خانداني ماڻهون………

اسان کي ننڍپڻ کان سيکاريو ويندو آهي ته فلاڻو ماڻهو “خانداني ماڻهو “آهي.
خانداني ماڻهو جي تشريح ۾ اڪثر اهي ماڻهو يا خاندان شامل ڪيا ويندا آهن جيڪي صدين کان ظالم ۽ سفاڪ حڪمرانن جا ساٿاري رهيا هوندا يا وري رعايت يافته هوندا.
خانداني ماڻهن ۾ جڳهه جهان جون سڀ بڇڙايون شامل ھونديون آهن. پوليس جي مدد سان عام ماڻهن کي جيلن ۾ وجهائڻ، غريبن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرائڻ، غريب ماڻهن جي خوبصورت عورتن کي زبردستي سريت ڪري ويهارڻ. معخانه قائم ڪري سماج ۾ هڏ حرام پيدا ڪرڻ،شراب نوشي ڪري وڦلڻ سميت ، غريب غربي کي گارگند ڪرڻ خانداني ماڻهو جي سڃاڻپ سمجهي وڃي ٿي.
مقصد جيڏو وڏو ظالم ۽ بي حيا، بي شرم اوڏو ئي وڏو خانداني ماڻهون.
سنڌ ۾ اسان جي ارد گرد جيڪي خانداني ماڻهو ٻڌايا وڃن ٿا سي ايوب جي آمريت، کان وٺي جنرل يحي، جنرل ضياءَ توڙي مشرف جي حڪومتن جا نور نظر رهيا هوندا.
وقت ضرورت، ڀٽي شهيد جي عوامي راڄ، بي نظير شهيد جي ڪنٽرول ڊيموڪريسي توڙي زرداري جي ڪرپٽ حڪمراني جا حصو به رهيا هوندا ته نواز شريف جي ليگ جي حڪومتن ۾ خانداني ماڻهو خانداني سميت اقتدار جي لاءِ سرگرم ملندا.
سنڌ ۾ انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪجهه خانداني ماڻهن کانسواءِ باقي پاڻ پورهيت ماڻهو، ڪمي، قاصڀي مقصد نيچ انسان آهيون. جيڪي خانداني ماڻهن جي پيرن ۾ ائين اڇالايا ويا آهيون جيئن هاٿي جي پيرن ۾ سڪل گاهه.
خبردار رهو.
جڏهن به ڪنهن خانداني ماڻهو کي ڏسو ته ان جي حسب نسب جا، جي اوهان پيرا کڻندا ته اڪثر خانداني ماڻهو اوهان کي پال جا ڀاڙيا، اختيار ۽ اقتدار جا بکيا، جرنل جا ساٿاري، ۽پوليس جا ٽائوٽ ملندا.
خانداني ماڻهن جو قومي تحريڪن، عوامي انقلابن سان اچي نه وڃي.
هنن جي ذهني ويجهڙائي ملائيت سان هوندي، ملان ۽
“خانداني ماڻهو “هڪ ٻئي جا ڀرجهلا بڻجي عوام جي اجتماعي مفادن جي خلاف ڪم ڪندڙ هوندا.
حيدر ملاح

پَنَ ڇَڻَ جي موسم!

اها حيدر آباد جي هڪ تيز اس واري صبح هئي اسان ٻئي گڏجي راڻي باغ جي آڳنڌ تي پسار ڪري رهيا هئاسين.
امرتا مونکان پڇيو، ڇا گونگا ۽ انڌا به محبت ڪندا آهن؟
امرتا جي اوچتي سوال تي مونکان ڇرڪ نڪري ويو،
مون امرتا جي چهري ۾ نهاريو هوءَ صفا سنجيده محسوس ٿي.
مان آهستي چيو ها، امرتا سڀ انسان محبت ئي ڪندا آهن. شيخ اياز لکيو آهي ته” انسان محبت ڪندو آهي ۽ جانور گاهه کائيندو آهي! ”
سو يقينن انڌا ۽ گونگا انسان به محبت ڪندا آهن.
امرتا وڌيڪ سنجيدگي مان مون ڏانهن نهاريو ۽ ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪندي ٿڌو ساهه ڀري خاموش ٿي ويئي.
ڄڻ چوندي چوندي رهجي ويئي ” تون مونسان انڌن ۽ گونگن جيان, ڪيتري عرصي کان گڏ آهين نه مون ڏانهن ڏسين ٿو نه ئي مونسان محبت جو اظهار ڪندي ٻه لفظ ڳالهائين ٿو.
انسان ڌوڙ محبت ڪندا آهن!
حيدر ملاح

