زندگيءَ جون خوشيون!

جي اوهان چانهه جي ڪوپ مان مزو نٿا وٺي سگهو ته اوهان سمجھي وڃو ته اوهان زندگي مان به مزو وٺڻ جي اهل ناهيو.
اوهان مسئلن پيدا ڪرڻ وارن مان آهيو يا خاموشي سان مسئلا حل ڪرڻ وارن مان.
جي اوهان مسئلا حل ڪرڻ جي اهل آهيو ته سمجهي وٺو ته زندگيءَ جون خوشيون هر وقت اوهان جي آجيان ۾ هونديون.
حيدر ملاح

ماما پِتي…….!

ضدي اهڙو جهڙو مانجهند جو ماما پتي!
روئڻو به وڏو، روئي ته ملڪ مٿي تي کڻيو ڇڏي، ڪو چنبو هڻي ان کان اڳ ئي ڏيڍ پاءَ بصر جي پتيءَ جهڙو مٿو کڻيو اکيون پوريو ڀت ۾ هڻي، پوءِ رانڀاٽ ڪير ٻڌي، زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏي، نڪ مان سنگھ پئي نارا ڪري وهندي، گگ سان قميص جا پلاند پسائبا.
مخر جو ماهر، ماما پتيءَ کي چئبو ماما هاڻي کڻي ماٺ ئي ڪر، چوندو اڏيس (ڇڏيس).
رانڀاٽ بند ٿين ته ڀلا ماڻهو به ٿانيڪا ٿي سڪون سان ڪجهه گهڙيون ويهي گھارين.
ورائي ورائي پيو مٿو ڀت سان ٺوڪيندو.
ڪير همدردي ڪري ته چئبو اڏيس (ڇڏيس).
شريف ماڻهو خواري جي کاري کي ڪن ته ڪيڏانهن ڪن.
ماما پِتي، هڪ وڻي ڪونه ٻيو مطالبا وڏا.
هن ڀيري ته دنگ ڪري ڇڏيائين، لُوهه ڏيئي نڪتو ته همراهه جهل نه ڏئي، سمجهائڻ وارن سمجھايس ته ماما ايڏو ڊگهو پنڌ ڪري ڪيڏانهن پيو وڃين چئي ته خودڪشي ڪندس سو جبل جي چوٽيءَ تان پاڻ ڇڏيندس.
ھڪل هوڙ تي جڏهن همراه واپس نه وريو ته، ماما پِتي کان مطالبن جي لسٽ گهري وئي.
ساڳي ڪار ڪمونءَ جي، چئي مونکي عهدو ڏيو.
ٻيلي ڏاهو ٿي، اضافي عهدو ناهي، چئي جبل تان تو پاڻ ڇڏيان.
گهر ٻارن کي ٿو تيلي ڏيان.
۽ پوءِ وٺيو جبل سان ، بصر جهڙي مٿي کي ٽڪرائي ۽ روڄ ۽ راڙا ڪري.
سنگهه ۽ گگ جا لارا لاهي.
نيٺ چڱن جو ڪٺ ٿيو، عهدا ته سڀ ختم ٿي ويا هئا
هڻي وٺي هڪ عهدي جي جڳهه پيدا ڪئي ويئي.
چيائون ماما پِتيءَ کي راضي ڪريو . کيس معذور ڪوٽا تي عهدي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.
ماما پِتي، جبلن تان واپس وريو. اجرڪ ڪلهي ۾ پينسلن سان کيسو ڀري روز پيو وضاحتي بيان جاري ڪري.
شل نه ڪو چڱائي جي ڳالهه ڪري ماما پِتي، فتني جي پاڙ، سو تيرنھن تال ڪندي ورائي ورائي چوندو،ماما اڏيس (ڇڏيس) .
ٻيلي اسان سڀ ڇڏيو رڳو معذور ڪوٽا جي عهدي جو ڀرم رکڻ سک.
ٻيو مڙئي خير.
حيدر ملاح

ها مان آهيان خانه بدوش!

