مانجهند جي نمرود سان ملو!


حيدرآباد کان جڏهن اوهان سيوهڻ ڏانهن سفر شروع ڪندا ته ٺيڪ 78 ڪلوميٽر تي اوهان پنهنجي گاڏي کي بريڪ هڻي جيڪڏهن انڊس هاءِ وي جي اوڀر پاسي نهاريندا ته اوهان کي سنڌ جو قديمي شهر مانجهند ڏسڻ ۾ ايندو، ضروري ناهي ته اوهان مانجهند شهر جي اندر قبضو ڪيل سوڙهين گهٽين مان ٿيندا درياه جي پيٽ ۾ آباد ٻائي جي مندر تي وڃو جتي 1939 ۾ ڀڳت ڪنور رام آخري ڀڳتي ڳائي ابدي ننڊ لاءِ رڪ اسٽيشن ڏانهن سفر ڪيو هو جتي دنالي بندوق وارو ڀڳت ڪنور رام لاءِ موت بڻجي آجيان ڪرڻ لاءِ بيٺو هو. اوهان درياه جي ان ڪپ تي به نه وڃو جتي 1832ع ۾ الينگزينڊر برنس هڪ رات گذاري هئي ۽ پنهنجي ڪتاب” سنڌوءَ جو سفر “۾ لکيو هو ته “هي شهر 16 ڀيرا ٻڏي چڪو آهي ان جي باوجود به هن جو جاه جلال ڏسڻ وٽان آهي هن جون وڏيون عمارتون، ٻرندڙ شمعدان، ھوادار منگھ ۽ خوبصورت بندر هن شهر جي خوشحاليءَ جي گواهي ڏيئي رهيا آهن.”
اوهان کي 1919 ۾ ٺهيل انگريزن جي ان ٿاڻي ڏانهن ڏسڻ جي به ضرورت ناهي جتي هاڻي هڪ پوليس اهلڪار مينهن جو واڙو ان نيت سان ٺاهيو آهي ته ڄاڻ پوليس جو کٽل کاتو ٿاڻي جا اثاثا وڪرو ڪندو اوهان کي ڀُريل، ڊٺل سپاهين جي رهائش جي به ڪالوني ڏسڻ جي ضرورت نه آهي جنهن جي ڪوارٽرن ۾ ڪنهن دور ۾ ٻارن جا ٽهڪ ئي ٽهڪ هوندا هئا هاڻي ويراني واسو ڪري ويٺي آهي. نه گهوڙن جو استنبل رهيو نه ئي هڻڪون ڏيندڙ متارن گهوڙن جا سوار رهيا.
لاڪ اپ جي منهن به نه چڙهجو ڇاڪاڻ اڃان تائين اڌ اگهاڙي ان لاڪپ ۾ ڪجهه قيدي اکيون بند ڪري ويهندا آهن تڏهن ڪو سچ پترن جو زخمي وجوده کڻي قيدي لاڪپ جي در تي ئي ٺهيل بنا در واري بيت الخلا مان حاجت پوري ڪري نڪرندو آهي.
اوهان کي پرائمري اسڪول جي عمارت جي در تي ان لائبرري جي پاسي به ناهي نهارڻو جنهن لائبريري تي شعور ۽ آگاهي جي صدا ڏيڻ جي ڏوھ سبب انتهاپسندي جي بندوق تاڻيل آهي ۽ لاڪ ڊائون دوران شريف شهري ان جا در ۽ دريون ڀڃي تاريخي ڪتاب ۽ فرنيچر به کڻي ويا آهن.
اوهان کي منع ڪريان ٿو محبتن جي ان مينار کي به ھٿ نه لاهجو جيڪو مينار مانجھند جي هڪ هندو سيٺ ورهاڱي کان رڳو ڇھه سال پهرين 1941 ۾ پنهنجي درم پتني جي ياد ۾ ان اميد سان ٺهرايو هو ته هي محبت جو مينار صدين تائين ايندڙن نسلن کي محبت ڪرڻ جا سنيها ڏيندو. هن نئين دور ۾ ان محبتن جي مينار کي هٿ لاهڻ سان اوهان ڪافر ٿي سگهو ٿا. ڇاڪاڻ محبت ماڻهن ۾ اميد پيدا ڪندي آهي ۽ هڪ ٻئي جي ڪاڻ ڪڍڻ سيکاريندي آهي. هي مينار هاڻي محبتن جو مينار سڏجڻ بدران ڪافرن جو مينار سڏجي ٿو ان مينار تي لکيل گرمکي ٻولي جي تختي کي ڇيڻن ۽ مترڪن سان هاڻي ٽوڙيو پيو وڃي.
هنن کي ڀلا سمجهائي ته محبت کان وڏو ڪو مذهب ئي ناهي.
اوهان کي شِوَ جي ان مندر ۾ به جُوهَ وجهي ناهي ڏسڻو جيڪو صديون پراڻو عمارت سازي جو شاهڪار لڳي ٿو پر هاڻي ان ۾ هڪ درگاھ جي گادي نشيني جي دعويدار پير ٻڪرين جو ڌڻ ٻڌي ڇڏيو آهي.
ان ڪري اوهان کي رڳو انڊس هاءِ وي کان اوڀر طرف سڏ پنڌ تائين ئي وڃڻو آهي.
اهو سڏ پنڌ سم نالي جي ڪنڌيءَ تي ٺهيل جهوپڙين تائين هوندو ته اوهان کي اتي چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندڙ اهڙو ٻار ملي ويندو جنهن کي حالتن وقت کان اڳ ئي وڏو ڪري ڇڏيو آهي.
ان ٻار جو رشتو مانجهند سان رڳو ايترو ئي آهي ته ان ئي سم نالي جي بدبوءِ دار هوا ۾ ساه کڻي وڏو ٿيو آهي هي ڄائو ته هن جو نالو “نمرود” رکيو ويو هن جو تعلق خانه بدوش گرگلن جي قبيلي سان آهي جيڪي ڀٽ ڀائٽي مان اٿي ڀٽ شاھ ۾ اچي ڪجهه سال ترسيا هئا ۽ پوءِ گڏھ گاڏن تي جهوپڙين جو سامان سٿي ڪتا ڪاهي اچي مانجهند جي ان سم نالي جي ڪپر جي ڀر ۾ آباد ٿيا هئا جنهن زمين جي مالڪن سرڪار کان معاوضو ته ڀير تي ڏونڪو هڻي ورتو پر اڃان به هنن جي اک انهن پڊن تي آهي جنھن تي هي گُرگلا آباد آهن.
هن معصوم ٻار تي نمرود نالو ڇو رکيو ويو اها ته خبر ان جي ماءُ پيءُ کي به ناهي بس هنن کي ايتري خبر آهي ته ماضي ۾ چئن صدين تائين دنيا تي راڄ ڪندڙ” نمرود” جو گرگلن جيان ڪو مذهب نه هو. شايد هنن کي اها به خبر نه آهي ته مسلمان جي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد جي ٻن صوره ۾ نمرود جو قصو بيان ڪيل آهي ۽ نمرود جو ذڪر دنيا جي ظالم بادشاہ طور ٿيئي ٿو.
هي گرگلا هنن سڀني تاريخي حوالن کان نه صرف بي خبر آهن پر هنن جي زندگيءَ ۾ اها بي خبري سڪون جو سبب به آهي هنن جي سانورين جسماني طور سگهارين عورتن جي مٿي تي صبح سان سامان جون ڀريون آهن جن ۾ عورتن جو هار سينگار جو سامان، ٻارن جا رانديڪا، نخن پالش، هٿ جو ٺهيل ڪجل، پيرن جا پازيب ۽ محبتن جي مٽا سٽا وارا ڪنگڻ ۽ منڊيون آهن هي در در تي گهورَ ڪري شام جو جڏهن پنهنجي جهوپڙين ۾ واپس اچن ٿيون ته هنن جي پگهريل بدن سان ٻار چھٽي پون ٿا. هنن جي مردن جي لاءِ اڳ مشهور هو ته هي رڳو ڪچو شراب ۽ سوئر جو سڪل گوشت کائي جسماني لذت وٺڻ جي لاءِ پيدا ٿيا آهن پر هاڻي تبديل ٿيندڙ نئين پاڪستان ۾ هنن جي شڪاري ڪتن کي به ٻيلا نه هجڻ ڪري نه سَهو شڪار لاءِ ملي ٿو نه ئي ڪڏهن سوئر مُنھن ۾ پئي ٿو ان ڪري جڏهن ڪڻڪ جي لابارن ۽ بصر جي گُڏَ جي مزدوري لڳي ٿي ته هي گرگلا مرد ڏانٽا ۽ کرپيون کڻي گهرن کان جڏهن زميندارن ڏانهن ڏهاڙي جي مزدوري لاءِ نڪرن ٿا ته سڏ پنڌ تائين هنن جا خانداني شڪاري ڪتا هن کي الوداع ڪري اچي وري سم نالي جي ڪپ تي کوٽيل چَرِ ۾ شام تائين ڪنڌ لٽڪائي مالڪن جي واپسيءَ جو انتظار ڪن ٿا.
پر نمرود نه ماءُ سان گڏ گهرن ۾ شيون کڻي گهورَ ڪرڻ وڃي ٿو نه ئي وري هو پيءُ سان گڏجي، لاباري يا گُڏَ ڪرڻ لاءِ نڪري ٿو، جهوپڙي جي ڪنڊ ۾ وڇايل رلي تي ويهي صبح سان ئي هي ڪتاب کولي ويهي ٿو ۽ ورائي ورائي ساڳيا سبق پڙهي خوش ٿيئي ٿو ته هي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي ان اسڪول ۾ ايندڙ وزيٽرس جي جملن کي خيالن ئي خيالن ۾ ٻڌي ٿو ته گرگلن جو هو پهريون ٻار هوندو جيڪو اسڪول کان ٿيندو يونيورسٽي تائين پهچي سنڌ جو وڏو آفيسر ٿيندو.
اهي خواب ان جي اکين ۾ ان جي پرائمري جي استاد به اوتيا آهن جنھن کي سدائين اهو الڪو رهندو آهي ته هي جڏهن وڏو ٿيندو ۽ يونيورسٽي تائين پهچندو ته هن جي “نمرود” نالي جي ڪري ڪٿي هن سان اهو ڪم نه ٿيئي جيڪو آچر ٻاليشاهي جي ٻارن سان ٿيو هو جن جي ڀر ۾ شهري بابوئن جا ٻار اهيو چئي ويهڻ کان انڪار ڪندا هئا ته هي ٻاليشاهي اسان جي ڪپڙن کي خراب ڪن ٿا.
نمرود گرگلو سنڌين جي بين الاقوامي تنظيم جي اڳواڻ جي ان واعدي کي هر وقت ياد رکي ٽهڪ ڏئي ٿو جيڪو چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندڙ نمرود جو انگريزي ۾ پوئم ٻڌي نمرود کي يونيورسٽي تائين پنهنجي خرچ تي پڙهائڻ جو واعدو ڪري وري ناهي موٽيو تاڙين جي گونج ۾ وڏي گاڏي ۾ واپس آمريڪا ويندڙ ان سونهري وارن واري اڳواڻ کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ان جي واعدي جي آسري تي ويٺل نمرود هاڻي پاڻ سان گڏ وڏي ٿيندڙ ٻسڙ شڪاري ڪتي سان به راند کيڏڻ ڇڏي ڏني آهي. نمرود گرگلن جي ٻين ٻارن جيان هٿ ڦهلائي ڪنهن کان خيرات به ناهي گهرندو. هن معصوم کي اها به خبر ناهي ته هتي تعليم جا به الڳ رستا آهن هڪڙا ماڻهو هتي حڪمرانن ٿيڻ جي لاءِ پڙهندا آهن انهن جا اسڪول به الڳ آهن ته انهن جو نصاب به الڳ آهي انهن جا نالا به الڳ آهن ته انهن جا ڪپڙا به الڳ آهن ٻيا ماڻهو هتي محڪوم بڻجڻ جي لاءِ پڙهندا آهن جن کي پڙهايو ويندو آهي ته وقت جي حڪمران جي اطاعت ڪريو ۽ مهذب غلامن جيان جيئڻ سکو. اوهان کي جيئڻ جي لاءِ هر وقت ٽهڪ ڏيڻ گهرجن خوش رهڻ گهرجي توڙي جو اوهان بکارا ۽ ڏکارا هجو. اوهان لڙڪ لڪائي جيئو ۽ هر وقت ٽهڪ ڏيئي ماڻهن سان ملو.
نمرود کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ڪي آن لائن ڪلاس به هلن ٿا ۽ وڏن ماڻهن جي ٻارن جي ٽيوشن تي به بندش ناهي. بس رڳو بندش لڳڻي آهي ته نمرود جي انهن ٽهڪن تي لڳڻي آهي جن ٽهڪن سان ڪنهن جا خواب سلهاڙيل آهن ڪنهنجي واعدي جا سڳا ٻڌل آهن. هن کي ڪهڙي خبر ته هي ان سماج ۾ ساه کڻي رهيو آهي جتي ذاتيون نيچ ۽ اتم ٿينديون آهن جتي فرد به طاقتور ۽ ڪمزور ٿيندا آهن جتي نسل پرستي ۽ ذات جي بنياد تي نوڪري به ملندي آهي ته علاج ۾ مدد به ٿيندي آهي. اهڙي سماج ۾ سوچيان پيو ته اچو ته پاڻ گڏجي ذاتين جي جهنجهٽ مان ٻاهر نڪرون، نالن جي ٽڪساٽن کي ٽوڙيون جيئن نمرود گرگلي جا ٽهڪ سدائين هوا ۾ موسيقي جي سريلي ڌن بڻجي ٻُرندا رهن.