مسجد ۾ لائوڊ اسپيڪر حرام آهي؟

هي ٨٣ جي جمهوري تحريڪ کان اڳ جي ڳالهه آهي، مانجهند شهر جي بازار واري مسجد ۾ استاد حافظ ﷲ ورايو مانجهند قرآن شريف جي تعليم ڏيندو هو.
ساڻس جوڙ ۾ وري مولانا محمد بخش خميني قائدو پڙهائيندو هو.
مولانا خميني مرحوم جي لاءِ مشهور آهي ته جي خميني قائدو پڙهائي ته قرآن اکيون پوري اوهان پڙهي ويندا.
حافظ ﷲ ورايو ٻنهي اکين کان بظاهر نابين پر ستن، اٺن طالبن کي سامهون ويهاري قرآن شريف پڙهڻ جي لاءِ چوندو هو، اندر جي اکين جو ايڏو سڄو جو اٺن طالبن مان ناظره قرآن شريف پڙهندڙ اگر ڪوبه طالب پڙهڻ ۾ غلطي ڪندو هو ته استاد حافظ جي پڪڙ کان بچي نه سگهندو هو ترت ان جي درستگي ڪندا هئا.
تڏهن اڃان مانجهند جي مسجدن ۾ فرقا نه آيا هئا. سنڌي ملان جي سڃاڻپ اڇو پٽڪو هئي، ساوا، ڪارا، ناسي پٽڪا ۽ فتوا وارا فرقا اڃان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نه پهتا هئا.
ضياءَ جي دور ۾ جتي سياسي بحثن کي روڪڻ جي لاءِ، بسن، ٽرينن، پبلڪ جي مسافر خانن ۽ سيلونن تي “یھاں سياست پے بات کرنا منع ہے ” وارا اسٽيڪر لڳل هوندا هئا. اتي ئي وري مذهبي تبليغي جماعتون پيون ڳوٺ ڳوٺ ۾ تبليغ لاءِ ڦرنديون هنيون. سندن ضمي هو ته هو سنڌين کي اسلام سيکارين.
سچ ته هو سنڌين کي مسلمان ڪرڻ ۾ ڏاڍا سنجيده هئا. سنڌين جي اڪثريت سندن چوڻ ۽ آکڻ ۾ نه هوندي هئي ان جي باوجود به هو بسترا ڪلهن تي کڻيو، جهر جهنگ ۾ سنڌين کي مسلمان ڪرڻ جا جتن ڪندا رهندا هئا.
اهڙو ئي جٿو اسان جي شهر جي بازار واري مسجد ۾ اچي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ تبليغ لاءِ پهتو. وڏين ڏاڙهين وارا، بدن اهڙا سگهارا جهڙا ٻوريون کڻڻ وارا حمال هجن.
اڪثريت پشتو ڳالهائيندڙ ھئا ، ٻئي نمبر تي پنجابي ۽ ٽي نمبر تي اردو ڳالهائيندڙ.
انهن ئي ڏينهن ۾ استاد حافظ ﷲ ورايو ۽ مولانا خميني جي طالبن ۾ آئون به شامل هئس، انهن ئي ڏينهن ۾ مون ناظره قرآن شريف پورو ڪيو ته مسجد ۾ وڏي تقريب ڪري مونکي مبارڪون به ڏنيون ويون ۽ پيسن جا هار ۽ اڇيون آر تي ٺهيل ٽوپيون، تسبيحون ۽ ڪپڙا تحفي ۾ ڏنا ويا.
تقريب ۾ تبليغي جماعت جي هڪ پختون مقرر قرآن شريف جي حفظ ڪرڻ جي برڪتن تي تفصيلي خطبو پيش ڪيو، خطبي دوران ياد اٿم ته هن بار بار هن ڳالهه تي زور ڏنو ته لائوڊ اسپيڪر شيطان جا ڪن آهن ۽ مائڪ شيطان جو وات، ان ڪري مسجد ۾ لائوڊ اسپيڪر حرام آهي.
اسان جي مسجد جو ٻانگو اڳ ئي سالن کان وڏي سيمنٽ جي ٺهيل ڌڪي تي چڙهي پنج وقت ازان ڏيڻ جو ڪم ڪندو هو.
پوءِ خبر ناهي ڪهڙو واءُ وريو، اسان جي شهر ۾ فرقن واريون مسجدون ٺهڻ شروع ٿي ويون، اڇي سنڌي ململ واري پٽڪي ٻڌل ملان جي جڳهه تي، سائي، ڪاري ۽ ناسي پٽڪي وارا سنڌي ملان اسان جي پاڙي ۾ پيدا ٿي ويا.
جن لائوڊ اسپيڪر تي نعتون، غزل، مولود پڙهڻ سان گڏ خطبا به ڏنا ته پيٽ ڀريل اوگرايون به ڏنيون.
هاڻي بي خوف ٿي اسان جي گهر جي اڱڻ تي لائوڊ اسپيڪر جي آواز سان گڏ ملان جي ملائيت به آرام سان اچڻ شروع ٿي وئي ، هاڻي اسان چاهيون نه چاهيون ملان جو آواز اسان جي ڪنن تائين پهچڻ شروع ٿي ويو.
اسان ملان جي هر بي وقوفانه ڳالهه تي به سبحان الله، سبحان اللہ چوڻ جي لاءِ مجبور ٿي وياسين، لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ ملان جي گفتگو جي حوالي ٿي ويو.
جنرل ضياء الحق جي دور ۾ ئي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر، گهٽي گهٽي ۾ مختلف فرقا، مختلف پٽڪا ۽ مختلف فتوائون پهتيون.
ملائيت سنڌ جي هر گهر جي در تي پهچي ويئي.
هاڻي نہ سنڌ ۾ اندر جي نور سان پرنور استاد ﷲ ورايو جهڙا ماڻهو رهيا آهن نه ئي وري مولانا خميني، مولانا خميني پنهنجي نالي مان شيعو لڳندو هو پر امامت ڪندي نماز سنين جي پڙهائيندو هو.
ملائيت فتوائون، ڌمڪيون،هاڻي سنڌ جي سڃاڻپ ٿي اڳيان اچي رهيون آهن. ڪجي ته ڇا ڪجي؟!
حيدر ملاح

