واڪ ٽريڪ ۽ غلامن جا ٽهڪ!!

عسڪري پارڪ جي واڪ ٽريڪ تي لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جي تيز وکن کڻڻ کانپوءِ صفا ٿڪجي پيو هئس.
سج به قاسم آباد جي ڀرسان سنڌو درياهه جي پيٽ جي ڪناري تي بلڊر مافيا جي قبضي ڪيل وڏن پلازائن جي اونچن ڇتين پويان اوچتو ڪري پيو هو.
آئون عسڪري پارڪ جي ڇٻر تي ويهي کيسي ۾ هٿ هڻان ٿو ته موبائيل گم آهي ائين جيئن هن پوڙهي جهور سهڪندڙ عورت جي جواني گم ٿي ويئي آهي پر هو اڃان زندگي جي ٽريڪ تي آهستي آهستي پير رکي پنڌ ڪري رهي آهي.
اڄ پارڪ جي ٽريڪ تي ڏاڍي رش آهي، ڪلها هڻي گذرڻو پوي ٿو.
پوڙها، جوان، عورتون، مرد هينڊ فري ڪنن ۾ هڻي واڪ ٽريڪ تي ائين هلي رهيا آهن ڄڻ کين ڪنھن ٻڌائي ڇڏيو آهي ته زندگيءَ جي ريل ڄاڻ ڇُٽي، ڊوڙي وٺو.
ڪافي ڄاڻ سڃاڻ وارن دوستن سان بس اکين اکين ۾ سلام ٿئي ٿو.
اسان سڀني کي موت جو خوف آهي. ڇاڪاڻ اسان زنده آھيون ۽ زندگيءَ کي سدائين موت سان مقابلو ڪرڻو آهي.
موبائيل شايد تڪڙ ۾ گهر ئي وسري ويئي آهي؟
من ئي من ۾ سوچي آئون ٿڌي سائي ڇٻر تان اٿان ٿو.
اڄ عسڪري پارڪ جي واڪ ٽريڪ جي خاص ڳالهه اها آهي ته واڪ ڪندڙ اڪثر ماڻهن جي منهن تي ماسڪ چڙهيل آهن.
اسان مان ڪوبه ڪرونا وائرس ۾ مرڻ نٿو چاهي پر پوءِ به موت پيڇو ڪڏهن ٿو ڇڏي.
آئون عسڪري پارڪ کان ڀٽائي ننگر تائين پنڌ نڪري پوان ٿو.
رستي تي فروٽ جا ريڙها اڪرندو سوچ ۾ پئجي وڃان ٿو هي سڀ ابي ڏاڏي هاري رهندڙ باگڙي ڀلا فروٽ جا چالاڪ واپاري ڪيئن ٿي ويا.
پٺاڻن جيان بارگننگ جا ڪاريگر باگڙي واپاري هاڻي لوڊر رڪشائن تي فروٽ ۽ ڀاڄيون رکي گهر گهر گهور ڪن ٿا ۽ ڪافي خوشحال ٿي ويا آهن.
گهر پهچي موبائل فون کڻي ڏسان ٿو ته نئين نمبر تان ڪافي ڪالز لڳيون پيون آهن.
هڪ ميسج واٽس اپ تي پيل آهي، ڀاءَ ڪال اٽينڊ ڪريو.
جوگر جي ڪشن کي کولڻ دوران ئي موبائيل جي گهنٽي وڃي ٿي.
هيلو. ڀاءَ مان ڊاڪٽر سليم شيخ ٿو ڳالھايان.
ڪٿي آهيو ڳوٺ يا حيدرآباد.
سائين حيدر آباد آهيان.
ڪچھري ڪرڻ ٿو چاهيان. ڪٿي اچان، ڊاڪٽر سليم شيخ جيئن هميشه هوندو آهي بلڪل ائين ئي بي تڪلف وڏن ٽهڪن سان گفتگو ڪندڙ.
سائين ڀٽائي ننگر اچو، غريباڻو گهر آهي مان انتظار ٿو ڪريان.
ڪجهه ئي منٽن ۾ ڊاڪٽر سليم شيخ گهر جي در جي ڀرسان بيهي ٻيهر ڪال ڪري ٿو.
آئون” حيدري هائوس” جو در کولي ڀاڪر کولي آجيان ڪريان ٿو.
ڳالهين جي ڳنڍ کلي ٿي. ائين جيئن ريشم جا ٿان کلن.
ماضي ڇا آهي؟! ، يادگيرين جو پورو سمنڊ!
جنھن ۾ خاموش لهرون ۽ دل کي ڏڪائي ڇڏيندڙ طوفان.
ڊاڪٽر سليم شيخ اڄڪلھ دبئي ۾ رهي ٿو ان کان اڳ زرخيز ذهنن واري زمين لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو.
هن جو شاگردي جو دور متحرڪ سياسي ڪارڪن وارو اهڙو دور رهيو جنهن تي اڄ به ڊاڪٽر سليم شيخ فخر ڪري ٿو. هن جي هٿ ۽ زبان کان ڪنهن کي به تڪليف نه پهتي. سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي متحرڪ اڳواڻ جي حيثيت ۾ هن ڪوشش ڪئي ته ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جا ڪڏهن به ڪلاس روم بند نه ٿين.
جنھن ڪري ئي بلوچ اڳواڻ ثناءَ بلوچ

کان وٺي لاڙڪاڻي جي مدرسي جي مولوي خالد محمود سومري تائين سڀ هن جا ذاتي دوست رهيا. پر اڄ به هن جو اڳواڻ ڊاڪٽرقادر مگسي آهي جنهن جي عمردراز ۽ ڪاميابيءَ جي لاءِ هر وقت دعاڳو آهي.
ڊگهي ڪچهري ۾ ڪيترائي اهڙا سوال هئا جن جي ڳنڍ کولڻ جي اسان ٻنهي گڏجي ڪوشش ڪئي پر سچ ته اسان سُٽُ سلجهائي نه سگھياسين.
سنڌ سُٽُ جيان ڳنڍين جي ور چڙهي وئي آهي.
ڊاڪٽر سليم شيخ سنڌ جي مستقبل جي لاءِ فڪرمند آهي ان کي پروڙ آهي ته سنڌ ۾ سياسي تحرڪ ڪمزور آهي، ماڻهن جو وڏو حصو سياست کان لاتعلق آهي، هڪ وڏو انگ اهڙن ماڻهن جو آهي جن وٽ موقعي پرستي جو اهڙو وائرس آهي جنهن جو اڃان علاج ڏسڻ ۾ نه پيو اچي.
ان ڪري ئي شايد ڊاڪٽر سليم شيخ ڪافي سالن کان فلاحي ڪمن جي پاسي هليو ويو آهي. جن ڪمن ذريعي هو صحت ۽ تعليم جي محاذ تي خاموشي سان عام ماڻهن جو مددگار ٿئي ٿو.
موڪلائيندي، موڪلائيندي مونکي هڪ اهڙو جملو چئي ويو جنھن تي سچ ته مون دل سان ٽهڪ ڏنا.. جملو ڪهڙو هو؟!…………..
معاف ڪجو اوهان سان هن وقت شيئر نٿو ڪري سگهان. ڇاڪاڻ ڪي ڪي جملا ٽهڪن ۽ هوائن ۾ ئي سٺا لڳندا آهن.
غلامن کي وري اهڙا آزاد جملا زهر جيان لڳندا آهن.
ٽهڪ ته پري مورڳو روئڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن.
سو آئون غلامن جي هن نسل کي روئندو نٿو ڏسڻ چاهيان.
حيدر ملاح

ڪرونا وائرس ۽ ڦاٿل پاڪستاني!

