اسان سنڌي “سوري “لفظ جو ڪڏهن ڀرم رکندا سين.

لنڊن جي انڊر گرائونڊ ٽرين ۾ چار ڄڻا سنڌي چڙهيا انهن سنڌين ۾ هڪ اهڙو به همراهه هو جنهن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پينٽ شرٽ ۽ ٽائي پاتي هئي، سندس وزن گهٽ ۾ گهٽ سو ڪلو هوندو ۽ ست فوٽ قد، پيرن ۾ سخت چمڙي وارو پاڪستاني باٽا جو بوٽ، سيٽ نه ملڻ جي ڪري هو ٻين مسافرن سان گڏ بيٺو رهيو، نئون ملڪ نوان ماڻهو نئون ماحول، هو مسلسل ذهني ڌٻاءَ ۾ هو پر سندس ٻيا دوست کيس ان نئين ماحول مان چرچا ۽ ڀوڳ ڪري ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، انڊر گرائونڊ ٽرين جي اڳئين اسٽاپ تان ڪجهه وڌيڪ مسافر ٽرين ۾ چڙهيا جنهن ۾ اڪثريت نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي هئي، موڪل جي ڏينهن هجڻ جي ڪري اهي شايد ڪنهن تفريحي جاءِ تي گهمڻ وڃي رهيا هئا، اسان جو ستن ڦٽن وارو سنڌي پينٽ ۽ ٽائي سنڀاليندي باٽا جي بوٽ سميت هڪ سورنهن سالن جي خوبصورت ڇوڪريءَ جي پير مٿان چڙهي ويو، ڳاڙهي رنگ جي برٽش نسل جي ڇوڪري جي زبان مان بي اختيار چيخ نڪري وئي سندس پير مٿان سوُ ڪلو جو ماڻهو پاڪستاني باٽا بوٽ سميت چڙهي ويو هو سو ڇوڪريءَ جو پير رت سان ڳاڙهو ٿي چڪو هو ۽ درد مان دانهون ڪري هوءَ روئڻ لڳي.
اسانجا چارئي سنڌي دوست سخت پريشان ٿي ويا کين خبر هئي ته ڇوڪريءَ جي هڪڙي ئي شڪايت سان پوليس اچي ويندي ۽ پوءِ برٽش قانون به تحرڪ ۾ اچي ويندو.
پر اهڙو ڪجهه ئي نه ٿيو پير لتاڙيندڙ همراهه جي زبان مان اوچتو بي اختيار، لفظ نڪتو (سوري).
زخمي ڇوڪري رئندڙ آواز سان ڪنڌ مٿي ڪري چيو it’s OK.
اڳيئن اسٽيشن تائين توڙي جو ڇوڪري درد مان رئندي ۽ دانهون ڪندي رهي پر هن ڪابه پوليس ڪمپلين نہ ڪئي، رت ڀريل پير سان منڊڪائي هوءَ اڳئين اسٽيشن تي لهي ويئي.
اسان وٽ برٽش جي مهذب ماڻهن جي ابتڙ وري ائين ٿيئي ٿو، جنهن کي به اسان” سوري ” ڪريون ٿا اهو ماڻهو “سوري’ لفظ کي جو ڀرم رکڻ جي لاءِ تيار ناهي هوندو.
ان مان لڳي ٿو ته انائن جي هن جهان ۾ شايد اسان سنڌي بحيثيت قوم جي اڃان لفظ” سوري “جو ڀرم رکڻ جي اهل ناهيون ٿيا.
حيدر ملاح

پيار مهانگو….

اسان کي سمجهايو ويندو آهي اڃان تون ننڍو آهين توکي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ڊگرين جاانبار وٺڻا اٿئي، سڻڀي نوڪري به کپئي.
پيار متان ڪرين؟
ها پيار ڳرو آهي سڀني ڊگرين کان، مهانگو آهي سڀني نوڪرين کان. آزاد آهي عمر جي قيد کان.
جي پيار ڪريو ٿا سمجهي وٺو اوهان زندگي جيئڻ جو ڍنگ سکي وٺو ٿا.
جي پيار کان پري آهيو سمجهي وٺو اوهان جي زندگي نفرت جي ڳري ڇپ هيٺان اچي ويئي آهي.
اوهان هر صورت ۾ جيئڻ جي ڪوشش ۾ هوندا. ٻين کي لتاڙي، چٻاڙي، ماري جيئڻ جي ڪوشش ۾.
پيار منهنجا من!
اوهان جي اندر مان خوف جو احساس ختم ڪندو.
اوهان ڪڏهن غور سان ڏٺو آهي ته مذهبي ماڻهو اڪثر پيار جي خلاف هوندا آهن، ڇاڪاڻ انهن وٽ موت جو خوف هوندو آهي.هو قبر جي عذاب جا ڏينهن ۾ سوين ورد پيا ڪندا آهن.
جڏهن ته پيار بي خوف آهي.
قبر ۽ قيامت جي خفن کان آزاد.
حيدر ملاح

