پوئين رات جا لوڻاٺيل لفظ!

ڪافي ڪوشش جي باوجود به مان پنهنجي وصيت هن کي ٻڌائي نه سگهيس، مون وٽ وڏيري شاهنواز جوڻيجي وانگر نه هٿيار هئا نه گھوڙا نه زمين هئي نه راڄ!
مان مغل شهنشاهيت جي آخري شهزادي اسير شاعر بهادر شاهه ظفر جي ڀٽڪندڙ روح جي نمائندگي ڪندي، انتهائي مسڪيني حالت ۾ هيس.
کتنا ہے بدنصیب ظفر دفن کے لئے
دوگز زمیں بھی نا ملی کوئے یار…….!!
منهنجي پيرن هيٺان سنڌ سرڪي رهي هئي، مان شاعر هوندي به ڪنهن ڀنڀٽ ٻارڻ جي ڪوشش ان ڪري به نه ڪري رهيو هوس جو منهنجي وطن جي سياست کي بزدلي “وڻ ويڙهيءَ “جيان ويڙهي وئي هئي. مزاحمت مري ويئي هئي ۽ سياسي ڪارڪن ان مردي جي سنسڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي پاڻ مردا ٿي ويو هو مان ڪو فلسطين جو محمود درويش ته ناهيان نه ئي مان بنگال جو نذرالسلام جن جي شاعري جي لفظن سان مُردن جذبن ۾ ساهه پئي.
مون جلاوطن نه هوندي به پاڻ کي، جلاوطن سمجھڻ شروع ڪيو هو. منهنجا مارن سان سمورا سڱ، پوڙهي عورت جي وارن جيان ڇڻي الڳ ٿي رهيا هئا، مونکي ائين لڳي رهيو ڄڻ مان راجا ڏاهر جي هٿ مان ڪريل نيزو هجان. جيڪو نه دشمن جي ڇاتيءَ ۾ کپي سگهيو نه ئي زمين ۾ پيوست ٿي سگهيو هو.
ھوا ۾ لٽڪيل وجود ائين بولاٽيون کائي رهيو هو جيئن” بو ڪاٽا” ٿيل لغڙ هجان ……!!
مون” واٽ ون” جي پيگ کي هڪ ڍڪ ۾ ڳڙڪائي ورتو، نڙيءَ مان لهندڙ ان وديشي برانڊ ڪجهه گهڙين جي لاءِ صحيح مونکي پنهنجو ديس ياد ڏياريو، منهنجو ديس، جنهن جي تهذيب ۽ تاريخ تي منهنجا وڏڙا فخر سان ڇاتي ٻاهر ڪڍي ڪنڌ اونچو ڪري هلندا هئا.
اسان جي ٻيڙن جا سڙهه سدائين اونچا رهندا
اسان طوفانن سان وڙهنداسين
اسان موسمن سان مقابلا ڪنداسين
اسان جھڪڻ بدران
توکي جهوٻو ڏيئي وينداسين
ڪا نئين تاريخ رقم ڪري
ڪو نئون پيغام لکي وينداسين.
اهي نظم منهنجي وڏن جي لاءِ ڪنهن رڳويڌ جي پاٿ کان گهٽ نه هئا، پر هاڻي سڀ ڳالهيون هيون،خالي ڳالهيون !
پير زمين تي نه هئا مان هن جي هنج ۾ ڪنڌ رکي ڪجهه پل ان جي اکين جي مهاساگر ۾ گم ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هوس.
مون چيو پنڪي!
توکي خبر آهي ته مان تو وٽ ڇو آيو آهيان؟