ملڪي ميڊيا تي اڄ ڪلھ ڪرونا وائرس جو چرچو آهي، چين جي مڪمل آبادي هن وقت ڪرونا وائرس جي خوف هيٺ آهي.
چين سرڪار جي انگن اکرن مطابق اٺ هزار جي لڳ ڀڳ هن وقت ڪرونا وائرس جا تصديق ٿيل مريض موجوده آهن جڏهن ته ٻارنهن هزار کان مٿي اهڙا مريض آهن جن بابت انديشو آهي ته انهن ۾ ڪرونا وائرس موجوده آهي.
چين ۾ اڍائي سو جي لڳ ڀڳ ڪرونا وائرس جا مريض، رڪور به ٿيا آهن جنهن سان اميد پيدا ٿي آهي ته چين هن وائرس سان مقابلو ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو.
هن وقت چائنہ هنگامي بنيادن تي ڪرونا وائرس جي ڏھ ھزار مريضن جي لاءِ فقط ڇهن ڏينهن ۾ اسپتال جوڙي چڪو آهي.
تصور ڪريو ڇهن ڏينھن ۾ ڏھ ھزار مريضن جي لاءِ جديد اسپتال جوڙڻ ڪا عام ڳالهه ته ناهي.
چين هن وائرس کي سرڪاري طور” شيطان وائرس” جو لقب ڏنو آهي اهڙو وائرس جيڪو ڪلاڪن ۾ لکين ماڻهن کي ماري سگھي ٿو.
پر معاشي طور سپرپاور جي سگهه رکندڙ چائنہ ان شيطان سان مقابلي لاءِ پهريون ڪم احتياطي تدبيرن کان ورتو آهي، مسئلن جن علائقن مان ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي اهي علائقا مڪمل طور لاڪ ڪيا ويا آهن.
انهن علائقن جي پبلڪ ٽرانسپورٽ ته بند ڪئي ويئي آهي، جهازن جي اڏام، ريلوي ڪارون ۽ روڊ تي هلندڙ گاڏيون ته بند آهن پر لاڪ ٿيل شهرن مان اوهان پنهنجي ذاتي سواري تي به ٻاهر نٿا نڪري نٿا سگهو.
ائين وائرس کي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ ڦهلجڻ کان روڪڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
هنن ڏينهن ۾ چائنہ ۾ نئين سال جون موڪلون آهن، نئين سال جي آجيان لاءِ هر هنڌ ماڻهن جا ميلا هوندا آهن پر چائنہ ۾ رهندڙ هڪ سنڌي شاگرد ٻڌائي ٿو ته جڏهن آئون هاسٽل کان ٻاهر آيو آهيان ته هر طرف سناٽو آهي ماڻهو ڏسڻ ۾ نٿا اچن.
خوف جو اهو عالم آهي ته ماسڪ ٺاهيندڙ دنيا جي ٻن وڏين چائنہ جي ڪمپنين وٽ ماسڪ جو اسٽاڪ ختم ٿي ويو آهي.
ماسڪ بليڪ تي به نٿا ملن.
چائنا جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته جنهن شھر ۾ ڪرونا وائرس جو هڪ مريض به آهي ته سمجهڻ گهرجي ته ان شهر جي هر ماڻهو ۾ وائرس جي موجودگي آهي.
اهڙي صورتحال ۾ اسان جي ملڪي ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي موجود دوست اهو وڌي چڙهي مطالبو ڪري رهيا آهن ته چائنہ ۾ موجوده سرڪاري انگن اکرن مطابق پندرنهن هزار پاڪستانين کي واپس ملڪ ۾ آندو وڃي.
هي مطالبو نه صرف انهن پاڪستانين جي زندگين سان مذاق آهي جيڪي چائنہ ۾ رهائش پذير آهن پر پاڪستان جي ارڙهن ڪروڙ عوام جي زندگين سان به موت کي مکاميل ڪرائڻ جي هڪ خطرناڪ سازش آهي.
پاڪستان ۾ خدا نه ڪري جيڪڏھن هي وائرس پهتو ته، پاڪستان جي ليبارٽرين وٽ ان وائرس جي شناخت جي ڪا ٽيسٽ موجودہ ناهي، علاج ته پري جي ڳالهه هتي ته مريضن جي اڪثريت سعدي موساڻي ۽ گاجي شاھ جي ڏاچيءَ کي ست ڦيرا ڏيئي مري ويندي.
ايٽمي طاقت رکندڙ پاڪستان ڇهن سالن ۾ به ڏهن هزار مريضن جي لاءِ ڪا عام اسپتال جوڙڻ جي حالت ۾ ناهي.
ٻه ڏينهن پهرين سوشل ميڊيا تي پڙھڻ لاءِ مليو ته ملتان ۾ ڪرونا وائرس جي مريض جي تشخیص ڪئي وئي آهي.جنهن جو تعلق چائنا سان ٻڌايو پيو وڃي.
وائرل ٿيل ان خبر جي پاڪستان جي صحت کاتي سرڪاري طور اڃان نه تصديق ڪئي آهي نه ترديد ان جي باوجود به چائنہ جي سرڪاري پڌرائي اچي ويئي آهي ته پاڪستان ۾ وائرس جي شناخت لاءِ ڪا لئبارٽري جي ٽيسٽ ئي موجود ناهي ته چائنا جي شهري جي ڪرونا وائرس جي ڪيئن ڳالهه ڪئي پئي وڃي.
ان ڪري هن وقت چائنہ ۾ موجوده پاڪستانين جي واپسيءَ جي گهر ڪندڙن کي سمجهڻ گهرجي ته اها گهر نه صرف چائنہ مان ايندڙ پاڪستانين جي زندگين سان کيڏڻ جي برابر هوندي پر شيطان وائرس ڪرونا کي ملڪ ۾ وائرل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ.
اوهان تصور ڪريو خدا نه ڪري جيڪڏهن ڪرونا وائرس پاڪستان ۾ داخل ٿي وڃي ٿي ته سڄو پاڪستان لاڪ ٿي ويندو. دنيا ڏانهن ڪو به پاڪستاني سفر نه ڪري سگهندو نه ئي ٻاهران ڪو ماڻهو پاڪستان ۾ ايندو.
بازارون ويران ٿي وينديون، معاشي طور اڳ ئي ڪنگال پاڪستان پٿر جي دور ڏانهن واپس هليو ويندو لکين ماڻهو موت جو کاڄ بڻجندا.
ميڊيڪل سائنس ۾ ارڙهين صديءَ ۾ بيٺل پاڪستان پنهنجي شهرين کي ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ هڪ روپئي جي ويڪسن به ڏيئي نه سگهندو.
ماسڪ ته پري جي ڳالھ هن ملڪ ۾ ته ڪفن ملڻ به مشڪل ٿي ويندو.
ان ڪري جيڪي چائنہ ۾ موجوده پاڪستانين جي واپسي لاءِ فڪرمند آهن انهن کي پنهنجي مطالبي تي ٻيهر سوچڻ جي ضرورت آهي.
چائنا ۾ موجوده پاڪستانين جي صحت ۽ زندگيءَ جي لاءِ به ضروري آهي ته اهي چائنا ۾ هجن جيئن انهن جو اتي بهتر علاج ٿي سگهي.
پاڪستان جي عوام، معاشي نظام، جي لاءِ به ضروري آهي ته شيطان ڪرونا وائرس هن ملڪ جي سرحدن کان ٻاهر هجي.
حيدر ملاح

منهنجي مٺڙي من جامي کي ياد آهي الائي نه…….!!