فيڊل ڪاسترو جدوجهد ۽ اميد جو آواز

“اسين سوشلسٽ ٖ مارڪسٽ ۽ ليننسٽ سان گڏ وگڏ قومپرست ۽ محب وطن بہ آهيون“ ڪاسترو ساري ڄمار پنهنجي انهي سياسي سڃاڻ سان گهاري ڪجهہ ڏينهن اڳ اسان کان هميشہ لاء وڇڙي ويو. جيتوڻيڪ هن پنهنجي سياسي لائين اسٽالن واري اپنائيندي ڪيوبا ۾ پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ جو بنياد وجهي سمورا وسيلا ۽ ملڪيتون قومي تحويل ۾ ورتيون پر هن جي مزاج ۾ اسٽالن واري سرد مهري ڪوهين ڏور بہ نظر نہ ٿي اچي. هن پنهنجي ناقدين کي نہ رڳو درگذر ڪيو پر گهڻا تہ سندس دوستي جي حلقي ۾ بہ شامل هئا. ڪيوبا انقلاب ۽ ڪيوبن ڪميونسٽ پارٽي جو وڏو نقاد عظيم ناول نگار گارشيا مارڪيز بہ سندس اهڙن دوستن منجهان هڪ هو. فيڊل ڪاسترو جي انقلابي زندگي جي تحرڪ جو بنيادي محرڪ مارڪس يا لينن جا نظريا نہ هئا پر هن جي جنرل بتيستا خلاف پهرين بغاوت (1952) جي پٺيان ڪيوبا جي قومي هيرو جوز مارتي جي روشن خيال قومپرستي واري تحريڪ جو اتساهڪ اثر هو جنهن ڪاسترو کي گوريلا جنگ تي اتساهيو. جوز مارتي ئي جاگيردار جي پٽ ڪاسترو جو هيرو هو. مارتي هڪ صحافي ٖ سياستدان ٖ دانشور ٖ پروفيسر ٖ سڀ کان اتم هڪ سپاهي هو. جيڪو ڪيوبا کي اسپين کان آزادي ڏيارڻ لاء وڙهندي شهيد ٿي ويو. 42 سالن جي ننڍي عمر ۾ هن نہ صرف آزادي جي تحريڪ کي منظم ڪيو پر وڙهندي شهيد ٿي ڪيوبا جي آزادي جوخواب ساڀيان ڪري ويو. ڪاسترو جي پنهنجي ڀاء رائول ڪاسترو سان گڏ شروع ڪيل ويڙھ وقت جوز مارتي جو پيڪر ئي سندس خيالن ۾ هو. بدقسمتي سان هو پڪڙجي پيا ۽ کين جيل موڪليو ويو. ان ڪيس ۾ ئي ڪاسترو پنهنجو تاريخي بيان “تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي“ رڪارڊ ڪرايو هو. ڪاسترو جي خواهش موجب سندس تدفين جوز مارتي جي ڀر ۾ ڪئي پئي وڃي.
جلد ئي عوام جي وڌندڙ غصي کي ماٺو ڪرڻ لاء سڌارن جو اعلان ٿيو ۽ ڪاسترو سميت سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو. 53 عيسوي ۾ ڪاسترو ميڪسيڪو ويو جتي سندس ملاقات چي گويرا سان ٿي. جنهن کيس مارڪسي لينني فلسفي سان هٿياربند ڪيو ۽ کيس گهڻو ڪجهہ سکڻ لاء مليو. چي ڪاسترو سان گڏجي ڪيوبا آيو ۽ گوريلا جنگ کي منظم ڪيو. صرف 6 سالن جي اندر هنن بتيستا کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ۽ 1959 ۾ ڪيوبا آمريڪا جي بيٺڪيت مان آزاد ٿي هڪ عوامي رياست بڻيو انقلاب کان پوء هن پنهنجي هيرو جوز مارتي کي قومي هيرو ڊڪليئر ڪيو ۽ ڪيئي اعزاز هن جي نالي ڪيائين.. ڪيوبا هڪ زرعي ملڪ هو ۽ گهڻي ڀاڱي ڪمند پوکيندو هو. ڪاسترو لاء تيل حاصل ڪرڻ مسئلو هو جيڪا تنهن وقت جي سوويت حڪومت جي سهڪار سان حل ٿيو. ڪاسترو ڪيوبا ۾ تعليم عام ۽ مفت ڪئي. هي واحد ملڪ آهي جتي تعليمي شرع 97 سيڪڙو کان مٿي آهي. ٻيو ڪاسترو جو ڪارنامو صحت جي شعبي ۾ نظر اچي ٿو. جتي هن صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ۽ ڊاڪٽرن جي فوج پئدا ڪئي. جڏهن پاڻ وٽ 2005 ۾ ڪشمير ۾ زلزلو آيو تہ سڀ کان وڏي ڊاڪترز ۽ ماهر عملي تي مشتمل ٽيم ڪيوبا کان آئي هئي. برازيل ۾ جڏهن ٻهراڙين ۾ ڊيوٽي ڪرڻ کان مڊل ڪلاس جي ڊاڪٽرز انڪار ڪيو تہ ڪاسترو 11000 ڊاڪٽر برازيل موڪليا. ڪاسترو آء ايم ايف جي ڄار ۾ ڦاٿل لاطيني آمريڪا جي ملڪن ڪولمبيا ٖ ارجنٽينا ٖ برازيل ٖ ميڪسيڪو ٖ وينزويلا سميت ٻين ملڪن جي بہ ڏيوالپڻي ۾ مدد ڪندو رهيو آهي. الجزائر ٖ يوگينڊا ٖ نڪاراگووا ٖ گريناڊا جا انقلاب برپا ٿيڻ ڪاسترو کان سواء ممڪن نہ هئا. ايتري تائين جو هو نيلسن منڊيلا جي آفريڪن نيشنل ڪانگريس جي بہ مدد ڪندو رهيو. هيوگو شاويز گهڻو جٽاء نہ ڪري ها جي ڪاسترو سندس ٻانهن ٻيلي نہ ٿي ها. جيتوڻيڪ ڪاسترو جو جنم هڪ عيسائي گهرااڻي ۾ ٿيو ۽ عيسائي رسم موجب سندس بپتسمو بہ ڪٽيل هو پر هو پاڻ کي ايٿيئسٽ(دهريو) سڏائيندو هو. هو مذهب جو هر حال ۾ انڪاري نہ هو. هو عيسائيت کي جتي عورتن جي استحصال جو سبب سمجهندو هو اتي هو عيسائيت جي سماجي انصاف جو دل سان قائل هو. هو اڪثر چوندو هو تہ حضرت عيسا هڪ ڪميونسٽ هو جنهن سماج جي اڻ برابري تي جدوجهد ڪئي ۽ عظيم قرباني ڏني. ڪاسترو سڄي حياتي سخت قسم جو آمريڪا مخالف رهيو. هو سمجهندو هو تہ آء ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ ذريعي سڄي دنيا ۾ مظلومن جو استحصال ڪندڙ آمريڪا آهي. تازو سندس ڀاء آمريڪا سان تعلقات بحال ڪيا پر ڊگهي وقت کان موڪل تي هجڻ باوجود ڪاسترو ان تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. ڪاسترو هڪ سچو پچو سوشلسٽ نيشنلسٽ انسان دوست روشن خيال عظيم اڳواڻ هو. جنهن لاء لاطيني آمريڪا جا ماڻهو سمجهن ٿا تہ هو جدوجهد ۽ اميد جو آواز آهي.
ڪاسترو کي سرخ سلام.