هن وارن کي جهٽڪي سان هٽايو ۽ انڪار جي اشاري سان پنهنجي چپن کي ڀيڙي ائين محسوس ڪرايائين، جيئن واقعي به هن کي ڪا ڄاڻ نه هئي، مون سندس وارن ۾ آڱريون ڦيريون هن اڌ اکيون بند ڪري پنهنجي چهري کي منهنجي چپن جي ويجهو آڻيندي پل ۾ ئي هرڻي جي ڇال ڏيئي مونکي پنهنجي جسم کان پري ڪندي چيو سڀ گناهه آهي!
مون چيو منوا……!
مان تہ خانا بدوش آهيان ڪجهه گهڙين جي لاءِ ئي پناهه جي صدا کڻي اوهان وٽ پهتو آهيان.
منوا…….! مونکي ائين نه ڌڪار.
مان اڳ ئي پنهنجي ڌرتي تان ڌڪجي هتي پهتو آهيان، منهنجي ديس تي ڌارين جون يلغارون آهن، منهنجي ڌرتي منهنجي پيرن هيٺان کسڪي رهي آهي،
مونکي منوا……
تنهنجي هنج ۾ پناهه ٿي گهرجي!
پنڪي جواب ۾ چيو، بزدل، ڪيترا ڏينهن پناهه ۾ رهندي، ڪيترا ڏينهن مونن ۾ منهن هڻي سمهندي،ڪيترا ڏينهن منهنجي زلفن جي ڇانوري ۾ لڪل رهندي.
اٿ پنهنجي وطن تان وارجي وڃ
اٿ پنهنجي پيار جي قرباني ڏئي
پنهنجي مارن جي مرڪن کي موٽائي اچ.
مان ٽپ ڏئي اٿيس
پنڪي جي ڪمري مان ٻاهر نڪرندي مونکي ذهن ۾ خيال آيو ته مان آخري وصيت ڪري وڃان، مون ڪمري ڏانهن موٽ کاڌي پنڪي ٻه وکون اڳتي وڌي آئي ۽ منهنجي چهري کي هٿن جي رحل ۾ جهلي چمي ڏيندي چيائين، ديس جا شاعر مان واعدو ٿي ڪريان ته مان تنهنجي شاعري کي مرڻ نه ڏينديس!
منهنجي رقص ۾ پايل جي هر ڇمڪي ۾ تنهنجي شاعري جا لفظ محفوط هوندا.
منهنجي جسم جي هر ساهه ۾ تنهنجا گيت هوندا.
مون چيو منوا…….!
منهنجي هڪ وصيت آهي!
هن منهنجي چپن تي آڱر رکي چيو جي سوڀارو ٿي موٽي آئين ته مان تنهنجي، جي مزاحمت ڪندي مارجي وئين ته مان باقي زندگي تنهنجي قبر جي مجاور ٿي تنهنجي قبر جي مٿان اتساهه ۽ اميد جا ڏيئا ٻاريندي رهنديس.
ائين ئي منهنجي وصيت اڌوري رهجي وئي مان هاڻي هاڻي پنڪي جي ڪمري مان ٻاهر نڪتو آهيان!
ور کنجيل ۽ پير اگهاڙا اٿم ، رات جي خوف سان مزاحمت لاءِ تيار آهيان، جي صبح ڏٺم ته، پوءِ پنڪي جي هنج ۾ هوندس جي رات جي بگهڙن هٿان ماريو وڃان ته قبر تي ٻه خوبصورت هٿ هر رات اونداهه سان جهيڙو جوٽڻ لاءِ روشني جا ڏيا ٻارڻ ضرور ايندا.
اهي هٿ، منوا جا هٿ جيڪي رحل جيان ڪجهه پل پهرين منهنجي چهري کي جهلي بيٺا هئا ۽ ان جا چپ منهنجي ڳلن کي ائين چٽي رهيا هئا ڄڻ مان ٽئگور جي نظم جي اها ننڍڙي سهڻي ڳئون هجان جنهن کي ماءُ پنهنجي زبان سان چٽي رهي هئي.
حيدر ملاح