رولاڪين جي ھن جھان م اسان سڀ خانہ بدوش ئي تہ آھيون، جون جي جھولن م ھي ھن جھان جي جاڳ، ھي گھٽي گھٽي م اسان جي مٿان کتل عقابي اکيون، ھي بندوق جو پھرو ء سنگينن جي رت ٻڏل تيز ڌار، ھي حالتن جو جبر، ھي غلاميءَ جو احساس، ھي ڪجھه نہ ڪري سگھڻ جو ماتم، ھي روح کي رھنڊو ڏيندڙ پنھنجن جا ٿوھر جي ڪنڊن جھڙا نوڪدار زھريلا لفظ، ھي اڪيلائي جي اُساٽ، جتي ھاڻ نصيب نہ ڇانورو نہ بانورو!
ھي سفيد وارن سان گڏ، لھندڙ سج جھڙي ٿڪل جواني،ھي تنگ نظر سماج، ھي بدبخت بدروح کڻي ھلندڙ ڀوتار ! ھي انسان جي فطري جذبن جو منڪر ملان، ھي شعلا بيان مقرر جنھن جو ڪم آھي ذھنن کي فريز ڪرڻ!
ھنن سڀني احساسن مونتي ملي جلي ھڪ احسان ڪيو آھي، مان گھر ء گھاٽ سان اختلاف ڪري خانہ بدوش بڻجي جيئي رھيو آھيان!
سچ پڇو خانہ بدوشي ٻيو ڀلي ڪجھه بہ نہ ھجي، پنھنجو پاڻ سان ڳالھائڻ جو ھڪ بھترين عمل ضرور آھي، خانہ بدوشي خود ڪلامي آ، ماضي حال ء مستقبل جي وچ م ! خانہ بدوشي خود ٺڪاڻو آھي زندگي جي ٽِڪاڻي جو، بس سڪل پن جيان ھوا جي دوش تي ھلندا ھلو! اھيو ئي سڪون جو رستو آ ، اھيا ئي خانہ بدوشي آ، جنھن سان اوھان نفرت ڪريو ٿا ء ان سان مان بي پناھ محبت ڪرڻ شروع ڪئي آھي، ان کي جي اوھان زندگيءَ جي ڊگھي پر خطر مايوسي چئو يا وري جيئڻ جو نئون جتن اھيا تہ اوھان جي مرضي آھي منھنجا سائين!!
( حيدر ملاح)

قوم سان مقابلو…..

سنڌي قوم جي اڪثريت راجا ڏاهر کي پنهنجو قومي هيرو قبول نٿي ڪري اسان زوريءَ ڪوشش ۾ آهيون ته قوم کي ماري به مڃايون ته راجا ڏاهر اسان جو قومي هيرو آهي.
اسان پنهنجي قوم سان پاڻ مقابلو ڪريون پيا.
عقلمندي اها آهي ته جن سورمن تي قوم جي اڪثريت متفق آهي انهن جي تعظيم ۾ انهن جا ڏهاڙا ملهايون.
ڪجهه معاملا ايندڙ وقت ۽ ايندڙ نسلن تي ڇڏي ڏيون.
جيئن غير ضروري تڪرارن کان بچي اڳتي وڌي سگهجي.
منهنجو ذاتي خيال اهو ئي آهي ته قومي هيرو ڪمزور قومن جي ضرورت هوندا آهن.
طاقتور قومن ۾ روز پيا وک وک تي قومي هيرو پيدا ٿيندا آهن.
حيدر ملاح

جدوجهد سان ئي جياپو ملندو!

علم حياتيات جي هڪ استاد، شاگرد کي ٻڌايو ته پوپٽ ڪهڙي ريت خول کي ٽوڙي ٻاهر نڪري ٿو ۽ پوءِ خول ان جي سامهون رکي ڇڏيو ۽ ٻڌايائين ته ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ان مان پوپٽ نڪرندو، ان سان گڏوگڏ هن کيس منع ڪئي ته ڪوبه ان پوپٽ جي خول مان نڪرڻ جي سلسلي ۾ مدد نه ڪري، ان کانپوءِ هو ڪلاس کان ٻاهر هليو ويو، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اهو خول ٽٽڻ لڳو ۽ پوپٽ ٻاهر اچڻ جي جدوجهد ڪرڻ لڳو.
ان جي حالت ڏسي هڪ شاگرد کان برداشت نه ٿيو ۽ هن استاد جي هدايت کي نظرانداز ڪري پوپٽ جي مدد ڪرڻ جي خيال سان خول کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ پوپٽ آزاد ٿي ويو پر ٿوري دير ۾ ڏسندي ئي ڏسندي هو مري ويو.
جڏهن استاد کي اها خبر پئي ته هن شاگردن کي سمجهايو ته خول کي ٽوڙڻ جي جدوجهد پوپٽ کي اها سگهه عطا ڪري ٿي جنهن سان هو جيئرو رهي ٿو ۽ جيئن ته شاگرد پوپٽ کي اها جدوجهد ڪرڻ نه ڏني تنهن ڪري هو مري ويو.
زندگي ۾ آزادي، ترقي، خوشحالي، اختيار، برابري، جدوجهد کان سواءِ حاصل ٿيڻ ممڪن ناهي.

درياه ۾ يا ديدن ۾!