جامي جي گهر جي ڪتابن سان سٿيل ڊرائنگ روم ۾ اسان ٽي دوست، خدابخش درس، محمد علي ابڙو ۽ مان جامي سان ڪچهري لاءِ ويٺا هئاسين .
جامي جيڪو گَرن گنجن دانشورن کان بنهه مختلف، سليقي ۽ فضيلت وارو، گفتگو جو بادشاھ، سخي ۽ سمجھدار.
اسان وري ٻهراڙي جا ٻار، چانھ مان بسڪوٽ ٻوڙي کائڻ واري عادت اسان اڃان نه مٽائي آهي ٻهراڙي جا ٻار آهيون ڪي عادتون اڍ ۾ کڻي هلون ٿا پر جامي به سمجھدار انسان آھي جامي جي چانھ سدائين سگهري ايندي.
سگهري جو مطلب سٺي بيڪري جا بسڪوٽ، سي به پليٽ تي سٿيل کائو رڄ ڪيو، چانھ پٺاڻ جي چينڪ جي ننڍڙين پيالين بدران وڏن گلابن جي گلن سان پرنٽ ٿيل مگن ۾ ايندي.
مگا وري آرٽ جو ڪمال هوندا دل چوندي چانھ صوفي هيٺان هاري مگ کيسي ۾ وجهي گهر کڻي وڃجي ۽ ان ۾ قلم ۽ نڀ ڀڳل پراڻيون پينون وجهي رکجن.
جامي کي ڄڻ اڳ ئي خبر هوندي آهي ته هي ڪچهري جا ڪوڏيا مڙس ايندا ته چانھ به چٽ ته بسڪوٽ به پٽ ڪري ويندا.
پر جامي وري ڪچهريءَ ۾ ڪوشش ڪندو اهڙيون ڳالهيون ڪجن جو ڪچهري وارو بسڪوٽ گهٽ کائي ۽ چانھ وڌيڪ پيئي وڃي.
جامي جي تربيت ۾ استاد پليجي ۽ عوامي تحريڪ جي برڙ باڪاسن جو هٿ آهي سو زبان ائين هلندي اٿس جهڙي جامي جي زبان نه پر ڪنهن حجام جي ڪينچي هجي. پر سچ ته ماڻهو ڪمال جو آهي.
ها سو ڪچهري دوران منهنجي سڄي نظر سدائين جامي جي ٽڙيل پکڙيل ڪتابن تي، سوچيان پيو ته جي جامي ڪجهه گهڙين جي لاءِ کڻي بي خبر ٿئي يا ڪِچن مان جامي کي ڀاڄائي سڏ ڪري وٺي ته ٻه چار ڪتاب ور ۾ ھڻي آئون به دعوي ڪريان ته، چانڊين جو ڌاڙو هنيو اٿم پر جامي، چوري جي خوف کان چُري ڪٿي ٿو، سو آئون به جڏهن به جامي سان ملندو آهيان ته جامي سان مخاطب ٿي چوندو آهيان ته دل چوي ٿي ته” ڌاڙو هڻان”, پر جامي به اڳيان قمبر جو چانڊيو آهي مشڪل سان هڪ ڪتاب ڏيندو، آئون ڪتاب پڙهي جامي کي فيس بوڪ تي پوسٽ رکي ٻڌائي وٺندو آهيان ته ڪتاب پڙهيو اٿم، تازو جامي جي لکيل ڪتاب “سندي جوڳيان ذات “۾ نامياري ليکڪ سراج ميمڻ جي استاد پليجي کي چيل جملو لکيم ته جامي تپي باھ ٿي ويو. تڪڙ تڪڙ ۾ ٻه چار وضاحتي ڪمينٽس منهنجي وال تي لکي ويو.
مون سوچيو ته ڪم ٿي ويو” متان جامي نه مڃي ته ڪتاب نه پڙهيم.”
سو جامي جي ڊرائنگ روم جي ڳالهه پئي ڪيم، ماڻهو ته ڪمال جو آهي ڊرائنگ روم جي هر ڪرسي تي پنج ڏهه ڪتاب رکڻ ڪو جامي کان سکي، هر طرف ڪتاب ڏسي اوهان ڪافر ئي هوندا جو ڪتاب پڙهڻ تي اوهان جي دل نه چوندي.
چانھ پيئندي مون پنهنجي دانشور دوست کان پڇيو ته ڇا ڪجي جو هي جبر جو پهاڙ پاڻ وقت کان اڳ ٽُڪي وڃون، سياسي پارٽين کي ڪهڙي جادو جي لٺ هٿ ۾ ڏجي ته هي عوام جا انبوهه اچي هڪ نقطي تي بيهارجن.
جامي ڀڻڪيو، گفتگو جي شروعات پهرين نصيحت سان ڪيائين حسب معمول جيئن جامي نصيحت جو صاحب آهي ته ڪوشش ڪري شروعات نصيحت سان ڪندو آهي.
چوڻ لڳو، ڪنهن به تجزيي ڪرڻ کان پهرين مثبت شين کي بحث هيٺ آڻڻ گهرجي پوءِ ئي منفي پاسن جو ذڪر ڪجي.
مون ها ۾ ڪنڌ ڌوڻي علمي نصيحت جي غير مشروط حمايت ڪئي.
سوال ساڳيو ڌهرايم، جامي ڳالھ کي ٻن ٺپن ۾ پورو ڪيو، سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ هن وقت مڊل ڪلاس اُسري چڪو آهي، مڊل ڪلاس پنهنجي سمورين ڪمزورين باوجود پاڻ کي هميشه غير يقيني صورتحال ۾ محسوس ڪندي اڳين اپر ڪلاس ۾ شامل ٿيڻ جي جستجو ۾ رهندو آهي، مڊل ڪلاس کي اهيو به خوف رهندو آهي ته متان واپس انهيءَ ڪلاس ۾ شامل نه ٿي وڃي جتي رڳو ذلتون ئي ذلتون آھن ان ڪري اها مڊل ڪلاس جي طبقاتي مجبوري هوندي آهي ته هو هميشه تحرڪ ۽ ٽڪراءُ ۾ هجي مڊل ڪلاس جنهن به وٽ وسيلا به آھن ته علم ۽ تعلقات به، وڏي ڳالهه ته جستجو ۽ محنت به. جيڪڏهن سنڌ جي ڪا به سياسي پارٽي ان نئين پيدا ٿيل مڊل ڪلاس کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري سگهي ته اهو مڊل ڪلاس سنڌ ۾ قيادت واري بحران کي ختم ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنهن به پارٽي کي فرش کان کڻي عرش تي پهچائي سگهي ٿو.
بس جامي جي ڳالهه ختم.
منهنجي مٿي کي ڀنواٽيون اچي ويون، آئون جو زندگيءَ ۾ سکيو ئي سوال ڪرڻ آهيان سو نئون سوال جامي جي حضور ۾ پيش ڪيم.