پوئين رات جا لوڻاٺيل لفظ

ڪمري ۾ بجلي نه هجڻ ڪري هر طرف انڌيرو آهي، تڏين جا آواز ڪن ائين چيري رهيا آهن جيئن آري مشين ۾ ٻٻر جو سڪل ڪاٺ چيرجي.

ميونسپالٽي وارن گذريل ڪيترن سالن کان مڇر مار اسپري نه ڪئي آهي جنهن ڪري” سالا ايڪ مڇر آدمي ڪو هيجڙا بنا ديتا هي” واري مونسان به حالت آهي، تاڙيءَ مٿان تاڙي آهي.

گهٽي ۾ ڪجهه ماڻهن جا آواز آهن جيڪي هيڻن ماڻهن وانگر سرگوشي ۾ گفتگو ۾ محو آهن.

منهنجي هٿ ۾ ڪجهه دير پهرين ڪتاب” قديم سنڌ جي تاريخ “موجوده هو. هاڻي اهو ڪتاب منهنجي پيراندي کان پيل آهي ائين جيئن لاڏائو قبيلي جا ننڌڻڪا ٻار مائرن ۽ پيئرن جي پيرن کان ننڊ ۾ پيل هوندا آهن.

مونکي چاهيندي ننڊ ويجهي نٿي اچي ڇاڪاڻ ننڊ ۾ مون سدائين اجري سج جي اڀرڻ جا ۽ رات جي ڪاري اونداهه جي خاتمي جا خواب ڏٺا آهن جنهن ڪري ننڊ به پرامن احتجاج ۾ آهي، اهڙو احتجاج جيڪو اسان سنڌي سالن کان ڪندا پيا اچون ۽ هاڻي ان احتجاج جو واڳ ڌڻين نوٽيس وٺڻ به ڇڏي ڏنو آهي.

مان ڪافي سالن کان محسوس ڪريان پيو ڄڻ آئون” ريڊ زون” جي سامهون بيٺو آهيان جتان ڪنهن وقت به واٽر ڪين مشينون گٽر جو گندو پاڻي اڇلڻ شروع ڪنديون، رٻڙ جون گوليون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا فائر ٿيڻ وارا هجن، مونکي لڳي ٿو، ڪو مونکي ڳٿر مان جهلي روڊ تي گهلي رهيو آهي ۽ مان سموري طاقت سهيڙي ان رهزن هٿن کي مروڙڻ جي ڪوشش ڪندي پاڻ ئي اخباري پني جيان مروڙ جي وڃان ٿو.

رات جي هن پوئين پهر ۾ ڪجهه گهڙيون پهرين ئي مونکي ائين لڳو ڄڻ ڏنڊا ٻيڙن جي ڇڻڪار ٿي آهي، مان ان ڇڻڪار کي ڪنائي اناالحق جو نعرو ئي هڻڻ وارو ئي هيس ته مونکي ڪنهن لوهي هٿ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، مون پڇيو، ڇو ڀلا نه خواب ڏسڻ ڏيو ٿا نه ئي مونکي اناالحق جو نعرو هڻڻ ڏيو ٿا، لوهي هٿ وراڻيو.

ڪاري رات جي هن آخري پھر ۾ پيرن تي بيهي نعرو هڻڻ جي سخت منع ٿيل آهي.

هي وقت چپ چاپ ۾ جيئڻ جو آهي، متان ڪڇيو آهين، ملڪ ۾ ضربِ عضب جو دور آهي……..

ڪاري اونداهه، مڇر ۽ مان نانا پاٽيڪر جي سالا ايڪ مڇر واري گاني جيان رقص ڪري رهيا آهيون.

پر تڏ جو تيز آواز آهي جو واڄي وانگر پيو وڄي……. !!

حيدر ملاح

جوانيءَ جو لھندڙ سج

جوانيءَ جو لهندڙ سج، ويندي ويندي چوندو ويو تنهنجي زندگيءَ جي ڪل موڙهي تنهنجو عشق هو. ان عشق کي نه وسارجان.