اسان ڏکيا ڪم ڪرڻ جي لاءِ نڪتا آهيون.

آسان ڪم ته هر ماڻهوءَ جي هٿ وس هوندا آهن مشڪل ڪم ڪرڻ وارا وڏن حوصلن سان اڳتي وڌندا رهندا آهن هو حالتن جان جهيڙيندا پنهنجي جان مال ۽ نفس جي قرباني ڏيندا بيابانن جا سينا چيريندا اڳتي وڌڻ جو ڪم ڪندا آهن .
انهن مشڪل ڪم ڪرڻ جي لاءِ اسان کي ڪنهن منٿون نه ڪيون آهن نه ئي ڪو اسان وٽ ميڙ وٺي آيو آهي .اسان پاڻ هي شعوري طور مشڪل رستو چونڊيو آهي ڇاڪاڻ اسان کي پاڻ تي ڀروسو آهي ته اسان انتهائي غير معمولي انسان آهيون .
اسان جا هن مشڪل ڪم ۾ دوست تمام ٿورا هوندا ۽ دشمنن جو تعداد انهن جي نسبت چوڻون پنجوڻون هوندو .اسان کي دوستن جي روپ ۾َبه اسان جا دشمن ملندا جيڪي پٺيءَ ۾ خنجر هڻڻ جو ڪم ڪندا ان ڪري جيڪي ماڻهو مشڪل ڪم ڪندا آهن تن کي اکيون ۽ ڪن کولي هلڻو پوندو آهي .
مان يقين ڄاڻانٿو بلڪي مونکي پڪ آهي ته اسان هن مشڪل ڪم ۾ ڪامياب وينداسين ،ڇاڪاڻ اسان نه جزباتي آهيون نه طبيعتن هلڪڙا ۽ ٽرڙا !
اسان جي مستقل مزاجي ،اسان جوسياسي پورهيو ،اسان جو شعور اسان کي اهيا سگهه بخشيندا رهندا ته اسان ڪاميابيءَ ڏانهن وک وک ۾ ڏيئي وڌندا هلون .
اسان جو مقصد چٽو ۽ واضع آهي .اسان قومي ۽ طبقاتي جبر جي خلاف ويڙهه وڙهندڙ انقلابي آهيون اسان هر قسم جي غلامي کان انڪار ڪريون ٿا .

حيدر ملاح

ڊگهي ڪچهري.