ڪهڙو سنڌ جو مڊل ڪلاس؟! ،
ڇا اهيو مڊل ڪلاس جيڪو جنرل مشرف جي ضلعي ناظمي جي دور ۽ زرداري جي ڪرپشن جي دور ۾ پيدا ٿيو آهي جنهن رشوت، جڳاڙي ٺيڪيداري، ۽ ڪرپشن مان جھجھو پيسو ته حاصل ڪيو آهي پر عام انسان جهڙي فضيلت به نه سکي سگهيو آهي جنهن وٽ سنڌ فقط پِٽڪي جو لفظ آهي، سنڌ سنڌ تڏهن ڪري ٿو جڏهن نيب جو ڪيس داخل ٿئي ٿو يا پ پ جي اقتدار کي ڪو خطرو ٿيئي ٿو، جنهن وٽ عام سنڌين لاءِ اهڙي ڪابه گار ان ڊڪشنري کان ٻاهر ناهي رهي جيڪا هو انهن هارين، مزدورن ۽ پورهيتن کي نه ڏيندو هجي.
جامي ڪٿي ٿو ڀلا اسان جهڙين سياسي ڪارڪنن کي وٺ ڏيئي.
جواب مٿان جواب.
انهن ڪرپٽ ماڻهن کي ڇڏي ڏيو، ان دو نمبري مڊل ڪلاس جي حيثيت ۽ حيئت تي به بحث ناهي ان مڊل ڪلاس سان سلهاڙيل ماڻهن جي اولاد( يوٿ) ڏانهن رجوع ڪريو، جنهن وٽ فور جي ايج جي طاقت، ڄاڻ ۽ سمجهه ساڻ آهي.
انهن جا والدين ته ڪرپشن جي ڪري مڊل ڪلاس ۾ داخل ٿيا آهن پر هي پوري يوٿ جي ٽهي اڪيلي بيٺي آهي ان کي پاڻ ڏانهن متوجہ ڪرڻ جي لاءِ ڪو نئون وکر متعارف ڪرايو جيڪو انهن جي دلين کي ڇوهي وٺي.
ڪچهري هلندي چانھ به پوري ته بسڪوٽ به چٽ، سامهون بڪ شيلف ۾ استاد پليجي جي سياسي ادب جا واليم ڏٺم ته دل چيو، جامي کي چوان کڻي ته ٻيلي ٻه چار واليم ڏي ته پڙهي وٺان وري سوچيم متان ڪتابن ڏيڻ ۾ جامي صفا مروان نه هجي سو” ڌراڙن جي ڌڪ” واري انڪار کي سامهون رکي مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ واري ڪار ڪندي اچي ڪار تي چڙهياسين.
هاڻي جڏهن سنڌ ۾ نيئن پارٽي جو نزول ٿي رهيو آهي جنهن پارٽي جي لاءِ اين جي اوز جي پروجيڪٽن مان ڪمائي پنهنجي طبقاتي بيهڪ تبديل ڪندڙ ڪجهه دانشور ان نقطي تي رٽائرڊ بيوروڪريٽس جي نئين ٺهندڙ پارٽي جي سنڌ ۾ حمايت لاءِ راءِ هموار ڪري رهيا آهن ته رٽائرڊ بيوروڪريٽ جيئن ته مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ آهن ان ڪري روشن خيال مڊل ڪلاس جي پارٽي سنڌ جي سياسي ضرورت آهي ته مونکي جامي جي ڪچهري ياد اچي وئي آهي.
اسان وٽ بيوروڪريسي اصل حاڪمن جي ننڍڙن بادشاهن جيان هوندي آهي، جن وٽ سٺي گاڏي، گهر کان وٺي آفيس تائين اي سي جي ٿڌاڻ، ذاتي ڪمن ڪارن ۽ آفيس ۾ جي حضوري جي لاءِ نوڪرن جي لائين، ذاتي تعلقاتن کي نوڪري دوران محدود رکندڙ هنن بيوروڪريٽس وٽ دوستي جا ماپا به اليٽ ڪلاس جهڙا هوندا آهن، جنهن ڪري هنن جي ملڪيت ۾ ته واڌ ٿيندي رهندي آهي پر دوستن ۾ هي صفا ڪنجوس مکي چوس هوندا آھن.
هنن جي بڪ شيلفن ۾ پيل ڪتاب به ڊرائنگ روم جي رنگ برنگي دنيا جو هڪ سهڻو اضافو سمجهڻ کان مٿي ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي.
نيئن سياسي پارٽي نه جاگيردارن سان ٽڪراءُ ۾ ايندي نه ئي سرمائيدارن جي لٽ مار سان مقابلو ڪندي، کاٻي ڌر جي سياست هنن جي واري ۾ ئي ناهي ڇاڪاڻ هنن جي طبقاتي مجبوري هوندي ته هي هن رياست جي جوڙيل روايتن سان گڏ بيهي سياست ڪن جنھن ۾ جيڪي اسٽيبلشمينٽ طعه ڪندي ان جي، جي حضوري ۾ هنن وٽ فقط ها ۾ ڪنڌ ڌوڻڻ کانسواءِ ٻيو هوندو ڪجهه نه.
هنن جي پارٽي جي سياسي پروگرام ۾ وڏي کان وڏو نقطو ماضيءَ جي فنا ٿي ويندڙ پارٽين جيان گڊ گورنس جو هوندو جنهن مطابق هي اها دعوي ڪندا ته جيڪڏهن اسان سان گڏ بيهي رهو ته اسان سنڌ جي موجوده بجيٽ کي تعيلم، صحت ۽ بنيادي ترقي جي انفرااسٽرڪچر کي سڌاري سنڌ کي ملڪ جي ٻين صوبن کان بهتر بڻائيندا سين. ميرٽ کي اوليت ڏينداسين ۽ نجي ڪاروبار لاءِ نوجوانن کي بنا وياج جي قرض ڏينداسين.
قومي سوال ۽ طبقاتي سوال بابت هن نئين پارٽي وٽ گهڻو ڪري ماٺ ئي هوندي ڇاڪاڻ قومي ۽ طبقاتي سوال جو حل هن طبقي جي معاشي ۽ سياسي مفادن جي حق ۾ نه هوندو.
ڪنهن به سياسي پارٽي کي متحرڪ ۽ سرگرم رکڻ، ڪيڊر پيدا ڪرڻ جي لاءِ قيادت کي نه صرف جھر جهنگ جاڳڻا پوندا آهن پر رياست جي جڙيل اسٽيٽسڪو سان مٿو ٽڪرائڻ جو جوکم کڻڻ وارو ڪم به ڪرڻو پوندو آهي.
رياست جي رعايت يافته بيوروڪريٽس جي رٽائرڊ کيپ ڇا اهو جوکم کڻڻ جي لاءِ تيار آهي يا تبديلي جي نئين سفر ۾ هي جهونا جوڳي اڌ تي ڦان ڪري، ڪري پوندا؟!
حيدر ملاح