تنهنجي محبوب جا ڏنل ڪل زخم تنهنجي اڻ مَئي دولت هئا.

تون جي مرڪيو هئين اهو وياج سميت واپس ڪر!

جوانن کي بار بار سمجهاءِ ته انسانيت کي زندهه رکڻ جي لاءِ عشق جي تلاش ڪن.

بَن بَن ڀٽڪڻ بدران عشق جي آشرم ۾ وڃي محبوب جي آڏو گوڏا کوڙي ويهو.

من ڪو هڪ لمحو ئي اوهان تي اوهان جو محبوب نگاهه کڻي نهاري ۽ راضپي جي ڳنڍ کولي وجهي.

سقراط جو درس به اهيو ئي هو.

(حيدر ملاح)

منھنجا پیارا پٽ

منهنجا پيارا پٽ!

ٻڌو اٿم، توکي ڪنهن پدمڻي سان محبت ٿي ويئي آهي!

تو وٽ محبت جا انيڪ روپ اڃان زندگي ۾ اچڻان آهن، دنيا ان پدمڻي جي سونهن تي اٽڪي نه بيٺي آهي سونهن جي ڳولا ڪر، سونهن عورت جي جسم ۾ رڳو ناهي.

سونهن سَنهن چَپن، موناليزا جي مرڪ ۽ اکين جي نيرن تارن ۾ رڳو ناهي، سونهن وارن جي ڊگهي چوٽيءَ، اڇي رنگ، ڊگهي ڳچيءَ تائين محدود ناهي، نه ئي سونهن پيرن جي پايل، نڪ جي بُليءَ ۽ ڪنن جي جهومڪ تائين محدود سمجهه!

سونهن جي سرهاڻ سوچن مان نکري نروار ٿئي ٿي!

پاڻ ۾ ڳولا ڪر، ڇا وڃايو اٿئي، ڪهڙي اندر ۾ تنهنجي کوٽ آهي جنهن جي ڳولا لاءِ تو هڪ پدمڻيءَ جي پيرن جي مٽي ٿيڻ وڃين پيو.

زندگي گونا گونيت جي وکر جو نالو آهي، گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ جو نالو زندگي آهي، پاڻ مسڪين ماڻهو آهيون پاڻ وٽ ڪجهه به ناهي، نه مايا نه ڇت جي ڇايا!

هڪ ئي” سخي دل” ئي پنهنجي ڪل موڙهي آهي، جي اها هڪ دل به تو سکيءَ جي حوالي ڪري ڇڏي ته پيار جي سخاوت تو وٽان ختم ٿي ويندي، زندگي تنهنجي فل اسٽاپ جي نقطي تي بيهي رهندي، جتان شايد تنهنجي زندگي ۾ نئين ۽ نرالي جملي جي شروعات نه ٿيئي.

پنهجي بابا جو هڪ جملو هميشه ياد رکجان، محبت کي هڪ ماڻهو تائين ڪڏهن به محدود نه رکجان ائين ڪرڻ سان تون پاڻ محدود ٿي ويندي.

عورت مرد جي ڪل ڪائنات نه هجڻ گهرجي، ها پر عورت هڪ ڪائنات جهڙي ضرور آهي جنهن جي اندر وري ڪيتريون ئي ڪائناتون ڪر موڙي اٿن ٿيون پر ان جو اهو هر گز مقصد ناهي ته انيڪ ڪائناتن جي پويان رلندي تون پنهنجي حقيقي ڪائنات کي ٽائيم بم جي ٽائيمر واري ٽڪ ٽڪ تي رکي ڇڏين!

عورت هڪ راز آهي هڪ ڳُجهه آهي!

هوءَ حساس به آهي ته مهربان به، هوءَ سخي به آهي ته سوداگر به، معاف ڪرڻ تي اچي ته سڀ ڪجهه معاف ڪري ڇڏي انتقام تي لهي پئي ته پاڻ به باهه ۾ ڀسم ٿي وڃڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ٿي.

