ويهي صبح سان ئي هي ڪتاب کولي ويهي ٿو ۽ ورائي ورائي ساڳيا سبق پڙهي خوش ٿيئي ٿو ته هي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي ان اسڪول ۾ ايندڙ وزيٽرس جي جملن کي خيالن ئي خيالن ۾ ٻڌي ٿو ته گرگلن جو هو پهريون ٻار هوندو جيڪو اسڪول کان ٿيندو يونيورسٽي تائين پهچي سنڌ جو وڏو آفيسر ٿيندو.
اهي خواب ان جي اکين ۾ ان جي پرائمري جي استاد به اوتيا آهن جنھن کي سدائين اهو الڪو رهندو آهي ته هي جڏهن وڏو ٿيندو ۽ يونيورسٽي تائين پهچندو ته هن جي “نمرود” نالي جي ڪري ڪٿي هن سان اهو ڪم نه ٿيئي جيڪو آچر ٻاليشاهي جي ٻارن سان ٿيو هو جن جي ڀر ۾ شهري بابوئن جا ٻار اهيو چئي ويهڻ کان انڪار ڪندا هئا ته هي ٻاليشاهي اسان جي ڪپڙن کي خراب ڪن ٿا.
نمرود گرگلو سنڌين جي بين الاقوامي تنظيم جي اڳواڻ جي ان واعدي کي هر وقت ياد رکي ٽهڪ ڏئي ٿو جيڪو چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندڙ نمرود جو انگريزي ۾ پوئم ٻڌي نمرود کي يونيورسٽي تائين پنهنجي خرچ تي پڙهائڻ جو واعدو ڪري وري ناهي موٽيو تاڙين جي گونج ۾ وڏي گاڏي ۾ واپس آمريڪا ويندڙ ان سونهري وارن واري اڳواڻ کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ان جي واعدي جي آسري تي ويٺل نمرود هاڻي پاڻ سان گڏ وڏي ٿيندڙ ٻسڙ شڪاري ڪتي سان به راند کيڏڻ ڇڏي ڏني آهي. نمرود گرگلن جي ٻين ٻارن جيان هٿ ڦهلائي ڪنهن کان خيرات به ناهي گهرندو. هن معصوم کي اها به خبر ناهي ته هتي تعليم جا به الڳ رستا آهن هڪڙا ماڻهو هتي حڪمرانن ٿيڻ جي لاءِ پڙهندا آهن انهن جا اسڪول به الڳ آهن ته انهن جو نصاب به الڳ آهي انهن جا نالا به الڳ آهن ته انهن جا ڪپڙا به الڳ آهن ٻيا ماڻهو هتي محڪوم بڻجڻ جي لاءِ پڙهندا آهن جن کي پڙهايو ويندو آهي ته وقت جي حڪمران جي اطاعت ڪريو ۽ مهذب غلامن جيان جيئڻ سکو. اوهان کي جيئڻ جي لاءِ هر وقت ٽهڪ ڏيڻ گهرجن خوش رهڻ گهرجي توڙي جو اوهان بکارا ۽ ڏکارا هجو. اوهان لڙڪ لڪائي جيئو ۽ هر وقت ٽهڪ ڏيئي ماڻهن سان ملو.
نمرود کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ڪي آن لائن ڪلاس به هلن ٿا ۽ وڏن ماڻهن جي ٻارن جي ٽيوشن تي به بندش ناهي. بس رڳو بندش لڳڻي آهي ته نمرود جي انهن ٽهڪن تي لڳڻي آهي جن ٽهڪن سان ڪنهن جا خواب سلهاڙيل آهن ڪنهنجي واعدي جا سڳا ٻڌل آهن. هن کي ڪهڙي خبر ته هي ان سماج ۾ ساه کڻي رهيو آهي جتي ذاتيون نيچ ۽ اتم ٿينديون آهن جتي فرد به طاقتور ۽ ڪمزور ٿيندا آهن جتي نسل پرستي ۽ ذات جي بنياد تي نوڪري به ملندي آهي ته علاج ۾ مدد به ٿيندي آهي. اهڙي سماج ۾ سوچيان پيو ته اچو ته پاڻ گڏجي ذاتين جي جهنجهٽ مان ٻاهر نڪرون، نالن جي ٽڪساٽن کي ٽوڙيون جيئن نمرود گرگلي جا ٽهڪ سدائين هوا ۾ موسيقي جي سريلي ڌن بڻجي ٻُرندا رهن.
حيدر ملاح
تازي افيئر ۾ ڇپيل
Aug, 31-sep. 14,2020