ھن کان مون ور ور ڏيئي نالو پڇيو ھن ھر ڀيري مرڪي پنھنجو نالو ٿي ٻڌايو.
اسان ڪافي ڪلاڪن تائين ڪچھري ڪئي، ان دوران اسان گھڻن ئي موضوعن تي ڳالھايو!
موضوع ائين ھئا جيئن ناريل جي کل مٿان کُھريون تَندون!
يا ائين کڻي چوان مَڪئي جي سنگ مٿان کَلن مٿان کَلون!!
ھيءَ ڊگھي ڪچهري المنظر جي منظر جھڙي حسين ھئي، ھن ڪيترا ڀيرا پنھنجي چھري تان ذلف ھٽايا ۽ ھر ڀيري مرڪن جي برسات ڪندي رھي.
موڪلائڻ مھل چيائين وري ڪڏھن ملنداسين!
ڪير؟!
مون ھن کان پڇيو!
مان ۽ اوھان ٻيو ڪير!
نالو ڇا اٿئي؟ مون کائونس خبر ناھي بي خوديءَ ۾ وري ڇو پڇي ورتو.
ڪاوڙ جا تاثر چھري تي اڀري آيس.
لڳي ٿو نجم عباسي جيان اوھان کي بہ سائين بورڊ لکي پاڻ سان گڏ کڻي ھلڻو پوندو، جنھن تي چٽن ۽ صاف لفظن ۾ لکيل ھوندو.
”پراڻا واقفڪار ٻيھر واقفيت ڪرائين! ”
ھوءَ ائين چئينالي ٻڌائڻ کانسواءِ ھلي ويئي!
(حيدرملاح )

چنڊالن جي چونڪڙي!

سنڌ ھن وقت چنڊالن جي چونڪڙيءَ وٽ يرغمال آھي. اھي چنڊال اوھان کي ھر جڳھہ تي ملندا. سالگرھہ تي گل دستي سان گڏ موت تي ميڻ بتيءَ سان گڏ ،ميلي ۾ گلي ۾ ڳانا پاتل ،راڳ ۾ جھومر ھڻندي ،ڪتابن جي مھورت ۾ ليکڪ جي شڪل ۾ ،مشاعري ۾ شاعر جي حيثيت ۾ !
ائين ھر جڳھہ تي ھر وقت اوھان کي چنڊالن جي چونڪڙي ملندي ،دنيا جا سڀ ڏک درد ،سنڌ جا سمورا سور سندن سيني ۾ دفن ملندا .
گوال خاندان جا ھي مستقل چشم چراغ اڄڪلھہ سنڌ کي بچائڻ لاءِ پڪي راڳ سان پلٽي سميت نڪتل آھن.
اوھان ڪجھہ بہ ڪيو ڪجھہ بہ لکو پر چنڊالن جي چونڪڙي اوھان کي گڏجي سڏجي غدار قرار ڏيڻ جو عظيم عاليشان ڪم ڪندي ڇاڪاڻ چنڊال جي چونڪڙيءَ جو خيال آھي تہ ساھہ بہ انھن کان پڇي کڻو.

حيدر ملاح

لاهوتي جو اعلان آ………!!

ڀٽ شاهه منھنجو ناناڻو شھر آھي ننڍپڻ جا ڪيترا ئي گرميءَ جي وڪيشن وارا مهينا امان سان گڏ نانا وارن وٽ گذرندا ھئا، خاص طور لطيف سائين جي ميلي جا ٽئي ڏينھن ڀٽ شاهه ۾ گذرندا ھئا.
ڀٽ شاهه ۾ ميلي ۾ رش به جام ھوندي ھئي تہ بازارون به ڏاڍيون خوبصورت ھونديون ھيون، ڪلھو ڪلھي سان گسائي بازارن مان گذرڻو پوندو ھو.
ملاکڙو به واھجو لڳندو ھو تڏهن اڃان ڪرڪيٽ جيان ملاکڙي ۾ ميچ فڪسنگ جو گُر سنڌي ملهه نه سکيا ھئا، رات جو وري ڪراڙ جي ڪپ تي ھڪ طرف سرڪاري ڪانفرنس ھوندي جتي سريلو راڳ به ھوندو ھو تہ طبلائي اديب وقت جي سرڪار جي شان ۾ مقالا به اچي پڙھندا ھئا،پر ملاکڙي گرائونڊ ۾ جيڪو مڇر ڪالوني جي ڀر ۾ ھوندو ھو اتي يڪتاري ۽ چپڙي وارن ڳائڻن جون ٽوليون لٿل ھونديون ھيون، ناچو ڇوڪرا ڇيرن جي ڇمڪار ۾ شوقينن کان ڳٽا پٽرائي گھور وٺندا ھئا.
مڇر ڪالوني ۾ ڪڃريون رھنديون ھيون جيڪي به ڳائڻ سان گڏ جسم فروشي جو ڪم ڪري گذران ڪنديون ھيون اڃان نه شاهه جو باغ ٺهيو ھو نه تنبورو چونڪ نه ملاکڙو اسٽيڊيم جڙيو ھو.
پر لاھوتي جو اعلان ان وقت به ھو ۽ اڄ به سموري سنڌ جي ميلن ۾ موجوده آھي، اعلان ڇا ھو سونيءَ جي ٽيپ رڪارڊ ۾ ڪيسٽ پئي وڄندي ھئي.
او ٽوپي وارا رئيس! او پٽڪي وارا وڏيرا، لاھوتيءَ جو اعلان آ، رپئي گلاس آ،
ماڻھو لاھوتيءَ جي ھوڪرن تي رش ڪريو پيا ھڪ رپئي ۾ ٿرڊ ڪلاس سئڪلين ۽ گندي پاڻيءَ مان ٺھيل شربت جا گلاس ڳيتون ڏيئي پيئندا ھئا!!
سنڌ ۾ اڄ به ساڳيو لاھوتيءَ جو اعلان جاري آھي،
ڪرپشن، خراب حڪمراني، ناانصافي، ميرٽ جي لتاڙ، ساڻ کڻي پ پ پ جا لاھوتي اعلان پيا ڪن او ٽوپي وارا وڏيرا او پٽڪي وارا رئيس، او طبلائي اديب، او درباري شاعر او بي ضمير دانشور لاھوتي جو اعلان آ رپئي گلاس آ،
ڏسڻا وائسڻا ماڻھو گند کي ڳيت ڏيڻ لاءِ قطارون ٺاھي بيٺا آھن.
مڇر ڪالوني ڀٽ شاهه جو ڪڃريون اڃان به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو پنھنجو خانداني ڌنڌو ڪري پيٽ گذر ڪن پيون ھتي ماڻھو لاھوتيءَ جي اعلان تي روز نئون ڌنڌو ڪرڻ لاءِ قطارن ۾ بيٺا آھن.
حيدر ملاح