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪٿي آهي؟!
درياهه ۾ يا ديدن ۾!
________________________________________________
توڙي جي دنيا جون موسمي حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن ڪيترا ئي ملڪ هن وقت پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيئي رهيا آهن. سوڊان سميت اٿوپيا ۽ ڪجهه ٻيا ملڪ اڌ صدي کان مٿي عرصي کان پاڻي کوٽ سبب ڏڪار جي حالتن ۾ آهن، خوراڪ جي کوٽ سبب ڪيترائي انسان اجل جو شڪار ٿيندا وڃن.
دنيا جا جنگين جا ماهر هڪ ڏهاڪي کان اهو تجزيو ڪري رهيا آهن ته ايندڙ عالمي جنگ جو هڪ وڏو سبب( پاڻي) هوندو. چيو وڃي پيو ته پاڻي جي کوٽ سبب اٿوپيا جهڙي ڏڪار جي ڪيفيت ايندڙ ڏهن سالن تائين پاڪستان ۽ انڊيا ۾ به رهڻي آهي.
پاڪستان ۾ هن وقت ڏڪار جي سببن ۾ هڪ اهم سبب، برف گهٽ پوڻ، برساتن جو گهٽ هجڻ، گليشرن جو گهٽ ڳرڻ ٻڌايو پيو وڃي، انهن مڙني سببن مان اهم سبب سنڌ سميت پاڪستان ۾ ٻيلن جو خاتمو آهي، جن ٻيلن کي واڳ ڌڻين جي آشيرواد سان وڏيرن ۽ سندن واٺن پاران صفايو ڪرڻ آهي، وڻ نه هجڻ ڪري هڪ طرف گرمي پڌ ۾ اضافو ٿيڻو آهي ته ٻئي طرف موسمیات جو فطري ايڪو ئي متاثر به ٿيو آهي، برساتن جو گهٽ هجڻ جو به هڪ سبب ٻيلن ۾ موجوده وڻن جي واڍي آهي.
تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيلن تي ڪيل قبضن بابت ڏنل رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضو ڪندڙن جو تعلق حڪمران جماعت پ پ پ جي وزيرن، مشيرن، ڀوتارن سان گڏ پي ٽي آءِ، مسلم ليگ ن ۽ ٻين جماعتن جي بااثرن جو آهي.
هن وقت پاڻي جي کوٽ ۾ وڌ کان وڌ سنڌ ئي ڀوڳي رهي آهي، ان جو هڪ سبب سنڌ جو پڇڙي ۾ هجڻ سان گڏ ملڪي سطح تي ٿيندڙ پاڻي معاهدن تي عمل نه ڪرڻ آهي، گڏوگڏ سنڌ حڪومت پاران ارسا ۾ ڪمزور نمائندگي به هڪ وڏو سبب سمجهڻ گهرجي، ان ڪري سنڌ هن وقت 53 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيئي رهي آهي. پنجاب جنهن وٽ زير زمين پاڻي به مٺو آهي اتان جڏهن ڳرندڙ گليشيئرن جو پاڻي سنڌ ڏانهن سفر ڪري ٿو ته سنڌ ڏانهن پاڻي پهچندي پهچندي قطرن جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو.
سنڌ هن وقت سخت سوڪڙي جو شڪار آهي ۽ اها صورتحال اڃان وڌيڪ خراب ٿيڻي آهي، ان خراب صورتحال کي سامهون رکندي، سنڌ جي آبادگارن کي ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ڏيندڙ زرداري جي پ پ پ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو آهي، سندن احتجاج ۾ ميڪپ سان پرنور اڳواڻ عورتون نه صرف پاڻي جي کوٽ تي سٺيون تقريرون ڪن ٿيون پر سندن فوٽو سيشن به ڪنهن ماڊل کان گهٽ ناهي هوندو.
پ پ پ جي احتجاج رڳو سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آهي جي هي احتجاج ديد (اکين) ۾ پاڻي جي کوٽ جي خلاف هجي ته سچ پڇو مان به ان احتجاج ۾ سَوَ ڪم ڇڏي ضرور شرڪت ڪريان ها.ڇاڪاڻ هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا فقط پ پ پ ۾ ئي حاصل ڪري سگهجن ٿا.
آئون ته پاڻي جي کوٽ بابت اڪثر گوگل تي رپورٽون پڙهي پريشان ٿي وڃان ٿو ته ايندڙ ڏهه سالن تائين پاڻي کوٽ سبب ڊڪليئر ڪيل ڏڪار کي هيءَ ايٽمي رياست ڪيئن منهن ڏيئي سگهندي جيڪا رياست مختصر ايراضي واري ٿر جي معصوم ٻارن جي زندگين بچائڻ ۾ ئي ناڪام آهي سا ملڪ جي ڏڪار۾ مرندڙ ماڻهن جا ڇا لاشا به دفن ڪرڻ جي اهل آهي يا اٿوپيا جيان بکايل ماڻهو پنهنجي پيارن جا لاش کائڻ جي لاءِ ملڪ جي عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪندا.
اوهان کي ايندڙ ڏهن سالن جي ڏڪار بابت نه صرف سوچڻ جي سخت ضرورت آهي پر رياست کان سوال پڇڻ جي به جرعت ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڇاڪاڻ رياست اسان ماءُ آهي……!!
۽ ماءُ کان ته اولاد بي ڊپو ٿي سوال ڪري سگهي ٿو.
حيدر ملاح

درد جي لذت!