عورت جي هڪ خاص خاصيت ياد رکجان، وفا ڪرڻ تي اچي ته رت جا درياهه پار ڪري پهچي ويندي دغا ڪرڻ تي اچي ته تنهنجو رت ئي پي ويندي.

ان ڪري عشق جي عميق ۾ گهڙڻ کان اڳ پاڻ سان ڳالهائي وٺ.

ان لاءِ ڪجهه ڏينهن اڪيلائي ۾ هليو وڃ، هي ساڌو جيڪي جبلن جي غارن ۽ جهنگلن جي ساين ۾ سالن تائين گم رهندا آهن سي به اهيوئي ڪم ڪندا آهن پاڻ سان ڳالهائڻ جو ڪم!

پاڻ کي ڳولڻ جو ڪم، سو ساڌُو ڀلي نه ٿيءُ پر ايترو سادو به نه ٿيئي ان جي لاءِ ڪنهن عشق جي مضمون جي استاد جي توکي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ عشق خود استاد آهي!

عشق سان ڳالهاءِ، پاڻ سان ڳالھاءِ………..!

عشق انتهاپسندي جو نالو ناهي، ۽ نه وري عشق ۾ طالبان ٿيڻ جي ضرورت آهي!

ضروري ناهي ته جنهن سان تون پيار ڪرين سو توسان به پيار ڪري. ان تي اعتراض نه ڪر نه ئي محبوب جي محبوب تي اعتراض وار.

پنهنجي محبوب کان پُڇُ، ان کي سندس محبوب ۾ ڇا وڻيو آهي، ان جي مرڪ، ان جا چپ، ان جون اکيون، ان جي گفتگو جو انداز يا اڃان ٻيو ڪجهه.

ڇاڪاڻ محبوب تنهنجو آئينو آهي ان کي ٽوڙڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪجان. آئيني ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪر، بهتر کان بهتر ٿيڻ جي ڪوشش ڪر، پنهنجي طبيعت ۾ نرمي پيدا ڪر، گفتگو ۾ ٿڌاڻ پيدا ڪر،ڇاڪاڻ ٿڌو گهڙو پاڻ کي هميشه ڇانوَ ۾ رکائيندو آهي.

محبت ۾ ڪڏهن به محبوب کي ملڪيت تصور نه ڪر، ان جي انساني آزادي جي اڳيان جنهن ڏينهن تون رڪاوٽ ٿيندي ان ڏينهن بغاوت ڪر کڻندي.

منهنجا پيارا پٽ!

دوکو ڏيڻ پنهنجي تخم ۾ شامل ناهي، پنهنجي رت ۾ وفا شامل آهي آخري حد تائين وفا ڪندو رهه جڏهن ڏسين ته عشق ۾ اڳيان ويندڙ سمورا رستا بند ٿي ويا آهن ته پير پوئتي ڪندي شرم محسوس نه ڪر!

محبت جنگ جو نالو ناهي نه ئي محبت ۾ زور زبردستي ڪر، محبت ۾ پاڻ کي هيڻو رک، ڪڏهن به سينا زوري نه ڪجان!

آخري ڳالهه

عورت ڪڏهن به هڪ محبت نه ڪندي آهي عورت، ونڊ جي حساب جيان ورهايل هوندي آهي، ان وٽ ڪڏهن پاڇيءَ ۾ زيرو بچندو آهي، جيڪڏهن تنهنجي حصي ۾ ان پدمڻيءَ جي محبت جي بچيل پاڇيءَ جو زيرو به اچي ته پاڻ کي خوشنصيب سمجهجان. پاڻ کي محبت جي دلفريبي ۾ تباهه ڪرڻ بدران جيترو مليو ان تي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪر.