حيدر ملاح
تازي افيئر ۾ ڇپيل
Aug, 31-sep. 14,2020

سرخ موسم


ڏيئا ڏيئا لاٽ

منهنجي زندگيءَ جي شامن مان اها هڪ دلفريب ۽ دلڪش شام هئي جنهن شام جي اجهامڻ سان ئي هزارين ڏيئا ٻري پيا هئا،رڪ اسٽيشن جو پليٽ فارم شايد دنيا جو پهريون ريلوي پليٽ فارم آهي جنهن جي هر سال پهرين نومبر جي شام ڏيئن جي جهرمر سان جَرڪي پوي ٿي اسان رهڙڪي جي درٻار مان اٿي شڪارپور جي ويجهو رڪ اسٽيشن جي ان پليٽ فارم تي آيا هئاسين جتي ورهاڱي کان رڳو اٺ سال اڳ ان صوفي ڀڳت کي رڳو ان ڪري شهيد ڪيو ويو جو هو مذهبي مت ڀيد ۽ مذهبي شدت پسندي جي خلاف هو، هن جي هر ٻول ۾ “ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان توکي” جي وينتي هئي پر هن جي مصريءَ جهڙي مٺي آواز ۾ باک ڦٽي مهل ڏنل امن جي صدا به مذهبي مت ڀيد جي سوچ ۽ شدت پسندي جي هٿن ۾ کنيل بندوق جي ڪارتوس کي فائر ڪرڻ کان روڪي نه سگهي .
مانجهند جا جهونا نورو پخالي ۽ ٽنڊو شيدي جروار جي ان قلندر صفت ڀڳت جي اها محفل وساري ئي نه سگهيا هئا جيڪا محفل ڀڳت ڪنور رام جي زندگيءَ جي آخري محفل هئي، مانجهند جي جامع مسجد جو جڏهن موذن فجر جي اذان ڏيئي ڪلمو پڙهي پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ سجدي ۾ ويو هو ته ان ئي ويل سنڌو درياه جي ڪپ تي ٻائي گوبند جي مندر ۾ ڀڳت ڪنور رام” نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” ڳائڻ شروع ڪيو هو، اوجاڳيل اکين سان گڏ ٻائي جي باغ جي وڻن تي ويٺل پکين جي لاتين به ڀڳت ڪنور جي آواز سان سر ملائڻ شروع ڪيا هئا چون ٿا ته باک ڦٽيءَ جو اهو وقت فطرت پاران حواسن کي نوبنو ڪرڻ جو وقت هوندو آهي، محفل هلندي ڪٿان اوچتو خوف ۾ ورتل آواز آيو، ڪنور سائين مونکي پناه ڏي، طبلي جي ٿاڦ تي هلندڙ آڱرين ۽ هارمونيم جي سرن ڏانهن ڪنور نهاريو هر طرف سناٽو ڇانئجي ويو، ايتري ۾ پوليس به اچي پهتي اهو دور اڃان” ھاف” ۽” فل فرائي” جو دور نه هو انگريزن جو راڄ هو ڏوھ ٿيڻ تي پوليس گهوڙا ڪاهي ڳوٺن ۾ ڪاهي پوندي هئي، اڌ اگھاڙن جسمن تي ان وقت رڳو نيٽ جا لڪڻ ٽوڙيا ويندا هئا مرد جي چُتڙن کي سچ پترن سان ڪٽيو ويندو هو، پر رائيفل جي گوليءَ سان گوڏي جي ڍڪڻي ٽوڙڻ جي روايت سنڌ پوليس ۾ شايد ان ڪري نه آئي هئي ته ان وقت جي پوليس گهٽ پڙهيل هئي ۽ انساني حقن جي عالمي پڌرنامي کان واقف نه هئي، هاڻي سي ايس ايس پاس پوليس آفيسر “فل فرائي” ۽” ھاف فرائي” جهڙيون نيون ڪرمنل تشريحون کڻي ڪميشن پاس ڪري اچن ٿا. ان ڪري هاڻي جروار کان وٺي کپري تائين ماڻهو ھاف ۽ فل فرائي ٿين ٿا.
ڀڳت ڪنور رام پوليس کان پڇيو هن جو ڏوهه ڪهڙو آهي جو هن همراه جي پويان پئجي ويا آهيو.
صوبيدار چيو هن تي همراه جو قرض آهي سرڪار وٽ اهو همراهه فريادي آهي ان ڪري هن جي گرفتاري لاءِ آيل آهيون ڀڳت ڪنور رام پڇيو فريادي ڪير آهي؟
ڊگهي قد سان هڪ ديوان اڳيان آيو چيائين ٻيلا رام نالو اٿم فريادي مان آهيان، ڀڳت ڪنور رام چيو ٻيلا رام پنهنجي اڳيان چادر وڇائي ويهه.
ڀڳت ڪنور رام راڳ شروع ڪيو چادر پيسن سان ڀرجي ويئي ته فريادي اٿي عرض ڪيو ته مونکي ته سائين مور سان گڏ وياج به ملي ويو هاڻي مونکي وڌيڪ پيسا نه گهرجن پر ڪنور رام جا مٺا آلاپ جڏهن بند نه ٿيا ته چادر وڇائي قرض اوڳاڙيندڙ همراه الائي ڪهڙي ڪيفيت ۾ اچي ويو هن چادر اتي ئي ڇڏي ۽ پوليس ساڻ ڪري واپس هليو ويو، پوءِ اها چادر ان مسلمان همراه جي حوالي ٿي هئي جنهن جي پويان پوليس پيل هئي، مون کي حيرت ٿيندي آهي ته ورهاڱي ۾ لڏي ويل هندن لاءِ جڏهن مان انهن جي ٽهي جي ماڻهن کان پڇان ڪيان ٿو ته اهي هٽ واڻيا ڪيئن هئا ته؟! اڪثر اها ٽهي جيڪا 1965ع جي جنگ تائين سرحد پار لڏي ويل يارن کي خط لکندي هئي، هنجون هاري ويهي ٿي ۽ خوشگوار يادن جا بند ائين ٽٽي پون ٿا جيئن نئين گاج سمورا بند ٽوڙي اچي منڇر سان مکا ميل ٿيئي ٿي. ماضي ڪيڏو نه وڻندڙ آهي سچ ته هنن وٽ انهن لڏي ويل سرحد پار ماڻهن جي لاءِ ڪا به شڪايت ناهي نه ئي ڪا خراب ياد آهي، مان حيران آهيان ته سنڌ مان لڏي ويل ماڻھن کي ڪهڙي سياستدان سبق پڙهايو هو ته وطن جي مٽيءَ کي به مذهب جي خاطر الوداع ڪبو آهي سمجهدار ۽ سياڻا سيبتا ماڻهو به سياسي ڀاشن جي چڪر ۾ اچي پنهنجو ننڍپڻ رانديڪو سمجهي گهر جي جاري ۾ رکي ويا ۽ پاڻ سان رڳو يادون کڻي ويا جن يادن ۾ سنڌو درياه جو پاڻي، برسات جون بوندون، چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ، دسڙو، هولي ڏياري ۽ پلي جو سواد هو.
اسان رڪ اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پنهنجي حصي جا ڏيئا ٻاري لهندڙ سج ڏانهن نهاريو سج وٽ ڪي به شڪايتون نه هنيون نه ئي ڪي احتجاجي التجائون هنيون هي شام سنڌ جي سندر شام هئي جنھن شام وٽ مذهبي هم آهنگي، هڪجهڙائي ۽ سنڌيت جو سبق هو هتي ڪوبه هندو نه هو ڪوبه مسلمان نه هو ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ هئا ٻار، عورتون، مرد، جوان جوڙيون ڪير ڇا هو ان جو مذهب ان جو فرقو دين ڌرم سڀ بي معني پئي لڳا.
پاڻ وٽ هونئن ته شام اڪثر پاڻ سان گڏ ويندي ويندي پلئه ۾ سڄي ڏينهن جون ٿڪاوٽون۽ انيڪ شڪايتون کڻي ويندي آهي پر هي شام ڀڳت ڪنور رام جي جنم ڀومي جروار جي درٻار جي انهن گهنڊن جهڙي هئي جن کي جڏهن ڪنوارا هٿ لڳن ٿا ته هر طرف محبتن جا سر وکرجي وڃن ٿا.
اسان ڪافي وقت رڪ اسٽيشن جي نالي لکيل ان پٿر واري بورڊ هيٺان ويٺا رهياسين جتي ڪيترائي ماڻهو تصويرن جي لاءِ اچي رهيا هئا.
اسان جي سامھون ئي صوفين جو سنگ ڳائي رهيو هو گيڙو مفلر ڳچيءَ ۾ وجهي جڏهن هنن سچل جو ڪلام” مان جو ئي آهيان مان سوئي آهيان” ڳائڻ شروع ڪيو ته پليٽ فارم تي موجود ماڻهن وجد جي ڪيفيت ۾اچي گڏجي نچڻ شروع ڪيو اها ئي سنڌ هئي جيڪا “جوئي” ۽ “سوئي” جي سوالن کان بالاتر هئي پر ان سنڌ ۾ هاڻي اوهان کان هر نئون ملاقاتي پڇا ڪري ٿو ته شيعو آهين يا سني آهين؟!
اسان سڀني سان اڃان هڪ ٻيو به الميو به آهي اڪثر اسان سڀ انهن انگن اکرن جي فضول ڪٽ ۽ جوڙ جي چڪرن ۾ ڦاسي ويندا آهيون جيڪي انگ اکر اسان کي هروڀرو پنهنجو چهرو آئيني ۾ ڏيکاريندا آهن. ڀلا هي سڀ فضول ناهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هتي ملڪ جي ڪل آباديءَ جو 23 سيڪڙو اقليتي آبادي هئي جيڪا هاڻي سڪڙجي سوڙهي ٿي هن وقت رڳو مس پنج سيڪڙو بچي آهي ان حساب ڪتاب تي ڀلا ڪير ويهي مٿو هڻي ته ملڪ جي اندر چاليهه لک جي لڳ ڀڳ رهندڙ هندو، مسيحي، پارسي، سک ۽ ڪيلاشي گڏجي رڙيون ڪن ٿا ته انهن جي 18 سالن کان گهٽ عمر وارين، گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزارين ڇوڪرين جو هتي هر سال جبري طور مذهب تبديل ڪيو وڃي ٿو . اها تصديق ته يونيورسٽي آف برمنگھم جي سروي به ڪري ٿي ته پاڪستان ۾ هر سال هڪ هزار جي لڳ ڀڳ اقليتن سان لاڳاپيل ننڍي عمر وارين ڇوڪرين کي اغوا ڪري جبري طور نه صرف مذهب تبديل ڪيو وڃي ٿو پر انهن سان شاديون به ڪيون وڃن ٿيون.
يونيسيف پنهنجي 2017 جي رپورٽ ۾ اڃان ٻه قدم اڳتي لکيو ته 3 سيڪڙو ڇوڪرين جون شاديون 15 سالن جي عمر کان پهرين ۽ 2 سيڪڙو جون شاديون 18 سالن کان پهرين ڪيون وڃن ٿيون.ايڇ آر سي پي جي هڪ اڳواڻ امر ناٿ موٽو مل جو چوڻ آهي ته هر مهيني سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ويهه يا ان کان وڌيڪ ننڍي عمر جي هندو ڇوڪرين يا عورتن جو جبري مذهب تبديل ڪري انهن سان شاديون ڪيون وڃن ٿيون.
انساني حقوق ڪميٽي ۽ ٻيون تنظيون سنڌ ۾ هندو، پنجاب ۾ مسيحي ۽خيبر پختونخواه ۾ ڪيلاش ڪميونٽي جي جبري مذهب تبديل ڪرڻ وارين شڪايتن کي جائز قرار ڏين ٿيون پر سچ ته اهو آهي ته سنڌ ۾ مذهب تبديل ڪرڻ جا ٻه وڏا مرڪز آهن هڪ عالمي نشرياتي ساک واري اداري پنهنجي ويب سائيٽ تي لکي رکيو آهي ته سنڌ جي شهر ساماري ۾ درگاھ خليل جو سجاده نشين پير ايوب جان سرهندي ۽ ڏهرڪي جي ڀرچونڊي جو پير ميان مٺو هندو ڇوڪرين جي جبري مذهب تبديل ڪرائڻ ۾ اڳيان اڳيان آهن. سچ ته اهو آهي ته ٻئي پير نه صرف گهڻي تعداد ۾ ماڻهن جو مذهب تبديل ڪرائڻ جي ميڊيا تي دعوا ڪن ٿا پر ٻن شاهدن جي سامهون نڪاح پڙهائي شادي ڪرائڻ کان وٺي ڪورٽ ڪيس تائين ان هندو ڇوڪريءَ جي قانوني مدد به ڪن ٿا جيڪا مذهب تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ نڪاح به ڪري ٿي ڪيترن ئي موقعن تي ڀرچونڊي جو پير پاڻ پنهنجي مريدن سان گڏ نئين مسلمان ڇوڪريءَ جي تحفظ جي نالي ۾ ڪورٽ ۾ به موجوده رهي ڇوڪريءَ کي احساس ڏياريندو آهي ته اوهان اڪيلا ناهيو. اسان سڀ اوهان سان گڏ آهيون اهو سڀ پنهنجي اکين جي اڳيان روز ٿيندو رهي ٿو، رنڪل ڪماري کان وٺي مهڪ ڪماري، رينا ۽ روينا کان وٺي هاڻي ڏهرڪي جي سمرين ڪماري تائين نه رڳو درگاهن تي مذهب تبديل ٿيئي ٿو پر انهن جا نڪاح به ٿين ٿا . اها ڳالهه چوڻ هاڻي سولي به ناهي ته جڏهن سمرين ڪماري اسلام کان متاثر ٿي مذهب تبديل ڪري ٿي ته ان سمرين لاءِ هڪ شڪيل نالي مسلمان نوجوان به ان ڪري گڏ لازمي آهي جو سمرين کي مڙس جو به ته مستقل سهارو گهرجي ٿو.
اسان مان گهڻن ماڻھن کي شايد اها به خبر نه هوندي ته اسان جي ملڪ ۾ 2017 تائين هندو ميرج بابت ڪوبه قانون نه هو نه ئي قانوني دستاويز موجوده هو، 2017 ۾ سينٽ هندو ميرج بل منظور ڪيو جنهن سان هندو عورتن کي شادي جا ثبوت دستاويز طور ملڻ شروع ٿيا آهن ان کان اڳ هندو ڌرم ۾ ٿيندڙ شادين جو رڪارڊ صرف زباني هو يا وري پنڊتن جي لکڻين تائين محدود هو جنهن جي ڪا قانوني شڪل نه هئي ان ڪري ڪنهن هندو شادي شده عورت جو مذهب تبديل ڪري نڪاح ڪرڻ ۾ ڪابه قانوني رڪاوٽ نه هئي 2020 ۾ پاڪستان جي وفاقي ڪابينا “قومي اقليتي ڪميشن” قائم ڪئي آهي هي ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڇهن سالن بعد ٺاهي ويئي آهي هن ڪميشن ۾ مسيحي، پارسي، سک، ڪيلاش ڪميونٽي سان گڏ ٻه مسلمانن جا نمائندا به آهن پر ملڪ جي 17 لک اقليتي ووٽرن جي اڪثريت جيڪا ٿر ۽ عمر ڪوٽ ضلعي ۾ رهي ٿي جنھن مان اقليتن جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ اڌ حصو هندن جي هيٺين جاتين تي مشتمل آهي انهن جو هڪ به نمائندو هن ڪميشن ۾ موجوده ناهي قومي اقليتي ڪميشن جو چيئرمين چيلا رام کيولاڻي جو چوڻ آهي ته ڪميشن جي ڪوشش هوندي ته.
1.عبادتگاهن جي زمينن تي لينڊ مافيا جي قبضن ڇڏائڻ تي حڪمت عملي ٺاهي وڃي.
2.نوڪرين ۾ پنج سيڪڙو اقليتن جي ڪوٽا تي عمل ڪرايو وڃي.
3.هولي ۽ ڏياري تي عام موڪل ڪرائڻ لاءِ ڪميشن لک پڙه ڪندي.
ان جو مقصد اهيو ٿيو ته قومي اقليتي ڪميشن وٽ جبري مذهب تبديل ڪرڻ وارو مسئلو دراصل مسئلو ئي ناهي انڪري ڪميشن جي چيئرمين چيلا رام جي ميڊيا بريفنگ ۾ ڪٿي به جبري مذهب جي تبديليءَ جو پاڻ کي ذڪر نه ملندو نه هندن جي اڪثريتي هيٺين جاتين جي انساني برابري واري نقطي جي تشريح ملندي.
جيڪڏھن واقعي سنڌ ۾ جبري طور مذهب نٿو مٽايو وڃي
ته پوءِ هي سنڌ مان سنڌي هندن جي ڀارت ڏانهن لڏپلاڻ هي رينا ۽ روينا جي پيءُ پاران پنهنجي جسم تي پيٽرول هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش هي سمرين ڪماري جي ماءُ پاران پنهنجي ڌيءَ جي پيرن ۾ رئو رکي گهر واپس هلڻ لاءِ منٿون ۽ رڙيون ڪري سينا زني ڪرڻ سڀ ڪجهه ڪنهن خاص سوچ جو مينيج ٿيل آهي يا واقعي به سنڌ جبري طور مذهب تبديل ڪرڻ جي دور مان گذري رهي آهي.انهن سوالن جا جواب پاڻ ڪيتري به ڳولا ڪريون پاڻ کي نه ملندا ڇاڪاڻ ماڻهن جي پويان خوف جو ديوُ بَڇيو ويو آهي، ماڻهو پاڻ ۾ ويهي، سس پس ته ڪندا پر بلند بانگ ڪوبه انھن مسئلن تي ڳالهائيندي نه ملندو.
مون وک وڌائي رڪ اسٽيشن جي ريلوي اسٽيشن جي مسجد جي ڀر ۾ لڳل هينڊ پمپ جي نلڪي مان ٻه ڍڪ پاڻيءَ جا ڀري ورتا مون انگ اکرن، اقليتن، شادين، جبري مذهب تبديل ڪندڙ خيالن ڀرچونڊي جي پير ۽ پير ايوب جان سرهندي جي جنتي سوچ کان جان ڇڏائڻ ٿي چاهي هينڊ پمپ جي ڌَنوَڻ هڻي مون پاڻي جا ٻڪ ڀري چهرو صاف ڪرڻ ٿي چاهيو جنهن تي انگن اکرن جي ڪارائڻ چڙهي ويئي هئي ، ايتري ۾ هڪ پوڙهي اچي هينڊ پمپ جي ڌنوڻ ۾ هٿ وڌا چيائين آرام سان چهرو ڌوئي وٺو مون کي اھو پوڙهو گهڻا سال اڳ ديهانت ڪري ويل ٻڍو باگڙي لڳو، اهو ساڳيو ٻڍو باگڙي جنهن جڏهن اسي واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي پٽن جو ڪاڄ ڪيو هو ته هن مسلمان ڳوٺائن لاءِ الڳ ڇنو به هنيو هو ته بورچي به الڳ آندو هو پر هفتي کان پوءِ ئي هن جي هڪ پٽ جي ڪنوار مٽياري جي مدرسي ۾ وڃي ڪلمو پڙهي مسلمان به ٿي هئي ۽ نڪاح به ڪيو هئائين ان کان پوءِ ٻڍي باگڙي کي مون وري ڪڏهن به ڪنهن مسلمان جي ڪاڄ ۾ نه ڏٺو هو.
مون پوڙهي جي چهري ڏانهن ڏٺو هن مون ڏانهن هلڪي مرڪ جي عنايت ڪئي مون سوچيو سنڌ حڪومت گهڻو ڪجهه نه ڪري رڳو مدرسن کان مذهب تبديل ڪرڻ واري سند کسي وٺي، مذهب تبديل ڪرڻ ۽ نڪاح جا اختيار ملان کان وٺي ڪورٽ جي حوالي ڪري ۽ مذهب تبديل ڪرڻ سان گڏ شادي لاءِ ارڙهن سال عمر مقرر ڪري ته ممڪن آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ اقليتن جو تعداد سڪڙجڻ گھٽجندو، عدم تحفظ جو احساس ختم ٿيندو مائرون سينا زني ڪرڻ بند ڪنديون ۽ پيئر جسم تي پيٽرول هاري باھ نه ڏيندا.
پوڙهي پنهنجي ڪلهي تان اڇي رنگ جو پوتڙو لاهي مونکي منهنجي پاڻي سان پسيل چهرو اگهڻ لاءِ ڏنو مونکي ياد آيو اسان جي قومي پرچم ۾ به اڇو رنگ آهي جنهن اڇي رنگ جو مقصد هن ملڪ ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي مون پنهنجو پاڻ کان پڇيو ڇا قومي پرچم مان اڇو رنگ سڪڙجڻ شروع ته نه ٿيو آهي. مون چهرو صاف ڪيو اڇو پوتڙو ٻڍي باگڙي جهڙي هم شڪل جهوني کي واپس ڪندي واپس رڪ اسٽيشن جي پليٽ فارم تي آيس، ماڻهو صوفين جي سنگ سان گڏ جهومي رهيا هئا پري پري تائين ڏيئا قطارن ۾ائين ٻري رهيا هئا ڄڻ ڪي تارا آسمان مان هيٺ ڀڳت ڪنور رام جي تعظيم ڪرڻ لاءِ لهي آيا هجن پليٽ فارم ڏيئن جي روشنيءَ سان جرڪي رهيو هو . آئون ڏيئن جي وچ ۾ اوستائين ويٺو رهيس جيستائين اوڀر کان اميدن جي باک نه ڦٽي.