اسان جي اڪثريت زميني حقيقتن کان اڻواقف آهي اهو ئي سبب آهي ته اسان مان اڪثر ماڻهن جو گذارو اعجاز منگي جي رومانوي ڪالمن تي آهي، جنهن ۾ لفظن جي چٽسالي ڏاڍي خوبصورتي سان ته ٿيل هوندي آهي پر ان لکڻي جي گهرائي ۾ وڃبو ته وسڪي جي پيگ جي خمار سان گڏ گولڊ ليف سگريٽ جي پوري پاڪيٽ جون دونهون ته ڏسڻ ۾ ايندو پر زميني حقيقتون ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه اينديون.
اڃان به اڳتي وڃو ته بدقسمتيءَ سان اسان جي اڪثريت اوشو جي گهڙيل فلسفي جي پچ تي کيڏي ٿي جنهن پچ تي آئوٽ ٿيڻ مهل به لذت وٺڻ جي تلقين ڪيل آهي.
جيڪي شيون لذت لاءِ ڪيون وڃن انهن ۾ درد به لذت ٿيو وڃي!
۽ ان درد جي لذت سان به ماڻهو پيار ڪرڻ شروع ڪري ٿو، پوءِ اهڙي ڪيفيت ۾ ڀلا درد جي ڇوٽڪاري بابت ڪير اجتماعي طور سوچي جدوجهد جي ميدان تي پاڻ ملهائڻ جي ڪوشش ڪندو.