حيدر ملاح

انتظار سان ڊگهي جنگ

جڏهن سنڌو درياهه مان پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو يا وري سنڌو ڊيمن ۾ بند ڪيو وڃي ٿو ته ٻيڙا سڪل سنڌو جي ڪناري تي وڻجارن جي انتظار ۾ اچي واريءَ جي ڌڙن مٿان بيهي رهن ٿا .
ٻيڙن جا ناکا مسافرن جو انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پون ته سندن اکين ۾ ڳوڙها ڳڙهي اچن ٿا.
ھي اھو مانجهند جو بندر آهي جنهن لاءِ اليگزينڊر برنس، مشهور ڪتاب” سنڌو درياهه جو سير” ۾ لکيو هو ته “مان شام جي هن ٿڌڙي پھر ۾ مانجهند پهتو آهيان، هتي شاندار بندر آهي. سوين ٻيڙا لنگر ٿيل آهن، شهر شاهوڪار آهي شمعدان شهر کي روشن ڪرڻ جي لاءِ ٻري چڪا آهن، وڏين ماڙين جي مٿان هوا جي لاءِ کليل مگهه ڏسي مونکي ائين لڳي ٿو ڄڻ مان واپس سنڌ جي گادي جي هنڌ حيدرآباد پهچي ويو آهيان, هي شهر سورنهن ڀيرا درياھ جي ٻوڏ سبب ٻڏي چڪو آهي پر هتي جا ماڻهو ٻيهر هن کي ساڳي جاهه جلال سان آباد ڪري وٺن ٿا “.
ساڳيو مانجهند جو بندر اڄ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيو آهي.
نه ڳنڌڻ جو آسرو نه مسافر جي اچڻ جي اميد.
هي مانجهند جو ملاح ائين سڄو ڏينهن انتظار جي باھ جي بٺي ۾ سڙي جڏهن خالي هٿين گهر وڃي ٿو اڳ ئي اتي بک جي ڪربلا خيما کوڙي ويٺل آهي.
اسان جي آرٽسٽ ثاقب ميمڻ ان درياه جي درد کي هن تصوير ۾ سموئي ڇڏيو آهي، اهو درياه جيڪو انڊس تهذيب جو ڌڻي. ڪنارن تي آباد ماڻهن جو پالڻهار آهي. اڄ ان درياه کي دٻي جي شڪل ۾ سوگهو ڪيو ويو آهي.
نه مانجهند جو شاهڪار بندر رهيو، نه سنڌ ورڪين جو شاهوڪار شهر نه ئي ٻيڙن جا ولر.
سڃا ٿي ويا سنڌو جا ڪنارا.
تصوير کي غور سان ڏسو.
حيدر ملاح

جمهوري ڪاروان ڪٿي پهتو؟

پاڻ ڪالهه ئي ان ڳالهه تي تفيصلي ڪچهري ڪئي هئيسن ته ملڪ ۾ نئين صف بندي ٿي رهي آهي.
احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي وڊيو ملڪ ۾ نه صرف عدالتي فيصلن تي نوان بحث شروع ڪرڻ جي شروعات آهي پر نئون سياسي تحرڪ به پيدا ٿيندو.
منهنجو ذاتي خيال آهي ته آگسٽ تائين پنجاب ۾ حڪومت مخالف تحريڪ ۾ شدت ايندي.
اڄ ان جي شروعات ٿي چڪي آهي، ن ليگ اڳواڻ مريم نواز منڊي بهاؤالدين ۾ جلسي ڪرڻ جي لاءِ لاهور کان رواني ٿي آهي، “جمهوري ڪاروان “جي نالي سان عوامي رابطہ مهم جو آغاز ٿي چڪو آهي. مريم نواز سان وڏو تعداد ڪارڪنن جو گڏ آهي.
حڪومتي ادارن مريم نواز کي منڊي بهاوالدين ۾ جلسو نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي مقرر جڳهه تي پوليس جي وڏي نفري بيهاري ڇڏي آهي.
مريم نواز کي اڄ شام ستين وڳي منڊي بهاؤالدين هو.پر هن وقت پاڻ رات جي ڏهين وڳي جي ويجھا آهيون پر اڃان مريم نواز منڊي بهاؤالدين نه پهتي آهي.
سوشل ميڊيا رپورٽ ڪري پئي ته مريم نواز جي دير پهچڻ جو سبب عوام پاران رستي تي استقبال ئي آهي.
جڏهن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا به ان جي تصديق ڪري رهي آهي.
مجموعي طور پيمرا جي بندش باوجود به اليڪٽرانڪ ميڊيا هر خبرنامي ۾ ن لیگ کي اهميت ڏئي رهي آهي.
ٻئي پاسي احتساب جي جج جي مبينا پريس رليز به سامهون آئي، جنهن پريس رليز ۾ ٿيل صحي بابت چيو پيو وڃي ته جج صاحب جي صحي ناهي.
پر جج صاحب اهو ضرور قبول ڪيو آهي ته وڊيو سندس آهي پر ان جو چوڻ آهي ته وڊيو ۾ ڪيل ڳالهيون منهنجون ناهن.
ٻئي طرف ٻن ڏينهن کان ملڪ جي ڪجهه اهم صحافين جي گرفتاري لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
انهن صحافين تي الزام آهي ته هو ملڪ دشمن آهن.
اڄ حامد مير جي اڳواڻي ۾ انهن سينئر صحافين اسلام آباد ۾ مظاهرو به ڪيو آهي جنهن ۾ گڏيل طور مطالبو ڪيو ويو ته “اسان کي ڌمڪيون ڏيڻ بدران گرفتار ڪريو.”
حامد مير ته وڊيو جاري ڪري للڪاريندي چيو آهي ته جي اوھان ۾ غيرت آهي ته مونکي گرفتار ڪريو آئون ملڪ ڇڏي نه ڀڄندس اوهان سان مقابلو ڪندس.
احتساب عدالت جي جج جي وڊيو تي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق مطالبو ڪيو آهي ته جوڊيشنل انڪوائري ٺاهي وڃي. جيڪا ان معاملي جي شفاف جانچ ڪري.
پيپلزپارٽي مطالبو ڪيو آهي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس هن وڊيو جو نوٽيس وٺي جانچ ڪرائي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ترجمان فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وڊيو جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائي اصل حقيقت سامهون آڻينداسين.
هن سٽن لکڻ تائين چيو پيو وڃي ته مريم نواز موٽر وي تي ٽيڪس ادا ناهي ڪيو جنهن تي وفاقي حڪومت مريم نواز کي ڏنڊ سميت ليٽر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
منڊي بهاوالدين ، ڏانهن ويندي مريم نواز جي گاڏي جو ٽائر ڦاٽي پيو آهي جنهن ڪري مريم پنهنجي گاڏي ڇڏي ٻئي گاڏي ذريعي” جمهوري ڪاروان “وٺي منڊي بهاؤالدين ڏانهن روان دوان آهي.
ڏسڻو اهو آهي ته” جمهوري ڪاروان ” پنجاب جي ڪهڙي ڪهڙي علائقي ڏانهن سفر جاري رکي ٿو. يا رستي تان ئي مريم نواز کي واپس ڪيو ويندو.
حيدر ملاح

