اسان کي ننڍپڻ کان سيکاريو ويندو آهي ته فلاڻو ماڻهو “خانداني ماڻهو “آهي.
خانداني ماڻهو جي تشريح ۾ اڪثر اهي ماڻهو يا خاندان شامل ڪيا ويندا آهن جيڪي صدين کان ظالم ۽ سفاڪ حڪمرانن جا ساٿاري رهيا هوندا يا وري رعايت يافته هوندا.
خانداني ماڻهن ۾ جڳهه جهان جون سڀ بڇڙايون شامل ھونديون آهن. پوليس جي مدد سان عام ماڻهن کي جيلن ۾ وجهائڻ، غريبن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرائڻ، غريب ماڻهن جي خوبصورت عورتن کي زبردستي سريت ڪري ويهارڻ. معخانه قائم ڪري سماج ۾ هڏ حرام پيدا ڪرڻ،شراب نوشي ڪري وڦلڻ سميت ، غريب غربي کي گارگند ڪرڻ خانداني ماڻهو جي سڃاڻپ سمجهي وڃي ٿي.
مقصد جيڏو وڏو ظالم ۽ بي حيا، بي شرم اوڏو ئي وڏو خانداني ماڻهون.
سنڌ ۾ اسان جي ارد گرد جيڪي خانداني ماڻهو ٻڌايا وڃن ٿا سي ايوب جي آمريت، کان وٺي جنرل يحي، جنرل ضياءَ توڙي مشرف جي حڪومتن جا نور نظر رهيا هوندا.
وقت ضرورت، ڀٽي شهيد جي عوامي راڄ، بي نظير شهيد جي ڪنٽرول ڊيموڪريسي توڙي زرداري جي ڪرپٽ حڪمراني جا حصو به رهيا هوندا ته نواز شريف جي ليگ جي حڪومتن ۾ خانداني ماڻهو خانداني سميت اقتدار جي لاءِ سرگرم ملندا.
سنڌ ۾ انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪجهه خانداني ماڻهن کانسواءِ باقي پاڻ پورهيت ماڻهو، ڪمي، قاصڀي مقصد نيچ انسان آهيون. جيڪي خانداني ماڻهن جي پيرن ۾ ائين اڇالايا ويا آهيون جيئن هاٿي جي پيرن ۾ سڪل گاهه.
خبردار رهو.
جڏهن به ڪنهن خانداني ماڻهو کي ڏسو ته ان جي حسب نسب جا، جي اوهان پيرا کڻندا ته اڪثر خانداني ماڻهو اوهان کي پال جا ڀاڙيا، اختيار ۽ اقتدار جا بکيا، جرنل جا ساٿاري، ۽پوليس جا ٽائوٽ ملندا.
خانداني ماڻهن جو قومي تحريڪن، عوامي انقلابن سان اچي نه وڃي.
هنن جي ذهني ويجهڙائي ملائيت سان هوندي، ملان ۽
“خانداني ماڻهو “هڪ ٻئي جا ڀرجهلا بڻجي عوام جي اجتماعي مفادن جي خلاف ڪم ڪندڙ هوندا.
حيدر ملاح



نالي ٻڌائڻ کانسواءِ ھلي ويئي!




حيدر ملاح