حيدر ملاح

ڪامريڊ

ھو انھن ماڻھن سان محبت ڪندو ھو جن لاء لطيف سائين چيو آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا ۽ انھن ماڻھن جا درد ۽ سور سندس ھوندا ھئا انھن جون ڀوڳنائون پيڙائون پنھنجون ڀائيندو ھو ۽ انھن کي مٽائڻ لاء جدوجھد ڪندو ھو جڏھن اھي ميرڙا ۽ غريبڙا پنھنجا اھنج اورڻ سندس اوتاق تي اچي سلامي ٿيندا ھئا ته ڏاڍو خوش ٿيندو ھو کلي دل سان کين ڀليڪار ڪندو ھو اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سور پچار پو ھو اھي پچارون ڪندو اجپي ۽ خوشحالي جا گس پيچرا چڇائيندو پير پٿون ڪندو وڃي ڪي دڳ ڳولي لھندو ھو وڏيرن کي جھڪائي ھيڻن کي جبل بنائي سندن فيصلا ڪرائيندو ھو جي ڪو وڏيرو لالچ لوڀ ڏيندو ھو ته پاڻ سر اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائين ِسون تي. سڀ ڪجھ ٿڏي پنھنجي خداري ۽ ضمير اڳيان سوڀارو رھندو ھو ۽ پو جڏھن اھي ئي ساڳيان وڏيرا پنھنجي دال ڳرندي ڪون ڀائيندا ھئا ته اھي چوڌري سوڌري مڙي مٺ ٿي ڪوڙا ڪيس ڪري کيس جيلن ڀيڙو ڪندا ھئا پر تڏھن به سندس چپن تي اھائي وائي ته جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم مون اڳ نه ڪيو، اهڙو ڪو جهو ڪم، جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوران سان)شاهه ھو موت کي جيت موٽڻ ۽ مڙڻ کي مھڻو ڀائيندو ھو سندس چوڻ ھو اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم. ھن کي ڀروسو ھوندو ھو انھن املھ ماڻھن تي جن جا اندر اڌ ھجن ھن جو چوڻ ھو اندرَ جنين اَڌَ، ڏونگر سي ڏورينديون. ڪامريڊ انھن جو ساٿي ھو ته ھنن لاء ڪامريڊ سڀڪي ھو ابو وڏو اڳواڻ توڙي دوست ھو ۽ ڪامريڊ پنھنجي دوستن کي به منھن تي چئي ڏيندو ھو اِي ڪم ڪميڻين، جئن سمهن پير ڊگها ڪري. مونکي ھڪ جھوني ڪامريڊ ٻڌايو ته ڪامريڊ عثمان سان جڏھن ملندا ھئاسين ته مايوسين جا ڪوٽ ڀجي ڀري ڪري پوندا ھئا ۽ من مان لطيف جي سٽ اڀري ايندي ھئي اڃا ڪي آهينِ، ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي. ڪامريڊ وڏو مھمان نواز ھو سندس اوطاق روپوش ڪامريڊن باغين توڙي مرڪتبي فڪر رکندڙ گھڻ گھرن لاء محفوظ پناھ گاھ ھئي جتي اچي جدوجھد جا ٿڪ لاھي جذبا اڀاري نوان تازا ٿي نوان خواب کڻي نيون تدبيرون جوڙي نئي اتساه جوش ۽ ولولي سان سياست جي رڻ ۾ ڪاھي پوندا ھئاسين، اھو ھو ويچا ھن جي ڪافلي جي ھڪ جھوني جو جنھنجون آليون اکيون چئي رھيون ھيون ڪامريڊ کان پوء اُڏوهيءَ جئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سيئن.. مون ڳوٺ وارن کان ٻڌو ھو ته 1950 ۾ جڏھن ڪامريڊ پڙھائي پوري ڪري ڳوٺ موٽي آيو ۽ سندس والد کيس ڀر واري ڳوٺ محمدخان ز ئور ۾ اٽي جي چڪي لڳائي ڏني جنھن تي محنت مذدوري ڪرڻ لڳو جتي علائقائي جاگيردار وڏيري مندواڻي جو تسلط ۽ دٻدٻو ھو ڳوٺاڻا وڏيرن جا ھاري ناري ھئا ڄڻ ته سندس زرخريد غلام ھئا اچون ٿا واقعي تي ته ڳوٺاڻن ملھن جو ملاکڙو ھڻايو ملاکڙي دوران گڏ ٿيل ماڻھن جي نظر رئيس مير محمد خان مندواڻي تي پئي جيڪو گھوڙي تي سوار ھو پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيو ھو رئيس جي خوف سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي اجرڪون ٽوال ۽ جوتا ڇڏي ڀڄي ويا پر اتي بيٺو رھيو اھو نوجوان جنھن لطيف جي ھن بيت سان للڪار ڪئي متو آھين مڇ ٿلھا ٿو ٿونا ھڻي جا تو ڀائي اڇ تنھن پاڻي پنا ڏينھنڙا پو وقت ڦيرو کاڌو وڏيرن جو دٻدٻو مٽي ۾ ملي ويو ۽ مٽي ھاڻا غريب مڙي مٺ ٿي للڪاري اٿيا پاڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سٿ ۾ ساٿي بنجي ويو ۽ سياسي سرگرميون وڌائي ڇڏيائين سندن تحريڪ اڀارو وھڻ لڳي ھاري ڪورٽون قائم ٿي ويون وڏيرن کي سزائون ڏنيون ويون ۽ 1953ع ۾ ان ئي ساڳين وڏيري جي تسلط ھيٺ آيل ڳوٺ ۾ ڪامريڊ عثمان ھڪ وڏو جلسو ڪيو جنھن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سندس سڄي ڪيادت شريڪ ٿي ان کان پوء ڪامريڊ جي ننڍي ڀاء ۽ سندس دوستن ٽنڊو باگو ۾ سمن جي ميلي ۾ جلسو ڪيو جنھن ۾ صدارت ڪامريڊ عثمان کان ڪرائي وئي ۽ تن ڏينھن ۾ چمبڙ ۾ پڻ ھڪ وڏو جلسو ڪيو ويو اسٽيج جا فرائض ڪامريڊ جي ڀاء لقمان ادا ڪيا جيڪو ان وقت 15 سالن جو ھو جنھن کي ڪامريڊ حيد بخش جتوئي ڀاڪر پائيندو چيو دوست تون وڏي شئي آھين پوء لغاري ڀائرن ۽ سندس دوستن تعلقي ماتلي،شيخ ڀرڪيو،چمبڙ ۽ ھن سڄي علاقي کي پاڻ ڏي متوجھ ڪيو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سرپرستي ھيٺ رئيسن وڏيرن سيٺن درگاھن جي سجاده نشينن ۽ پليس سان ٽڪر کاڌا ۽ وڏا وڏا معرڪا سر ڪيا پوء جڏھن 1958 ع ۾ ايوب خان مارشل لا لڳائي ۽ پوء 4 جنوري 1960ع تي سڄي ملڪ ۾ بنيادي جمھوريت قائم ڪرڻ لاء اليڪشن ڪرايائين جنھن ۾ يونين ڪائونسل ماڻڪ لغاري ۾ ڪامريڊ به بي ڊي ميمبر طور اليڪشن وڙھيو ۽ وڏي اڪسريت سان وڏيرن جا بت ڊاھي پاڻ سوڀارو ٿيو اھا ھن علائقي ۾ پھرين وڏي بغاوت ھئي ۽ ملڪ ۾ شيخ اياز جي ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس تي پابندي لڳائي وئي ھئي سا پڻ ھي پھرين يونين ڪائونسل ھئي جنھن ۾ ڪامريڊ ڪتاب تان بندش لاھڻ لاء قرارداد پاس ڪرائي ڪامريڊ سماجي توڙي سياسي ڪم ڪندي نيٺ ھڪ صبح اکيون ٻوٽي ڇڏيون اھو 23 سيپٽمبر 2009 جو ڏينھن ھو اڄ سندس ورسي آھي سوچان ٿي جي سندس سڀ سماجي توڙي سياسي ڪم لکندس ته ھڪ ڪتاب جڙي پوندو جيئن ته اڄ ھڪ اخبار لاء آرٽيڪل لکي رھي آھيان ان جي ڪري ڳالھ کي کٽائيندي ايترو چوندس ته ڪامريڊ جو ڪردار اھڙو ھو جو سندس پڄاڻا اڄ به شعوري طور سندس ڳوٺ ٻين ڳوٺن کان گھڻو اڳتي آھي سندس ڳوٺ جا نوجوان ڪامريڊ جي نقش قدم تي ھلندي ڳوٺ سڪندر لغاري ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ماڻھن جون تڪليفون گھٽائي رھيا آھن ڪامريڊ جي نالي تي فري انگلش سينٽر ھلائي رھيا آھن جن ۾ ھارين مذدورن ھيٺين طبقي وارن جا ٻار پڙھي ديس ۽ وطن جون تقديرون بدلائيندا ۽ ڪامريڊ جي سپنن کي ساڀيان جو ويس اوڍائيندا. سورٺ لغاري