حيدر ملاح

مورڙو ان ڪورٽ

سپريم ڪورٽ اسلام آباد


صبح جي پهر ۾ جيئن ئي موڙي جي اک کلي ته هي دنگ رهجي ويو هن ڪمري جي جيئن ئي دري کولي ته ، سامهون هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ئي هئي وڏا صنوبر جا وڻ، ڪوئل جون ٻوليون، جهرڪين جي چون چون، ٿڌي هوا جا سرور پور جهونڪا ۽ فضا ۾ من موهيندڙ سناٽو هو، هي ڪراچي کان رات جي اونداهي ۾ اسلام آباد آيو هو، هن جي تصور ۾ نه ئي هو ته اسلام آباد جي صبح ايڏي ڪا خوبصورت ٿيندي آهي هن سمجهيو پئي ته هي جڏهن صبح جو ننڊ مان جاڳندو ته هر طرف هوڪرون هونديون، گاڏين جو گوڙ هوندو، رڪشائن جي پين پين هوندي ، مني بسن جي ڪنڊڪٽرن جا پشتو ۾ هوڪا هوندا گڏھ گاڏن وارن جون رڙيون هونديون “او چل جلدي چل، بوسڙي ڪي راستہ دي” جهڙيون مهذب گاريون هونديون يا دل پشوري ڪندي ڪو وانا وزير ستان جو پٺاڻ ٽيڪسي ۾ ويٺل مسافر کي چوندو هوندو” لالا ڪراچي ٿو ڪابل اور پشاور سي بهي پشتو زبان بولني والون کا بڙا شهر هي!”
پر هتي ته قصو ئي ابتو آهي هي شهر آهي يا فطرت جي ٽڪساٽ سان جڙيل ڪو طلسماتي قلعو سڀئي شيون توازن ۾ ائين آهن جيئن فطرت توازن ۾ هوندي آهي.
هن ڪمري جي دروازي جي در تي ٿيندڙ ٺڪ ٺڪ تي دريءَ مان ڏسندڙ اسلام آباد جي حسن تان اک ڦيري ۽ وڌي وڃي در کوليو.
ڊگهن سلڪي وارن واري ڇوڪريءَ هن کي سلام ڪيو هن ان کي غور سان ڏٺو هن جي نڪ ۾ سنهي سوني تار پيل هئي، هن جو چهرو ڏسي هن کي شڪارپور جي اها ڇوڪري ياد آئي جيڪا هن سان منهوڙي تي جڏهن ملي هئي ته هن ائين محسوس ڪيو هو ته هن جي دل جي منهوڙي جي ڪچي ڀت کي ڄڻ 1831ع کان پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ٻيهر ڪو گولو اچي لڳو هو. اها شڪارپوري ڇوڪري هن سان سمنڊ ڪناري تي پسار ڪندي پڇي ويٺي هئي ته ڪراچي ڪنهن جي آهي؟!
مورڙي چيو ته ڪراچي سنڌين جي آهي.
ڇوڪريءَ ٺيڪ شڪارپور جي اترادي لهجي ۾ چيو” مان کي ته ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي مني پاڪستان آهي” ڪراچي پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي ملڪيت آهي ڪي ته ائين چون ٿا “ڪراچي ہمارا هي” .
مورڙي کلي چيو ته ڪراچي ڪو يتيم خانو ته ناهي جو ان کي مني پاڪستان چئون، نه ئي ڪراچي تي ڪنهن حملو ڪري جنگ کٽي ڪراچي تي قبضو ڪيو آهي جو اسان چئون ته ڪراچي مني پاڪستان آهي، ڪراچي صدين کان سنڌ آهي ۽ قيامت تائين ڪراچي سنڌ ئي رهڻو آهي.
ڇوڪريءَ کلي چيو مورڙا او، هو ٿورو پريان ڏس سمنڊ جي وچ تي ڪو ٻيڙو تري رهيو آهي پر مونکي سچ ته ڪراچي جو مستقبل ٻڏندي پيو محسوس ٿئي شل ڪراچي ٻيڙو هجي ها ته مان ڪراچي کي هڪالي تاري تانگھ مان ڪڍي وڃان ها.
مورڙي سمنڊ جي لهر جي پاڻي کي ٻڪ ۾ کڻي آسمان ڏانهن اڇلايو ته شڪارپوري ڇوڪري ۾ ڄڻ ٽاهه پئجي ويو مورڙي وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو جڏهن ڪراچي ۾ ائين ئي پنج ڪروڙ سنڌين جي هٿن جا ٻڪ گڏجي رڳو پاڻيءَ جي ڇولين کي هوا ۾ اڏائيندا ته ڪراچي جا ڪوڙا دعويدار ائين ڇرڪ ڀري ڀاڄ کائيندا جيئن تو اڄ ڇرڪ ڀريو آهي، سمنڊ ڪناري جي روز جي رولاڪين دوران مورڙو شڪارپوري ڇوڪريءَ جي انبڙي جهڙي جواني سامهون ڀري پيو هو، ڇوڪري ڇا هئي ڄڻ هالا پراڻا جو ڳاڙهو جادوئي سرمو هئي.
مورڙي در تي دستڪ ڏيندڙ ڇوڪريءَ جي گلابي چهري مان اک ئي نه ڪڍي ته ڇوڪريءَ ٿورو پاڻ کي ساه کڻندي سوڙهو محسوس ڪيو ۽ انتهائي احترام مان ساڄي ٻانهن جي ڪرائيءَ ۾ ٻڌل واچ ڏي ڏسي چيائين ته سر اسان وٽ فقط اڌ ڪلاڪ بچيو آهي اوهان فريش ٿي هيٺ اچو ناشتو ڪريو ته پاڻ کي ملڪ جي اعلي عدالت ڏانهن به هلڻو آهي.
هن اسلام آباد جي من موهڻي ڇوڪريءَ جي ساڄي ٻانهن جي ڪرائي ۾ ٻڌل واچ کي ڏسي ڄڻ ڇرڪ ڀريو هن کي بازار حسن مان شريفن جي شهر ۾ آيل اها نخريلي ڇوڪري ياد آئي جنھن هن کان واچ گفٽ ۾ گهري ورتي هئي ۽ اهو وچن ڪيو هئائين ته ان وقت تائين هي واچ ساڄي ٻانهن جي ڪرائي ۾ ٻڌل رکنديس جيستائين ساه جو سڳو نه ٽٽندو هي واچ ناهي هن جي سيڪنڊ جي ڪانٽي جي هر چرپر ۾ منهنجي محبت به توسان ساه کڻندي.
مورڙي ان ڇوڪريءَ کان پڇيو هو ڇا هڪ ئي فرد سان محبت سڄي زندگي ڪبي آهي ڇوڪري اٻاڻڪي ٿي جواب ڏنو ته زندگي ته سيڪنڊن جو کيل آهي ان جي لاءِ گھڻين محبتن جي ڪهڙي ضرورت آهي، مورڙي چيو مون تازو ڪٿي پڙهيو آهي ته انسان زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار محبتون ڪري ٿو تنهنجي محبت جي نوٽ بوڪ ۾ منهنجو نمبر ڪهڙو آهي؟
ڇوڪريءَ کلي چيو مون ڪڏهن محبتون نوٽ بوڪ ۾ انٽري ناهن ڪيون آهن ان هوندي به آئون ويساه سان چئي سگهان ٿي ته مورڙا تون منهنجي پهرين ۽ آخري محبت آهين.
مورڙي تڪڙو سوال ڪيو مان ڪيئن مڃان ته مان تنھنجي آخري محبت آهيان.
ڇوڪريءَ ساڄي ٻانهن جي ڪرائي ۾ ٻڌل مورڙي جي ڏنل واچ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته دنيا جا اڪثر ماڻهو کاٻي ٻانهن جي ڪرائي ۾ واچ ٻڌي وقت ڏسندا آهن مون ساڄي ٻانهن جي ڪرائيءَ ۾ واچ رڳو ان لاءِ ٻڌي آهي ته مان وقت ڏسڻ سان گڏ هر پل توکي به ڏسڻ گهران ٿي. تون منهنجي ساڄي ٻانهن جي ڪرائي ۾ ٻڌل آهين منهنجي هر ڪم ۾ تون موجود آهين جڏهن هي واچ کاٻي ٻانهن جي ڪرائيءَ ۾ ٻڌل ڏسين ته سمجهين ڇڏجان ته پنهنجي وچ ۾ محبت جا سڀ رستا بي اعتمادي جي خاردار تارن سان بلاڪ ٿي ويا آهن.
موڙي ٿڌو ساه کنيو سال ۾ گهڻا ڪلاڪ هن پاڻ کان پڇيو جواب ۾ پاڻ ئي چيائين وحشيا جي محبت بستر جي چادر جيان هئي سال ته پري ٿيو ٻئي مهيني ئي هن ساڄي ٻانهن جي ڪرائي مان واچ لاهي کاٻي ٻانهن جي ڪرائي ۾ ٻڌي نياپو ڏنو ته محبتون بيشمار ڪبيون آهن. هن ڇوڪريءَ آخري ڀيرو هٿ لوڏي جڏهن هن کي الوداع ڪيو ته هن ڏٺو هو ته هن جي ساڄي ٻانهن جي ڪرائي خالي هئي.
مورڙو هوٽل جي لابي ۾ پهتو ته سڀني جون اکيون هن ۾ ئي کتل رهيون ڄڻ چئي رهيا هجن ته سنڌي اڃان به پاڇولن جي ليڪن تي وقت ڏسڻ وارا آهن دنيا بدلجي ويئي پر سنڌين جو مزاج نه بدليو سست، بي پرواه، مست، قدرت جي ڪرشمن جي انتظار ۾ جيئندڙ، هن پاڻ ڏانهن تڪيندڙ اکين کان پيڇو ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي دل ئي دل ۾ چيائين اسان سنڌين ۾ سڀ نشانيون قلندر واريون آهن ان هوندي به سنڌين مان ڇو ڀلا ڪوبه قلندر نه ٿي سگهيو!!
موڙي پاڻ کي سوالي نظرن کان بچائيندي بوفي مان ناشتو کنيو تڪڙا تڪڙا گرھ کنيا ۽ چانهن جي ڪوپ مان ڪجهه سرڪيون ڀريون، ساڳي گلابي چهري واري ڇوڪريءَ هن جي ڀرسان اچي هن کي چيو سر هلجي، مورڙي ڏٺو ته هن ڀيري هن ساڄي ٻانهن جي ڪرائي ۾ ٻڌل واچ ڏانهن وقت ڏسڻ لاءِ بنهه نه ڏٺو.
هنن جي ڪار وڻن جي ڇانورن ۾ لڪل ويڪرا ۽ خاموش رستا لتاڙيندي شاهراه دستور تان ٿيندي اچي اعلي عدالت جي در تي بيٺي.
مورڙي پنهنجي ڪلهن ۾ پيل اجرڪ کي سنڀاليو ۽ ٽوپي جي محراب کي نڪ جي سامهون آڱر جي ليڪ سان سڌو ڪيو، سخت سيڪيورٽي جا سڀ دروازا ٽپندا نيٺ هي اعلي عدالت جي ايوان ۾ اچي پهتا ڪجهه ئي گهڙين ۾ عدالت جو وسيع ايوان ماڻھن سان ڀرجي ويو ته اعلي عدالت جي ججن جي آمد جو اعلان ٿيو، سڀ ماڻهو اٿي بيٺا جج صاحبان مهانگين، پرڪشش ويڪرين ڪرسين تي برجمان ٿيا.
فائل کلي ويا وڪيل حاضر ٿيا اڄ تاريخ جو اهم ڪيس هن اعلي عدالتن کي ٻڌڻو هو.
اهو ڪيس ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ بابت هو.
ٻڌڻي شروع ٿي ملڪ جي اعلي عدالت جي اٽارني جنرل شروعات ڪئي.
معزز جج صاحبان، وفاق چاهي ٿو ته ڪراچي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي جيئن ته اڳئين عدالتي شنوائي ۾ سنڌ حڪومت کي چيو ويو هو ته ڪراچي جي صفائي سٿرائي بابت نه صرف اڳڀرائي ڪري پر اهڙي رپوٽ به پيش ڪري پر اسان جي اطلاعن مطابق سنڌ سرڪار ڪراچي کي ھٿ سان برساتي پاڻي ۾ ٻوڙي رهي آهي ان ڪري اعلي عدالت کي استدعا آهي ته بنا دير جي ڪراچي وفاق جي حوالي ڪئي وڃي.
اعلي عدالت جي جج پڇيو اڳئين فيصلن تي سنڌ حڪومت ڪيترو عمل ڪيو عدالت ڄاڻڻ چاهي ٿي.
سنڌ حڪومت جي وڪيل ڪجهه تصويرون عدالت جي اڳيان پيش ڪيون ۽ چوڻ لڳو ڏسو اوهان جي حڪم تي ڪراچي کي مڪمل طور صاف ڪيو ويو آهي.
اعلي عدالت جي وڏي جج وڪيل پاران ڏنل تصويرون کي حڪارت سان ڏٺو ۽ ريمارڪس ۾ چيائين اوھان ڪراچي کي ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي، اوھان جي ڪراچي سان ڪابه دلچسپي ناهي لڳي ٿو ته اعلي عدالت کي ڪراچي بابت ڪو وڏو فيصلو ڪرڻو پوندو.
وفاق جي نمائندي ڪندي وڪيل صاحب فرمايو ته ڪراچي بابت آئين پٽاندڙ فيصلو ٿيندو ڪراچي جو مستقبل روشن ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪيو وڃي.
وڏي جج هاڪار ۾ ڪنڌ کي ڌوڻيو ۽ پڇا ڪيائين ته ڇا ڪو ان قسم جو قانون موجود آهي يا نيئن سر قانون سازي ڪئي ويندي. وفاق جي وڪيل چيو سائين ايندڙ پيشي تي اسان قانوني وضاحتون کڻي ايندا سين ان کان پوءِ اوهان يقينن ڪراچي کي وفاق کي حوالي ڪرڻ جو تاريخي فيصلو ڏيڻ ۾ دير نه ڪندا.
مورڙي ڪرسي تان اٿي رڙ ڪئي جج صاحب ڪراچي سنڌ آهي ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جو نه آئيني نه تاريخي جواز موجود آهي.
عدالتي ايوان ۾ ويٺل ماڻهن اجرڪ ڪلهي ۾ پاتل ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل مورڙي تي گڏجي هڪلون ڪيون ويهي رہ ويهي رهه، ڄٽ سنڌي تون عدالت جي ڪارروائي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهين ويهي رہ ويهي رهه.
مورڙي جو آواز وڏن آوازن جي گوڙ ۾ ڪجهه وقت لاءِ گم ٿي ويو پر مورڙي ڳالهائڻ بند نه ڪيو هي رڙهندو اچي جج صاحبان جي انتهائي ويجهو پهتو.
گوڙ جھڪو ٿيو ته جج مورڙي کان پڇيو توهين عدالت جي قانون کان واقف آهين يا رڳو گوڙ ڪندي.
مورڙي چيو جج صاحب مان عدالت جي توهين نه پر عدالت جي فيصلي ۾ مدد ڪرڻ چاهيان ٿو.
جج چيو نالو ڇا اٿئي.
هن چيو مان مورڙو آهيان. وڏي جج چشمي کي نڪ کان پري ڪري مورڙي ڏانهن غور سان ڏٺو، ائين لڳو ڄڻ جج مورڙي جي نالي کان واقف هو.ٽنهي ججن پاڻ ۾ سس پس ڪئي ۽ آخر وڏي جج چيو مورڙا اڳيان اچ، عدالت جي ڪهڙي مدد ڪرڻ چاهين ٿو.
مورڙي ڳالهائڻ شروع ڪيو. محترم جج صاحبان مان مورڙو ميربحر آهيان مان ڪراچي مان آيو آهيان اها ڪراچي جيڪا صدين کان ڪلاچي جي نالي سان موجود هئي، جنهن ڪراچي کي اوهان وفاق جي حوالي ڪرڻ چاهيو ٿا ان ڪراچي ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون ست پيڙهيون دفن ٿيل آهن هي اها ڪراچي آهي جنهن جي تعمير ۽ ترقي ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جو پگهر ۽ رت شامل آهي هي ڪراچي رڳو زمين جو ٽڪرو ۽ سمنڊ جو نيرو پاڻي ناهي هي ڪراچي اسان لاءِ سورج جيان آهي اسان هن جا سورج مکي آهيون جيڏانهن سج نهار ڪندو آهي اوڏانهن اسان جا ڪنڌ ورندا آهن ڪراچي رڳو گجر نالو ناهي ڪراچي اسان جي محبوب جي ڳاڙهي ڳل تي ڪاري تر جيان سهڻي آهي اسان ان سان ائين ئي پيار ڪريون ٿا جيئن فلسطين وارا بيت المقدس سان پيار ڪندا آهن.
منهنجا محترم جج صاحبان مان نڌڻڪي ڪراچي جو وڪيل ٿي اڄ هن اعلي عدالت ۾ حاضر ٿيو آهيان. ڪراچي جي مقتدر جي فيصلي ڪرڻ کان پهرين اوهان کي ڪراچي بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرجي مان ڊگهي تاريخ بيان ڪري اوهان جو قيمتي وقت وڃائڻ نٿو گهران ٿو.
ڪراچي تي 3 فيبروري 1831ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حملو ڪري منهوڙي جي ڪچي قلعي تي گولا هڻي قبضو ڪيو هو ان مزاحمت ۾ منهنجا وڏا ماريا ويا هئا چارلس نيپئر جڏهن 1843ع ۾ مياڻي جي جنگ کٽي ته هن ڪراچي کي پهريون ڀيرو سنڌ جي گادي جو شهر بڻايو ان کان اڳ حيدر آباد سنڌ جي گادي جو شهر هو.
اڳتي هلي انگريزن 1854ع ۾ ڪراچي پورٽ قائم ڪيو.1999ع تائين ڪراچي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ وارو اوڀر جو سڀ کان وڏو بندرگاہ بڻجي ويو ان وچ واري عرصي ۾ ڪراچي ميونسپل ڪاميٽي ٺاهي ويئي ڪراچي جو پهريون ميئر سيٺ هرچندراءِ وشنداس بڻيو اهو 1911ع جو سال هو، سيٺ هرچندراءِ وشنداس کي ڪراچي جو ابو سڏيندا آهن. ان دور ۾ ڪراچي جي روڊ رستن کي خوشبوءِ واري پاڻي سان ڌوتو ويندو هو ڪراچي ۾ ڪن ڪچرو نه هو يورپ جا ماڻهو پنهنجن موڪلن جا ڏينهن اچي ڪراچي ۾ گذاريندا هئا ڪراچي ” نڪو جهل نه پل سڀڪو پسي پرينء کي “وارو شهر هو جتي واپار هو، تعليم هئي صحت جا معياري ادارا هئا ۽ امن ۽ سڪون هو سمنڊ ۾ ان وقت اڃان شهر جي گٽرن جو نيڪال نه هو ان ڪري ڪراچي ۾ نه سمنڊ تي آلودگي هئي نه شهر جي گهٽين ۾ ڪچرن جا ڍير هئا.
ورهاڱي کان اڳ عملي طور ڪراچي” سنڌي شهر” هو جنهن جي ڪل آبادي ساڍا چار لک جي لڳ ڀڳ هئي جنھن ۾ 61.2 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ڳالهائيندڙ هئا ورهاڱي کان پوءِ هٿ وٺي سنڌين کان ڪراچي کسڻ جي رٿا رٿي ويئي،
1951ع جي آدمشماري مطابق ڪراچي شهر جي آبادي ساڍا يارنهن لک جي لڳ ڀڳ ٿي ويئي لساني اعتبار سان ان آدمشماري جا انگ اکر ڇرڪائيندڙ آهن، ان آدمشماري مطابق 61 سيڪڙو سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ آبادي گهٽجي وڃي 8.6 سيڪڙو بچي جڏهن ته 6.3 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو انگ وڌي 55 سيڪڙو کان به وڌي ويو.
معزز جج صاحبان منهنجي هن ڳالهه تي توجهه ڏيو 1941ع کان 1951ع جي وچ ۾ ڪراچي اندر ڌارين آبادڪاري ۾ 161 سيڪڙو هٿرادو واڌ ڪئي ويئي.
جنرل ايوب خان جي دور حڪومت ۾ 60 جي ڏهاڪي ۾ پختونن جي آمد، 1972ع ۽ 1973ع جي وچ ۾ بنگلاديش مان اٽڪل ساڍا ٽي لک پناه گير جيڪي بهاري هئا سي ڪراچي ۾ آباد ڪيا ويا. افغان جنگ کان پوءِ ٽي لک کان وڌيڪ پناہ گير ڪراچي ۾ آباد ڪيا ويا ائين ڪراچي جي توازن کي لاڳيتو ئي تبديل ڪيو ويو.
هتي آئون هڪ تاريخي حقيقت بيان ڪرڻ چاهيان ٿو انڊيا جي پنجاب مان ورهاڱي وقت پاڪستان جي پنجاب ۾ لڏپلاڻ ٿي مهاجر آيا سي لساني ۽ ثقافتي طور ختم ٿي ويا پر ڪراچي ڏانهن 1960ع تائين ڀارت مان لڏي آيل ماڻهن جي غير قانوني آمد جاري رهي جن پاڻ کي سنڌ جي ڪلچر ۽ ثقافت کان ڄاڻي واڻي الڳ رکيو، جيئن اوهان چيو ته ڪراچي کي ڳوٺ بڻايو ويو آهي ائين ئي انهن لڏي آيل ماڻهن سنڌين لاءِ نفرت مان چيو ته سنڌين جي ڪهڙي ثقافت آهي گڏهن ۽ اٺن واري ثقافت.
معزز جج صاحب ها مان ڳوٺاڻو آهيان مونکي ڪراچي ورهاڱي کان اڳ واري واپس ڪريو اها ڪراچي جنهن ۾ منهوڙي جون ٿڌيون هوائون هنيون اها ڪراچي جنهن ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ٿيل لاش اڇلايا نه ويندا هئا اها ڪراچي جنھن ۾ ڪڏهن به انسانن کي جيئري به ساڙيو ويو. اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته ڳوٺن ۾ جهنگل جو قانون نه هوندو آهي ڳوٺ روايتن ۽ اصولن جي پاسداري ڪندا آهن ڪراچي جي هر گهٽي ۾ جهنگل جو قانون آهي ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ورهاڱي کان پوءِ ملڪ جي واڳ ڌڻين فيصلو ڪري ورتو هو ته سنڌين کان ڪراچي کسڻو آهي.
جناب اعلي ڪراچي ٽن ڏهاڪن کان ايم ڪيو ايم جي شهري ميئرن جي حوالي آهي فاروق ستار کان وسيم اختر تائين سڀني ڪراچي تي حڪمراني ڪئي آهي چائنه ڪٽنگ کان وٺي قدرتي نالن تي قبضن، پارڪن کان وٺي فٽ پاٿن تي قبضا انهن صاحبن جي صاحبي ۾ ٿيا ان ٽن ڏهاڪن جي حڪمراني جي باوجود به هنن کي ڪراچي الڳ صوبي طور کپي يا وري هي سازشون ڪن ٿا ته ڪراچي وفاق جي حوالي ٿئي هنن کي خبر ئي ناهي ته ڪنڪريٽ جي گهرن ۾ ويٺل هي ماڻهو ڪراچي الڳ نه پيا ڪن پر نيئن بيروت کي دعوت ڏيئي رهيا آهن جنھن بيروت ۾ مونکي بم ڌماڪا، باهن ۾ سڙندڙ زنده انسان ۽ ويران رستا ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.
مان اڄ هن اعلي عدالت تي الزام هڻان ٿو ته هي عدالت سنڌ کي وفاق کي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪلهو ڏيئي رهي آهي، عدالت جو ڪم آئين جي تشريح ڪرڻ آهي قانون سازي ڪرڻ ناهي بدقسمتي سان اوهان معزز جج هن وقت شعوري طور ڪوشش ۾ آهيو ته ڪراچي وفاق جي حوالي ڪئي وڃي. ڇا پشاور ۾ بارش جي ڪري گٽر نٿا اٿلن ڇا لاهور جا انڊر پاس پاڻي سان ڀرجي درياه جو ڏيک نٿا ڏين ته پوءِ رڳو ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جا فيصلا ٿين ٿا لاهور ۽ پشاور کي به وفاق جي حوالي ڪرڻ جي پٽيشن ڇو نٿي داخل ٿئي.
جناب اعلي
اوهان کي ايترو ئي قانون سازي جو شوق آهي ته آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ آرٽيڪل 23 کي تبديل ڪري ڏيکاريو.
آئين جو آرٽيڪل 15 ملڪ جي شهرين کي جتي کپي اتي رهڻ جو حق ڏيئي ٿو، آئين جو آرٽيڪل 23 جتي کپي ملڪ جي شهري کي زمين خريد ڪرڻ جو حق ڏيئي ٿو. هي آئين جا ٻئي آرٽيڪل منهنجي سنڌ جي خلاف استعمال ٿي رهيا آهن سڄي ملڪ جا ماڻهو منهنجي ڪراچي ۾ ڌوڪيندا پيا اچن منهنجي وطن جي زمين تي قبضو ڪري رهيا آهن.
اعلي عدالت جي ايوان مان گوڙ شروع ٿيو مورڙي تي ڪجهه ماڻهن الرون ڪرڻ شروع ڪيون گڏيل آواز ۾ اعلي عدالت ۾ موجوده اڪثريت چيو هي غدار آهي هن کي گرفتار ڪريو عدالت جي وڏي جج ڪاٺ جو مترڪو کڻي زور سان ڦهڪا ڪيا آرڊر آرڊر آرڊر چيو.
مورڙو ماڻهن جي ميڙ مان اجرڪ ڪلهن ٿي سڌي ڪري ٻاهر نڪتو، شاهراه دستور تي پهچي هن ڊوڙ پاتي پويان تيز رفتار گاڏي آئي جنهن مان لهندڙ ماڻهن هن جي اجرڪ ڪلهي مان ڪڍي هن جي مٿان وجهي گاڏي ۾ کنڀي هنيو،ان ڏينهن کان پوءِ مورڙو ڪٿي آهي ان بابت ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي.