ڦلهڏيون ۾ ساڙيل ڦول!

صبح جي ٿڌڙي هوا کي ڪهڙي خبر ته جيئن ئي ڦلهڏيون مٿان منجهند ايندي ته گرم هوا پاڻ سان گڏ دوزخ جي باهه به کڻي ايندي.ڦلهڏيون شايد ڪڏهن گلابن جي گلن جي مٽا سٽا جو شهر هوندو گل جيڪي نه هندو ٿيندا آهن نه ئي مسلمان، نہ، مومن نه ڪافر، گل بنا تفريق جي عاشق پنهنجي محبوبن جي چوٽن ۾ هڻي مهڪ ڀريا ساهه کڻي چوندا هوندا، اي ڦلهڏيون اسان تنهنجي زرخيز زمين جي نه صرف ڦولن سان پيار ڪريون ٿا پر تنهنجي شهر جي محبوبن جي ڊگهن چوٽن تان به اسان هر وقت فدا ٿيڻ جي لاءِ تيار آهيون، ساڳيو ڦلهڏيون اڄ جلي راک ٿيڻ وڃي رهيو هو.دوزخ جي باهه جون اماڻيون ٻٽ ٻڌل ملان جي هٿ ۾ هنيون، هنن ﷲ اڪبر جي فلڪ شگاف نعرن سان پهرين ڊاڪٽر رميش جي جانورن واري ڪلنيڪ کي باهه ڏني ۽ پوءِ ٽولا ٺاهي شهر جي انهن دڪانن ۾ ڪاهي پيا جن دڪانن جي مٿان لڳل سائن بورڊن تي وڏن اکرن ۾ “جهولي لال “لکيل هو.دوزخ جي باهه جون اماڻيون هٿن ۾ کڻي هلندڙ هجوم پهرين دڪانن مان ڦرلٽ ڪئي، ڪيترائي ڦرلٽ ڪندڙ اهڙا هئا جن حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي ڏينهن واري ٢١ رمضان جو روزو به نه رکيو هو.پولي جوس کان وٺي نيسلي جي منرل واٽر جي بوتلن تائين اڪثريت اتي ئي بيهي پئي يڪ ساهي ۾ ڏوڪيا. دوزخ جي باهه سان ڦلهڏيون ۾ ڪافرن جي ملڪيتن کي ساڙڻ جو ڪم شروع ڪندي هڪ وڏي ڏاڙهي وارو ملان بار بار چئي رهيو هو، متان پوئتي هٽيا آهيو.بيشڪ جنگ ۾ فتح ڪيل سڀ ملڪيتون اسان مسلمانن جون ملڪيتون آهن.سامهون موٽر سائيڪل تي هندو نوجوان پنهنجي بيمار پوڙهي ماءُ کي ميرپور خاص جي اسپتال مان واپس کڻي اچي رهيو هو.ايمان کي سلامت رکندي، موٽر سائيڪل کي به باهه ڏني ويئي،خوف مان پوڙهي ماءُ دانهون ڪيون ته پٽ سندس هنج ۾ڪنڌ رکي ويهي رهيو، گهڻن ايمان وارن جو خيال هو ته ڇونه ڦلهڏيون جي هندن جي گهرن ۾ داخل ٿي مال غنيمت هٿ ڪجي!اها ته انهن هندو نياڻين جي خوش قسمتي چئبي جو جلائو، گهيرائو جا آواز ٻڌي پوليس شهر ۾ داخل ٿي چڪي هئي.ڦلهڏيون کي دوزخ جي باهه ڏيڻ جي پٺيان ٻڌايو پيو وڃي ته مسجد جي ملان کي هڪ اڻپڙهيل مالوند اطلاع ڏنو ته هندو ڊاڪٽر رميش پاڪ ڪتاب جي صفحن ۾ ٽڪيون، ڦڪيون وجهي مريضن کي ڏيئي رهيو آهي.بعد ۾ خبر پئي ته اهو اسلاميات جو نصابي ڪتاب هو جنهن غلطي جو چون ٿا ڊاڪٽر رميش پاڻ اعتراف ڪيو آهي.ڦلهڏيون ۾ گستاخي ڪندڙ ڪلنيڪ ساڙي ويئي،گستاخ جنرل اسٽور ساڙيا ويا، گستاخ ريزڪي دڪانن کي باهه ڏني ويئي. ايتري تائين جو گستاخي ڪندڙ موٽر سائيڪل کي به باھ ڏئي ساڙيو ويو.پوليس ٻه ايف آءِ آرون ڪٽي ورتيون آهن هڪ مولوي محمد اسحاق ولد محمد يوسف نهڙي صاحب جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ته جوابدار ڊاڪٽر رميش مقدس ڪتاب ساڙڻ جو ڏوهه ڪيو آهي. ڊاڪٽر رميش جي ان ۾ گرفتاري به ظاهر ڪئي ويئي آهي.ٻئي ايف آئي آر دوزخ جي باھ کڻي ڦلهڏيون کي باهه ڏيندڙ نامعلوم شرپسندن جي خلاف داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اڃان تائين هڪ به شرپسند گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ لڳي ٿو ڪو شرپسند گرفتار به نه ٿيندو.هي ملڪ مولوي خادم رضوي، جي ملايت جي قانون ۽ حڪم تي هلندڙ ملڪ آهي.بهرحال ڦلهڏيون ۾ شرپسندن جي اڳواڻي ته مولوي اسحاق ڪري رهيو هو جيڪو ڊاڪٽر رميش واري ايف آءِ آر جو فريادي به آهي. ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته خدا جي مملڪت پاڪستان ۾ ڪو ملان شرپسند قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچي سگهي. هاڻي ڦلهڏيون جي شهر مان اباڻا ڪک ڇڏي هندو هليا ويندا.باقي مومن ئي رهندا، آئون پريشان آهيان ته ايندڙ وقت ۾ مذهب جي آڙ وٺي ملان ڪنهن جي دڪان مان ڦرلٽ ڪندا. ڪنهن جي گهر کي باهه ڏيندا ۽ ڪنهن جي ڪافر موٽر سائيڪل، دڪانن ۽ ڪلينڪن کي باهه ڏيندا.حيدر ملاح