سنڌ ۾ نئين سياسي پارٽي جو نزول!

سنڌ ۾ وڏي عرصي کان سياست ۾ نوجوانن جي شموليت نه پئي ٿئي، جنرل ضياءَ جي دور ۾ شاگرد يونين تي بندش ان کانپوءِ جرڳائي اديبن پاران شاگرد سياست تي مڪمل بندش جي گهر ۽ عملي طور ٢٠ سالن جي لاءِ سياسي پارٽين تي شاگرد ونگ جو خاتمي جي مطالبي سبب شاگرد سياست ڄڻ ديوار سان لڳي وئي.
ان دروان سياسي پارٽين ۾ نوجوانن جي شموليت اٽي ۾ لوڻ برابر رهي آهي.
پوري هڪ ٽهي جي سياسي ڌارا ۽ سياسي تحرڪ کان ٻاهر رهڻ جي ڪري سنڌ جي اجتماعي مسئلن کان نوجوانن جي لاتعلقي اڄ ڏسڻ وٽان آهي.
سياسي پارٽين جي بنيادي سگهه، شاگرد، هاري، مزدور عورتون ۽ ٻيا پيڙيل طبقا هوندا آهن بدقسمتيءَ سان اهي چارئي محاذ سنڌ جي سياسي پارٽين وٽ هن وقت اوليت تي ناهن.
جنهن ڪري سنڌ ۾ سياسي تحرڪ ڪمزور شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.
ان معاملي ۾ رياست به وسان نه گهٽايو آهي. نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ، چچريل لاش، تشدد، جا واقعا هن ڏھاڪي جا نه صرف نوان واقعا آهن پر سچ ته سنڌ ۾ خوف جي اهڙي سوچي سمجهي فضا پيدا ڪئي وئي جنهن سان نوجوانن کي سنڌ دوست سياست کان پري رکڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي وئي .
رياست جي جوڙيل نئين پارٽي قومي ڌارا م شامل ٿيڻ جا پاڻ روز ميڊيا تي فوٽو ڏسون ٿا ۽ خبرون پڙهون ٿا.
سنڌ جا دانشور وري عجيب ڪيفيتن ذاتي خواهشن ۽ لقائن جي دٻاءُ ۾ آهن. جن وٽ سٺ سال کان چڙهيل پوڙها، رٽائرڊ بيوروڪيٽ نئين اميد ۽ نئون اتساھ آهن جڏهن ته پاڪستان جي ماڻهو جي مشڪل سان اڪثريت ۾ فطري عمر ئي سٺ سال ٿيئي ٿي.
ان جو مقصد بزرگن جا باقي ڪجهه سال بونس جا هوندا.
اهڙي صورتحال ۾ هئڻ ائين گهرجي ها ته جهونا جوڳي جن کي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جو تمام گهڻو درد آهي، سي پنهنجو تجربو، سفارتي تعلقات ۽ ڌن دولت اهڙي سياسي ڌر کي آڇين ها جيڪا ڌر هنن کي نظرياتي طور توڙي، حڪمت عملي ۾ ويجهي هئي پر ائين نه ٿيو.
اسان جا دانشور دوست هڪ طرف تنقيد ڪندا رهن ٿا ته سنڌ ۾ سياسي پارٽين جي نالي تي سياسي ديڳڙيون چڙهيل آهن، ڪجهه دوست ته مزاح جي هن حد تائين لطف اندوز ٿيندا آهن ته” الف انب کان ي يڪي تائين” لفظ کٽي وڃن ٿا پر گروپ ۽ پارٽيون نٿيون کٽن.
هنن جو ئي چوڻ هوندو اهي ته بس ليڊر شپ جو خفت آهي ان ڪري غازي خان سولنگي ٿيڻ لاءِ اڪثر ماڻهو اڳواڻ ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي.
ساڳيا دانشور ٻئي پاسي نيئن پارٽي جي آجيان لاءِ سوشل ميڊيا تي لفظن جا بينر کنيو بيٺا آهن.
جيڪڏهن دانشور دوست ڪوشش ڪن ها ته “سياست جي شوق ۾ ورتل هنن جهونن جوڳين جي هي وڏي کيپ ڪنھن ھڪ پارٽي ۾ شامل ٿي ان کي سگهه بخشي پئي سگهي” پر اهيو سڀ ڪجهه ڪرڻ شايد اسان جي مڊل ڪلاسي دانشور جي واري ۾ نه آهي.
ماضيءَ ۾ مشرف جي دور ۾ نثار ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي رٽائرڊ ڪامورن، لبرل سوچ جي ماڻهن” دي رفامر” جوڙي ڪجهه وقت لاءِ ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرايا، اسان کي ان وقت به چيو ويو ته سنڌ جو مڊل ڪلاس سياست ۾ اچي نوان ڪارناما ڪرڻ وارو آهي، تاريخ جي ضرورت پوري ٿيڻ واري آهي ڄاڻ انقلاب آيو،
پر بعد ۾ ٿيو ڇا؟
دي فارمر جو اڳواڻ نثار ميمڻ سينيٽر ٿي ويو.
ان جي نياڻي ماروي ميمڻ مشرف جي ئي دور ۾ عورتن جي خصوصي سيٽ تي چوڌري بردارن جي حڪومت ۾ وزير به ٿي ويئي.
مڊل ڪلاس جي ڊوڙ ايستائين هئي جيستائين نثار ميمڻ ۽ سندس نيڪ دختر ماروي ميمڻ پهتي.
سياسي پارٽيون، سياسي ڪيڊر تي ساه کڻنديون آهن، سياسي ڪيڊر فيس بوڪ جي پيج تي ناهي ٺهندو، تحريڪن مان پچي جڙندو آهي، قربانين جا نوان رڪارڊ رقم ٿيندا آهن. ماڻهن جا جهڻ ٻچا رلندا آهن.
اوهان چئو ٿا ته جهونن جوڳين کي ڀليڪار چئو، سائين اکين تي ڀليڪار چئون ٿا.
سنڌ کي سياست جي ضرورت آهي، قبول ڪيوسين پر سنڌ کي نوجوانن جي ضرورت آهي، هارين، مزدورن، عورتن، شاگردن جي تنظيمن ۽ تحرڪ جي به ضرورت آهي.
دانشور دوستن کي گذارش آهي ته انهن رٽائرڊ بيوروڪريسي سان ڀلي گڏجي بيهو ان کي اخلاقي مدد ڏيو، نيڪ صلاحون به ڏيو.
سرمائي جي سگهه، ميڊيا جي طاقت سان سنڌ کي ڀلي نئون علي قاضي ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو.
سيمنار ۽ ڪانفرنسون ڪرايو.
ياد رکو
نتيجو وڏو دليل هوندو. اسان اوهان جي چوڻ تي ڀاڪر کولي انهن سڄڻن جي آجيان ڪريون ٿا.هن
اميد سان ته سنڌ ۾ وري نئون نثار ميمڻ پيدا نه ٿيندو. مڊل ڪلاس پنهنجي موقعي پرست ڪردار ۾ تبديلي آڻيندو ۽ رياست جي سنڌ دشمن فيصلن سان ٽڪراءُ کائيندو پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ تان قربان ڪندو.
هن موقعي تي اسان جا دانشور دوست رڳو اسان جي رهنمائي ڪندي اسان کي اهيو ٻڌائين ته رٽائرڊ پڙهيل لکيل مڊل ڪلاس وٽ نئون سياسي وکر ڪهڙو آهي؟!
جيڪو اڳ سنڌ ۾ موجوده سياسي پارٽين وٽ ناهي.
حيدر ملاح

راضپي جي ڳنڍ کول!!

جوانيءَ جو لهندڙ سج، ويندي ويندي چوندو ويو تنهنجي زندگيءَ جي ڪل موڙهي تنهنجو عشق هو. ان عشق کي نه وسارجان.
تنهنجي محبوب جا ڏنل ڪل زخم تنهنجي اڻ مَئي دولت هئا.
تون جي مرڪيو هئين اهو وياج سميت واپس ڪر!

جوانن کي بار بار سمجهاءِ ته انسانيت کي زندهه رکڻ جي لاءِ عشق جي تلاش ڪن.

بَن بَن ڀٽڪڻ بدران عشق جي آشرم ۾ وڃي محبوب جي آڏو گوڏا کوڙي ويهو.
من ڪو هڪ لمحو ئي اوهان تي اوهان جو محبوب نگاهه کڻي نهاري ۽ راضپي جي ڳنڍ کولي وجهي.
سقراط جو درس به اهيو ئي هو.
(حيدر ملاح)

ڇا مصطفي ڪمال سان به اتحاد ٿي سگهي ٿو؟!