حيدر ملاح

واهڙ جو مستُ


گذريل سال ڪاڇي ۾ ڏڪر جي ڪري نوجوانن جي وڏي کيپ دادو، لاڙڪاڻو، ڪراچي حيدر آباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن روزگار واسطي سفر ڪرڻ تي مجبور ٿئي هئي اڃان انھن نوجوانن جا شهرن ۾ پير مس کپيا هئا ته مٿان ڪورونا وائرس جي ڪري ڊگهي لاڪ ڊائون، بک ڪارڻ موت جي خوف ۽ بيروزگاري ٻيهر ڪاڇي جي نوجوانن کي پنهنجي پڍن ڏانهن واپس وٺي آئي. ڪورونا وائرس جي ڪري جتي ڪارخانا، بازارون بند ٿيون اتي پيرن فقيرن جي درگاهن کي به تالا لڳي ويا مسجدن مندرن ، ڪليسائن جي دروازن کي ٻيڪڙيو ويو، اوتارن، مڙهين ۽ معخانن ۾ ويراني ڇائنجي ويئي هئي هر طرف موت جو راڪاس هو جنهن جي خوف کان ماڻھو گهرن جي ديوارن اندر محدود ٿي ويا، دنيا ۾ جهاز اڏامڻ بند ٿيا روڊن تان ٽريفڪ غائب ٿي وئي هي نئين جديد دنيا جو الميو هو يا فطرت جو فطرت دشمنن سان جهيڙو هو اهو بحث اڃان پڄاڻي تي نه پهتو هو ته موسميات کاتي دڦ تي هٿ هڻي اعلان ڪيو ته وڏي طوفاني بارش اچي رهي آهي سو پنهنجا ٽپڙ سنڀالڻ شروع ڪريو. ڪاڇي جي ماڻھن وٽ ڪل موڙهي ڪچا گهر، ٻه چار رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون، جڏو سڏو اٺ يا گڏھ، اها ئي ڪل سرمائي جي دنيا ڪاڇي جي ماڻهن جي دنيا آهي.
هي جبلن جي ويڪرن سينن تي پڌمڙا پير رکي هلندڙ ماڻهو هونئن ته جي مينهن وسي ته بارش جي بوندن جهڙا نرم ۽ ملائم ماڻهو، هنن جي گفتگو، لوڪ ڏاهپ جي انمول گفتن جي هيرن جواهرن سان ٽمٽار پر جي مينهن نه وسن ته هنن جون اکيون مينهن جي ڪڻ ڪڻ جي انتظار ۽ اوسئيڙي ۾ پٿرجي وڃن ٿيون ڄڻ هي ڪاڇي جي ڇپ جهڙا وجوده، اهڙا خاموش روح جن جي زنده هجڻ تي به شڪ ٿيئي. سالن کان هي نه صرف ڏڪار کي اکين سان ڏسندا اچن ٿا پر هي جبل جي جاڙُن سان به سيني سائي مقابلا ڪرڻ جا هيراڪ آهن.
هنن جي نسلن جي اڍ ۾ آسمان ۾ گجندڙ ڪڪرن جي گوڙ ۽ وراڪا ڏيندڙ وڄ سان اهڙي ڪا انسيت آهي جو هنن جون اکيون نيل گگن ۾ ائين کتل هونديون آهن جيئن منهه جي ٽيڪ لاءِ زمين ۾ ٿوڻيون کتل هونديون آهن جي اک هٽائين ته هوند آسمان هيٺ ڪري پوي. ان ڪري بارش، گاج، ڪاڇو ۽ ڪاڇي جو ماڻهو هڪ ٻئي جي لاءِ ائين لازم ملزم سمجهيا وڃن ٿا. جيئن محبت جي اظهار لاءِ محبوب جا هٿ پڪڙي چپن تي چمي ڏيڻ لازمي هوندي آهي.
ملڪ جي موسميات کاتي جي اڳڪٿي تي سنڌ جا ماڻهو تمام گهٽ اعتبار ڪندا آهن ڇاڪاڻ اڪثر اڳڪٿيون سچ ثابت نه ٿينديون آهن ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جا برساتن، ڏڪار، ٻوڏن، خوشحالي بابت پنهنجا سالن کان ٽوڻا آهن اهي ٽوڻا سنڌ جي ڪاڇي جي ماڻهن جا الڳ، ٿر جا الڳ ته وچولي جا الڳ آهن.
اڪثر جڏهن ڪيوليون وڏي تعداد ۾ زمين جي ھڪ ٻر کان ٿورو مٿاهين جڳهه جي ٻئي ٻر ڏانهن کاڌي جي شين جي منتقلي ڪنديون آهن ته ماڻهو سمجهندا آهن ته هن سال بارشون وڏيون پونديون، گهر جي وٿاڻ جي ڪلي ۾ ٻڌل ڳائي مال جو پڇ سڌو ڪري اولهه ڏي منهن ڪري ٽاه کائي بيهڻ يا جي ٻاڪرو مال ڪن سدا ڪري اولهه ڏانهن وات ڦاڙي وڏا ساهه کڻندو ۽ وڏي آواز ۾ ٻه ٻه ڪري وڏيون رڙيون ڪندو ته اهو ڀاڳين لاءِ اطلاع هوندو آهي ته جهليو پير، هن سال برسات وڏي آهي پر هن ڀيري ائين نه ٿيو نه ڳائي مال ٽاه کاڌو نه ئي ذخيره اندازي ڪندڙ ڪيولي کاڌي جي شين سان هڪ ٻر کان ٻئي ٻر ڏانهن هجرت جو خفت ڪيو نه ئي ٻڪرين وڏي آواز ۾ ٻه ٻه ڪئي هر طرف سناٽو هو.
ڪاڇو ائين خاموش هو ڄڻ ڪاڇي هن سال ڪنھن وڏي گجگوڙ واري طوفان جي انتظار ۾ هو، گهڻن پوڙهن جون اکيون آسمان ڏانهن هنيون پر جوانن جي نظرن کان موبائيل جي اسڪرين اڃان پري نه ٿي هئي سولر پليٽ تي چارج ٿيل ٽچ اسڪرين واري موبائيل هنن جي واٽس اپ ۽ فيس بوڪ جي ميسينجر جي انهن برقي خطن جي انتظار ۾ هئي جيڪي خط شهري محبوبائن جي نازڪ هٿن جي نخن پاليش لڳل نهن سان لکجي اچڻا هئا هنن مان گهڻن کي آسرو هو ته لاڪ ڊائون جي خاتمي سان هي واپس ساڳين ڪمن ڪارن ۾ شهرن جي تيز ڊوڙندڙ زندگين ۾ وري گم ٿي ويندا، گهڻن کي موڪلن جي ڏينهن ۾ سمنڊ ڪناري تي ٻيهر ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جي تمنا هئي ڪيترا اهڙا به هئا جن جي اکين ۾ عشق جا عميق هئا هو محبوبن جي يادن ۾ سوچي سوچي پاه ٿي ويا هئا هونئن به ڀلا اسان جهڙن، نفسياتي بيمارن ۾ ورتل سماجن ۾ بک ڪٿي ٿي ماري اڄ ڏينھن تائين اسان وٽ ته گهڻائي ماڻهن جي محبت جي اڻاٺ جي ڪري ئي مري ٿي. اسان وٽ وڏي اڪثريت ته زندگيءَ ۾ ان جملي لاءِ ئي سڪي مري ٿي ته مان توسان محبت ڪريان ٿي، سچ ته اسان جهڙن سماجن ۾ گهڻ طرفا ڏڪار آهن انهن ڏڪارن مان “هڪ وڏو ڏڪار محبت جو ڏڪار به آهي”.
ڪاڇي جي نيري آسمان تي ڪڪرن ڇانوَ ڪئي ته سڪل اکين جي پنبڻين ۾ اميدن جا بادل برسي پيا ڪاڇي جا پڍ جنهن تي جيڪڏهن بارش جون بوندون پون ته ماڻهو پوک ته ماڻهو ڦٽي پوي هر طرف کان قدرتي گاهن جون وليون زمين تي ائين وڇائجي وڃن جيئن محبوب جا وار سيني تي سمهڻ مهل ڇانورو ڪري بيهن.
اها ڪاڇي جي خوبصورت شام هئي ڪڪرن ڏسڻ سان ٻارن جهولي کڻي ڳوٺن جي گهرن ۾ ٽوليون ٺاهي “ڪارڙو ڪمارڙو ان پاڻي ڏي ته مولا مينهن وسائي ” جو صدين جو صدائي نغمو ڳائڻ شروع ڪيو هو هنن ڏڪاريل ڏيھ جي ماڻهن کي ڪڪرن ڏسڻ سان هڪ اميد پيدا ٿي هئي ته جيڪڏهن هن سال بارشون جهجهيون پيون ته گوار جو فصل پوکي جوهي جي بازار ۾ وڪرو ڪري ڍڳين ۽ ٻڪرين جي ڌڻ ۾ وڌيڪ اضافو به ڪبو ۽ نياڻين جا بار به لاهبا.
ڪاڇو جيڪو ملٽي نيشنل ڪمپنين جي عقابي نظرن هيٺ آهي اهي ڪمپنيون گئس جي ذخيرن تي چنبا کوڙي ويٺل آهن انهن ڪمپنين جي سرمائي جي واڌ ويجهه جو ذريعو اهو ئي ڪاڇو آهي جنھن جي سخت زمين جي اندر گئس ۽ تيل جا اڻميا ذخيره آهن پر اڄ به ڪاڇي جي ماڻهن جو شمار دنيا جي غربت سٽيل ماڻھن ۾ ٿئي ٿو جن وٽ نه روڊ رستا نه بجلي نه اسپتال نه ئي اسڪول آهن. تيل ۽ گئس جي ڪمپنين جي ڪري ڪاڇي جا سردار پير، سيد ته سکيا آهن پر عام ماڻهو ٻن ويلن جي ماني ۾ ٻڌل ملندو. صدين جون صدائون بڻيل ڪاڇو رڳو بارش جي بوندن تي جيئڻ جو ڪشٽ ڪندو رهيو آهي.ڀوتارن جي بادشاهي ۾ هي سڄو سال جوهي جا آبادگار پيئڻ جي پاڻي لپ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل رهيا.
پاڻي جي کوٽ هنن جي هٿن جي لڪيرن يا مقدر جي فرحي ۾ لکيل ناهي پر حڪمرانن جي گماشتن هنن جي زندگين کي وڏي ڇپ جيان ڳورو ڪري ڇڏيو آهي.
ٻارن جي جهوليءَ مان نڪتل چانورن مان هنن رات جو مٺو ڀت رڌي کاڌو ۽ هي ڇپرن ۽ اوڏڪي ڀتين جي ٺهيل گهرن جي اڱڻ تي کٽن تي رليون وڇائي اڃان ستا ئي مس هئا ته سانوڻي جي اوڀر جي وڏ ڦڙي مينهن اچي هنن جي مٿان وسڪارا ڪيا هئا هنن وٿاڻن جي واهر ڪرڻ کانپوءِ کٽون پڌر مان کڻي ڇپرن ۾ رکڻ شروع ڪيون ڇپر لاءِ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته “مينهن وسي ٻه پهر ته ڇپر وسي ڇهه پهر” باک ڦٽي تائين بارش جي ڪڻ ڪڻ بند ئي نه پئي ٿي پر هنن جي اندر ۾ سڪون هو هنن کي ڏڪار جي ٽرڻ جي خوشي هئي نيٺ اوجاڳيل اکين سان صبح ٿيو ته گاج اچي هنن جي گهرن سان لڳي اهو گاج جو گرم پيرن کي ڇهندڙ پهريون ٿڌو پاڻي هو جنهن ڏڪاريل ڏيهه جي خاموش روحن ۾ ساه وجهي ڇڏيو هو، اهو ويل ڪا سُرهائي جي ويل هئي ڪاڇي جي ماڻهن جي چهرن جي خوشي شايد ڪا ڪيمرا جي اک محفوظ ڪري سگهي ها پر ٻهڪندڙ چهرا، لوڪ گيت چوندڙ عورتن جا مٺا ۽ سريلا آواز ۽ ڊوڙون پائيندڙ ٻار ان وقت ڏک جي ڪيفيت ۾ هليا ويا جنهن ويل گاج اچي هنن جي گهرن جي ڇتين مٿان گذرڻ لڳي هئي هنن جا ڪچا گهر گاج جي انتهائي اونچي وهڪري جي اڳيان بنھ پتڪڙا هئا ماڻهن ان جبل ڏانهن ڊوڙڻ شروع ڪيو جيڪو جبل هنن جو ننڍپڻ جو سنگتي رهيو هو ٻارن کي ننڊ مان اٿاري مائرن ڪڇن تي کڻي ان پاسي وڃڻ شروع ڪريو جتي زندگي بچڻ جي اميد هئي پر گاج جي پاڻيءَ جي سطح وڌندي ويئي پوئتي رهجي ويل ويل مرد وڻن جي چوٽين تي چڙهي زندگيون بچائڻ جي جستجو ۾ لڳي ويا. مونکان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل اها وڊيو وسري ئي نٿي جنهن ۾ هڪ همراه اهو ٻڌائي رهيو هو ته
او، هو، ڏسو وڻ جي چوٽيءَ تي چار ماڻهو صبح ڇهين کان لٽڪيل آهن هن وقت شام جا چار ٿي رهيا آهن اهي ماڻهو مان ڪوشش باوجود به ان ڪري نه ڏسي سگهيو هوس جو نئين گاج جو وهڪرو ايڏو تيز ۽ گجگوڙ وارو هو جو منهنجي اک جي نظر گاج جي ميٽوڙي پاڻي کي چيري وڻن تائين ئي نٿي پهتي ، اهي وڻ تي ويٺل ماڻهو نه هئا ڄڻ زندگي تي پير رکي موت جي انتظار ۾ ساه جي سڳي ۾ ٽنگيل ماڻهو هئا ائين ڪاڇي جي گيٽ وي جوهي لاءِ به ٻڌڻ ۾ آيو ته جوهي گاج جي سطح سان مقابلو به ڪري سگهندي.
آئون پاڻ درياهي ماڻهو آهيان ۽ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لڙهي، دربدر ٿي وڏو ٿيو آهيان ٻوڏ جي ذلتن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان سو مونکي جوهي سميت ڪاڇي جي هر ماڻهو جي دل نئين گاج ۾ ٻڏندي محسوس ٿي سرڪاري ڪيمپون امداد ۾ مليل سري لڳل چانور ۽ اٽو، ماڻهن جون قطارون پوليس وارن جون گاريون، ٻارن جون ڪيهون، عورتن جا آلين ڪاٺين تي ٻرندڙ چلهه تي مانيءَ جا ڪچا پڪا ڍوڍا، ڦاٽل ڪپڙا، سخت گرميءَ ۾ اگهاڙا پير ۽ اندر کي وڍيندڙ لڙڪ مونکي ياد اچڻ لڳا اڃان دل ۾ درد جو جهٻو تڏهن آيو جڏهن خبر آئي ته جوهي خالي ڪرڻ لاءِ ڊي سي دادو حڪم ڏنو آهي ته مونکي جوهي رڳو ٻڏندي محسوس نه ٿي پر مون سمجهيو ته جوهي ۾ رهندڙ هر ماڻهو جي ننڍپڻ جي ياد ٻڏي رهي آهي. کاٻي ڌر جي تحريڪن، علمي ادبي سرگرمين جي مرڪز، قومپرست سياست جي پرجوش نعرن واري جوهيءَ جي، مون محسوس ڪئي ته ڪا زندگيءَ جي آخري هڏڪي آهي.
اهڙي صورتحال ۾ ڪاڇي ۽ جوهي جو درد مونکي پنهنجو درد محسوس ٿيو مون ان درد جي ڪٿا “واهڙ جي مست” کي ٻڌائي ٿورو بار هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هي امرجليل جي “اروڙ جي مست” جهڙو مش ڪنڊو مست نه آهي جنهن جو بدن اڌ اگهاڙو هجي نه ئي پوليس مقابلي مان بچي نڪتل ڏاميچ ڌاڙيل آهي، جيڪو درگاھ تي ڪنٺا ڪڙا پائي مقدر جو سڪندر هجي، هي “واهڙ جو مست” آهي. جنهن کي ملٽي نيشنل ڪمپني جي مشهور برانڊ جو ٿري پيس سوٽ پيل هو. هن جي چهري تي ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ماسڪ پاتل هو، اکين تي قيمتي عينڪ ۽ هٿ ۾ ڊبليو ايڇ او پاران غريبن لاءِ امداد ۾ ڏنل هينڊ واش هو. هي سنهڙو سيپڪڙو، پڙهيل لکيل اهڙو مست هو، جنهن کي سڀني سگهارن قوتن کي راضي رکڻ جو ڏانءُ هو. هن کي اها به خبر هئي ته ملڪي سياست ۾ مرڪڻ جي قيمت ٿيندي آهي. ڪيتري عرصي کان هن جي هٿ ۾ سنڌ جي خزاني جي چاٻي آهي هي ئي هن وقت سنڌ جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ آهي.
مون واهڙ جي مست کان پڇيو، سائين ڪٿي آهيو، هن سيلفي سينڊ ڪندي چيو ته مان گجر نالي مٿان بيٺو آهيان.
مون چيو ڪاڇو ٻڏي ويو، چيائين مبارڪون روز روز پئي مظاهرا ٿيا پاڻي ڏيو پاڻي ڏيو خير سان ٻيڙا پار ٿي ويا
مون چيو واهڙ جا مست، ڪاڇي جا گهر ڪري پيا مال لڙهي ويو جواب ۾ چيائين شڪر ٿيو ٻڏيءَ جا ٻيڻا هوندا آهن.
مون چيو منهنجا سائين چون ٿا جوهي به ٻڏندو
هن کلي چيو ڀوڪ بصر غلام شاھ نينگ واري جون جن کي دعائون هجن ۽ صالح شاهه جهڙو پهتل بزرگ جن جو مرشد هجي تن کي لهر نه لوڏو.
مون چيو واهڙ جا مست ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته گاج بند به ٽٽي ويو آهي هاڻي پاڻي تيزي سان جوهي ڏانهن ڌوڪيندو اچي بي وس ۽ لاچار ماڻهن جو ڪو ڌڻي ناهي” واهڙ جا مست” ڪا واهر ڪر!
ڪاوڙ مان چيائين، هڪ وقت ٻه ڪم نٿو ڪري سگھان يا گجر نالي جو گند کڻي سگهان ٿو يا وري گاج جو بند ٻڌي سگهان ٿو سو مونکي تنگ نه ڪر گجر نالي جو گند ڪچرو کڻڻ ڏي هن تصوير واٽس اپ ڪئي هي ٿري پيس سوٽ سميت کرپو کنيو گجر نالي مان گند ڪچري جا ڍير ڪڍي رهيو هو.
مون واهڙ جي مست جي عظمت کي سلام پيش ڪندي هڪ ڀيري ٻيهر هجت ڪندي چيو اوهان جي ڊي سي صاحب شهرين کي جوهي شهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ماڻهو ڀلا ڪاڏي وڃن؟!.
واهڙ جي مست بي رخي مان چيو قلندر جي ننگري ڪورونا جي ڪري خالي پئي آهي پٺاڻ جي ڪافي جي ماني کائي پيا مست قلندر جا نعرا هڻن، نه جهل نه پل اٿن. مون چيو بحريه ٽائون جا وڏا بنگلا ۽ بحريه جو دسترخوان کڻي جوهي واسين کي ڏيو ته اوهان جي ٻچن کي دل سان دعائون ڪندا. چيائين بحريه جو رت ئي پيئي ويا آهيو نٿا پاڻ چڱو ڪم ڪريو نٿا ٻين کي ڪرڻ ڏيو پر مونکي پرواہ ناهي ڏسجو اڃان ذوالفقار آباد به ٺهندو اوهان جي دلين تي اڃان وڌيڪ مڱ ڏربا.
مون چيو واهڙ جا مست، ڪاڇي جي ڳوٺن جا ڳوٺ نئين گاج لوڙهي ويئي آهي.
ڪاوڙ مان چيائين جڏهن گاج جي پيٽ ۾ ماڻهو ڳوٺ ٺاهي ويهندا ته گاج قبضا ته ڇڏائيندي ڇا اهو ڪم به گاج نه ڪري.
مون ٻئي هٿ مٿي تي ڏيئي واهڙ جي مست کان پڇيو ڀلا نئين گاج جي ڊيم جو ڇا ٿيو.
دڙڪو ڏيندي چيائين سدائين فشري ڪندو آهين فشري باز ماڻهو آهين ٻه اکر ڇا پڙهيو آهين مستن کان سوال پيو ڪرين، ڏوھ تنهنجو ناهي ڏوھ اسان جو آهي، ڀٽي شهيد اوهان جهڙن ئي اڌ چرين جي دماغ مان تڏ ڪڍڻ جي لاءِ ڊي ايس پي پڃيل رکيو هو ۽ ڊي پي آر جو قانون آندو هو، اڄ جي ڊي ايس پي پڃل حال حيات هجي ها ته توکي ٻڪري جي ڪيس ۾ چالان ڪرايان ها. گاج ڊيم جي پچر ڇڏ، اجايا سوال ڪرڻ بدران جي پاڻ کي سنڌ پرست ماڻهو ٿو سمجهين ته ترت گجر نالي تي پهچي ٻه ٽي کرپي سان لپا هڻي ڏيکار ته پوءِ ئي توکي مڃيندس ته واقعي توکي ڪاڇي وارن جو درد آهي.
آئون کرپو ڪلهي تي کڻي گُجر نالي جي صفائي لاءِ وڃي رهيو آهيان ڇاڪاڻ مونکي “واهڙ جي مست” اڳيان ثابت ڪرڻو آهي ته مان سنڌ پرست آهيان.

