عسڪري پارڪ جي واڪ ٽريڪ تي لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جي تيز وکن کڻڻ کانپوءِ صفا ٿڪجي پيو هئس.
سج به قاسم آباد جي ڀرسان سنڌو درياهه جي پيٽ جي ڪناري تي بلڊر مافيا جي قبضي ڪيل وڏن پلازائن جي اونچن ڇتين پويان اوچتو ڪري پيو هو.
آئون عسڪري پارڪ جي ڇٻر تي ويهي کيسي ۾ هٿ هڻان ٿو ته موبائيل گم آهي ائين جيئن هن پوڙهي جهور سهڪندڙ عورت جي جواني گم ٿي ويئي آهي پر هو اڃان زندگي جي ٽريڪ تي آهستي آهستي پير رکي پنڌ ڪري رهي آهي.
اڄ پارڪ جي ٽريڪ تي ڏاڍي رش آهي، ڪلها هڻي گذرڻو پوي ٿو.
پوڙها، جوان، عورتون، مرد هينڊ فري ڪنن ۾ هڻي واڪ ٽريڪ تي ائين هلي رهيا آهن ڄڻ کين ڪنھن ٻڌائي ڇڏيو آهي ته زندگيءَ جي ريل ڄاڻ ڇُٽي، ڊوڙي وٺو.
ڪافي ڄاڻ سڃاڻ وارن دوستن سان بس اکين اکين ۾ سلام ٿئي ٿو.
اسان سڀني کي موت جو خوف آهي. ڇاڪاڻ اسان زنده آھيون ۽ زندگيءَ کي سدائين موت سان مقابلو ڪرڻو آهي.
موبائيل شايد تڪڙ ۾ گهر ئي وسري ويئي آهي؟
من ئي من ۾ سوچي آئون ٿڌي سائي ڇٻر تان اٿان ٿو.
اڄ عسڪري پارڪ جي واڪ ٽريڪ جي خاص ڳالهه اها آهي ته واڪ ڪندڙ اڪثر ماڻهن جي منهن تي ماسڪ چڙهيل آهن.
اسان مان ڪوبه ڪرونا وائرس ۾ مرڻ نٿو چاهي پر پوءِ به موت پيڇو ڪڏهن ٿو ڇڏي.
آئون عسڪري پارڪ کان ڀٽائي ننگر تائين پنڌ نڪري پوان ٿو.
رستي تي فروٽ جا ريڙها اڪرندو سوچ ۾ پئجي وڃان ٿو هي سڀ ابي ڏاڏي هاري رهندڙ باگڙي ڀلا فروٽ جا چالاڪ واپاري ڪيئن ٿي ويا.
پٺاڻن جيان بارگننگ جا ڪاريگر باگڙي واپاري هاڻي لوڊر رڪشائن تي فروٽ ۽ ڀاڄيون رکي گهر گهر گهور ڪن ٿا ۽ ڪافي خوشحال ٿي ويا آهن.
گهر پهچي موبائل فون کڻي ڏسان ٿو ته نئين نمبر تان ڪافي ڪالز لڳيون پيون آهن.
هڪ ميسج واٽس اپ تي پيل آهي، ڀاءَ ڪال اٽينڊ ڪريو.
جوگر جي ڪشن کي کولڻ دوران ئي موبائيل جي گهنٽي وڃي ٿي.
هيلو. ڀاءَ مان ڊاڪٽر سليم شيخ ٿو ڳالھايان.
ڪٿي آهيو ڳوٺ يا حيدرآباد.
سائين حيدر آباد آهيان.
ڪچھري ڪرڻ ٿو چاهيان. ڪٿي اچان، ڊاڪٽر سليم شيخ جيئن هميشه هوندو آهي بلڪل ائين ئي بي تڪلف وڏن ٽهڪن سان گفتگو ڪندڙ.
سائين ڀٽائي ننگر اچو، غريباڻو گهر آهي مان انتظار ٿو ڪريان.