پاڪستان کان ٻاهر ويٺل پاڻ مرادو جلاوطن جيئي سنڌ جي مختلف گروپن جا ڀاڄوڪڙ گوريلا اڳواڻ ” بابائے مہاجر قوم” قائد الطاف حسین سان اتحاد ڪرڻ وقت قوم کي اهو ٻڌائين ٿا ته سنڌ جي ورهاڱي کي روڪڻ ۽ مها سنڌو ديش ٺاهڻ جي لاءِ هنن ايم ڪيو ايم لنڊن سان اتحاد ڪيو آهي.

هي سنڌو ديش جي جلاوطن حڪومت ٺاهڻ جون به تياريون مڪمل ڪري چڪا آهن ۽ بقول هنن جي ته سنڌو ديش جي جلاوطن حڪومت جو سربراهه الطاف بهائي هوندو.
هنن ڀاڄوڪڙ گوريلن هندستان تي زور ڏنو آهي ته الطاف ڀائي جي سربراهي ۾ ٺهندڙ جلاوطن سنڌو ديش جي حڪومت کي قبول ڪيو وڃي.
ٻئي طرف اڄ لاڙڪاڻي ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ ڪراچي جي اڳوڻي ناظم مصطفي ڪمال اعلان ڪيو آهي ته اسان الڳ صوبي جي گهر تان به هٿ کنيو آهي، سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي خلاف ڪم ڪندڙ ايم ڪيو ايم ۽ ان جي اتحادي ڌرين جي به اسان خلاف آهيون.
مصطفي ڪمال تقرير ۾ اهيو به چيو سنڌين ورهاڱي وقت انصارن جيان ڪردار ادا ڪيو جن جا ٿورا اسان جون ست پيڙهيون به نٿيون لاهي سگهن.
هتي ننڍڙو سوال فقط هي آهي ته ڇا پاڻ مرادو جلاوطن جيئي سنڌ جا ڀاڄوڪڙ گوريلا، سنڌ جي ورهاڱي کي روڪڻ جي لاءِ پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفي ڪمال سان به اتحاد ڪندا يا اهيو اتحاد فقط ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي جنهن جي قائد جي هر تقرير ۾ مهاجر اڃان قوم جي حيثيت ۾ موجوده آهي.
اهڙي مهاجر قوم جنهن کي هن وقت فقط سنڌ مان ٽوڙي کنيل ڌرتيءَ جي ٽڪري جي ضرورت آهي.
فرض ڪريو ته جيڪڏهن هي ڀاڄوڪڙ گوريلا پاڪ سرزمين پارٽي سان اتحاد ڪرڻ جي حق ۾ ناهن ته ان جو مقصد سنڌ جي ورهاڱي کي روڪڻ وارو دليل هنن جو مڪمل ڪوڙ تي مبني آهي.
هي خود عالمي آقائن جي حڪم تي سنڌ جي ورهاڱي جي لاءِ مهاجر دهشتگردن کي ماحول فراهم ڪري رهيا آهن. پاڻ ائين چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو ته عالمي سازش جو حصو بڻجي هنن الطاف حسين کي قائد قبول ڪري ورتو آهي ۽ سنڌ جي ورهاڱي تي متفق ٿي چڪا آهن.
حيدر ملاح

ڀڙوت ڪيئن ڪجي؟!

هي ڪتاب ميرپور خاص جي ان نامياري وڪيل مسٽر امان الله سومرو لکيو آهي جنهن تازو هاءِ ڪورٽ حيدر آباد ۾” ڀنگ قومي مشروب آهي ان تان بندش هٽائڻ جي لاءِ پٽيشن داخل ڪئي هئي.”
هن پٽيشن ۾ دليل ڏنا ته جنرل ضياءُالحق جي مافيا آمريڪا سان گڏجي افغانستان ۾ سوويت يونين خلاف جڏهن جهاد جي نالي تي جنگ شروع ڪئي ته مجاهدين جي نالي ۾ جيڪي قبيلائي جنگجو ڀرتي ڪيا ويا انهن کي پگهارن ۽ هٿيارن ڏيڻ جي لاءِ وڏي رقم جي ضرورت هئي ان ڪري پاڪستان ۾ ڀنگ تي بندش هڻي ملڪ ۾ افغانستان مان هيروئن کي آندو ويو ۽ جھجھو ناڻو ڪمايو ويو.ڀنگ تي بندش هڻڻ جي ڪري وڌ کان وڌ سنڌ متاثر ٿي آهي. معاشي ۽ سماجي طور سنڌ کي نقصان پهتو آهي. لکين ماڻهن کي هيروئن جهڙي موتمار نشي جي حوالي ڪري وقت کان اڳ ماريو ويو، ائين لکين گهر اجاڙيا ويا.هن پٽيشن ۾ اهو به چيو ته ڀنگ نشو نه پر قومي مشروب آهي جيڪا مشروب، هيروئن، چرس ۽ شراب جي نشي جي عادت کان ته بچائي ٿي پر انسان جي عمر به وڌائي ٿي.
11 زالن کي طلاقون ڏيندڙ ٻارنهن شادين جي خواهشمند ميرپور خاص جي هن ايجيٽيٽر وڪيل تي جڏهن نثار کوکر پنهنجي ڪتاب” مسافر محبتون” ۾ خاڪو لکيو ته “نثار کوکر لکي ويٺو ته جيڪڏهن” ڀڙوت ڪيئن ڪجي” ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڇپايو وڃي ته هي ڪتاب دنيا جي ٽاپ سيلر ڪتابن ۾ شامل ٿي ويندو. هٿو هٿ ڪروڙين ڪاپيون وڪرو ٿيندو.
نثار کوکر اهو به لکيو ته وڪيل امان الله عملي طور ڀڙوت جو ڌنڌو ڪندي هي ڪتاب لکيو آهي.
وڪيل صاحب کي پهرين ڀڙوت جا 250 روپيا مليا هئا جڏهن هن هڪ شاهوڪار شهري کي بقول امان الله جي پنهنجي سياه ڪار زال جنسي عياشي جي لاءِ بنگلي تي پهچائي ڏني ۽ هو شاهوڪار ڪجهه ڪلاڪن جي لاءِ امان الله جي زال کي ڪمري ۾ وٺي اندر در ڏيئي رنگ رليون ملهائڻ لڳو هو، وڪيل صاحب ڪمري جي ٻاهران ڪرسي تي ويهي گولڊ ليف سگريٽ جا چوٿين نمبر آڱر تي ڪش هڻي رهيو هو.
ڪجهه ئي ڪلاڪ کان پوءِ کيس 250 سو روپيا مليا ۽ هي خوش خوش روانو ٿيو هو. پر ڪجهه ئي وقت کان پوءِ هن جي جسم ۾ پيءُ جي غيرتمند ڊوڙندڙ رت هن کي ڀڙوت جا مليل 250 روپيا سارڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن چونڪ تي بيهي انهن پيسن کي باهه ڏيئي ساڙيو هو.
لاڙڪاڻي جي فضائن ۾ گيت ڳائيندڙ، سهيلين سان جهمر هڻندڙ ۽ ٽهڪن جا تاڙيون هڻي پکي اڏائيندڙ نمرتا مهرچنداڻي جي ڪيس جي سلسلي ۾ به لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي اڪثر صحافين جي بريڪنگ نيوز، اور ایک مل گئی وڈیو، سی سی ٽي وي کے فوٽيجز منظر پے آگیے، اور ہے تھی ناکام پیار کھانی……………….!!
۽ ان جهڙيون ٻيون ٽي وي چينلن تي اسٽوريون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کانپوءِ اڄ مونکي نه صرف امان الله جي لکيل ڪتاب” ڀڙوت ڪيئن ڪجي” جو ٽائيٽل ياد اچي ويو آهي پر ڀڙوي جي مٺ ۾ ڀڪوڙيل اهي اڍائي سو به ياد اچي ويا آهن جيڪي ڪمري جي ٻاهران ڪرسي تي گولڊ ليف سگريٽ جا ڪش هڻڻ کان پوءِ هن کي مليا هئا.
امان الله جي ته جسم ۾ پيءُ جو غيرتمند رت هو جو اڳتي هلي هن ڀڙوت مان مليل رقم کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.
پر هتي ڪوبه مليل رقم کي باهه ڏيڻ جي لاءِ ان ڪري به تيار ناهي جو جسم ۾ پيل پيءُ جو غيرتي گرم خون به ڀڙوت جي ڌنڌي جي ڪري ٿڌو ٿي ويو آهي.
حيدر ملاح
#JusticeForNimarta
#shame_press_club_larkana
#shame_police_larkana
#shame_vc_Anilamemon