تون ئي مشعل

اي عورت

تون ڪائنات جي رنگن کي
هوائن جي هڳائن ۾
اڏائڻ لاءِ،
ڌرتيءَ جي گولي تي
خوشبوءِ ٿي وکري رهي آهين.
تون ٻاٽ اونداهه ۾ اهڙو ڏيئو آهين
جيڪو ٻرندي به وسامي نٿو!
تون ئي دلين جي ڌڙڪن
تون ئي شاعري جو رڌم
تون ئي گيتن جي گونجار
تون ئي جل ٿل
تون ئي مشعل
تون ئي زندگي
تون ئي بندگي
تون ئي عشق اکين ۾
تون ئي پيار دل ۾!
تون ئي سوچ، تون ئي لوچ
اي عورت……..!
تون ئي ڪائنات جي ماءُ آهين!
تون ئي سرتي ساهه آهين!
حيدر ملاح

ڏسون ته ملڪ ۾ آگسٽ ۾ ڇا ٿو ٿئي؟

ملڪ ۾ نئين صف بندي جو دور شروع ٿي ويو آهي، هي پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي بحران گڏيل طور شدت سان پيدا ڪيا ويا هجن.
ماضيءَ ۾ جڏهن ان قسم جو بحران پيدا ٿيو هو ته ڀٽي شهيد جي حڪومت ختم ڪري کيس ڦاهي تي لٽڪايو ويو.
ائين سياسي ۽ معاشي بحرانن جي ور شهيد بي نظير ڀٽو، ۽ نواز شريف به رهندا رهيا آهن.
مزي جي ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جو مدو به پورو ٿيڻ وارو آهي حالتون ٻڌائين ٿيون ته موجوده چيف آف آرمي اسٽاف به ممڪن آهي ٻين اڪثريتي جنرلن جيان مدو وڌائڻ جي لاءِ وزير اعظم ڏانهن رجوع ڪري.
عدلیہ جي حالت به ڪا سٺي ناهي، چيو پيو وڃي ته ججن جو وڏو حصو “ن ليگ” جي حمايت ۾ بيهڻ وارو آهي. اڄ جي مريم نواز جي پريس ڪانفرنس ۽ احتساب عدالت جي جج جي وڊيو خود موجوده حڪومت جي شفاف احتساب واري دعوا لاءِ وڏو آئينو آهي.
جڏهن نواز شريف کي سزا ڏيندڙ جج پاڻ اعتراف ڪري ته نواز شريف بي گناھ آهي ۽ نواز شريف کي ملندڙ سزا ڪن مقتدر ڌرين جي خواهش جو نتيجو آهي ته سمجهي وٺو ته ملڪ ۾ وڏو سياسي ڀونچال ئي پيدا ٿيڻ وارو آهي .
نواز شريف کي سزا ڏيندڙ جج جي اعترافي وڊيو منظر تي اچڻ کانپوءِ نه صرف ملڪي پر عالمي سطح تي پڻ پاڪستان جي عدليه جي ڪيل ماضيءَ جي ۽ مستقبل جي فيصلن بابت وڏا سوال پيدا ٿيندا. گڏوگڏ ملڪ ۾ شفاف انصاف جي دعوا ڪندڙ تحريڪ انصاف جي انصاف واري حڪومت لاءِ وڏا مسئلا پيدا ٿيندا.
اوهان چڱي طرح واقف آهيو ته وڪيلن جون بار اڳئي جوڊيشنري جي خلاف ميدان گرم ڪري رهيون آهن.
اهڙي صورتحال ۾ باخبر ذريعا دعوا ڪن ٿا ته عمران خان هن سال وزير اعظم جي ڪرسي تان پوتڙو کڻي بني گالا هليو ويندو.
عمران خان جي حق ۾ ڪو وڏو عوامي احتجاج ان ڪري به ممڪن ناهي جو عمران جي حڪومت ملڪ جي تاريخ جي غير مقبول حڪومت آهي. عوام هن طرز حڪومت مان سخت بيزار آهي.
چوڻ وارا چون ٿا ته عمران خان جو ملڪ جي اندر سياسي ۽ اقتداري ڪاروڊور مان گهڻو تڻو ڪردار ختم ٿي چڪو آهي.
ملڪي اسٽيبلشمينٽ شايد هن اندازي کان بي خبر هئي ته نواز شريف جيل وڃڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ زرداري گهڻو وقت جيل ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندي ضمانتن جون درخواستون به واپس وٺي ڇڏيندو، ملڪي سياست ۾ عمران خان جو بس ايترو ئي ڪردار طئه ٿيل ٻڌايو پيو وڃي .
لکيل اسڪرپٽ مطابق “نواز شريف ۽ زرداري احتساب جي نالي تي جيل ويندا” آءِ ايم ايف سان نوان معاهدا ٿيندا ۽ ڪجهه ملڪن کان امدادي رقم ملندي.