سنڌ جي درگاهن جا رعايت يافته گادي نشين.

نقطہ نظر!
سنڌ ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد واري دور جي صوفي ازم جو هن وقت مزاحمتي ۽ باغي ڪردار ئي نه رهيو آهي. سنڌ ۾ سمورين صوفين جون درگاهون رياست جي حق ۾ ئي ڪم ڪن ٿيون، درگاهن جا گادي نشين وقت جي هر آمر ۽ عوام دشمن حڪمران جا سلامي آهن،هي هر اڀرندڙ سج کي نوڙي سلام ڪن ٿا، صوفي ازم جا پوئلڳ ڪنهن به مزاحمتي تحريڪ جو حصو ناهن، بلڪه سماج ۾ موجود ظالمن، جاگيردارن ۽ پيرن جا ڀرجهلا آهن.
سنڌ ۾ تصوف جي هن وقت شڪل گانجي، آفيم ۽ چرس جيان خطرناڪ آهي، ڪو سنڌ ۾ آئيڊيل صوفي يا سماج جي مروج ريتن ۽ رسمن کان باغي صوفي ڪردار ئي سنڌ ۾ موجوده ناهي.
رياست خود چاهي ٿي ته ماڻهو درگاهن جي دهلن ۽ يڪتارن، چپڙين، کڙتالن ۽ باجن تي نچندا رهن.
ان ڪري نام نهاد باغين کي هر قسم جو سرڪاري پروٽوڪول ۽ وسيلا فراهم ٿين ٿا.
موجوده صوفي ازم جي پرچار ڪندڙ ڪردارن وٽ سنڌ جي عوام جي لاءِ ڪو به واضع سياسي، سماجي ۽ معاشي پروگرام ناهي.
درگاهن جا گادي نشين سالن کان ڪک ڀڃي ٻيڻو به نٿا ڪن ان جي باوجود به سندن زندگي ۾ سڀ سهولتون موجود آهن هر قسم جي عياشي ڪن ٿا نوڪر چاڪرن جون فوجون سندن پيرن ۾ پيل آهي. درگاهن جي آمدني مان کين سهولتون به ملن ٿيون ايتري تائين جو درگاهن جي ڪاڪوسن جا ٺيڪا به گادي نشينن کي سياسي رشوت ۾ ملن ٿا.
وھم پرستي، جهالت، ۽ نشي جون آماجگاهون بڻيل هنن گادين ۽ گادي نشين ۽ سندن پڙهيل لکيل پيروڪارن کي آئون عوام جو دشمن سمجهان ٿو.