حيدر ملاح
13/08/2020
#pahenjiikhbar

مين آف رني ڪوٽ جو موت


اها ڊسمبر جي انتهائي سرد رات هئي چنڊ پوري جوڀن سان اُڀري پٿريلي رستي تي چانڊوڪي ڇٽي رهيو هو، ميري ڪورٽ جي اُتر واري برج تان هيٺ سبز وادي ڏانهن مون نهاريو مونکي لڳو ته سبز واديءَ جي پاسي ٻٻرن جي وڻن جي جڳهٽي ۾ ڪي رولاڪ روح گفتگو ڪري رهيا آهن.
مون گفتگو تي ڪنايو اُتر جي پرشور هوا لفظن کي چٻاڙي مون تائين کڻي آئي.
آئون برج جي ان جڳهه تي وڃي ويٺس جتي 1965ع ۾ سن جي سيد جي ميزباني ۾ اُٺن تي چڙهي آيل سنڌ جو مشهور محقق ليفٽيننٽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد، پنهنجي دوست
نامور محقق پيرحسام الدين شاه راشدي ۽ محمد ابراهيم جويو، ايم ايڇ پنهور ۽ غلام رباني آگرو کي ساڻ ڪري اچي ويٺو هو.پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪرنل خواجه رشيد پهريون محقق هو جنهن رني ڪوٽ تي انگريزي ۾ مضمون لکي رني ڪوٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو ڪوٺيو، سندس مقالو اڳتي هلي سمورن محقق لاءِ ان علمي موضوع تي ڪم ڪرڻ لاءِ سبب بڻيو.هي اها ئي جڳهه آهي جتان رني ڪوٽ جي تاريخي عظمت بابت نون بحثن نه رڳو ڪَر کنيا ھئا پر، اڳتي هلي سنڌ جي عاشقن رائيفل هنج ۾ رکي هتي آجپي جا خواب ۽ سِرَ ڏيڻ جا وچن ڪيا هئا. تاج صحرائيءَ به دادو کان پنڌ ڪري صحرا جي وچ ۾ ٺهيل هن عجوبي کي ڏسي بي خوديءَ مان رڙ ڪري چيو هو ته ڇا ته هن ڪوٽ ۾ طلسماتي ڪشش آهي.
هتي رڳو حُسن ناهي پر حسناڪين جون حدون پار ڪري ڪنهن مصور فطرت کي رنگن سان چٽي ورتو آهي مان ٻيهر برج کان هيٺ نهاريو سبز واديءَ ۾ ٿيندڙ گفتگو جا ڌيما لفط مونکي ائين لڳو ڄڻ مونکي سڏي رهيا آهن.
ميري ڪوٽ جي فٽ پيري جي سڌن ڏاڪن تان هيٺ لهندي مونکي سن جي سائينءَ جي ٺهرايل ان پراڻي اوطاق جو خيال آيو جتي مون ملتان مان تحفي طور مليل ڳاڙهي رنگ جي خوبصورت ۽ گرم شال رکي هئي. ان ڳاڙهي رنگ ۾ خبر ناهي ڪهڙي ڪشش لڪل آهي جو دنيا جي هر ان ماڻهوءَ جنهن جي اکين ۾ سرخ موسم جا خواب اڻيل آهن ان ڳاڙهي رنگ کي پنھنجي اکين ۾ سُرمو سهائي جو سمجهي پاتو ۽ ان ڳاڙهي رنگ جي هر لڪير تان صدقي ٿي ويا.
ملتان جي منھنجي دوست وٽ هونئن ته زندگيءَ جا سڀ رنگ هئا پر شايد هن منھنجي مزاج کي سمجهي مون لاءِ ڳاڙهي رنگ جي شال تحفو ڪئي هئي.
مون پنهنجي جسم کي ٿڌ کان بچائڻ جي لاءِ ڳاڙهي رنگ جي شال اوڙهي ۽ اڌ رات جي هن ماٺيڻي سفر ۾ چنڊ کي ساڻ ڪري سبز واديءَ ڏانهن وڌڻ لڳس.
منهنجو پنڌ ڇا هو رات جي سناٽي ۾ منهنجي پيرن ۾ پيل جُوگر جي پنڌ جو شپڪ شپڪ جو آواز ماحول ۾ موجوده جيتن جڙن جي آواز سان گڏجي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ عابد علي جي آڱرين سان طبلي تي ڪا ٺمري وڄي رهي آهي، ميري ڪوٽ کان هيٺ لهندي مونکي وسري ويو هو ته رات جي هن وڳوڙ ۾ رني ڪوٽ جا اهي جانور به مُنهن پئجي سگهن ٿا. جن کي هتي ڇيڪ ڇڏيو ويو آهي.
آئون ڳپل پنڌ ڪري ميري ڪوٽ ڏانھن مڙندڙ پل وٽان گذريس ته ڪُتن ڀونڪڻ شروع ڪيو، پهرين ڪُتن جي ڀونڪڻ جا آواز پري هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪُتا منهنجو پيڇو ڪري رهيا آهن. ڪُتن جي تيز ڀونڪڻ تي هڪ پوڙهو کٽ تان اٿيو جنهن پهرين وڏو ساهه کڻي کنگهيو ۽ پوءِ جوان مڙسن جيان ھڪل ڪري پڇا ڪئي پريا مڙس ڪير آهين ؟!
مون هڪل جي جواب ۾ فقط ايترو چيو پنهنجو آهيان پنهنجو.
ايتري تائين هو اجرڪ اوڍيل قداور،شخص پراڻو ڳيٿلو پيرن ۾ پائي گهر جي ڪڙ ٽپي اچي منهنجي سامهون بيٺو.
چنڊ جي چانڊوڪي ۾ هن مونکي ائين سُڃاڻي ورتو ڄڻ اسان ڪن فـيڪون واري دور کان هڪٻئي کي سڃاڻندا هئاسين، هن سرد رات ۾ مونکي گرم ڀاڪر ۾ ڀري ٽونڪندڙ ڪُتن کي هڪل ڪري چيو ته پنهنجن کي به نٿا سڃاڻو.هاڻي هلو هتان.
مونکان دل ئي دل ۾ ٽهڪ نڪري ويو مون پنهنجو پاڻ کي چيو، ڪُتن جو ڪم ڀونڪڻ ئي آهي، مونکي ته شهر جي ڪُتن به نه سڃاتو جنهن جي باهوڙ کان سُر بچائيندي آئون ڪارن ۽ ڀورن جبلن جي هن گڏيل جهان ۾ پناه وٺڻ پهتو هئس، هنن جابلو ڪُتن تي ڀلا ڪهڙي ميار!
مون هن پوڙهي کي ٻڌايو ته آئون سبز واديءَ ڏانهن وڃان پيو، جتي ڪي ڌيما آواز آهن جيڪي مونکي پاڻ ڏانهن سڏي رهيا آهن، هن مُرڪيو مون کي ائين لڳو ڄڻ هي انهن آوازن جو پراڻو واقفڪار آهي هن کان هن جي مرڪڻ جو سبب پڇيم. هن سنجيده ٿي چيو آئون ان ئي سبز واديءَ ۾ ڄائو هئس زندگي جا ستر سال مون ان سبز واديءَ جي گفتگو تي ڌيان ڏنو، رڳو سکڻا بي معني آواز ئي آهن.
هوائن جا آواز، وڻن جا آواز، ٻٻر جي وڻ جو آواز، ٽالهيءَ جي لڏندڙ ٽارين جي گفتگو، صوفي ٻيرن سان ڀريل ٻيرِ جون دانهون جنهن کي هر سال ڳوٺ جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي ڌوڻي ڌوڻي اڌ مئو ڪري ڇڏيندا آهن، ڇوڪرا بالغ ٿي شاديون ڪري وري ساڳي ٻير کي ڌوڻڻ جي لاءِ نوان ٻار ڄڻيندا آهن، ائين ستر سالن ۾ سبز واديءَ جي ڪس تي ڳوٺ ٺهي ويو آهي،اهڙو ڳوٺ جنهن جي نوجوانن وٽ هاڻي رڳو مدرسي جي تعليم ۽ چهرن تي ڊگهيون ڏاڙهيون بچيون آهن، جن جي روحن تي رني ڪوٽ جي رونقون بنھ بي اثر آهن، جيڪي هر صورت ۾ گبول چورنگي ڪراچيءَ جي رڻ ۾ رهڻ چاهين ٿا.
منهنجي وڏي زور ڀرڻ تي هو منهنجي اڳيان اڳيان هلڻ شروع ٿيو، ائين جيئن گهڻا سال اڳ جڏهن هن جي چوڏهن سال عمر هئي ۽ ٻانهن جي وچ ۾ لاسي لئي جي لٺ وجهي تاج صحرائي جي اڳيان اڳيان سونهين طور هلي رهيو هو.
مون هن کان پڇيو صادق ستر سالن جي ڄمار ۾ رني ڪوٽ توکي ڇا ڏنو ۽ رني ڪوٽ کي تو ڇا ڏنو هن جي ڳيٿلي پاتل پيرن کي ڄڻ بريڪ لڳي ويو هن پراڻي ڪوٽ جي کيسي مان سگريٽ ڪڍيو ۽ ماچيس جي تيلي دکائي سگريٽ کي دکائڻ شروع ڪيو ائين ئي جيئن وقت هن جي زندگيءَ کي تيلي هڻي ٻاري سُوٽا هڻي ساڙي ڇڏيو هو بلڪل ائين ئي هن سگريٽ کي ڪش هڻي ساڙڻ شروع ڪيو.
رني ڪوٽ مونکي جنم ڏنو، مان جڏهن اڃان ڀانڀڙا پائيندو هئس ته جڏهن به ڪنڌ آسمان ڏانهن ڪندو هئس ته منھنجي گهر جي ڪچي اڱڻ تان او هو سامهون بيٺل شير ڳڙهه مون کي سڏ ڪندو هو. مون هن کان پڇيو شير ڳڙه کي شير ڳڙھ ڇو چون؟!.
چيائين جنهن وٽ شينهن جهڙي دل هوندي اهوئي شير ڳڙھ سر ڪندو. ان ڪري ئي هن ڪوٽ کي شير ڳڙھ ٿا چون.
هي واپس رني ڪوٽ ڇا ڏنو جي سوال جي جواب ڏانهن موٽي آيو، اسان وٽ هڪ ڍڳي هئي.
ان جو هڪ ڦرُ هو منهنجو هم عمر ڳاڙهو گابو، اسان ٻئي گڏجي ان ڳاڙهي ڳئون جي کير تي پلجي وڏا ٿياسين، گابو اڳتي هلي قرباني جي عيد تي ڪُسجي ويو، پر آئون ۽ رني ڪوٽ هتي رهجي وياسين. تڏهن اڃان سن جي اسٽيشن کان رني ڪوٽ تائين رستو پڪو نه ٿيو هو. ريتي جو جهان جهاڳڻو پوندو هو، اُٺ ئي هئا جيڪي هن جبل جي پنڌ کي ٽڪيندا هئا، هي به سمجهه ته وندر واري رستي جيان هو جتان اُٺ ئي پنهون کي کڻي رني ڪوٽ ٿي پهتا. آئون بس عيد براد ئي سن ويندو هئس اسان وٽ اُٺ نه هئا اسان جا لڏا گڏھ ئي کڻندا هئا، هاڻي ته مون وٽ بائيڪ آهي انهن ڏينهن ۾ بائيڪ ته ورلي سرلي ماڻهن وٽ هوندي هئي، مون رني ڪوٽ کي رڍن جي ڌڻ جيان هڪليو آهي هن جي هڪ هڪ گس ۽ پيچري کان واقف آهيان، مون رني ڪوٽ کي عمر ڏني ۽ رني ڪوٽ مونکي جنم ڏنو.
اسان هاڻي سبز واديءَ جي ويجها هئاسين، پوڙهو چنڊ اسان جي مٿان اڄ ائين چمڪي رهيو ڄڻ ڪو اسان تي خاص مهربان هجي. ڊسمبر جي سرد رات ۾ اُتر جي سامهون وارو پنڌ لڱن کي ڳڀا ڳڀا ڪري وڍڻ جي لاءِ ڪافي هو. هن پوڙهي مڙس منهنجي ٻانهن مان وٺي مونکي ڏکڻ واري پاسي سن دروازي ڏانهن اشد آڱر سان اشارو ڪندي چيو ته ڪنوار جي نڪ ۾ نٿ جيان هي سن گيٽ اٿيئي، خوبصورت، سونهن سان ڀريل.
سن گيٽ جي ٻنهي برجن جي ڏاڪڻين تي نه ڄاڻ ڪيترين ڪنوارين جوانين ڇيريون ڇمڪايون ۽ نه ڄاڻ ڪيترا الڙ وهي جا عاشق هنن ئي ڏاڪڻين تان عشق جون چاڙهيون چڙهي محبت جا معراج ماڻي موٽيا.
مون هن کان پڇي ورتو، صادق تو ڪڏهن عاشقن جي انهن البيلن اندازن تي اعتراض نه ڪيو، کلي چيائين سنڌ ۾ رني ڪوٽ ئي آهي جتي جهل نه پل سڀڪو پسي پرينءَ کي، واري اڃان پر زنده آهي. آئون ڇو اعتراض ڪندس جڏهن شاعرن جو سر مُوڙ لطيف اعتراض نٿو ڪري.
مون کي سن گيٽ سان گڏ شاھ پير گيٽ ياد اچي ويو جتي اِي اَيف ٽِي وارن رني ڪوٽ جي تباھ حال ديوار جي درست حالي جو ڪم شروع ڪرايو هو ۽ ميري ڪوٽ ڏانهن مُڙندڙ رستي تي شاھ پير گيٽ جو سائن بورڊ به لڳائي ڇڏيو هو، مون صادق کان پڇي ورتو، شاه پير گيٽ تي ڪهڙي شاھ يا پير جي نالي پويان شاھ پير گيٽ جو نالو پيو.
هن اوور فوجي ڪوٽ جي کيسن مان هٿ ڪڍي پنهنجي شهپرن تي هٿ رکي چيو، هي شاه پير گيٽ نه پر شهپر گيٽ آهي هن جي گيٽ جي بناوٽ هنن منهنجي شهپرن جهڙي آهي. اتان ئي بصران ۽ ٿاڻي بولا خان تائين هاڻي موٽر سائيڪل سوار ۽ ڊاٽسن پڪ اَپ تي چڙهي ماڻهو سفر ڪن ٿا. مون سمجهي ورتو شهپر ۽ شاھ پير ۾ ايڏو فرق ڇو آهي.
اسان هاڻي سبز واديءَ جي ڀر مان گذرندڙ ان واهي تان گذري رهيا هئاسين، جنهن واهي جو پاڻي محبوب جي اکين جهڙو شفاف آهي. اسان جي اڳئين منزل پَرين جو تلاءُ هو. مون هن کان پڇيو رني ڪوٽ جي عظمت ڪيتري پراڻي ٿي سگهي ٿي هن رني ڪوٽ جي تاريخ تي سڀني ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي هئي ان ڪري هن وٽ سڀني محققن جا حوالا موجود هئا پر هن کي 26 مارچ 1981ع ۾ رني ڪوٽ جي تاريخي قلعي جي ماڳ تي ان وقت جي گورنر سنڌ، ايس ايم عباسي جي صدارت ۾ ٿيندڙ پهرين ڪانفرس تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ان تحقيقي مقالي سان شديد اختلاف هو جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ چيو هو ته هي ڪوٽ ميرن جي صاحبي ۾ ٺهيو هو. هن دليل ڏيندي چيو ته مير سنڌ جا بدبخت حڪمران هئا جن وٽ نه جنگي سازوسامان هو نه ئي تربيت يافته فوج. عياشي جي غرق ۾ پيل ميرن وٽ حيدرآباد جي قلعي تي رکيل توبن جي چُرپر وارن گاڏن جي به خبر نه هئي ته اهي درست نموني ڪم ڪن به ٿا يا نه، تن کي رني ڪوٽ ٺهرائڻ جي ڀلا ضرورت ڪهڙي هئي. ها ٿي سگهي ٿو حويليءَ جي ڀت تي ويٺل نر پکي کي بندوق هڻندڙ مير صاحبن ميري ڪوٽ تي زائفائن جي تحفظ جي لاءِ لانڍيون ٺهرايون هجن باقي رني ڪوٽ جي برج تائين بندوق کڻي پهچڻ ٿلهن متارن ميرن صاحبان جي وس کان باهر هو.
اسان آمري گيٽ جي سائن بورڊ وٽان گذرياسين ته هن مونکي موهن جي دڙي جي هن هم عصر آمري شهر ڏانهن متوجہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، هتان آمري وٽان ئي قديم زماني ۾ عالمي سڙڪ جو گذر ٿيندو هو اها ئي سڙڪ ايران جي وچ رياستن کان ٿيندي دنيا جي ٻين ملڪن سان سنڌ جي واپار کي ڳنڍڻ جي لاءِ ڪم ڪندي هئي. هن مون کي ائين ڌُوڻيو جيئن هي ننڍي هوندي صوفي ٻيرن جي ٻير کي ڌوڻيندو هو، تو ميري ڪوٽ جي مُک دروازي تي دربانن جي چبوتري ۾ مور پکي ۽ سُورج مکي اُڪريل ڏٺو آهي.
مون چيو ها 1983ع ۾ جڏهن آئون اڃان سن ۾ ڏهون ڪلاس پڙهندو هئس تڏهن آئون هتي دوستن سان گڏجي مشڪل رستا جھاڳيندو پهتو هئس ان وقت ئي مونکي هڪ نوجوان صادق گبول اهي مور پکي ۽ سورج مکي جا گل ڏيکاريا هئا.
هن اچرج مان منهنجي چهري ڏانهن ڏٺو ڄڻ هو منهنجي چهري ۾ پنهنجي جواني ڳولي رهيو هو. هن چيو مور هندستان جي حڪمرانن گپتا خاندان جي عمارت سازي ۾ نشانيءَ طور استعمال ٿيندو رهيو آهي ۽ سُورج مکي!؟
سُورج مکي ساساني دور جي عمارت سازي جي نشاني آهي. اسان جبل جي سنهي پيچري تان پنڌ ڪندا اچي پَرين جي تڙ تي پهتاسين. ٻه ننڍا آبشار چاندي جهڙي پاڻي سان ٽمٽار هلڪي آوازن واري موسيقيءَ سان پرين جي تڙ ۾ ڪري رهيا هئا. ننڍيون ننڍيون رنگ برنگي مڇيون رات جي پوئين پهر ۾ ڄڻ تڙ ۾ رقص ڪري رهيون هنيون، مٿان چنڊ هو جيڪو تڙ تي روشنيءَ جا اولڙا ڇڏي رهيوهو. مون تڙ جي مٿان اونچي پهاڙ تي برج جهڙي مورچي ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو، صادق هن تي ڪڏهن چڙهي رني ڪوٽ جا رنگ پسيا اٿئي. هن ٿڌو ساه ڀري چيو ڪهڙو ڏينهن اهڙو هو جو ان تي نه چڙهيو هوندس. آئون ته موهن گيٽ کان به مٿي چڙهي موهن ڪوٽ جي ڀت جي ڀر ۾ ويهي ڳڙ جي ڳنڍ سان ٻاجهر جي ماني کائي مٿان ريڍي کير جو وٽو پيئي ننڊون ڪندو هئس.
مون هن کان پڇيو موهن گيٽ ۽ موهن ڪوٽ جا نالا ڪيئن پيا؟، هن چيو موهن نالو خود رني ڪوٽ جي قلعي جي قدامت جا گواه آهن، موهن نالو اسلام جي آمد کان اڳ جا نالا آهن ائين رني ڪوٽ اندر، ميري ڪوٽ، شير ڳڙه ڪوٽ ۽ موهن ڪوٽ رني ڪوٽ جي لاءِ شاهدي ڏيڻ جي لاءِ ڪافي آهن ته هن جي عظيم ديوار جي عظمت صديون پراڻي آهي.
اسان پَرين جي تڙ کان واپسي ڪئيسين پئي ته ماٿري تي اڌ گابري ٺهيل مسجد مان ﷲ اڪبر جي اذان اچڻ شروع ٿي، چار وکون ڀري سبز وادي جي ڪس ٽپي اڳيان وڌياسين ته پراڻي ڳوٺ جي ٻئي قديم مسجد مان ٻيهر اذان آئي
صادق بيهي رهيو ڪلمو ڀري اڳتي وڌيو. کلي چيائين ٻئي موذن منهنجا سڳا ڀائر آهن بس فرقي جي وچ ۾ رڳو ڀائپي نه ٿيندي آهي باقي ماءُ ٻنهي جي ساڳي آهي.
اسان ميري ڪوٽ اچي پهتاسين. هن ڪاٺيون گڏ ڪيون ۽ سليماني چانھ ٺاهڻ شروع ڪئي. مون هن کان پڇيو بدر ابڙي پنهنجي ڪتاب رني ڪوٽ ۾ لکيو آهي ته صادق گبول اسان سان گڏ هو اسان رني ڪوٽ جي چپي چپي جي جانچ ڪئي ۽ ماپ ڪئي اسان هتي قديم غار به ڏٺا ته ڊائنوسار جا ڍانچا به. جتي ڪنهن دور ۾ ڊائنوسار ۽ انسانن جي رهائش هئي. ڇا توکي انهن غارن جي رستن جي خبر آهي هن کلي چيو ڪو ماڻهو ٽيٽيهه ڏينهن رني ڪوٽ ۾ ترسي لکي ته مون قديم غار ڳولي لڌا آهن ته سياڻن کي ضرور سوچڻ گهرجي ته انهن غارن جي فقط انهن ماڻهن کي ئي خبر هوندي جنهن ماڻهوءَ جا ست نسل هتي دفن آهن، آئون انهن انسانن جي ستن نسلن جو سونهون آهيان جن جي ابن ڏاڏن هن رني ڪوٽ جي پهاڙن جي غارن ۾ پناه گاهون ٺاهيون هُيون.
سرد صبح جا سج جا ڪرڻا نڪتا ته مون ڳاڙهي لوئي بدن تان لاهي ڪار جي اڳئين سيٽ تي رکي صادق کي ڀاڪر پائي موڪلايو.
ويهن ڏينهن جي وٿيءَ کان پوءِ خبر پئي ته رني ڪوٽ جي ماڻهوءَ جو رني ڪوٽ ۾ ئي موت ٿي ويو، رني ڪوٽ جي تاريخ جو سونهون، ڪرنل خواجه رشيد، بي بي سي واري رضا علي عابدي، رشيد ڀٽي، تاج صحرائي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ، بدر ابڙو، اشتياق انصاري ۽ حميد آخوند جهڙن محققن ۽ اديبن جي اڳيان ڪنڌ ۽ ٻانهن جي وچ ۾ لٺ کڻي هلندڙ رني ڪوٽ جو سونهون جنهن جي ڪچهري لاءِ سن جو سيد مهينا انتظار ڪندو هو سو موڪلاڻي ڪري ويو. پر مقامي صحافت وٽ ان جي مرتيي جي موت جي خبر رني ڪوٽ جي قدامت جيان بي رُخي جي مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويئي.