مونکي اعتراض ناهي…….

اوهان مثبت سوچن کي منفي رخ ۾ وٺي وڃڻ جا هيراڪ آهيو ، اوهان ڪج بحثي جا عادي آهيو، فڪري نقطن تي گفتگو ڪرڻ، حڪمت عملين جي افاديت کي سمجهڻ بدران اوهان رد ڪرڻ جهڙي ردي رويي جا شڪار آهيو ان ڪري جڏھن حل بيان ڪجن ٿا ته اوهان حل طرف وڌڻ بدران، اڃان معاملن جي منجهائڻ جي ڪوشش ۾ آهيو.
اوهان شين کي مٿاڇرو ڏسڻ جا شوقين آهيو، پنهنجو پاڻ کي ئي پاڻ مهٽي مزا ۽ لذتون وٺڻ ۾ سڪون وٺو ٿا.
اوهان کي سڀ خبر آهي ان جي باوجود به اوهان بي خبر ٿيڻ جا ناٽڪ ڪريو ٿا.
هي ردالفساد ۽ ضرب عضب آپريشن سنڌ جي قومپرست سياست سان نفسياتي جنگ هئي، سياسي پارٽين جي صفن ۾ موجوده جھجھي تعداد ۾ ڪرمنل ماڻهن جنهن جي لاءِ آئون ويساهه سان چوان ٿو ته رياست جي آشيرواد سان پارٽين ۾ ڀرتي ڪيا ويا آهن، انهن ڪرمنل ماڻهن رياست کي زبردست ماحول پيدا ڪري ڏنو. ٻيا پراڪسي وار جا دلال ٿيا انهن قومي ڪارڪنن جا جھڳا جلائي پاڻ وڃي يورپ جا ملڪ وسايا. انهن پراڪسي وار جي دلال اڳواڻن مهم جوئي جي جنون ۽ وڏين رقمن جي عيوض ۾ رياست کي اسان جا غيرت مند پٽ ڪهڻ جي لاءِ تيار ڪري ڏيئي ڇڏيا.
چچريل لاش، زخمي وجوده، نفسياتي حيجانن جي ور چڙهيل ڊگهين ڏاڙهين وارا واپس ٿيل مسنگ پرسن اوهان جي آڏو آهن.
ان مڃڻ ۾ ڀلا ڪهڙو قومي ڏوهه آهي ته
سنڌ رياست پاران مڙهيل نفسياتي جنگ جي سَٽَ جهلي نه سگهي آهي، هڪڙا سڌا وڏي سرڪار جي ڇٽيءَ هيٺ وڃي پناهه ۾ ويٺا آهن. نظريا، فڪر ڌوڙ ڪري هڪ يا ٻن اسيمبليءَ جي سيٽن لاءِ ڪني مٽي کائي ويهي رهيا.
ٻيا مقابلي ۾ بيٺا ته رياست سمورا وسيلا ڪتب آڻي انهن کي ڀتي خور، قبضي خور، چور ڪري پيش ڪيو ۽ سنڌي عوام آڏو انهن کي مشڪوڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ٽيان ٽوڙيو ٽوڙيو ڪندا رهيا ۽ پاڻ رياست جي نفسياتي جنگ جي سامهون ٽٽي پيا، اڳواڻي جي خفت، سيد ۽ سنڌ سستي ۾ سيل ڪرڻ جي واپار جو حصو ٿي ويا. ايترا ته ڪريا جو” پاڪ فوج زنده باد” جي نعرن جي گونج ۾ روڊن تي ريليون ڪڍڻ لڳا.
ائين هي نفسياتي جنگ رياست جي هن وقت حق ۾ بيٺل آهي، قومي جدوجھد پوين پيرين ۾ آهي ۽ طبقاتي تحريڪون قبر ۾ پير لاهيو بيٺيون آهن.
عوام کي اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، سوشل ميڊيا موڳو ڪري ڇڏيو آهي.
اهڙي صورتحال مونکي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جي تاريخ ۾ سنڌ بابت ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿي اچي. جو سنڌ ايڏي خاموش هجي جو سنڌ خلاف فيصلا ٿين ۽ سنڌ يتيم ٻار جيان ڏسندي رهي.
سماج سياست مخالف بڻايو ويو آهي. ماڻهن رضاڪارانه طور سياست کان ڪنارا ڪشي ڪرڻ ۾ عافيت سمجهي ورتي آهي.
ڪو به ماڻهو وڏي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار نه ٿو ملي. هر ماڻهو چوي ٿو مونکي ڇا ملندو. هي ڪيفيت مرده سماجن جي علامت آهي جيڪي سماج رڳو پاڻ لاءِ جيئي مري ويندا آهن.
اهڙي صورتحال ۾ ان نفسياتي جنگ سان فقط هن وقت
” پاپولر ليڊر” مقابلو ڪري سگهي ٿو جيڪو جنهن چونڪ تي بيهي ته چار سو ماڻهو ان کي نه صرف سڃاڻن پر دل جي ڪنن سان ان کي ٻڌڻ جي لاءِ آتا هجن.
پاپولر ليڊر ٻيڙا ساڙي نڪرندو ته قوم کي ڪناري لڳائي ويندو. عوام جا سمنڊ ساڻس گڏ اچي بيهندا، ڳوٺ، شهر هٿ اڀا ڪري بيهي رهندا.
اوهان جي ذهني حالت تي مونکي ڳڻتي آهي اوهان سنڌ جي “پاپولر ليڊر” تي چٿرون ڪريو ٿا، منظم تنطيم ۽ انقلابي پارٽين جا حوالا ڏيو ٿا.
جڏهن ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ سياست ئي پوهين ساهن ۾ آهي اهڙي صورتحال ۾ تنظيم جو سوال رکڻ بدران سياست کي واپس سنڌ ۾ وٺي اچڻ جي ضرورت آهي.
سياست “پاپولر ليڊر” جي ذريعي واپس ٿيندي، نئون ويساه ۽. نئون اتساھ پيدا ٿيندو ان ذريعي ئي اڳتي هلي عوام جي تنظيم پيدا ٿيندي.
موجود حالتن سان مقابلي ڪرڻ جي مون وٽ حڪمت عملي اها ئي آهي.
اوهان ڀلي تجربا ڪري ڏسو……
مونکي اعتراض ناهي.
حيدر ملاح

