مانجهند جي نمرود سان ملو!

حيدرآباد کان جڏهن اوهان سيوهڻ ڏانهن سفر شروع ڪندا ته ٺيڪ 78 ڪلوميٽر تي اوهان پنهنجي گاڏي کي بريڪ هڻي جيڪڏهن انڊس هاءِ وي جي اوڀر پاسي نهاريندا ته اوهان کي سنڌ جو قديمي شهر مانجهند ڏسڻ ۾ ايندو، ضروري ناهي ته اوهان مانجهند شهر جي اندر قبضو ڪيل سوڙهين گهٽين مان ٿيندا درياه جي …

سرخ موسم

ڏيئا ڏيئا لاٽ منهنجي زندگيءَ جي شامن مان اها هڪ دلفريب ۽ دلڪش شام هئي جنهن شام جي اجهامڻ سان ئي هزارين ڏيئا ٻري پيا هئا،رڪ اسٽيشن جو پليٽ فارم شايد دنيا جو پهريون ريلوي پليٽ فارم آهي جنهن جي هر سال پهرين نومبر جي شام ڏيئن جي جهرمر سان جَرڪي پوي ٿي اسان رهڙڪي …

مورڙو ان ڪورٽ

صبح جي پهر ۾ جيئن ئي موڙي جي اک کلي ته هي دنگ رهجي ويو هن ڪمري جي جيئن ئي دري کولي ته ، سامهون هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ئي هئي وڏا صنوبر جا وڻ، ڪوئل جون ٻوليون، جهرڪين جي چون چون، ٿڌي هوا جا سرور پور جهونڪا ۽ فضا ۾ من موهيندڙ سناٽو …

واهڙ جو مستُ

گذريل سال ڪاڇي ۾ ڏڪر جي ڪري نوجوانن جي وڏي کيپ دادو، لاڙڪاڻو، ڪراچي حيدر آباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن روزگار واسطي سفر ڪرڻ تي مجبور ٿئي هئي اڃان انھن نوجوانن جا شهرن ۾ پير مس کپيا هئا ته مٿان ڪورونا وائرس جي ڪري ڊگهي لاڪ ڊائون، بک ڪارڻ موت جي خوف ۽ بيروزگاري ٻيهر …

مين آف رني ڪوٽ جو موت

اها ڊسمبر جي انتهائي سرد رات هئي چنڊ پوري جوڀن سان اُڀري پٿريلي رستي تي چانڊوڪي ڇٽي رهيو هو، ميري ڪورٽ جي اُتر واري برج تان هيٺ سبز وادي ڏانهن مون نهاريو مونکي لڳو ته سبز واديءَ جي پاسي ٻٻرن جي وڻن جي جڳهٽي ۾ ڪي رولاڪ روح گفتگو ڪري رهيا آهن.مون گفتگو تي ڪنايو …

عشق، فيضو ۽ ڌرتي

سنجيدگي جو عالم اهو هو جو ڪچهري ۾ موجوده اڪثر نوجوانن ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون هيون، همراهن جا هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ هٿ هئا هر ماڻهو ٻئي کي چئي رهيو هو منهنجي ٻڌ. ڀلا جڏهن سڀ ڳالهائڻ وارا هجن ته ٻڌڻ جو ڪشٽ ڪير ڪري، بحث وڌندو ويو ڳوٺ جي چوراهي تي ڪاٺ …

ٻري جن ٻاري

اڃان ٻه ڏينهن پهرين جي ڳالهه آهي ته اسان ڪجهه دوست سن ڀرسان ڳوٺ ڪلري ۾ ويا هئاسين، ڪلري ڳوٺ ۾ اڪثريت گائينچا برداري جي آهي هي مال متاءَ وارا ماڻهو آهن پنهنجي کير مکڻ ۽ لسي وارا همراه هر ماڻهوءَ جي پنهنجي اوطاق، جتي ڪُنڍيون مينھيون، ڳاڙهي رنگ جون ڳئون، ڪاموريون ٻڪريون، وڏيون اوطاقون، …

سرخ موسم

اُٿي رائو ريل پري ڇو وڃون رڳو چار ڏهاڪا اڳ عام ماڻهن وٽ سٺي زندگي لاءِ محدود موقعا هوندا هئا. لکن جي تعداد ۾ اهڙا ماڻهو هئا جن ڳوٺ کان ٻاهر زندگيءَ ۾ ورلي ڪو سفر ڪيو هوندو، ماڻهو آسمان ڏانهن اڏامندڙ جهاز کي حيرت مان ڏسي “هو هو هو” جون هوڪرون ڪندا هئا ڪيترائي …

ڪتن جو آشرم

ماڻهن سان چڱايون ڪري ڪري ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هاڻي زندگي جو باقي حصو ڪتن سان چڱائي ڪريان، اڪثر جنھن به ماڻهو کي مون يا منهنجي گهر جي ڀاتين ماني کارائي ته اهي ماڻهو وڙهي نه سگهيا ته لڪي سڪي گاريون ته جام ڏيندا رهيا. ماڻهن جي اهڙن روين جو خبرون اچي ڏکاري …

Design a site like this with WordPress.com
Get started