حيدر ملاح

عشق، فيضو ۽ ڌرتي

سنجيدگي جو عالم اهو هو جو ڪچهري ۾ موجوده اڪثر نوجوانن ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون هيون، همراهن جا هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ هٿ هئا هر ماڻهو ٻئي کي چئي رهيو هو منهنجي ٻڌ. ڀلا جڏهن سڀ ڳالهائڻ وارا هجن ته ٻڌڻ جو ڪشٽ ڪير ڪري، بحث وڌندو ويو ڳوٺ جي چوراهي تي ڪاٺ جي صندلن مٿان هي چوياري رڳو اڄ نه هئي پر سالن کان هي سنگتي پاڻ ۾ ويهي بحث ۾ هڪٻئي کي مات ڏيڻ جي لاءِ پيا ڪوششون ڪندا هئا هنن ۾ ڪوبه سقراط نه هو نه ئي هنن مان ڪو سرمد ۽ منصور ٿي سگهيو هو هي تاريخ جا وڏا ماڻهو ٿيندي ٿيندي رهجي ويا هئا ان ڪري هاڻي نَوَٽِڻِ جي بساط تي هي ان گدامڙي جي ککڙي جهڙا هئا جنهن جو ٻيو ڪو ڪم ئي نه رهيو هو بس” هي ڀريو هن جو مٿو ٺريو” کان اڳتي وڌي نه سگهيا هئا.
هنن جو ڳوٺ يونان جو اٿينس ته نه هو جتي فلسفي جا پاٺ پڙهايا وڃن هي ته اڻسهپ، ٽرڙائپ، علم دشمني، چٿر بازي، پنهنجن جا پير ڇڪڻ واري وڏيرڪي ڍونڍ جهڙي سياست ۽ سماج ۾ پلجي وڏا ٿيا هئا شايد ان ڪري ئي هنن جي گفتگو ۾ شائستگي نه هئي نه ئي سهپ هئي، هنن مان هر ڪنهن جي هڪ ئي ڪوشش هئي ته سڀ ان کي ئي ٻڌن، جيئن عام طور سنڌ ۾ بحث ٿيندو آهي هي بحث به سنڌ ۾ ٿيندڙ عام بحثن جهڙو ئي بحث هو ان ڪيفيت کي ڪهڙو نالو ڏجي جنھن ڪيفيت ۾ دليل پٿر جيان هٿ ۾ هجي ۽ سامهون وارو رڳو دفاعي پوزيشن ۾ هجي.
نيٺ هڪ همراه پيرن جي پٻن تي بيهي اعلان ڪيو ته جيڪڏهن اوهان منهنجي ڳالهه ڌيان سان نه ٻڌي ته اوهان ۽ اوهان جو ڳوٺ ته ڇا اوهان جا ايندڙ نسل به تباهه برباد ٿي ويندا.
هي ڄڻ گوڙ جي طوفاني سمنڊ ۾ ماٺار جي لهر جهڙو جملو هو “چرين جو چوراهيو ” جي نالي سان مشهور ڳوٺ جي چونڪ تي ويٺل ماڻھن جي هجوم تي ڄڻ ڪا ڪنهن بندوق تاڻي هجي هر طرف سناٽو ڇانئجي ويو، هجوم جوه وجهي ان ماڻهوءَ ڏانهن نهارڻ لڳو جنھن ڳالهه نه ٻڌڻ جي صورت ۾ ايندڙ نسلن جي تباهي جي اڳڪٿي ڪئي هئي.
هجوم متوجهه ٿيو ۽ هر طرف خاموشي ٿي ته پيرن جي پٻن تي بيٺل همراه پنهنجي قميص جي گلي جي بٽڻن کي بند ڪيو، ٻانهن جا ڪلف کوليا هلڪي کنگھڪار ڪئي ۽ گفتگو شروع ڪيائين.
مان سمجهان ٿو مان تاريخ جو ڪو وڏو ماڻهو ناهيان نه ئي مون گونا گون علم پڙهيو آهي مان سالقن جي ڪچهرين ۾ به گهڻو اٿيو ويٺو ناهيان پر توهان ڄاڻو ٿا ته مون زندگيءَ ۾ سچ کي ڪڏهن به پٺ نه ڏني آهي، آئون زماني سازي جي ڪڌي ڪم کان پري رهيو آهيان ان ڪري ئي نه مان منافق آهيان نه ئي مون ڪو اجتماعي قومي گناھ ڪيو آهي، جنھن سان قوم جي اجتماعي مفادن کي ڪڏهن ڇيهو رسيو هجي، مون وس ۽ وت آهر پيرين پنڌ ڪري جبل جاڳيا، سنياسين جيان مون سچ جي ڳولا ۾ جھر جهنگ ڏٺا مان هاڻي جا جوانيءَ جي چائنٺ ٽپي پيريءَ جي ان جهوپڙي ۾ داخل ٿيو آهيان جنهن جهوپڙي کي ڪنهن وقت به موت جو طوفان ڪک پن ڪري اڏائي ويندو. آئون موت سان پهرين ڀيرو ميکاميل نه پيو ٿيان زندگي ۾ ڪيترا اهڙا موقعا آيا موت جي ڀر مان آئون سرڙاٽ ڪري ائين گذري ويو آهيان جيئن ڪو جنگ جي ميدان تي ڪميت گهوڙو تيرن جي بارش مان گذريو هجي.
مون محسوس ڪيو ته “موت جي خوف کي مات ڏيڻ کانپوءِ ئي زندگي شروع ٿيئي ٿي” نه ته زندگي ته ٻن پيرن تي ڊوڙندڙ ان جهنگلي سهي جهڙي آهي جنھن کي موت جو خوف هر هر پوئتي نهارڻ تي مجبور ڪندو آهي.
منھنجا دلبرو……….!!
آئون هن وقت عمر جي اڌ صديءَ جي ڏکي چاڙهي چڙهي زندگيءَ جي سج لهڻ واري سفر تي نڪتل آهيان هي سفر ريل جي پٽڙين جيان گذريو آهي، گڏ هوندي به جدا رهڻ وارو سفر ڪنهن صحرا جي وڇونءَ جي چڪ جيان آهي جيڪو جيئن جيئن وقت گذري ٿو جسم ۾ لئون لئون ڪندو رهي ٿو هي درد جو دلربا لمحو آهي جنھن درد جي ڳنڍ ۾ محبوبن جي بي وفائين ، چالاڪين ۽ دوکن جا سڳڙا ٻڌل آهن، ڪي نخرا ۽ ڪي ناز اڃان به يادن جي ميموري ڪارڊ ۾ محفوظ آهن. وفائن جا به ان ڳڻيا قصا اڃان به منهنجي مرڪي پوڻ لاءِ ڪافي آهن ڀلا اها گلابي بدن واري ڇوڪري مونکان ڪيئن وسري سگهي ٿي جنھن جي شيمپو سان ڌوتل سلڪي وارن ۾ آڱريون ڦريندي مونکي اها ڳوٺاڻي ڇوڪري ياد آئي هئي جيڪا وارن کي ڄانڀي جو تيل هڻي ٻٽي چوٽي ٺاهي، سڳيون ٻڌي اچي منهنجي سيني تي سمهندي ھئي مون ان سلڪي وارن واري ڇوڪريءَ کي جڏهن اسلام آباد لاءِ حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي الوداع ڪيو ھوته حسين آباد وٽان درياه ۾ ٽٻي هڻندڙ ڳاڙھ سري سج سان گڏ هن ويندي ويندي فلائنگ ڪس مونکي عشق جو فقير سمجهي خيرات ۾ ڏني هئي اها ڇوڪري ويندي ويندي پاڻ سان گڏ پنهنجي چوٽلي ۾ منهنجي اکين جي ننڊ به ٻڌي ويئي هئي.
ھوءَ وفا جي پيڪر ڇوڪري، ملڪ جي گادي واري شهر ۾ ائين وڃائجي ويئي جيئن جهمپير جي تاڙي پيئڻ کانپوءِ عاشقن کان ڳوٺ جون گهٽيون وڃائجي وينديون آهن. مونکان جي اوهان پڇو ته ھوءَ ڪنهن جهڙي هئي سچ ته هوءَ بارش کان پوءِ زمين تي سونهن پکڙيندڙ بخملي ڳاڙهن مينهن وساڙن جهڙي هئي.
هوءَ نثر جهڙي هئي يا شاعري جهڙي هئي.؟! منهنجو جواب هوندو ته هوءَ سورش ڪاشميري ۽ ابوالڪلام آزاد جي تقرير جي رواني جهڙي هئي هوءَ دل جي صفا سفيد جهرڻو هئي هن جي گفتگو ۾ بادلن جي رمجهم هئي ھوءَ قطعي ڪوه ڪاف جي پري نه هئي پر سرائڪي زبان جي مٺاس واري اها سنڌياڻي هئي جنھن جي ڏنل گار ۾ به عشق جي عنبر جي خوشبوءِ هئي.
عورت ۽ مرد جو جوڀن، رات جي اونداهيءَ ۾ چنڊ اڀارڻ جو ڪم ڪندو آهي خطرن جي دُنَ ۾ وڃي پاڻ کي محبوب جي ٻانهن ۾ محفوظ سمجهڻ جو پاڻ سان ئي دوکو ڪرڻ جو دل لڀائيندڙ ڪم به جوڀن جي ڏينهن ۾ ڪبو آهي، جي جوڀن ۾ اوهان جي پيار پلئه نه پيو ته سمجهي ڇڏيو اوهان جي زندگي بي معني ٿي گذري ويئي.
منھنجا دوستو اسان کي ننڍپڻ کان سمجهايو ويندو آهي ته سڀ ڪم ڪجان پر پيار نه ڪجان ڪڏهن اوهان سوچيو آهي ته پيار بنا سڀ ڪم ڪيڏا بدصورت ڪم هوندا آهن، ائين پاڻ دنيا جا سڀ بدصورت ڪم ڪندا آهيون پر پيار جي خوبصورت ڪم کان ڪوهين ڏور ويندا آهيون.
هاڻي هتي موجوده نوجوان مونکان اهو پڇو ته سيڪس گناھ آهي يا ثواب؟! ڇاڪاڻ اسان پيار کي سيڪس سان ڳنڍي ڏسڻ جا عادي آهيون اسان جي پيار جي انتها سيڪس جي گرم ڀاڪر ۽ شهوتي تسڪين ۽ ڀوسن جي بارش ۾ ٿيندي آهي ڀلا مان اهو ڪيئن ٻڌايان ته فطرت گناھ ۽ ثواب جي پنجوڙ مان آزاد هوندي آهي هاڻي جيئن جيئن اوهان زندگي جا ڏهاڪا مٿي چڙهندا تيئن تيئن فطرت اوهان کي پاڻ ڏانهن سڏيندي رهندي اوهان ثوابن جي دلاسن ۽ گناهن جي دڙڪن مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍي ايندا ان ڪري ڪافي معاملن ۾ آئون سمجهان ٿو ته اسان کي دل جو چوڻ وٺڻ گهرجي.
لطيف به چيو آهي ته “عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا” نينهن جي پاسي بيهو الزامن کان آجا ٿي فطرت سان ٻکين پئجي وڃو جي پڇتاءُ نه ٿيئي ته ثواب سمجهو، جي اندر مان سنگ باري ٿيئي ته سمجهو گناھ جي ٽڪٽيءَ تي چڙهي لٿا آهيو.
هجوم اڃان خاموش ھو، “چرين جي چونڪ” جي چوياري ۾ اڃان ٻڌڻ جي سگهه هئي هي پهريون موقعو هو جو سڀ هڪ ڪنا هئا پر سڀني جي اندر ۾ بي چيني هئي، اڻ ڏٺي خطري جي خوف کان هي بي چين هئا جيڪو خطرو هنن جي نسلن کي تباھ ڪرڻ وارو هو.
هن ٿڌو ساه ڀريو ۽ ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو.
آئون تازو اسلام آباد مان ٿي آيو آهيان منهنجي سالن جي ڳولا نيٺ ان جاءِ تي ختم ٿي وئي جتي پهاڙن جي مٿان اسانجي اصل حڪمرانن جا ٿڌا گهر آهن مون محبوبہ جي تلاش ۾ فيض آباد کان بني گالا تائين پنڌ ڪيا پر جڏهن ڏس پتو نه مليو ته مان پنهنجي ٻوڌي دوستن سان گڏجي تپسيا جي پنڌ تي نڪري ويس گهاٽي جهنگ ۾ پپر جي وڻ هيٺان آئون اکيون پوري تپسيا ۾ گم هئس ته مونکي اهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جيڪو آواز آئون گهڻا سال اڳ آخري ڀيرو حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي الوداعي ڀاڪرن ۾ پيار جي اظهار جي اذان جيان ٻڌو هو.
مون اکيون کوليون منهنجي تپسيا اڌ تي رهجي ويئي آواز مونکي انتهائي ويجهو ٿيندو ويو پر گلابي بدن جو ڇهاءُ منهنجي ڪوشش باوجود مونکي محسوس نه ٿيو مون سوچيو ڪنهن تپسيا جي ڪري ڪو معجزو ٿي رهيو آهي پر اهو سڀ منهنجو وھم ۽ گمان هو پپر جا پن هوا جي تيز جهونڪي تي رقص ۾ مَهو هئا ۽ آواز هو سو منهنجي ڪنن جي ويجهو ٿيندو ويو.
مون هن کان پڇيو امرتا تون ڪٿي آهين سالن جي وڇوڙي کان پوءِ نيٺ مون توکي ڳولي لڌو آهي پر تون هن وقت به مونکان لڪي رهي آهين ڇا منهنجي ملڻ جي خوشي تنهنجي حواسن تي حاوي ته نه ٿي ويئي آهي.
منهنجي هنج ۾ ڪريل پپر جي پن ڄڻ ڳالهائڻ شروع ڪيو هو، هوبهو امرتا جو آواز هو هن چيو تون اڃان ڳولا جي رڻ ۾ ڀٽڪين پيو توکي خبر ناهي عشق ماڻهوءَ کي ٻهروپ مان ڪڍي ايندو آهي، “جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي” واري ڪيفيت انسان جي اندر کي اجارڻ جو ڪم ڪندي آهي عشق جي به منزل هوندي آهي جنھن جو ڏاڪو چڙهندي انسان جز مان ڪل ڏانهن سفر ڪندو انفراديت مان نڪري اجتماعيت جي لاءِ سوچڻ شروع ڪندو آهي. مون سمجهيو هو ته منهنجو عشق توکي ريٽي لال ڪندو تون منهنجي وڇوڙي جي درد کي اجتماعي طاقت ۾ تبديل ڪندي، تون “ڳوليان ڳوليان م لهان شال م ملان هوت” واري ڪيفيت ۾ پهتو هوندين پر ڀڪشو جي روپ ۾ تياڳ ڪندي توکي ڏسي مون کي بيحد ڏک ٿيو آهي.
ڇا توکي خبر ناهي ته تنهنجي ڌرتي تنهنجي پيرن هيٺان نڪري پئي ائين جيئن فلسطينين جي پير هيٺان زمين نڪتي هئي تنھنجي وطن جون وستيون بلڊوزر جي پيرن هيٺان لتاڙجڻ شروع ٿيو آهن ترقي جي نالي تي تنهنجو ملير تنهنجو نه رهيو آهي هاڻي ڪوهسار، ٿاڻي بولا خان، لوڻي ڪوٽ ۽ ڪوهستان جا جبل به تنهنجا نه رهندا تو ڪڏهن سوچيو آهي ته تنهنجي وطن جي مٽيءَ جي ذري ذري تي تنهنجي ۽ تنهنجي ايندڙ نسلن جو حق آهي ڪالهه جيئن توکان مورڙي جي ڪلاچي ڦرجي وئي سڀاڻي تيئن ئي توکان سامونڊي پٽي کسجي ويندي اها سامونڊي پٽي رڳو سمنڊ جي پاڻيءَ جون تيز ڇوليون ۽ ٿڌيون هوائون ناهن پر لطيف جو سر سامونڊي ۽ وڻجارن جي ونين جي وڇوڙي جي درد جو به داستان آهن .
اي ڀڪشو!
مونکي اهڙو عاشق نه گهرجي جيڪو ڀڪشو بڻجي بن بن رلندو وتي جيڪو تپسيا جي ڍونگ ۾ پپر جي گهاٽي وڻ جي ڇانو ۾ اکيون پوري وطن ۽ ان جي لاچار ماڻهن جي دردن کان بي خبر هجي.
مونکي ته فيضو گبول جهڙو جوان مڙس عاشق گهرجي جنھن جي چهري جي هشمت ۽ لفظن جي طاقت عشق تي فخر ڪرڻ جي سند ڏيئي.
منهنجي جهول ۾ پيل پپر جو پن هوا جي تيز جهونڪي سان آسمان ڏانهن اڏامي ويو.
پپر جي پن سان امرتا جو آواز به گم ٿي ويو مان تپسيا اڌ تي ڇڏي سنڌ پهتو آهيان. مون اچڻ سان فيضو گبول جي پڇا ڪئي هڪ نوجوان مونکي ڪراچيءَ جي بحريه ٽائون جي وڏن بنگلن، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ فليٽن جي حفاظت لاءِ جوڙيل اونچي ڀت جي ڀرسان ان واريءَ جي دڙي تي وٺي ويو جتي فيضو گبول ابدي آرامي هو.
مون کي ان نوجوان ٻڌايو ته هي اهو فيضو گبول آهي جنهن جي اڳيان بحريه فائونديشن جي مالڪ ملڪ رياض خالي چيڪ رکي چيو هو فيضو جيڪا رقم لکڻي اٿئي هن چيڪ تي لک ۽ پنهنجي زمين منهنجي حوالي ڪر، اوهان کي خبر آهي فيضو ڇا جواب ڏنو ماڻهن جي هجوم ڪافي وقت جي خاموشيءَ کان پوءِ گڏيل آواز سان پڇيو ڇا جواب ڏنو.
فيضو گبول چيو “ڌرتي منهنجي ماءُ آهي، غيرتمند پٽ ماءُ جو وڪرو نه ڪندا آهن.” هن ملڪ رياض کي چيو ڇا تون پنهنجي ماءُ جو وڪرو ڪندين؟!
منھنجا دلبرو اسان جي ڌرتيءَ ماءُ تي واڪ لڳو آهي اوهان هن ڌرتيءَ جا غيرت مند پٽ آهيو هي ڌرتيءَ اسان جي ايندڙ نسلن جي اسان وٽ امانت آهي آئون توهان کي فيضو گبول جي روپ ۾ ڏسڻ گهران ٿو. اهڙو فيضو جنھن لالچ کي بوٽ جي نوڪ سان ٿڏي ڇڏيو جيڪو مرڻو مري مري ويو پر پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ کي ايندڙ نسلن لاءِ بچائي ويو.
هوا جو تيز جهونڪو آيو پپر جو پن اڏامي اچي هن جي ڪلهي تي ڪريو ماڻھن جي خاموش هجوم مان امرتا جو آواز آيو “ڪڏهن به ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ سان بي وفائي نه ڪريو.ڌرتي پنهنجي ماءُ آهي، ماءُ کي ڪڏهن به وڪرو نه ڪريو.