باقي خطي جي سياست ۾ عمران خان جو ڪردار فقط افغانستان جي طالبان تائين رسائي لاءِ مخصوص ٿيل هو، ڇاڪاڻ نواز شريف (ن ليگ) ۽ بي نظير ڀٽو (پ پ ) مختلف شڪلين ۾ طالبان جي دهشتگردي کان شديد متاثر هئا يا وري طالبان خلاف سندن ئي حڪومتي دورن ۾” ضرب عضب “۽” ردالفساد” جهڙا خطرناڪ فوجي آپريشن شروع ٿيا هئا جنهن ڪري طالبان کي وڏو نقصان پهتو.
عمران خان مولانا سمیع الحق جي مدرسن کي خصوصي بجيٽون جاري ڪري طالبان سان ڳالهين جا رستا کوليا ۽ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
توڙي جو انهن ڳالهين ۾ ڪا وڏي پيش رفت ناهي ٿي پر چيو وڃي پيو ته اشرف غني جي افغانستان جي حڪومت ۾ طالبان جو حصو طعه ڪيو ويو آهي، آمريڪي فوجن جي واپسي لاءِ صاف رستو ڏيڻ جو به فيصلو ٿي چڪو آهي هاڻي عمران خان جو افغانستان جي سياسي صورتحال ۾ ڪو خاص ڪردار ناهي رھيو.
ٻئي طرف ملڪ ۾ نئين صف بندي جي شروعات ٿي رهي آهي مريم نواز جو نيئن صف بندي ۾ اهم ڪردار هوندو.
ن ليگ نه صرف پنجاب ۾ پر سنڌ توڙي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به سياسي تحرڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي ان ڪري ن ليگ ملڪ جي اندر نيئن سري سان تنظيم جي عمل کي مڪمل ڪرڻ وڃي رهي آهي.
ملڪ ۾ قومپرستن تحريڪن جو مستقبل امڪاني طور ان ڪري روشن ناهي جو پختون تحريڪ کانسواءِ باقي سنڌي ۽ بلوچ تحريڪون عوام کان مڪمل طور ڪٽيل تحريڪون آهن.
پختون قيادت اوهان کي هن وقت هڪ ئي پيج تي ملندي، محمود خان اچڪزئي کان وٺي اسفندیار ولي ۽ مولانا فضل الرحمان تائين سڀئي پختون ساڄي ۽ کاٻي سياست جا اڳواڻ منظور پشتين کي پنهنجو “مشر ” اڳواڻ يا وڏو چئي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌي قومپرست اڃان پنهنجي پارٽين ۽ شخصيتن جي وجود جي بقا جي جنگ ۾ “ٻئي کي ۽ پاڻ کي رد” ڪرڻ جي منفي سياست جي حوالي ٿيل آهن.
بلوچن جي تحريڪ مڪمل فسطائيت جو شڪار ٿي وئي آهي، بلوچن مان ترقي پسندي ۽ جديد قومپرستي جي شڪل ئي گم ٿيئي ويئي آهي.
بندوق واري سياست جي بدقسمتي ئي اها هوندي آهي ته ان جي نظر ۾ سڀ مخالف گولي جا حقدار هوندا آهن.
بلوچ قومپرست سياست ان ئي روئيي جو شڪار آهي.
پختونن جي قومپرست سياست اڃان ڳچ عرصو نتيجن ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
پختون رياست جي نفسياتي جنگ مان سرخرو ٿي ٻاهر نڪري آيا آهن جنهن ڪري اوهان کي پختون علائقن ۾ سياسي مقابلي بازي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
ملڪ جي ترقي لاءِ مخصوص ٿيل بجيٽ جو وڏو حصو هن وقت پختون علائقن ۾ خرچ ٿي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ هن وقت هر محاذ تي اوهان کي ڪمزور شڪل ۾ ملي ٿي.
ان ڪري ڪجهه مهينن ۾ ڪنٽرول ڊيموڪريسي جي خلاف ملڪ ۾ وڏو تحرڪ پيدا ٿيڻ وڃي پيو.
ان تحرڪ ۾ مهانگائي جو ستايل عوام به شامل هوندو ته قومي جبر جي ور چڙهيل محڪوم قومون به اڳيان اڳيان هونديون، سليڪٽيڊ احتساب کان متاثر پ پ ۽ ن لیگ به هوندي ته پيمرا جا متاثر صحافي ۽ عدالتي نظام سان جنگ جوٽيندڙ وڪيل به شامل هوندا.
ان نئين سياسي تحرڪ ۾ سنڌ شامل هوندي يا نه خبر ناهي ڇاڪاڻ ملڪ ۾ پهريون دفعا اسٽيبلشمينٽ جي خلاف پنجاب مان اٿندڙ ڪنهن به تحريڪ سان گڏ بيهڻ کانپوءِ سنڌ جي قدامت پسند قومپرستن پاران ايندڙ سياسي فتوائن جي سامهون شايد ڪير بيهڻ اڳ سَوَ نه پر هزار ڀيرا سوچڻ لاءِ مجبور هوندو.
ڏسون ته ملڪ ۾ آگسٽ ۾ ڇا ٿو ٿئي ؟!
حيدر ملاح