قومي ڪارڪن جي ڊائري

چاٻي چور
پهريون ڀيرو ١٩٨٨ ۾ ڪنهن دوست مونکي ٻڌايو ته فلاڻو سياسي ڪارڪن “چاٻي چور” آهي. هي نئون تعارف ۽ نئون اصطلاح منهنجي لاءِ بنهه حيرت ڪندڙ هو، مون حيرت مان پڇيو چاٻي چور ڇا ٿيندو آهي؟ ،ڪنهن کي آڱر جيڏي بنهه ننڍڙي چاٻي چورائڻ مان ڀلا ڇا ملندو هوندو؟
کلي چيائين ته اڄڪلهه ڪهڙو ڪتاب پڙهين پيو؟
مون چيو روسي ناول ” اور چراغ جلتا رہا”.
پر منهنجي سوال جو جواب ته اهو ناهي؟ ابتو مونکان سوال ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟ مون سوال ڪندڙ دوست کان بنا ساهيءَ جي پڇي ورتو.
دوست چيو، “زندگي رڳو ناول ناهي جنهن کي پڙهيو وڃي زندگي کي چاٻيءَ جي به ضرورت پوندي آهي جيئن پيٽ جي بک جا تالا کولي سگهجن! “
مون تجسس مان ٻيهر پڇيو،چاٻي چورائڻ مان چور آخر ڇا ڪندو؟
دوست وري سوال ڦهڪو ڪيو.
فلسطيني شاعر محمود درويش جو نظم “منهنجو وطن” توکي ڪيئن لڳو.
مون چيو کجي جي وڻ ۽ لهندڙ سج جي تشبيهه منهنجي اندر کي جھوري وڌو سچ ته منهنجو وطن مونکي ڏاڍو پيارو آهي.
مون وري پڇيو، پر چاٻي چور…؟
هن جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو اسٽالن ڌاڙا هنيا تو ڪڏهن اعتراض ڪيو مون چيو نه!
پوءِ چاٻي چور، چاٻي چور جو رينگٽ بند ڪر.
مون چيو، اياز جي شاعريءَ جو قسم مون ڪوبه رينگٽ نه ڪيو آهي آئون رڳو چاٻي چور بابت سمجهڻ چاهيان ٿو ته ننڍڙي چاٻي چورائڻ سان ان چور کي ڇا ته ملندو؟!
دوست تپي باهه ٿي ويو هو، هن ڪاوڙ جي لهجي ۾ چيو چاٻي چور چاٻيءَ سان موٽر سائيڪلون ۽ ڪارون چوري ڪندي پنهنجي پيٽ جي باهه به اجهائيندو آهي ۽ سياسي تحريڪ ۾ ٻارڻ به وجهندو آهي، جي چاٻي چور نه هجن ته هوند پاڻ واري چرپر ڪڏهن ڪي مري فنا ٿي وئي هجي ها.
مون کلي چيو منهنجي ماستري جو پگهار ته ٩٨٣ روپيا آهي، منهنجي سموري پگهار ته جدوجهد تي خرچ ٿيئي ٿي بابا سائين اڃان هوٽل تي بيراگيري ڪري گهر جو گاڏو هلائي ٿو. ائين سنڌ جا هزارين ماڻهو پنهنجي هڙان وڙان جدوجهد کي ڏيئي سرگرم رکيو ويٺا آهن. ڪئين ٿو چئين ته چاٻي چور جي ڪري جدوجهد کي ٻارڻ ملي ٿو.
پنهنجي مُڇن کي وٽ ڏيندي چيائين ته ڀُليو آهين ڀائو، چاٻي چور نه هجن ته هوند سياسي پارٽيون ئي مري کپي ويون هجن ها.
مون وري اڻڄاڻائيءَ جي عالم مان پڇيو، چاٻي چور ڀلا موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن کان سواءِ ٻيو ڇا چوري ڪندا آهن.
کلندي چيائين ڀوڪ، بصر، چاٻي چور سڀ ڪجهه چوري ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا. ايتري تائين جو هو پارٽين جا عهدا به چورائي وٺندا آهن ته ماڻهن جا ويساهه به!
هو چاٻين جا ڌڻي آهن جنهن کي به چاٻي هڻن سو بنا تيل جي به اسٽارٽ ٿي ويندو آهي.
آئون خاموش ٿي ويس ۽ لطيف جي رسالي کي کولي سر سامونڊي جي وڻجارن کي پڙهڻ ويٺس.
سالن گذرڻ کان پوءِ جيڏانهن نظر ڦيرايان ٿو هر طرف وڏي تعداد ۾ سياسي پارٽين جي وڏن عهدن تي اڄ چاٻي چور ئي برجمان نظر اچن ٿا.
حيدر ملاح٢٦ فيبروري ٢٠١٩

عظيم پيئرن جا نافرمان پٽ!!

تاريخ نافرمان اولاد جي غليظ پڻي سان ڀري پئي آھي رات رب جي نبي حضرت نوح تي ھالي وڊ جي ٺھيل فلم ويٺي ڏٺيم سندس نافرمان پٽ نوح جي سچ جي ٻيڙي ۾ چڙھڻ کان انڪاري ٿيندي ڏٺم، سندس

مقدر پنھنجي ئي پيشاب ۾ ٻڏندي ۽ مرندي ڏٺم.
ائين حب الوطني جي عظيم نالي سورھيہ بادشاھہ جي پٽ علي مردان شاھہ مرحوم پيرپاڳاري کي مشرف جي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جو حمايتي ۽ وڪالت ڪندي اکين سان پسيم.
ضياءَ جي دؤر ۾ قومي اسمبليءَ ۾ عبدالحميد جتوئي ڪالاباغ ڊيم جي خلاف جيڪا دليرانہ دليلن سان تقرير ڪئي ھئي اھا ان دؤر ۾ ڪيسٽ جي شڪل ۾ جھنگ جھر وائرل ٿيئي ھئي پر سندس پٽ لياقت جتوئي پنھنجي والد جي نافرماني ڪندي ڪالاباغ ڊيم جو وڏو حمايتي رھيو،
سائين جيئنم جي فڪري پورھئي جو خاموش ليکڪ ۽ سنڌ جو حقيقي قومي دانشور سائين ابراھيم جويو 99 سالن جي عمر ۾ ڪورٽ ۾ فقط ان ڏوھہ جي ڪري گھرايو ويو جو سندس پٽ منصور جويو سندس ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙي درخواست ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ھئي. جنھن پٽ سدائين جويو صاحب جي علمي ۽ فڪري ڪردار جي نفي ڪئي ھئي .
قرآن ۾ صورہ بقرہ ۾ اللہ تعالي حضرت ابراھيم سان مخاطب ٿي چوي ٿو،” اي ابراھيم تنھنجي اولاد مان نبي پيدا نہ ڪندس جيڪڏھن ھو نيڪ ۽ صالح نہ ھوندا.’
اي منھنجا خدا!
اسان کي نافرمان، بدبخت اولاد کان بچاءَ جيڪي اسان جي جيئري توڙي اسان جي مرڻ کان پوءِ اسان جي ڪردار جي نفيءَ ۾ تاريخ جي لعنت کڻي جيئن ۽ اسان جي قبرن کي اسان جي مرڻ کانپوءِ بہ لڄائيندا رھن.
حيدر ملاح

Design a site like this with WordPress.com
Get started