حيدر ملاح

ٻري جن ٻاري


اڃان ٻه ڏينهن پهرين جي ڳالهه آهي ته اسان ڪجهه دوست سن ڀرسان ڳوٺ ڪلري ۾ ويا هئاسين، ڪلري ڳوٺ ۾ اڪثريت گائينچا برداري جي آهي هي مال متاءَ وارا ماڻهو آهن پنهنجي کير مکڻ ۽ لسي وارا همراه هر ماڻهوءَ جي پنهنجي اوطاق، جتي ڪُنڍيون مينھيون، ڳاڙهي رنگ جون ڳئون، ڪاموريون ٻڪريون، وڏيون اوطاقون، ٻه ماڙ گهر خوبصورت لانڍيون آهن. اڳ هنن وٽ چڙهي لاءِ ڀلا گهوڙا هوندا هئا پر هاڻي گهوڙن جو زمانو ويو،” مڙسن پنڌ ڇڏيا زالن جنڊ ڇڏيا” وارو زمانو اچي ويو آهي سو هر گهر ۾ جيترا مرد اوتريون موٽر سائيڪلون هڪ اڌ چڙهي لاءِ ڪار به رکڻ وارو دور اچي ويو آهي.
گائينچا ذات بابت هڪڙو خيال آهي ته گائينچا معني ڳئن چارڻ وارا سو هي ڳئن چارڻ وارا گائينچا ڪي رات وچ ۾ خوشحال نه ٿيا آهن نه ئي ڪي هنن جون دبئي يا لنڊن ۾ ملڪيتون آهن پر هنن جي خوشحاليءَ پويان پوري هڪ نسل جو سياسي پورهيو شامل آهي جن هنن ڳئن چارڻ وارن ماڻھن کي گهڻ طرفي مقابلي ڪرڻ جي ڄاڻ ڏني.
ڪلري ڳوٺ جي سياسي تاريخ ۽ اٿل پٿل ۾ ٽن ماڻھن جو اهم ڪردار رهيو بنيادي ڪردار هڪ پرائمري استاد جو رهيو جنهن جو نالو عنايت الله گائنچو هو هن پنهنجو تخلص ڌمچر رکيو هو. پاڻ شاعر به هو ائين ان پرائمري استاد عنايت الله ڌمچر اهڙو کڻي ڳوٺ ۾ ڌمچر مچايو جو ڪلري ڳوٺ مٿان راڄ ڪندڙ ڀوتارن جو سياسي سج ئي لهي ويو.
عنايت الله ڌمچر جڏهن اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائڻ جي لاءِ ڪوششون ورتيون ته مقامي زميندار جنهن جو تعلق سن جي سيد راڄ سان هو تنهن لٺ کڻي اچي اسڪول ۾ داخل هارين جي سڀني ٻارن کي اهيو چئي ڊوڙايو ته جي اوهان اسڪول ۾ پڙهندا ته منهنجي زمين جو ڪم ڪير ڪندو. ڀوتار جي لٺ هڻي اسڪول جا در بند ڪرائي ڇڏيا پر ڌمچر ڪٿي ٿو مڙئي هن هڪ اُٺ ۽ گاڏو هٿ ڪيو ۽ صبح جو اٺ گاڏي تي پاڻيءَ جو مٽ رکي انھن زمينن ڏانهن روانو ٿيندو هو جتي هارين جا معصوم ٻار پنهنجي مائرن سان گڏ پورهيو ڪرڻ ويندا هئا. استاد عنايت الله ٻارن کي اٺ گاڏي تي گھمائڻ بهاني انهن کي پڙهائڻ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ائين پڙهائي جو ڪم اسڪول مان نڪري اٺ گاڏي تي پهچي ويو، ان علمي جوت سان هن ڳوٺ ۾ انقلاب جي شروعات ڪئي ته هن سان ڪامريڊ باقر سنائي ۽ ڪامريڊ عبدالله گائنچو به اچي گڏ ٿيا.
اهو ڀٽي مرحوم جو پهريون دور هو ۽ زرعي سڌارن جي شروعات ٿي چڪي هئي ان ڪري وڏيون زمينداريون ختم ڪري هارين ۾ سرڪاري زمينون ورهائڻ جو ڪم شروع ٿيو ته هي ٽئي ڪامريڊ روز هارين کي سن جي ان اسٽيشن تان بنا ڀاڙي پيسينجر گاڏي ۾ وٺي دادو جي ڊي سي آفيس وٺي وڃڻ لڳا جنهن اسٽيشن تي ورهاڱي کان اڳ سائين جي ايم سيد جي استقبال ۾ عدم تشدد جي پيروڪار گانڌي اچي “انگريزو هندستان خالي ڪريو” تحريڪ بابت ڀاشڻ ڏنو هو.
ائين شام جو جڏهن ڪلري ڳوٺ جا هاري دادو کان واپس ايندا هئا ته زمين جي ڏهه سالن جي مالڪيءَ جا ڪاغذ جنهن کي “ڏھ سالو” چيو ويندو هو هڙ ۾ ٻڌي ايندا هئا زميندار جي زمين جيڪا گهڻي ڀاڱي سرڪاري زمين تي قبضي جي زمين هئي سا سسڻ شروع ٿي ۽ هارين بغاوت ڪري سرڪاري ڪاغذ ڏيکاري زمين پوکڻ جي ڪوشش ڪئي ته زميندار پوليس جي مدد سان ڪلري جي گائنچن تي ڳئون چوري ڪرڻ يا زوريءَ کري مان ان کڻي وڃڻ جا ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪرائڻ شروع ڪيون ان وقت ھنن کي سياسي تنظيم جي ضرورت محسوس ٿي ته هي هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿي ويا، ان دور ۾ هاري ڪميٽي تنظيمي ۽ عوامي سگهه ڪري چمبڙ واري پاسي ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي اڳواڻي ۾ هاري عدالتن جو سلسلو شروع ڪيو هو سو تن، سن جي ڀرسان ڳوٺ ڪلري ۾ جو سياست جو لوھ تتل ڏٺو سو نه ڪيون اُم نه تُم جذبن جا مترڪا کڻي ميدان ۾ ڪاهي پيا.
چوڻ وارا چون ٿا ته ڪامريڊ عزيز سلام بخاري به هن ڳوٺ ۾ هارين جي تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ روپوشي جي هوندي ڪجهه عرصو اچي ترسيو هو پر عنايت الله ڌمچر، ڪامريڊ باقر سنائي، ڪامريڊ عبداللہ گائنچو ۽ قادر بخش طالباڻي (پ ٽ الف سنڌ جو اڳوڻو صدر ) هن تحريڪ جا روح روان رهيا.
هنن هارين جي هن تحريڪ کي مختلف رخن ۾ منظم ڪرڻ شروع ڪيو هنن پهريون ڪم، شخصيت پرستي، عقيدي پرستي ۽ توهم پرستيءَ جي خلاف ڪيو ان لاءِ هنن ننڍڙا ننڍڙا اصول لاڳو ڪيا مسئلن ڪوبه ماڻهو زميندار جي اڳيان پٽ تي نه ويهندو جي زميندار ڪرسي تي ويهندو ته هاري به ڪرسي يا کٽ تي ويهندو، ڪو به ماڻهو ڪنهن کي پيري پئي هٿ نه ڏيندو انسان سڀ برابر آهن ان ڪري سڀني جي عزت برابري جي بنياد تي ڪبي. هنن چوڻ شروع ڪيو ته هر ماڻهو پاڻ رئيس آهي ان ڪري ان کي سيس” نوڪر” ٿيڻ جي ضرورت ناهي، مخالفت ۾ زميندار جي ڪمدارن ۽ رعايت يافته حمايتين چوڻ شروع ڪيو ته جي سڀ رئيس ٿيندا ته گهوڙو ڪير ٻڌندو.
عنايت الله ڌمچر جواب ۾ چيو ته جنهن جو گهوڙو آهي سوئي گهوڙو ٻڌندو گهوڙي لاءِ هاڻي سيس نه ٿينداسين. ٻيو هنن ڏٺو ته هارين کي ڪنهن هڪ اوطاق تي خفيه گڏجاڻي ڪرڻ سان زميندار انهن مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرائي جيلن ۾ وجهي ٿو ته هن ڪلري ڳوٺ جي اولهه ۾ ريل جي مٿان هڪ گائنچي جي گمنام قبر تي رات وچ ۾ پڙ وجهي ان جو نالو” ڀنڀڻ پير” رکي اعلان ڪيائون ته هر چوڏهين جي چنڊ جي چانڊوڪي ۾ ڀنڀڻ پير تي چوڏهين لڳندي، ٻهراڙي جي ماڻهن وٽ نه ان دور ۾ ٽي وي نه ئي سوشل ميڊيا جي عياشي هئي سو نئين تفريح سمجهي هر مهيني جي چوڏهين جي چنڊ جي چانڊوڪي ۾ گڏجڻ شروع ٿيا. نئين پير جي نزول تي زميندار کي به ان ڪري اعتراض نه هو ته هن کي اطمينان هو ته هن جا هاري پير پرستي جي ور چڙهي رهيا هئا پر هتي قصو ابتو هو ڀنڀڻ پير جو ڪردار وڃي هنن بلاولي تحريڪ سان ملايو ۽ شاھ حيدر سنائي، مخدوم بلاول جي انقلابي ساٿين ۾ ڀنڀڻ پير کي شامل ڪري هنن ڳوٺ جي هارين کي سمجهائڻ شروع ڪيو ته اسان جا وڏا به مهندي شاھ جونپوري جي خلاف اڳين صفين ۾ پير پرستيءَ جي خلاف وڙهيا هئا اسان نسلن باغي آهيون.
هر مهيني جي چوڏهين رات جي چانڊوڪي ۾ هنن جو ڪم ڀنڀڻ پير تي ماڻهو گڏ ڪري پنهنجي تحريڪ بابت ماڻهن کي ڄاڻ ڏيئي ۽ منظم ڪرڻو هو. ائين ڀنڀڻ پير تي شعور جا ڀنڀٽ ٻرڻ شروع ٿيا.
عام ماڻهن جي دلچسپين لاءِ پهرين چرچن جي چٽڻي ٿيندي هئي مڙس کليو کليو کيرا ٿيو پون مٿان وري راڳ جي محفل ۾ مقامي فنڪار اچيو وڏيرن جي خلاف شاعري ڳائڻ شروع ڪن ته ڳوٺاڻا ذهني طور چارج ٿي تازا، نوبنا ٿيو وڃيو سياسي ڪم کي جنبن ائين قانوني پاسي تي وري مختلف وڪيلن سان سياسي ۽ذاتي لاڳاپا رکي قانوني مدد جو ڪم شروع ڪيائون . گهڻو وقت نه گذريو زميندار جي ستر سيڪڙو زمين ڪلري ڳوٺ جي انهن هارين کي ملي ويئي جيڪي هاري ٻارين ٻچي زميندار جي خدمت ۾ ڪمائي ڪمائي ساڻا ٿي ويا هئا ڇيڙون ۽ ونگارون هنن جي نسلن جي ڄڻ نصيب ۾ هنيون جن مان هنن سياسي جدوجهد ذريعي مستقل آزادي ماڻي ورتي هئي.
ڪلري جو اهو ڳوٺ جنھن کي ڪنھن دور ۾” غلامن جي بستي” سان تشبيھ ڏني ويندي هئي جنهن بستي جي هر رهائشيءَ جي تن ۽ من تي پنهنجو نه پر زميندار ۽ ان جي ڪمدارن جو قبضو هو سا بستي نه صرف غلامي جي ذلتن مان نڪتي پر آزادي ۽ خوشحالي جي نئين سفر ڏانهن سفر ڪرڻ لڳي هئي.
اسان انڊس هاءِ وي تان جيئن ئي ڪلري ڳوٺ ڏانهن مڙيا سين ته سامهون ئي مينهن جو وڏو ڌڻ پئي آيو ڌراڙ لٺ ڪلهي تي رکيو اڳيان اڳيان بي پرواه بادشاهن جيان ٽلندو پئي ويو هن جي ڪلهي ۾ پيل پاڻيءَ جي کَلي اڃان سڪي نه هئي، مون سڪون جو ساه کنيو ڪافي سالن کان پوءِ مون سنڌ ۾ في فڪري سان هلندڙ ماڻهو ڏٺو هو ائين لڳي رهيو هو ته “هن جو لک پيتي ۾ پيل آهي ۽ باقي سڀ اوڌر اٿس.”
اسان ٿورو ئي اڳتي وڌياسين ته ٻن ڪرڙوڍ ماڻهن کي ڳاڙهي انگوڇي جي ڳوڏين ۾ لنڪ روڊ جي ڪناري تي قائم قديم اوطاق جي اڱڻ تي هڪ ٻئي مٿان پاڻي جا لوٽا هاريندي ڏٺو، ماڻهو اڄ به ٻهراڙي ۾ جتي مهينا مهينا بجلي ناهي گرميءَ سان ائين گڏجي مقابلو ڪن ٿا.
اسان حاجي خان گائنچي جي اوطاق جي پڇا ڪندي جڏهن ان جي اوطاق تي اچي ڪار کي بريڪ ڏنو ته اها ڪچڙي منجهند جي گهڙي هئي.
اوطاق ۾ اندر داخل ٿي اسان زور سان سلام واريو ته کٽن تي ستل چار همراه نه ڪڇن نه پڇن، هوادار اوطاق جي کٽن تي ستل همراهن کي ڪل ئي نه پئي ته ڪي مهمان سلام واري هنن جي ننڊ مان اٿڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن گهاٽي لسي لاءِ چون ٿا ته هن ۾ مڌ جهڙا ئي نشا ٿين ٿا ڇاڪاڻ اها لسي منڌيءَ سان ولوڙجي جڏهن ڌونئري مان لسي جي شڪل ۾ اچي ٿي ته نه صرف لڱن کي ٿڌو ڪري ٿي، پر خمارن ۾ کڻيو وڃيو گهري ننڊ جي آغوش ۾ ڇڏي ٿي.
نيٺ اسان جي وڏن آوازن تي همراه جاڳي پيا ۽ اسان کي پري کان سلام ڪري وڃي اوطاق جي ورانڊي جي کٽن تي ٻيهر ڊٺا.
اسان کٽن تي بسترن تي ٽيڪ ڏيئي بالم ٿي اڃان ويٺا سين مس ته اوطاق ڌڻي اچي پهتو، چند ئي گهڙين ۾ ئي ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ جي برانڊ جون منرل واٽر جون بوتلون به اچي ويون ته ڪول ڊرنڪ به اچي ويئي.
مون اوطاق ڌڻي ڏي ڏسندي چيو آئون ته ان مٽ مان پاڻي پيئندس جنھن مٽ تي تو سوتليءَ جي ٻوري ان نيت سان ٻڌي آهي ته هي مٽ يک ٿڌو پاڻي ڏيندو پر اوطاق ڌڻي جو اسرار هو ته اسان کي منرل واٽر ئي پيئڻ گهرجي.
ڪول ڊرنڪ کڄي آئي ته مون ڀوڳ مان چيو لڳي ته ڪلري جي گائنچن به هاڻي پنهنجو سڀ کير هوٽلن تي کپائڻ شروع ڪيو آهي کير جي گهر ۾ اها لپ به نٿا ڇڏين جو ڪا مهمان کي لسي پياري سگهن.
منهنجي ڳالهه ميزبان کي ڄڻ طعني ۽ تير جيان لڳي هن ڇوڪري کي ھڪل ڪري چيو ته وارو ڪر گهران لسي کڻي اچ پر هن گڏوگڏ اها به تلقين ڪئي ته انڊس هاءِ وي روڊ خوني روڊ آهي ان ڪري ڪار جي ڊرائيونگ ڪندڙ قطعي لسي نه پئي متان سڀ روڊ تي پيالو نه ڪري وڃو.مون ڏٺو ته اڃان ڳوٺ مان ٻُڍي گائنچي جي مزاح واري پر نه مئي آهي.
لسي پئي واندا ٿياسين ته تر جي پر ٿي ادا خبرون وٺ، جي ادا، اسان مان هڪ همراه خبرون ڏيڻ شروع ڪيون، خبرون خير جون سانگهڙ جا مري اسان جا دوست آهن انهن کي ڪنهن ٻٽي تازي نسل جي ڪتي جي ضرورت آهي سو اوهان ڏي ڏس پيو ته اوهان وٽ ٻٽي تازي نسل جي ڪُتي وئائي آهي سو هڪ گلر جي اميد کڻي سنگت سان اچي حاضر ٿيا آهيون ٻيو مڙئي خير.
ڀائو گهرجي به خير ڀلي ڀلي ڪري آيا اسان پنهنجي ڪکن ۾ ٻچن سان خوش اوهان کي رب آندو ملياسين ٻيو مڙئي خير ، واقعي ٻٽي تازي نسل جي ڪتي وئائي هئي، گلر به واه جا ڪيا اٿس رڳو تر نه پر پار به ڳالهه پهتي ايتري تائين جو واره جي پاسي کان به اسان جا چانڊيا ۽ گائينچا دوست اچي پهتا هئا اوهان کي ته خبر آهي ته هاڻي ڪتا پيسن تي وڪرو ٿين ٿا ڇهن مهينن جي عمر جو گلر به لک روپئي ۾ وڪرو ٿيئي ٿو جي ڀلو نسل هجي ته پنج لک رپين تائين ملهه ڪري ٿو. ڪتن جو شوق وڌي ويو آهي هاڻي ته هي شوق وڏن ماڻھن جو ئي آهي اڳوڻو سنڌ جو وزير اعلي ته وڏي گاڏي کنيو ان ڪم سان پيو گهمي، پير، سيد نواب ان شوق ۾ ڪاهي پيا آهن سو ادا اوهان کي جواب ناهي چار موچارا چهرا پنڌ ڪري آيا آهيو سو حاضر جواب ناهي جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان.
پر مونکي به جاگيري ڪڪڙ کپي سنگت جو وڏو بار آهي اهو اوهان کي ھٿ ڪري ڏيڻو آهي، منهنجي سنگت ۾ موجوده همراه ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيو ميانوالي ڪڪڙ مون وٽ بيٺو آهي ٻه ميل چڙهيل آهي کپي ته اڄ ئي اسان سان گڏ هلي کڻي اچ، جاگيري ڪڪڙ جي گهر ڪندڙ همراه ڪجهه دير سوچ ۾ هليو ويو مونکي ائين لڳو ته ميانوالي ڪڪڙ جي نسل واري ڳالهه هن جي دل تي ڌڪ ٿي لڳي آهي پر جلدي سوچ مان ٻاهر نڪري هن چيو ته نه ڀائو” ميانوالي وزير اعظم ڀلو نه ٿيو ته ڪڪڙ ڪهڙو ڀلو هوندو.”
مون خفتين جي ڪچهري مان مزو وٺندي پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪئي، ڀائو ڀلا ڳوٺ جي تعليم جي خبر، ننڍي قد واري امين لاکي ڳوٺ جي ٺهيل سهڻي سنڌي ٽوپي مٿي تي پاتل همراه چيو تعليم جو اڳئي ٻيڙو غرق هو ويتر ڪورونا وائرس هڻي تعليم جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن.
مون پڇيو ڀلا ڇا ڀنڀڻ پير جي هاڻي چوڏهين لڳي يا نه.
همراهن منهنجي چهري ۾ چتائي ڏٺو ائين لڳو ڄڻ مونکي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. هنن هيڻي لهجي ۾ ها ڪئي ته مون پڇيو ڀلا ڪامريڊ باقر سنائي کي ڪو پٽ جو اولاد هنن ڄڻ ڇرڪ ڀريو هنن هڪ ٻئي جي چهري ۾ ڏٺو هڪ جهوني مڙس اٻاڻڪي لهجي ۾ چيو نه باقر سنائي کي پٽ جو اولاد ٿيو نه ئي عنايت الله ڌمچر کي نه ڪامريڊ عبدالله کي سڀ نپٽا مري ويا انهن جو ڪو نسل وڌي نه سگهيو.
حاجي خان منهنجي چهري ۾ جوه وجهي ويٺو هو سو نيٺ ڀڻڪيو اوهان حيدر ملاح آهيو. مون چيو ها اوهان ڇا مونکي سڃاڻو چيائين ها اوهان قربان ملنگ جي اوطاق تي گهڻا سال اڳ ليڪچر ڪرڻ ايندا هئا.
مونکي ياد آيو ته ڪلري ۾ هر هفتي اسان قربان ملنگ جي اوطاق تي گائنچن جي نوجوانن سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئاسين قربان ملنگ گائنچو هر هفتي وشال دسترخوان وڇائي اسان جي اوسيئڙي ۾ هوندو هو.
انهن ڏينهن ۾ ڪلري جا گائينچا لاهور جي سبزي منڊي ۾ بصر کپائي پيسن جون ٻوريون ڀري کڻي اچي ڳوٺ ۾ وڏا گهر ٺهرائڻ لڳا هئا. جنھن ڪلري جي ڳوٺ ۾ انقلاب جا پمفليٽ لکبا هئا اتي هاڻي بصر جي وڪري جون رسيدون لکيون وينديون هنيون.
هاڻي ڳوٺ وڌيڪ تبديل ٿي ويو آهي هاڻي عنايت الله ڌمچر جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي لاءِ معياري ٺرو به ملي ٿو ته خفت جا ڪڪڙ به ملن ٿا، سوئر جي شڪار جا ٻٽي تازي نسل جا ڪتا به ملن ٿا ته گهڻي وقت تائين ٻولي ٻوليندڙ مقابلي جا تتر به ملن ٿا. پر نٿو ملي ته عنايت الله ڌمچر، باقر سنائي ۽ ڪامريڊ عبدالله جهڙو ڪردار نٿو ملي.
گائنچن جو خوشحال نئون نسل نه اٺ گاڏي واري اسڪول کان واقف آهي نه ڏھ سالي زمين جي ڪاغذ حاصل ڪرڻ واري ڪٺن تحريڪ کان واقف آهي.
هنن کان ته هي به وسري ويو آهي ته هنن جا وڏا ذلتن سان وڙهي، جيلن جا در ڏسي، ونگارن ۽ ڇيڙن مان ڪڪ ٿي مرڻ ۽ ماراڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا هئا هنن مان ڪوبه اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو انهن انقلابي ڪردارن جي قبرن تي سال ۾ هڪ ڀيرو مڃتا جا ڏيئا ٻارڻ وڃي. جن پنھنجي پاڻ کي ٻاري اجتماعي شعور جي جوت جلائي سي نئين نسل لاءِ گمنام ڪردارن جيان آهن.
اسان جو يار ٻٽي تازي نسل جي گلر کي هنج ۾ کڻي اچي ڪار ۾ ويٺو اسان ساڳيو رستو ڏيئي انڊس هاءِ وي تي چڙهڻ لاءِ وڌياسين ڳوٺ جي هڪ ڇيڙي کان مين روڊ تائين ڪچرن جا ڍير هئا، گٽرن جي نالين جي گندي پاڻيءَ سان ڳوٺ جون گهٽيون ڀريل هنيون، مال جا ڌڻ ڳوٺ ۾ داخل ٿي رهيا هئا ٻٽي تازي نسل جو گلر ڪار جي دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي خاموشي سان ڪلري ڳوٺ کي الوداع ڪري رهيو هو.