سگريٽ جي دونهي جهڙو عوام ۽ ايش ٽري جهڙي بجيٽ

مانجهند جي ڇپرا هوٽل تي ڪٽ چانهه پيئندين صبح جو سويل اخباري سرخين تي بحث شروع ٿي وڃي ٿو.
بحث ۾ هاڻي سياسي ڪارڪنن جي بدران مزدور، هاري، پوڙها رٽائرڊ ننڍا ملازم، هوٽل جا بيرا شامل آهن.
سياسي ڪارڪن جي کيپ هاڻي فيس بوڪ تي ائين بحث ڪري ٿي جيئن فيس بوڪ ئي انقلاب جو متحرڪ پرت هجي.
انقلاب عوام جي ضرورت هوندو آهي، انقلاب لاءِ عوام سان رجوع ڪرڻو پوندو آهي.
هن وقت سرمائيدارن جي دنيا اسان مان نه صرف ناڻو ڪمائي ٿي پر اسان جي ذهني ۽ جسماني صلاحيتن کي به پنهنجي چلڪڻي دنيا جي قُوتَ لاءِ ڪيمون بڻائي ٿي.
مولو ميربحر چانهه مان وڏي آواز واري سرڪي ڀري ڪالهه واري مخالف ڌر جي اي پي سي جي هينڊنگ پڙهي پاڻ ئي تبصرو ڪري ٿو.
کوٽا پهاڙ نکلا چوھا.
رنگ جو ڪاريگر عيدن خاصخيلي سگريٽ مان ڊگهو ڪش هڻي چوي ٿو ته ڇا سينٽ جي چيئرمن کي هٽائڻ سان مهانگائي گهٽجندي.
ائين هر ماڻهو، کنڊ، سيمنٽ، گئس، بجلي جي مٿان نون لڳل ٽيڪسن تي تبصرو به ڪري ٿو ته حڪمران جماعت ۽ مخالف ڌر تي تبرا به ڪري ٿو.
عام ماڻهن ۾ موجوده حڪومت بابت هاڻي هڪ ئي بحث آهي ته نئين پاڪستان کان ته پراڻو پاڪستان چڱو هو، گهٽ ۾ گهٽ ٻه ويلا ماني ته ملي ويندي هئي.
مزيدار بحث ته سنڌ اسيمبلي جي فلور تي به آهن جتي ٻه عورتون هڪ مرد جي مرداڻي طاقت جي حق ۽ نفي ۾ تقريرون ڪندي آخر هن جملي تي اختتام جن ٿيون ته” آزمائش ئي شرط آهي. ”
ٻئي طرف قومي اسيمبليءَ ۾ هن وقت تحريڪ انصاف حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ 2019-20 تي گرما فرم بحث هلي رهيو آهي.
انقلابي شاعر حبيب جالب جا ترنم سان گيت ڳائيندڙ نواز ليگ جي صدر شهباز شريف بجيٽ سيشن ۾ ٽن ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت تقرير ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته “جتي باھ ٻري سا جاءِ سڙي! “.
2019-20 جي پهرين جو لاءِ کان شروع ٿيندڙ بجيٽ جي ڪل ماليت ست هزار، ٻاويهه ارب روپيا ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته حڪومت انهي سال دوران ٽيڪس وصوليءَ جو حدف، پنج هزار، پنج سو، پنجاھ ارب رپيا رکيو آهي،
هي فرق گذريل بجيٽ جي حوالي سان لڳ ڀڳ پندرنهن سو ارب رپين جو فرق آهي.
تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪا سادگي جي تشريح ڪندي رهي ٿي تنهن حڪومت پنهنجي 460 ارب رپين جي خرچ کي گهٽائي 437 ارب رپيا ڪيو آهي، يعني فقط 23 ارب رپيا، پوري سال جي سادگي طور گھٽايا ويا آهن، دفاعي بجيٽ گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪئي ويئي پر ان ۾ ڪابه تبديلي نه آندي ويئي آهي، ساڳي گذريل سال واري دفاعي بجيٽ رکي ويئي آهي، مقصد ته گهٽائي نه وئي ته معاشي حالتن کي ڏسندي دفاعي بجيٽ وڌائي به نه وئي آهي.
جنرل سيلز ٽيڪس به گذريل سال وارو ساڳيو 17 سيڪڙو رهندو، هن بجيٽ جي ماليت گذريل بجيٽ کان 30 سيڪڙومٿي آهي.
پر ساڳي وقت مالياتي خسارو ٽي هزار هڪ سو، ستٽيهه ارب روپيا آهي ۽ بجيٽ خسارو وڃي ساڍا ٽي هزار ارب رپين تي پهچي ٿو.
بجيٽ ۾ ايل اين جي تي ٽيڪس وڌايو ويو آهي، جنهن سان گيس جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. گاڏين تي ٽيڪس وڌائڻ سان گڏوگڏ سيمنٽ تي پڻ ڊيوٽي وڌائي ويئي آهي، کنڊ تي سيلز ٽيڪس ڇهه سيڪڙو کان وڌائي 17 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، سگريٽ تي به ايڪسائيز ڊيوٽي غير معمولي وڌائي وئي آهي جڏهن ته موبائيل فون تان ويليو ايڊڊ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.
انهن اضافي ٽيڪسن جي ڪل ماليت لڳ ڀڳ ست سو ارب ٻڌائي پئي وڃي.
پاڻ ائين چئون ته هي بجيٽ ٽيڪسن سان گڏ مهانگائي جا پهاڙ کڻي اچي رهي آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
گئس جي قيمت ۾ ستون ڀيرون اضافو ڪيو ويو آهي، هن ڀيري اها واڌ 190 سيڪڙو تائين ڪئي ويئي آهي.
اهو ئي معاشي ڏيوالپڻو آهي جيڪو هن بجيٽ پويان لڪل آهي.
پاڻ کي آساني سان سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن پروڊڪٽ جي ٺهڻ پويان گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو خرچ ٻارڻ جو هوندو آهي. ان ڪري گيس يا بجلي جي مهانگي ڪرڻ سان شين جي قيمتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ فورن 25 سيڪڙو جي واڌ ٿيئي ٿي. ان سان مهانگائي جو طوفان شروع ٿي وڃي ٿو، ڀوڳڻو هر حال ۾ عوام کي پئي ٿو.
هن وقت ملڪ ۾ ڊالر جي قيمت 163 روپين تي پهچي ويئي آهي جيڪا ملڪ جي تاريخ جي ڊالر جي بلند ترين سطح آهي.
سون جي اگهه ۾ هن ئي هفتي ۾ 1800 سو روپين جي واڌ ٿي آهي في تولو سون هن وقت 81000 رويپن جي بلند سطح تي پهتل آهي.
هن وقت تحريڪ انصاف جي حڪومت کي قومي اسيمبلي مان بجيٽ پاس ڪرائڻ جو الڪو لڳل آهي احڪومت جا اتحادي بجيٽ پاس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ان ڪري انهن جي رسڻ ۽ پرچڻ جي به موسم شروع ٿي وئي آهي.
سوشل ميڊيا جي ماڻهن جو هيرو سردار اختر مينگل جنهن جي تقريرن کان اسان جا ماڻهو گهڻا متاثر ٿين ٿا. ان هفتو پهرين واضع ڪيو هو ته هو سرڪار سان عوام دشمن بجيٽ پاس ڪرائڻ جي معاملي تي گڏ نه هوندو. پر سردار اختر مينگل ڪالهه مخالف ڌر جي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪري واضع پيغام ڏئي ڇڏيو ته هو تحريڪ انصاف جي حڪومت سان گڏ آهي.
ٻئي طرف مخالف ڌر جي اي پي سي حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ جي بدران سينٽ چيئرمين کي هٽائڻ ۽ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اسان کي سمجهڻ گهرجي ته عالمي مالياتي ادارن جي ڪنٽرول هيٺ هن ملڪ جي معاشي پاليسي آهي جنهن ڪري عوام کي رليف ملڻ جي ڪا به اميد ناهي. رڳو ڊالر جي قيمت ۾ اضافي سان ملڪ جي قرضن ۾ 1000 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي اڃان ڊالر جي قيمت ۾ اضافي جا امڪان ٻڌايا پيا وڃن. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ مٿان عالمي مالياتي ادارن جا قرض پيا چڙهندا ۽ مستقبل ۾ به ڪيتريون ئي مني بجيٽون ٻيهر پيش ڪيون وينديون.
اهڙن ئي معاشي بحرانن ۾ ملڪن جي اندر عوامي بغاوتون جنم وٺنديون آهن. عوام دوست قوتون اهڙين حالتن ۾ عوام کي حقيقي تبديلي جي لاءِ منظم ڪرڻ جو ڪم ڪنديون آهن. پر بدقسمتي سان اسان وٽ عوام دوست قوتون نه هجڻ جي برابر آهن.
ٻئي طرف بک ۽ غربت سبب سماجن ۾ انارڪي پيدا ٿيندي. ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو آهي، خانه جنگي جهڙي صورتحال جنم وٺندي آهي.
ڏسڻو اهو آهي ته مستقبل ۾ ملڪ ڪهڙي پاسي وڃي ٿو.
مثبت حقيقي تبديلي جي طرف يا وري انارڪي جي اوڙاهه پاسي.
گهڻا امڪان آهن ته ملڪ جي موجوده وزير اعظم جي چهري جي تبديلي سان پاڪستان جي عوام کي اميدن جو وري ڪو نئون لالي پاپ ڏنو ويندو.