خطي جي نئين صورتحال ۽ پاڪستان

نائن اليون کانپوءِ جتي پاڪستان لاءِ آمريڪا ۽ نيٽو جي ملڪن خزانن جا منهن کولي ڇڏيا هئا اتي وري پاڪستان لاءِ مشڪلاتن جي به ڄڻ ڪا شروعات ٿي چڪي هئي، پاڪستان پنهنجي سخت گير مذهبي نظرياتي لائين ۽ مذهبي رياست هجڻ سبب سدائين خطي جي لاءِ خطري جي گهنٽي طور موجوده رهيو آهي، خطي جي نئين صورتحال ۾ جيئن ته مذهبي انتهاپسندي هلڻي نه هئي ان ڪري دنيا جي لٺ سردار آمريڪا، ڀارت ۽ ايران سان تعلقات بهتر ڪري ورتا، پاڪستان جيئن ته جاگرافيائي حوالي سان انتهائي اهم جڳهه تي موجود هجڻ سب ان جي اهميت انڪري به اهم هئي جو ڪراچي کان ڪابل تائين نيٽو جي رسائي فقط پاڪستان جي ذريعي ٿي پيئي سگهي، آمريڪا ايران جي چاربهار ۾ ڀارت ذريعي سي پورٽ هٿي ڪري ورتو هاڻي افغانستان کان وٺي سويت يونين جي آزاد مسلم رياستن تائين رسائي خواب نه رهيو هو.
ٻيئي طرف پاڪستان خودڪش بمبارن جي نشاني تي رهيو هڪ ڊگهي ويڙهه شروع ٿي جيڪا اڃان تائين ڪڏهن گرم ڪڏهن ٿڌي شڪل ۾ جاري آهي.
هن سموري صورتحال مان ڀارت تمام گهڻو فائدو ورتو، ڪابل ۾ بظاهر حڪومت ته ڪرزئي جي رهي پر سندس پويان ڀارت ئي هو جنهن پاڻ کي معاشي ۽ سياسي طور وڌيڪ مستحڪم ڪري ورتو.
ٻئي پاسي وري ڀارت لاءِ ڪشمير ۾ مشڪلات جي شروعات ڪئي ويئي، ڪافي وقت کان ڪشمير ۾ آزادي جي ماٺي تحريڪ کي ٻيهر تقویت سان اڳتي وڌڻ جا موقعا مليا، ان موقعين پيدا ڪرڻ جو ڪير پسيپرده ڪردار هو ان جو نالو وٺڻ ان ڪري به ضروري ناهي جو پاڻ سڀ انهن سببن کان واقف آهيون، ڀارت ٻه وکون اڳتي وڌائي پاڪستان ۾ مذهبي دهشتگردن کي تربيت توڙي ٻيا دهشتگردي لاءِ وسيلا فراهم ڪيا،جنهن ڪري پنجاب، پختونخواه، بلوچستان توڙي سنڌ ۾ دهشتگردن تمام وڏيون ڪارروايون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
ڳرن وياجن جي قرضن جي سهاري پاڪستان جي بيٺل معيشت کي هڪ وڏي معاشي ٽيڪ جي ضرورت پئي ته پاڪستان پراڻي دوست چين سان ٻيهر اقتصادي معاهدا ڪري ورتا جن ۾ چائنہ راهداري جو اهم منصوبو شامل آهي.
ان ڳالهه نه صرف واشنگٽن پر، لنڊن ۽ ڀارت کي پاڪستان بابت ٻيهر سوچڻ تي مجبور ڪيو، نئين حڪمت عملين سان مٿين ڄاڻايل ٽريڪا ڪم شروع ڪيو ۽ بلوچستان کي گوريلا جنگ جو محاذ بڻائي ورتو، جيئن چين کي گوادر پورٽ جهڙي منافعا بخش سامونڊي لنگهه کان پري رکي سگهجي، اهڙي صورتحال پاڪستان جي وڏي معاشي حب ڪراچي ۾ پيدا ڪئي ويئي، شهري دهشتگردي کي منظم ڪري ايم ڪيو ايم جي شڪل ۾ ميدان تي لاٿو ويو.
سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ به ايم ڪيو ايم جي نائين زيرو واري دفتر جي قومپرست ٽيبل تان هلڪا، ڦلڪا ڌماڪا ڪري اهيو تاثر ڏنو ويو ته سنڌ ۾ به ويڙه جاري آهي.