سرخ موسم


اُٿي رائو ريل


پري ڇو وڃون رڳو چار ڏهاڪا اڳ عام ماڻهن وٽ سٺي زندگي لاءِ محدود موقعا هوندا هئا. لکن جي تعداد ۾ اهڙا ماڻهو هئا جن ڳوٺ کان ٻاهر زندگيءَ ۾ ورلي ڪو سفر ڪيو هوندو، ماڻهو آسمان ڏانهن اڏامندڙ جهاز کي حيرت مان ڏسي “هو هو هو” جون هوڪرون ڪندا هئا ڪيترائي سادا ماڻهو آسمان ۾ اڏامندڙ هيليڪاپٽر ڏانهن ڪلهي تان پوتڙو لاهي ھوا ۾ لهرائي سلام دعا به ڪري وٺندا هئا. متان نه هيليڪاپٽر وارو مڃي، ته زمين تي به ڪي مڙس آهن جيڪي سلام ڪن پيا سڀاڻي ڪو آسمان مان ھڪل ڪري ميار نه ڏيئي ته ميان سلام دعا کان به وئين.
مونکي ياد آهي ته اسان جي پاڙي ۾ هڪ همراه ريڊيو وٺي آيو انهن ڏينهن ۾ رينا ڪمپني جا ريڊيا مشهور هئا ريڊيو ڇا هو جهڙي لوه جي وڏي ٽڻڪ، همراه اچي وچ کٽ تي ريڊيو رکيو، چوڌاري ماين ۽ ٻارن جا هجوم.
انهن ڏينھن ۾ اڃان ريڊيو جي فريڪوئنسي ايڏي تيز نه هئي ان ڪري ريڊيو ۾ ڪلام ڳائيندڙ استاد محمد جمن جو آواز ڪڏهن گهٽ ڪڏهن وڌ ٿي رهيو هو،
” بوند بره جي بهار وسي، درد مندي جو ديس وسي پيو”
ڇا ته آواز هو استاد محمد جمن جو پر ريڊيو جو آواز پيو گَهٽجي ۽ وڌي، سو ريڊيو جي مالڪ ھڪل ڪري گهر ۾ گڏ ٿيل پاڙي جي مائين ۽ ٻارن کي چيو ابا پري ٿيو ڳائڻي کي گرمي لڳي آهي سو ونجڻون کڻي اچي ريڊيو کي هوا هڻڻ شروع ڪيائين.
ڳوٺ ۾ هڪ ئي ڊسپينسر هوندو هو پاڙي اوڙي جا مريض ان کي ڏاڪٽر صاحب چوندا هئا، ڏاڪٽر صاحب مٿان انهن ڏينهن ۾ ميلا هئا، ڪنهن جي ڏاٺ پيو ڪڍي ته ڪنهن جي اک ۾ ڊڀ پيو وجهي، ڪنهن کي شيشي جي سئي دڏ ۾ پيو ٽُنبي ته ڪنهن جي پير جي پَٽي پيو ڪري بس مريضن جا انبوه ۽ ڏاڪٽر صاحب جون هڪلون. انهن ڏينهن ۾ اڃان ڊسپينسر عطائي نه ٿيا هئا اهو دور ڊسپينسر جي ڏاڪٽر صاحب هجڻ جو سونهري دور هو.
ان دور کان پوءِ ستت ئي مُنشي ترقي ڪري ماستر ٿيا هئا، اوهان کي خبر آهي الائي نه پراڻي دور ۾ سرڪاري استاد جي آرڊر تي منشي لکيل هوندو هو. منشي محمد موسي ميمڻ، منشي محمد عثمان، منشي غازي خان، منشي ستابو، منشي غلام الرسول پيرزادو پر هئا سڀ سچي پچي جا ماستر جيڪي مستر جيان ٻارن جي ٽڙيل پکڙيل زندگيءَ کي سڌو سنئون ڪري زندگي جي ميدان ۾ لاهيندا هئا انهن ڏينهن ۾ اڃان ماستر مان استاد نه ٿيا هئا ضياءَ جي دور ۾ ماستر استاد ڇا ٿيا، ٽريڪٽر ۽ بس ڊرائيور به استاد ته ماستر به استاد هر طرف استاد ئي استاد. پوءِ انھن علم، سماج، ٻارن ۽ عوام سان به استادي شروع ڪئي.
جڏهن ماستر هئا ته اهي ڳوٺ جا معزز به هئا، ڳوٺ وارن ۾ گهڻا پڙهيا لکيا سمجهيا ويندا هئا انهن ماسترن جو سماجي ڪارج هو. انهن جو ڪردار رڳو اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر تائين محدود نه هو پر هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ سال جي کڻت ۽ اپت جو حساب ماستر جي ايمانداريءَ جي حوالي هو، ميت جو غسل، ڪفن، دفن، جنازي نماز، شادي جي گهور، پئو به ماستر ئي لکندو هو. مسجد جو پيش امام ۽ معالج به ماستر هو اڳتي هلي استادن جڏهن” استادي” شروع ڪئي ته پنهنجو گهڻو تڻو سماجي ڪارج ۽ سماج جو گهربل ڪردار وڃائي ويٺا، فائنل پاس ماستر” فائينل معني علم جو دنگ ٿيو” سي سٺ سال پورا ڪري رٽائرڊ ٿي وڃي پاسائتا ٿيا، ان جي جڳهه تي اچي ويا گريجوئيٽ استاد جن کي فقط هڪ مضمون ۾ مهارت هئي ڪو ميٿس جو ماهر ته ڪو انگريزي جو عالم.
ائين صحت جي شعبي ۾ به مهارت وارا ڊاڪٽر اچي ويا ڪو دل جو، ڪو ڪن، نڪ ۽ گلي جو ته ڪو ڦڦڙن، جيري، گردي ۽ اک جو ڊاڪٽر. هر ڊاڪٽر پنھنجي ڪلينڪ يا آفيس ٻاهران لکرائي ڇڏيو ته آئون آهيان ماهر ڊاڪٽر.
هاڻي زندگي ٽڻڪ واري ريڊيو جهڙي ناهي جو ريڊيو مٿي تي کڻي هلجي ريڊيو سُسي سڪڙجي موبائيل فون ۾ پهتو آهي ۽ فون وري ڪمري جي ٽيبل کان ٽپ هڻي، اچي پاسي واري کيسي ۾ پهتي آهي. مريض هاڻي ڏاڪٽر بدران ڪوشش ڪري ماهر ڊاڪٽر ڏي وڃن ٿا شاگرد ماستر بدران علم جي ڀنڊار استاد ڏانهن پنڌ ڪن ٿا.
ائين زندگيءَ ۾ انيڪ موقعا عام ماڻھن کي فراهم ٿيڻ شروع ٿيا آهن تعليمي ادارن ۾ سوين علم جا شعبا کلي ويا آهن ماڻهو ڳوٺن مان نڪري شهرن ڏانهن سفر ڪن ٿا ڪافي ماڻهو دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن به روزگار ۽ تعليم لاءِ پنڌ ڪن ٿا.هي دور پروفيشنل ازم (مهارت ) جو دور ٿي سامهون آيو آهي،
ائين گهڻن موقعن گڏجي ماڻهن لاءِ گهڻ طرفا مونجهارا به پيدا ڪيا آهن اسان جا ماڻهو اوچتو نازل ٿيل گهڻن موقعن مان وقتائتي هڪ چونڊ ڪرڻ بابت انتهائي منڌل ۽ ڊنل آهن ان ڪري مونجهاري واري حالت ۾ جنهن کي ڊاڪٽر ٿيڻ گهرجي سو انجنيئر ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهي جنھن کي وڪيل ٿيڻ گهرجي سو صحافي ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهي، جنھن کي آرٽسٽ ٿيڻ گهرجي سو وري پائليٽ ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهي.
ائين اسان جي سماج کي غور سان ڏسو ته سڄو سماج اضطراب ۽ مونجهاري جي سمنڊ ۾ گوتا کائيندي ملندو، “واٽون ويهه ٿيون ڪوه ڄاڻان ڪهڙا پرين” واري حالت آهي، ماڻهو کي وڃڻو ڪراچي آهي ۽ هو سکر ويندڙ ڪوچ جي ٽڪيٽ ڪٽائي ويٺو آهي ڊگهو سفر ڪري جڏهن منزل تي پهچڻ جي خوشي ۾ ڪوچ کان لهي ٿو ته ان کي باقي زندگي ناڪامي جي ٽرمينل جي فٽ پيريءَ تي مٿي کي هٿ ڏيئي گزارڻا ٿا پون.
اسان وٽ اڪثر ٿيئي ائين ٿو ته ويهن واٽن هوندي ڪهڙي درست واٽ آهي ان بابت نه سرڪاري سطح تي ڪا رهنمائي ٿيئي ٿي نه ئي اسان جي” انٽيليڪچوئل” ڪلاس وٽ درست واٽ بابت ڪا ڄاڻ ونڊ ڪرڻ جو وقت آهي.
اسان جي خوشقسمتي آهي الائي بدقسمتي اسان مان اڪثريت ماڻهن جي فقط سياسي شعبي بابت لکي ۽ ڳالهائي ٿي ڪنهن حد تائين اها ڳالهه سٺي به آهي ته درست سياست سان سٺا معاشرا جنم وٺندا آهن پر هر روز اوهان جي گهر جي رڌڻي ۾ جي اوهان جي گهر واري رڳو چڻن جي دال پچائيندي ته اوهان نيٺ هڪ ڏينهن بيزار ٿي ان کي اهيو ته ضرور چوندا ڀاڳن ڀري جيل ۾ ته ناهيان، دال کائي کائي هاڻي ته آنڊا سڄي پيا آهن سو هن وقت جڏهن دنيا پروفيشنل ازم جي دور مان گذري رهي آهي ان وقت وڌ کان وڌ ضرورت آهي ته اسان نوجوانن کي سياست سان گڏ مارڪيٽ جي گهرج ۽ کپت بابت به معلومات ڏيون، نوجوانن کي اهيو به ٻڌايون ته ڪهڙا شعبا اوھان کي زندگيءَ جون گهڻيون تڻيون نعمتون مهيا ڪري سگهن ٿا.
اسان وٽ پڙهائي جو طريقڪار ۽ ڪامياب زندگي ڏانهن رويو به روايتي ۽ فيشني آهي. ڪنهن دور ۾ سنڌ ۾ بيل باٽم ڪپڙن پائڻ جو رواج هو، وار پاڪستاني اداڪار وحيد مراد جهڙا ٺهرائبا هئا ۽ گفتگو جو طريقيڪار مصطفي قريشي جي مولا جٽ ڪردار وارو هو، اڳتي هلي سنجي دت جي منا ڀائي ايم بي بي ايس ۽ شاھ رخ خان جي “ييس باس” فلمن جي ڪردارن جهڙا اسٽائل اسان جي سامهون مشهور ٿي آيا.
نوجوان کي ٻڌايو ويو ته انجنيئر ٿيڻ معني پيسن جي ڍيرن تي لانڍي ٺاهي ويهڻ. جنهن کان پڇو ته ڀائو پڙهي ڇا ٿيندي چئي سائين انجنيئر هاڻي پاڪستان ۾ پنج لک کان مٿي انجينئر بيروزگاري جي باھ ۾ سڙن پيا، جيڪي خليج جي ملڪن ڏانهن وڃن ٿا انهن جا اڌ پگهار ته آغامي جي نالي ۾ عرب سڳورا کنيو وڃن گرم موسم ۽ عربن سڳورن جي سخت روين جي ڪري خليج جي ملڪن ڏانهن ويندڙ انجينئرن جو وڏو حصو اتي سماجي گُهٽ محسوس ڪندي جالي ئي نٿو سگهي نيٺ ڍور ڍڳا کپائي خليج جي ملڪن ڏانهن ويندڙ صاحب سال اڌ ۾ اچو ڳوٺ جا وڻ وسائي ائين ٻيو دور شروع ٿيو ته اسان کي هر صورت ۾ ڊاڪٽر ئي ٿيڻو آهي، جيڪي ڊاڪٽر ٿيا انهن مان اڪثريت اوهان کي ميڊيڪل سائنس جي اهم شعبي ۾ ماضي جي ڏاڪٽر واري ڪرت ڪندي ملندا، منهنجي ئي ڳوٺ جي عطائي ڊاڪٽرن جي ماڻهو مار ڪلينڪ جي اندر ايم بي بي ايس پاس ڊاڪٽر صاحب رڳو گول ڦرڻي ڪرسي تي ويهڻ جو پگهار وٺي ٿو، عطائي ڊاڪٽر پاران ان کي مريض ڏسڻ جي اجازت به ناهي بس عطائي ڊاڪٽر کي ڪلينڪ ٻاهران ماهر ڊاڪٽر جي نالي جو بورڊ گهرجي جنھن تي فقط ڊاڪٽر ايم بي بي ايس لکيل هجي جيئن عطائي ڊاڪٽر جي ڪاسائي واري ڪار جاري رهي. هاڻي پاڻ ڏسو اهڙو ايم بي ايس ڊاڪٽر ڪهڙي ڪم جو جيڪو “عطائي ڊاڪٽر” جي پگهار تي جيئندو هجي.
هاڻي نئون دور آهي ماڻھن جا آئيڊيل تبديل ٿين ٿا نوجوان ڪوشش ۾ آهن ته هو ثناء اللہ عباسي، اي ڊي خواجه ۽ سهائي ٽالپر جيان بااثر پوليس آفيسر ٿين ان ڪري اوهان غور سان ڏسو هر ٻيو نوجوان ڪميشن پاس ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، لائبريريون سٿيون پيون آهن سنڌ ۾ لائبريريون جوڙائي ڏيڻ جون تحريڪون شروع ٿي ويون آهن. جيتوڻيڪ اها مثبت پهل آهي پر ان هوندي به ڀلا ڪيترا نوجوان ميرٽ تي ڪميشن پاس آفيسر ٿي سگهن ٿا. پاڻ ڄاڻون ٿا ته ملڪ جو سياسي سسٽم انتهائي ڪرپٽ آهي پبلڪ سروس ڪميشن تي سائينداد جهڙن چست ۽ مست ماڻهن جو قبضو آهي هاڻي ته هي ڳالهه ڪنھن کان به ڳجهي ناهي ته اسان وٽ جيڪي به ڪميشن پاس ڪن ٿا تن ۾ پنجهتر سيڪڙو سرڪاري ڌر سان لاڳاپيل ايم پي اي ۽ اين اي جو حصو آهي پندرنهن سيڪڙو ڪميشن جي چيئرمين ۽ ان جي ٽيم جو آهي باقي مشڪل سان ڪا ڏهه سيڪڙو ميرٽ ٿيئي ٿي.
ايم پي اي، ايم اين اي جي ڪوٽا تي حڪومتن جي حساب سان اوهان کي اڪثر ڪو ليگلو ۽ ڪو پيپلو ڪميشن پاس ڪندي ملندي، ڪميشن جي چيئرمين ۽ ان جي بورڊ جا ذهين ۽ فطين ٻار ته هر ڪميشن ۾ اوهان کي پاس ئي پاس ملندا ائين ڏوڪڙن جو ڪاروبار ۽ سفارشن جي ڀرمار مان جيڪي ٻه چار سيٽون بچيون سي ميرٽ تي ڏيئي خود ڪميشن جو امتحان وٺندڙ چيئرمين ۽ ٻيا ان جا ٽيم ميمبر صحافين کي مينيج ڪري ان ميرٽ پاس نوجوان بابت ٽي وي چينلن تي اسٽوري هلائڻ جو ڪم انتهائي سليقي سان ڪري اسان کي ٻڌائيندا ته ڏسو هو ڪولهي هاري جو ٻڪريون چاريندڙ ٻار لوڙهي جي گهر مان نڪري ڪميشن پاس ڪري آفيسر ٿيو آهي يا پرائمري ماستر جي ڌيءَ گهر ۾ ڪپڙا سبي نورنچوئي نيٺ اسٽنٽ ڪمشنر ٿي ويئي آهي.اها ڪهاڻي هر سال سو ڪميشن پاس ماڻهن مان فقط هڪ جي هوندي آهي،نوانوي ماڻهو ڪير آھن پاڻ کي اتو نه پتو پوڻ ڏيندا آهن ۽ پوءِ اسان مان وڏي اڪثريت تاڙيون وڄائي واهه واهه ڪندي ته ڏسو ته اسان جي بيوروڪريسي ڪيڏي ايماندار ٿي ويئي آهي مڪمل ميرٽ تي ڪم پئي ڪري.
هي حڪمرانن جا ٽڪساٽ آهن، هي رياست جي ادارن جي طعه ٿيل پاليسي آهي ته ماڻهن کي ميڊيا جي طوفان سان موڳو ڪريو انھن کي اهڙي رڃ ۾ گهلي وڃو جيڪا رڃ بظاهر پاڻي محسوس ٿئي ۽ اڃارو ان رڃ مان پاڻيءَ جا ٻڪ ڀري پيئڻ جي لاءِ ڊوڙون پائيندو نيٺ ٿڪجي ٽٽجي اچي پٽ تي نستو ٿي ڦهڪو ڪري.
ان ڪري سنڌ جي ڏاهپ کي سنڌ جي نوجوان جي رھنمائي ڪرڻ گهرجي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ سنديپ مهيشوري جهڙا هزارين ماڻهو آهن جيڪي نوجوانن جي ڪيئرنگ ڪائونسلنگ ڪن ٿا انهن کي نفسياتي حيجانن، پيار، محبت، سيڪس، واپار، سياست، ناڪامي، ڪاميابي، نوڪري، هنر ۽ فن بابت ڄاڻ ڏين ٿا، هاڻي ته اتي سوين ادارا جڙي ويا آهن جيڪي نوجوانن جي صلاحيتن جي پرک ڪري انهن کي مستقبل بابت آگاهي ڏين ٿا انهن جي مستقبل ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ جي لاءِ شعبي جي چونڊ بابت رهنمائي ڪن ٿا ائين هاڻي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اوھان کي پاڙيسري ملڪ جا ماڻهو هر شعبي ۾ ملندا.
اسان جا ساڃاهه وند اڃان غزل جي وزن، فاعلن ۽ مفاعلن تي بحث جاري رکيو اچن اسان وٽ نه ڏاهپ سان سرشار سڃاڻ فرد نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪرڻ جي ڪم کي اهميت ڏين ٿا نه ئي وري ڪي ادارا آهن جيڪي نوجوانن کي ويهن واٽن مان ڪا هڪ درست واٽ ڏسي وٺن.
اسان جي نوجوان کي بي پناه موقعن جي هن دنيا ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو آهي کيس پٺي تي ٺپڪي هڻي هرڪو ائين چئي
ٿو
” اٿي رائو ريل ويٺين تان واري وري.”
ائين مقابلي بازيءَ جي سحرا جو نه کٽندڙ پنڌ، غير يقيني جي تتل سج جي اس ۽ حاصلات نه هجڻ جي اڃ ڄڻ سنڌ جي نوجوانن جو مقدر بڻجي وئي آهي. جهان جھاڳي جھاڳي جڏهن سنڌ جو نوجوان چانديءَ جيان اڇا وار ڪري ٿڪجي پئي ٿو ته سنڌي سماج کي موٽ ۾ مايوسي ۽ نراسيت جا گس ڏَسي ٿو سنڌ جو نوجوان هن وقت اڪيلائي جي درد کي ڀوڳي رهيو آهي ڪو سرڪاري ادارو هن وقت نوجوانن جي رهنمائي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بدقسمتيءَ سان ڏاهپ جا ڌڻي به ان پاسي پھل ڪرڻ جي لاءِ اڃان سنجيده ناهن.

حيدر ملاح

ڪتن جو آشرم

ماڻهن سان چڱايون ڪري ڪري ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هاڻي زندگي جو باقي حصو ڪتن سان چڱائي ڪريان، اڪثر جنھن به ماڻهو کي مون يا منهنجي گهر جي ڀاتين ماني کارائي ته اهي ماڻهو وڙهي نه سگهيا ته لڪي سڪي گاريون ته جام ڏيندا رهيا.

ماڻهن جي اهڙن روين جو خبرون اچي ڏکاري لهجي ۾ امان سان ڪندو هئس ته امان مرحومہ چوندي هئي ابا پنهنجي لوڻ جو ڏوهه آهي ماڻهن کي ڏوهه نه ڏي. سو هاڻي ذهن ۾ رٿا رٿي اٿم ته ڪتن جو آشرم کوليان. مونکي رڳو اوهان کان اها صلاح وٺڻي هئي ته آشرم ۾ پناه وٺندڙ ڪتا ماني کائڻ کانپوءِ مونتي ڀوڪندا ته نه؟!

حيدر ملاح

Design a site like this with WordPress.com
Get started