هي فراريت جو ڌنڌو بند ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي باشعور ماڻهن کي انهن ڪوڙن ڪروڌين جي رستا روڪ ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو.
موجوده صوفي ازم ۾ سنڌ جي مسئلن جو ڪٿي حل ناهي.هي گورخ ڌنڌو بند ٿيڻ گهرجي جيئن سنڌ جو عوام ڪوڙين درگاهن ۽ انهن جي گادي نشينن جي چنبي مان ٻاهر نڪري پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پيرن تي بيهي جدوجهد ڪرڻ جي اهل ٿي سگهي.
حيدر ملاح

پريس ڪلب حيدرآباد جو آئينو.

هو الله اڪبر جي نعرن سان ڏنڊا ۽ لٺيون کڻي اندر داخل ٿيا ،سندن ريش مبارڪن مان ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو صدين کان پوءِ شهر ڏانهن آيا هجن ،سندن چهري تي ڪروڌ نمايان هو،مٿي تي ٻڌل دستارن کي لاهي هنن چهري کي ڍڪڻ لاءِ ٻوٿاڙو ٻڌو .
پوءِ هنن ائين ئي ڪيو جيئن هنن تاريخ ۾ ديبل سان ڪيو هو ،ٺٽي سان ڪيو هو .سڀ ساڙي بسم ڪرڻ جي هڪ دفعو ٻيهر ڪوشش ڪئي .سچ ساڙڻ ،انسانيت ساڙڻ ،روشني ساڙڻ ،ڪتاب ساڙڻ ،اخبارون ساڙڻ ،قلم ساڙڻ ۽ قلمن کي لکندڙ هٿن ساڙڻ جو هنن باجماعت ڪم ڪيو ،هنن ڪمپيوٽرن کي باهيون ڏنيون ،ڪرسين کي جلايو ۽ درين کي ٽوڙيو ،
هي سڀ ڪجهه سنڌ جي ثقافتي ۽ ادبي شهر جي سڃاڻپ رکندڙ حيدرآباد جي پريس ڪلب ۾ ٿيو اهو پريس ڪلب جنهن جي در تي هر روز سوين سائل انصاف جون صدائون کڻي هن اميد سان ايندا آهن ته ڪيمرا جي هڪ فليش ۽ صحافيءَ جي هڪ لکڻي هنن جي دانهن کي اقتدار ۾ ويٺل صاحبن تائين پهچائڻ جو ڪم ڪنديون .
اهو پريس ڪلب جتي ڪڏهن اياز چيو هو هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو
جتي اياز هي ڏوهه نه آ مون ماڻهوءَ جي مٽي ٻيهر ڳوهي آ
جهڙا باغي نظم ٻڌايا هئا .
ان پريس ڪلب ۾ اڳيان ڊوڙندڙ صحافي هئا جيڪي اڪثر ان ٽائيم تي ڪينٽين جي سستي ماني تي بک اجهائي بک هڙتالين جي رپورٽنگ ڪندا آهن پويان سندن تاريخ جا قذاق هئا جيڪي هڪلون ڪندا کين لٺين سان ائين ڪٽي رهيا جيئن ملان عمر جي افغانستان ۾ طالبان عام ماڻهن کي ڪٽيندا هئا .
ائين لٺين جي وسڪارن ۾ صحافين جي رڙين ۾ اوچتو هڪ وڏي رڙ جو آواز سڀني جي ڪنن تائين پهتو .
اهيو آواز ڪجهه عجيب ۽ منفرد آواز هو ،هڪ رڙ هئي يا ڪا تاريخ جي چيخ هئي !
هڪ وڏي ريش واري دستاري ملان جي نظر جيئن ئي پريس ڪلب جي آئيني تي پئي .
آئيني ۾ هن پاڻ کي ڏسي ورتو!
حيدر آباد پريس ڪلب جو آئينو جنهن ۾ مهيش ڪمار ۽ اقبال ملاح گڏجي چهرو ڏسندا هئا ۽ ڪميونسٽ دنيا جي ماضيءَ ۾ جهاتيون پائيندا هئا جنهن ۾ اسحاق مڱريو ۽ جي پرڪاش پنهنجي وارن کي ڪنگي ڏيئي وارن جي سفيد رنگ مان پنهنجي عمر جي وهي کاتي جا پنا ڳڻيندا هئا .
ها ان ئي آئيني ۾ پون ڪمار ۽ منير راڄڙ انسانيت کي ڳولي لهندا هئا ته ساڳي آئيني ۾ لساني رنگن جي دنيا وارو علي حسن ،اڳوڻو قومپرست اڳواڻ منصور مري ،امتياز کهاوڙ،انور ڪمال گڏجي حيدرآباد جي گهڻ لساني شهر هجڻ تي ڳالهيون ڪندي چهري تان پگهر اگهندي ٿڌا ساهه کڻندا هئا .ان آئيني آڏو گهڻو وقت اڳ سردار جي واٺن جي لوهي راڊن سان زخمي ٿيل ڊان جو محمد حسين ۽ پوڙهو ٿڪل ٽٽل صحت کي صحافت حوالي ڪندڙ تاج ميمڻ پنهنجي وارن جي چڳن کي چهري تي بيهي سجائيندا هئا .