ڪجهه ئي منٽن ۾ ڊاڪٽر سليم شيخ گهر جي در جي ڀرسان بيهي ٻيهر ڪال ڪري ٿو.
آئون” حيدري هائوس” جو در کولي ڀاڪر کولي آجيان ڪريان ٿو.
ڳالهين جي ڳنڍ کلي ٿي. ائين جيئن ريشم جا ٿان کلن.
ماضي ڇا آهي؟! ، يادگيرين جو پورو سمنڊ!
جنھن ۾ خاموش لهرون ۽ دل کي ڏڪائي ڇڏيندڙ طوفان.
ڊاڪٽر سليم شيخ اڄڪلھ دبئي ۾ رهي ٿو ان کان اڳ زرخيز ذهنن واري زمين لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو.
هن جو شاگردي جو دور متحرڪ سياسي ڪارڪن وارو اهڙو دور رهيو جنهن تي اڄ به ڊاڪٽر سليم شيخ فخر ڪري ٿو. هن جي هٿ ۽ زبان کان ڪنهن کي به تڪليف نه پهتي. سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي متحرڪ اڳواڻ جي حيثيت ۾ هن ڪوشش ڪئي ته ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جا ڪڏهن به ڪلاس روم بند نه ٿين.
جنھن ڪري ئي بلوچ اڳواڻ ثناءَ بلوچ

کان وٺي لاڙڪاڻي جي مدرسي جي مولوي خالد محمود سومري تائين سڀ هن جا ذاتي دوست رهيا. پر اڄ به هن جو اڳواڻ ڊاڪٽرقادر مگسي آهي جنهن جي عمردراز ۽ ڪاميابيءَ جي لاءِ هر وقت دعاڳو آهي.
ڊگهي ڪچهري ۾ ڪيترائي اهڙا سوال هئا جن جي ڳنڍ کولڻ جي اسان ٻنهي گڏجي ڪوشش ڪئي پر سچ ته اسان سُٽُ سلجهائي نه سگھياسين.
سنڌ سُٽُ جيان ڳنڍين جي ور چڙهي وئي آهي.
ڊاڪٽر سليم شيخ سنڌ جي مستقبل جي لاءِ فڪرمند آهي ان کي پروڙ آهي ته سنڌ ۾ سياسي تحرڪ ڪمزور آهي، ماڻهن جو وڏو حصو سياست کان لاتعلق آهي، هڪ وڏو انگ اهڙن ماڻهن جو آهي جن وٽ موقعي پرستي جو اهڙو وائرس آهي جنهن جو اڃان علاج ڏسڻ ۾ نه پيو اچي.
ان ڪري ئي شايد ڊاڪٽر سليم شيخ ڪافي سالن کان فلاحي ڪمن جي پاسي هليو ويو آهي. جن ڪمن ذريعي هو صحت ۽ تعليم جي محاذ تي خاموشي سان عام ماڻهن جو مددگار ٿئي ٿو.
موڪلائيندي، موڪلائيندي مونکي هڪ اهڙو جملو چئي ويو جنھن تي سچ ته مون دل سان ٽهڪ ڏنا.. جملو ڪهڙو هو؟!…………..
معاف ڪجو اوهان سان هن وقت شيئر نٿو ڪري سگهان. ڇاڪاڻ ڪي ڪي جملا ٽهڪن ۽ هوائن ۾ ئي سٺا لڳندا آهن.
غلامن کي وري اهڙا آزاد جملا زهر جيان لڳندا آهن.
ٽهڪ ته پري مورڳو روئڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن.
سو آئون غلامن جي هن نسل کي روئندو نٿو ڏسڻ چاهيان.
حيدر ملاح
جامي جي گهر جي ڪتابن سان سٿيل ڊرائنگ روم ۾ اسان ٽي دوست، خدابخش درس، محمد علي ابڙو ۽ مان جامي سان ڪچهري لاءِ ويٺا هئاسين .



٢٦ فيبروري ٢٠١٩