ان دوارن پاڪستاني رياست ڪائونٽر اسٽيٽجي ٺاهي راحيل شريف جي اڳواڻي ۾ ضرب عضب آپريشن جي شروعات ڪئي، اڳتي هلي جنرل باجوه نئين نالي ردالفساد سان دهشتگردن جي خلاف ساڳيون ڪاروايون جاري رکيون، نتيجي ۾ جتي ملڪ ۾ مذهبي دهشتگردي ۾ ڪمي آئي اتي وري بلوچستان ۾ هلندڙ گوريلا جنگ کي تقريبن ڪچليو ويو، ڪراچي مان الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم جي جڳهه تي پي ايس پي ۽ فاروق ستار جي ايم ڪيو ايم پاڪستان کي اڳيان آندو ويو، ائين الطاف حسين جي باب کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
اهڙا نئين صورتحال ۾ آمريڪا وٽ سواءِ ان جي ڪو ٻيو رستو نه بچيو ته ٽرمپ ذريعي پاڪستان کي ظاهري طور ڌٻاءَ وجهڻ جي شروعات ڪئي وڃي.
ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته ابتدائي طور آمريڪا ٣ بنيادي شرط پاڪستان جي آڏو رکيا ۽ ڌمڪي اهيا هئي ته پاڪستان کي دهشتگرد رياست طور دنيا جي اندر ظاهر ڪيو ويندو.
١.نواز شريف کي سياست کان ٻاهر ڪيو ويندو.
٢.الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم کي ٻيهر جڳهه ڏني ويندي.
٣.حافظ سعيد کي محدود ڪيو ويندو ۽ سندس تنظيم ۽ ٽرسٽ کي ختم ڪيو ويندو.
نواز شريف جيئن ته محترمه بينظير ڀٽو کان پوءِ پاڪستان جو پاپولر اڳواڻ آهي ۽ پنجاب جو هجڻ سبب اکين سان اکيون ملائي ڳالهائڻ جي پوزيشن ۾ به هو ته چائنہ راحداري جو به اهم ڪردارهو ان ڪري ان جي سياسي باب کي عدالتن زريعي بند ڪرايو ويو.
ٻئي طرف راولپنڊيءَ، الطاف جي ويجهو رهندڙ عامر کي بھادراباد جي نالي سان نئون ڌڙو ٺاهڻ جي اجازت ڏيئي آمريڪا کي اهيو پيغام ڏنو آهي ته الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم لاءِ ڪنهن به وقت دروازو کولي سگهجي ٿو، جڏھن ته ڪشمير ۾ وڙهندڙ حافظ سعيد جي چرپر کي محدود رکڻ سان گڏ سندس فنڊ بند ڪري هڪ ڪنڊ ۾ محدود ڪيو ويو آهي.
خطي جي نئين بدلجندڙ صورت حال ۾ ڀارت جو پلڙو ڀاري ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، کيس ڪشمير ۾ به رليف ملي رهيو آهي ته ڪابل به اڻسڌي طرح سندس حوالي آهي.
سندس آشيرواد تي هلندڙ الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم به بحال ٿي رهي آهي ته ملڪ ۾ هلندڙ آپريشن جي سياسي قيادت ڪندڙ نواز شريف به هميشه هميشه لاءِ سياست کان ٻاهر ٿي ويو.
پاڪستان ۾ هن وقت ڪوبه عوامي طور مقبول اڳواڻ سياست ۾ موجوده ناهي.
ان ڪري پاڪستان هڪ سياسي خال ۾ ساهه کڻي رهيو آهي.هي ڏهاڪو پاڪستان لاءِ لڳي ٿو مختلف محاذن تي ڏکيو ڏهاڪو هوندو، بحرانن مٿان بحران رهندا، خطي ۾ ڪا وڏي تبديلي ڀلي نه به اچي پر سياسي ڀونچال ڊگهو وقت رهندو.
اڄ جون حالتون گهٽ ۾ گهٽ اهيو ئي ٻڌائي رهيون آهن.

