لنڊن جي انڊر گرائونڊ ٽرين ۾ چار ڄڻا سنڌي چڙهيا انهن سنڌين ۾ هڪ اهڙو به همراهه هو جنهن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پينٽ شرٽ ۽ ٽائي پاتي هئي، سندس وزن گهٽ ۾ گهٽ سو ڪلو هوندو ۽ ست فوٽ قد، پيرن ۾ سخت چمڙي وارو پاڪستاني باٽا جو بوٽ، سيٽ نه ملڻ جي ڪري هو ٻين مسافرن سان گڏ بيٺو رهيو، نئون ملڪ نوان ماڻهو نئون ماحول، هو مسلسل ذهني ڌٻاءَ ۾ هو پر سندس ٻيا دوست کيس ان نئين ماحول مان چرچا ۽ ڀوڳ ڪري ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، انڊر گرائونڊ ٽرين جي اڳئين اسٽاپ تان ڪجهه وڌيڪ مسافر ٽرين ۾ چڙهيا جنهن ۾ اڪثريت نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي هئي، موڪل جي ڏينهن هجڻ جي ڪري اهي شايد ڪنهن تفريحي جاءِ تي گهمڻ وڃي رهيا هئا، اسان جو ستن ڦٽن وارو سنڌي پينٽ ۽ ٽائي سنڀاليندي باٽا جي بوٽ سميت هڪ سورنهن سالن جي خوبصورت ڇوڪريءَ جي پير مٿان چڙهي ويو، ڳاڙهي رنگ جي برٽش نسل جي ڇوڪري جي زبان مان بي اختيار چيخ نڪري وئي سندس پير مٿان سوُ ڪلو جو ماڻهو پاڪستاني باٽا بوٽ سميت چڙهي ويو هو سو ڇوڪريءَ جو پير رت سان ڳاڙهو ٿي چڪو هو ۽ درد مان دانهون ڪري هوءَ روئڻ لڳي.
اسانجا چارئي سنڌي دوست سخت پريشان ٿي ويا کين خبر هئي ته ڇوڪريءَ جي هڪڙي ئي شڪايت سان پوليس اچي ويندي ۽ پوءِ برٽش قانون به تحرڪ ۾ اچي ويندو.
پر اهڙو ڪجهه ئي نه ٿيو پير لتاڙيندڙ همراهه جي زبان مان اوچتو بي اختيار، لفظ نڪتو (سوري).
زخمي ڇوڪري رئندڙ آواز سان ڪنڌ مٿي ڪري چيو it’s OK.
اڳيئن اسٽيشن تائين توڙي جو ڇوڪري درد مان رئندي ۽ دانهون ڪندي رهي پر هن ڪابه پوليس ڪمپلين نہ ڪئي، رت ڀريل پير سان منڊڪائي هوءَ اڳئين اسٽيشن تي لهي ويئي.
اسان وٽ برٽش جي مهذب ماڻهن جي ابتڙ وري ائين ٿيئي ٿو، جنهن کي به اسان” سوري ” ڪريون ٿا اهو ماڻهو “سوري’ لفظ کي جو ڀرم رکڻ جي لاءِ تيار ناهي هوندو.
ان مان لڳي ٿو ته انائن جي هن جهان ۾ شايد اسان سنڌي بحيثيت قوم جي اڃان لفظ” سوري “جو ڀرم رکڻ جي اهل ناهيون ٿيا.
حيدر ملاح