ها اهوئي آئينو جيڪو محبت ،پيار ،هڪجهڙائي ۽ برابري جي دنيا آباد ڪريو بيٺو هو جنهن وٽ ڪنهن نه رنگ نه نسل نه ٻوليءَ جو ڪو وجوده هو .
تنهن ملان کي جڏهن پنهنجو اصل چهرو ڏيکاريو ته هن مدرسي مان پاڻ سان کڻي آندل ٿلهي ڏنڍي سان آئيني ڏانهن اُلر ڪئي .
آئيني کيس ڏاڍو سمجهايو ،کيس بارها منع ڪيائين
کيس چيائين مون ۾ هڪ بار ته چتائي ڏس ،تون وحشپڻي جي علامت نه ٿيئي تون مونتي رحم نٿو کائين ته پنهنجي ريش مبارڪ تي پنهنجي دستار جي تقدس تي رحم کاءُ !
پر پريس ڪلب جي آئيني جي هن هڪ به نه ٻڌي .
هن هڪل ڪري آئيني کي چيو تون تفريق بنا هتي ماڻهن کي پنهنجا چهرا ڏيکارين ٿو تو وٽ ڪنهن ذات پات جو سندو ناهي تو وٽ رنگ ۽ نسل مذهب ۽ فرقي ۾ فرق ناهي .
توئي هنن سڀني کي رپورٽنگ ڪرڻ کان روڪيو آهي پوءِ هن مدرسي جي ٿلهي ڏنڍي کي آئيني تي ڦھڪائي ڪڍيو ،آئينو رڙيون ڪندو رهو ،هوائن ۾ موجوده ٻين رڙين کان هيءَ چيخ وڏي چيخ هئي جنهن سڀني کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو .ائين ڏنڍن مٿان ڏنڍا هئا ،ريزا ريزا ٿيندڙ آئينو هو ۽ ( تو کتنے ممتاز قادری ماروگے ھر گھر سے قادری نکلیگا) جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هئا .
پريس ڪلب حيدرآباد جو آئينو ٽٽي پيو، اهو آئينو جنهن جي سامهون ڪڏهن عزيز ملڪ ۽ لائق سنڌي بيهي سنڌ جي صوفياڻي مزاج تي فخر مان ڳالهائيندا هئا . ته ڪڏهن رشيد راڄڙ ۽ فريد لاکو بيهي پنهنجي ٽهڪن سان آئيني کي کلائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪندا هئا .اهو آئينو جيڪو سهڻي چهري واري شاعره سهڻي پارس جا تصويرن ڪڍائڻ کان اڳ جا ٿڪ لاهيندو هو .
اهو آئينو جيڪو خالد کوکر ۽ اظهار سومري کان ظفر هڪڙي ،خالد چانڊئي ۽ حفيظ مگسي تائين سڀني آڙيڪاپ صحافين جي دماغن ۾َپيل لفظن کان واقف هو .اهو آئينو جيڪو عبدالرسول چانڊئي جا درد ٻڌندو هو .ها هي اهو ئي آئينو جيڪو ڪڏهن مرحوم سرفراز وسطڙي جي جواني تي چغليون هڻندو هو .
اڄ اهو آئينو هڪ ملان کي پنهنجي اصل روپ ڏيکارڻ جي ڏوهه ۾ چيخن سان سڀاڻي جي تاريخ ۾ دفن ٿي ويو .
پر ويندي ويندي آئينو هڪ ڪم ڪمال جو ڪم ڪري ويو ،وحشت ۽ انسانيت دشمني کي چٽو ڪري ويو .
مان اصل چهرا ڏيکاريندڙ آئينا توسان گڏ بيٺو آهيان مان سنڌ جي شعور سان گڏ بيٺو آهيان مان انسانيت جي وقار جي لاءِ جهيڙيندڙ صحافين جي سنگ سان گڏ بيٺل آهيان .
تاريخ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ديبل ۽ ٺٽو ساڙيندڙ اڄ اسانجي نسل جي اڳيان ملامت جي هيٺ آهيان ائين ئي سڀاڻي جو مورخ اڄ سچ کي سنگسار ڪندڙن کي تاريخ ۾ سنگسار ڪندو.

(حيدر ملاح)

٥مارخ ٢٠١٦

Design a site like this with WordPress.com
Get started