چي جي رائيفل ۾ گولي ڦاسي پئي آ.

ھو انقلاب جي رومانيت جو سمنڊ جھاڳڻ لاء ارجنٽائين جي “روساريو ” شھر جي حسناڪين کي الوداع چئي ڪيوبا جي گھاٽن ٻيلن کان وٺي بلوويا جي پھاڙن تائين سامراج جي خلاف آزادي جي لاء ائين بي خوف ٿي وڙھيو ڄڻ موت ھن جو چوٿون ڀاءُ ھجي، ھو ڦڦڙن جي بيماريءَ جي علاج کان وڌيڪَ قومن جي شعوري سگھہ جو ماھر ھو ان ڪري ئي ھن جي آخري لکيل ٻن خطن م اوھانکي اعتماد ۽ ڀرسو ملندو، ھو فتح تي يقين رکندڙ اھو شخص ھو جنھن سان جيڪو مليو تنھن کي زندگي کان وڌيڪ سوڀ سان پيار ٿي ويو، تڏھن تہ ھن چيو ھو “موت جتي بہ ايندو اسين سندس مرڪي آڌرڀاء ڪنداسين “بشرطيڪ اسان جي ڇڏيل ھٿيارن کي ڪي ھٿ اڳتي اچي کڻڻ لاء تيار ٿين ”
ھن جي اکين م اھڙي دنيا تخليق ڪرڻ جو خواب ھو، جيڪا دنيا لٽ ڦر کان پاڪ ھجي، جنھن دنيا م ڪو بہ غريب بک تي نہ سمھي، ان ڪري ھن آمريڪا سامراج کي للڪاريو، ھن کي گوريلا جنگ جي گرن جي چڱي طرح پروڙ ھئي ان ڪري ھن جو خيال ھو تہ ھي ڪم خالي ھٿين جبل کي ھٽائڻ جو ڪم آھي، جنھن لاء بھرحال ھن کي گھڻا ھٿ گھرجن، ان لاء ھن وٽ وڏي کان وڏو ھٿيار عوام جو ويساھہ ھو، ھو ھڪ سچو انقلابي ھو ھن کي ھن ڳالھہ تي يقين ھو تہ انقلابي ماڻھن وٽ معجزي جي طاقت ھوندي آھي، انقلابي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ جي خلاف جدوجھد م ماٺ نہ ڪندڙ، اڻ موٽ ۽ ڪو بہ ٺاھہ نہ ڪندڙ ھوندا آھن، ھن لکيو تہ گوريلا جنگ عوامي حمايت کان سواءِ، ڄڻ ھڪ اڻٽر تباھي ڏانھن منھن ڏيڻ ۽ پڻ بذات پاڻ تباھي آھي، جنھن جو ھو خود اڳتي ھلي بوليويا م مثال بڻيو، جن جي آزاديءَ لاء ھو وڙھي رھيو ھو سي کيس پنھنجو دشمن سمجھي رھيا ھئا، ھن جي زندگي جو سفر جيڪو چوڏنھن جون اوڻيھہ سؤ اٺاويهه کان شروع ٿيو ء اٺ آڪٽوبر اوڻيھہ سؤ اٺھٺ تائين جو اوڻيتاليھن سالن جي سفر م اوھانکي فقط ھن وٽ ويڙھہ ملندي، ننڍپڻ م سھڪي جي بيماريءَ سان ويڙھہ ۽ جواني سامراج سان وڙھندي ھن جي ڏسڻ م ايندي ھو اڌ صدي جي موت جي لڳ ڀڳ عمر رکڻ جي باوجود اڄ بہ ھر انقلابي جي جدوجھد جو آئيڊيل آھي، ھن جون ننڍڙيون پر خوابن سان ڀريل اکيون، سفيد چھري تي سمنڊ جي لھرن جهڙي ڏاڙھي ء سرخ تاري واري ٽوپي جي تصویر اڄ بہ دنيا جي ھر شھر ۾ اوھانکي ملندي، ھن کي دنيا جا ماڻھو سوڀ ۽ اميد جو اھڃاڻ سمجھن ٿا، ڪيترن چي جي عقيدي مندن جو خيال آھي تہ ”جنھن جي گھر م چي جي تصوير آھي ان گھر ۾ ھمٿون ھونديون ان گھر کي دنيا جي ڪا بہ طاقت جھڪائي نٿي سگھي! ”
ھن وٽ انقلاب رومانس ھو، تنھن ڪري ئي تہ ھن پنھنجي ڪامريڊ گھرواري ۽ ٻارن کي فيڊرل ڪاسٽرو جي حوالي ھڪ خط جي ڪاغذ سان گڏ ڪيو، جن وٽ سواء ھڪ اميد جي ٻيو ڪجھه بہ نہ ھو،
ھن جو موت اسڪول جي آڳند تي ٿيو جتي صبح جو ھن ماسترياڻي جي حجي جي مشق کي درست ڪندي مرڪي چيو ھو پاڻ وري شام جو ملنداسين، چي وڙھندي ماريو ويو ”ھن جي پستول جون گوليون ختم ٿي ويون آھن ۽ ھن جي رائيفل م گولي ڦاسي پيئي آ” ، ھي ھا ھن جي دشمنن جا ھن جي لاء آخري جملا ، ھن نشي م ڌت سامراجي سپاھي ٽران کي چماٽ ھڻي چيو، گولي ھلاء…….! ء پوء مشن گن جي گولين م ھو شھيد ٿي ويو ھن جي اکيون کليل ھيون ھو موت جي ھنج م بہ مزاحمت ڪندي ھڪ اميد سان ويو تہ جيسين غلامي ۽ جبر ھن دنيا م ھوندو تيسين آزاديءَ لاء وڙھندڙ ماڻھو سندس ڇڏيل بندوق کي ھٿ م کڻي سامراج سان وڙھندا رھندا، اھيا ئي چي گويرا جي نظرياتي سنت آھي، اھيو ئي چي جو آخري سبق آھي جنھن جو حجي اسان کي درست ڪري پڙھڻو آھي.
( چي کي سالگرہ جي ڏينھن تي ننڍڙي ڀيٽا)
حيدر ملاح