حيدر ملاح

احتياط ڪريو!

اڃان مئي جي نٽهڻ اس ئي نه لڙي هئي هن جي زهر کائي خودڪشي ڪرڻ جي خبر گرم هوا جيان سنڌ جي جيءَ کي وڍ ڏئي ويئي.

هن کان اڳ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته سوشل ميڊيا جي به ڪا اگهاڙي ترار ٿيندي آهي جيڪا جسم سان گڏ روح کي به روڙي ڇڏيندي آهي، هن جو واسطو ته کٿڙ جي ان سومر ميگھواڙ سان ائين پيو جيئن ٻهراڙي جون ڇوڪريون ويندي ويندي پنهنجي ڪنهن مائٽ کي چهنڊڙي هڻي چونديون آهن.

ماسات وسارين متان!

سومر جيڪو سوم به ائين ٿي ويو جيئن ٿوم مان جافران، هنن واٽس اپ تي هڪ ٻئي سان تصويرون شيئر ڪيون ۽ ائين وچن جي ڪچي جي ڌاڳي ۾ ٻڌجي انيلا اعتماد جي پل پار ڪري اتي پهتي جتي اڳتي هلي کيس اعتبار ۽ ويساه جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. بليڪ ميلنگ جو سلسلو شروع ٿيو ته نه صرف پيسن جي ڊمانڊ ڪيئي وئي پر جسم جي بک جو به کلي طرح اظهار ڪيو ويو.

انيلا جي رشتن کي ٽوڙايو ويو هر طرف انيلا جي فوٽن کي ائين ڦهلايو ويو جيئن ڪي نئين نوڪري جا اشتهار هجن.

۽ ائين انيلا جي زندگي جا سڀ رستا بند ڪيا ويا. اڄ انيلا جي جسم کي مٽي جي مڻن جي هيٺان دفن ڪيو ويو، قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿيا آهن.

سوشل ميڊيا جي تيز ترار جي ڌڪ ٽنڊي غلام علي جي نياڻي انيلا جي زندگي کسي ڇڏي.

ان ڪري ئي چوان ٿو احتياط ڪريو. هر شاخ تي چٻرا ويٺا آهن.

حيدر ملاح

Design a site like this with WordPress.com
Get started