فل سوٽ (مختصر ڪهاڻي )

اڄ جمعون، ماستر مور تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، گارين جي رئي لاهيو بيٺو هو صفا گڦ پئي ڳڙيس، هر ايندڙ ويندڙ کيس اهڙي گاريال ٻوليءَ تي شاباس ڏيئي رهيو هو ڪنهن به کيس منع نه پئي ڪيو هر ماڻهو جمعي سان ها ۾ ها ملائي رهيو هو ڳالهه به اهڙي هئي جمعي جو ڪيس ڪو نئون نه هو پر هن جنهن انداز سان بيان پئي ڪيو لڳو ائين ٿي جمعي سان ماستر مور سچ ۾ وڏي ڪا بي واجبي ڪئي آهي.
ماڻهن جي ميڙ ۾ جمعو وچ ۾ بيٺو هو، چوڌاري ماڻهن جي انبوهه جون اکيون کليل ۽ وات پٽيل هو.
جمعي جي هڪ ئي ڳالهه هئي جا هن بار بار پئي دهرائي، اوهان ٻڌايو ڳوٺ جو اسڪول وزير صاحب کي چئي منهنجي بابي ٺهرايو هو يا ماستر مور جي بابي، ھجوم يڪمشت آواز ۾ چيو جمعا سچو آهين تنهنجي بابي ٺهرايو هو، زمين ڪنهن ڏني هئي منهنجي بابي يا ماستر مور جي بابي، ھجوم مان وري آواز آيو، جمعا تنھنجي بابي،
هن ماستر مور کي پٽي هڪ ڪچي گار ڏني
جڏهن اسڪول اسان ٺهرايو، زمين اسان ڏني ته اسڪول جي ايس ايم سي جي فنڊ جو مالڪ وري ماستر مور ڪيئن ٿيو. چوي ٿو سڀ پيسا اسڪول ۽ ٻارن جي امانت آهن انهن تي خرچ ڪندس
اڙي ڳوٺ وارا مون گهڻو ئي صبر ڪيو ماستر مور جي تي…………
کيس وڃي ٻڌايو مان اسڪول جو چيئرمين آهيان جي چيئرمين جو پيسن تي حق ناهي ته پوءِ اسان کي ان عهدي تي آڱوٺي جي لاءِ رکيو اٿن.
رمضان جي عيد مٿان اچي پيئي جيڪڏهن بوسڪي جو وڳو ماستر مور نه وٺي ڏنو ته سيڪريٽريءَ تائين نه دانهيانس ته پنهنجي پيءُ. وريل خان جو پٽ ناهيان.
ھجوم مان هڪ سنهڙي، سيپڪڙي نوجوان جو آواز آيو. چيئرمين جمعان سيڪريٽريءَ کي متان دانهين، ٻيلي ماستر مور جي ٻچن تي رحم ڪرين نه ڪرين اسڪول جي ٻارن تي رحم ضرور ڪجان.تون ته بوسڪي جي وڳي تي راضي ٿي ويندي سيڪريٽري ته فل سوٽ کان گهٽ راضي ڪونه ٿيندو سو ٻيلي وڳو توکي مان ٿو وٺي ڏيان اسڪول جا پيسا مهرباني ڪري فل سوٽ ۾ گم نه ڪراءِ.
جمعي ڏند ٽيڙي چيو اتي رکيس نه!
بس ادا تنهنجي لاچار ماري وڌو نه ته ماستر مور کي ڪراچيءَ جا وڻ ڏيکاريان ها، هل هلي ڪپڙن جو وڳو وٺي ڏي، ھجوم به ڏند ٽيڙي منتشر ٿي ويو.

حيدرملاح

Design a site like this with WordPress.com
Get started