توکي چڱي طرح خبر آهي ته پاڻ وٽ گهر ۾ اڪثر ڪامريڊ مهمان ايندا رهندا آهن ، ان وقت پاڻ ڇا ڪندا آهيون، ڀاڪر کولي سندن آجيان ڪندا آهيون، ٽُڪَ جي رليءَ تي کين وهاري سندن دل سان آڌر ڀاءُ ڪندا آهيون، اوهان جي امڙ ماني تيار ڪندي آهي، اسان سڀ سموري ماني ۽ ڀاڄي انهن مهمان ڪامريڊن جي اڳيان رکندا آهيون، جڏهن هو ڍءُ ڪري بچيل ماني واپس ڪندا آهن ته پاڻ سڀ گڏجي ان بچيل ماني سان پيٽ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. ائين صبر ۽ شڪر سان هڪ ويلو به گذري ويندو آهي ۽ اسان جا ڪامريڊ مهمان به خوش ٿي ويندا آهن، بلڪل ائين ئي صبر شڪر سان محبت ۾ هلڻ سک، جيڪا به تنهنجي حصي جي محبت توکي ملي ان تي شڪر ڪر.

ٻين جي خوشي ۾ خوش رهڻ وارا ماڻهو ئي عظيم ماڻهن جي قطار ۾ بيهندا آهن.

اختتام

منهنجا پيار پٽ

توکي محبت ڪرڻ تي مبارڪون هجن ياد رکجان هي محبت نه تنهنجي آخري محبت آهي نه ئي آخري ڪائنات آهي هن محبت کانپوءِ به ڪيتريون محبتون تنهنجي اوسيئڙي ۾ هونديون.

اس جہان کے آگے اور بھی جھاں ھے!

محبت رڳو زندگي جو مقصد نه هجڻ گهرجي نه ئي پدمڻي جي جسم سان تنهنجو حوس وارو رشتو هجڻ گهرجي، توکي ڪائنات جي تخليق جي سببن کي سمجهڻو آهي، پنهنجي وجوده جي احساس کي معني ڏيڻي آهي، تون به آهين هن جڳ ۾، ان” تون” هجڻ واري سفر ۾ پنڌ ڪرڻو اٿئي، پاڻ کي دنيا جي لاءِ مثالي بڻائڻ جي ڪوشش ڪر، انيڪ محبتون تنهنجي لاءِ ڀاڪر کولي انتظار ۾ بيٺل هونديون.

تنهنجو بابا

حيدر ملاح

عوامي ھائوس جو وڪرو ڊي ٽين پليجي صاحب جي نه صرف رهائش گاهه هئي پر عوامي تحريڪ جي متحرڪ آفيس به.جتي ملڪي سطح جا اڳواڻ به آيا ته سياسي ڪارڪنن جي تربيت به ٿئي. ڊي ٽين هڪ سياسي اسڪول به هو ته سنڌياڻي تحريڪ جي نرسري به. ڊي ٽين جي حيثيت سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ انتهائي اهميت واري رهي آهي. ڊي ٽين جي اهميت ائين آهي جيئن سائين جيئنم سيد جي گهر “حيدر منزل” جي، ان تاريخي جڳهه کي وڪرو ٿيڻ نه گهرجي ها.مونکي ذاتي طور خبر آهي ته سائين جيئنم سيد جي وفات کان پوءِ حيدر منزل کي به وڪرو ڪرڻ جي هڪ ڌر ڪوشش ڪئي پر ملڪيت جي دعويدار ٻئي ڌر حيدر منزل کي وڪرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن ڪري اڃان حيدر منزل وڪري کان بچيل آهي. مستقبل قريب ۾ حيدر منزل سان ڇا ٿيڻ وارو آهي سو جيڪي جيئرا سي ڏسندا. بدقسمتي سان اسان وٽ پارٽي به ليڊرن جي ذاتي ملڪيت آهي ته پارٽي جي آفيس به ذاتي ملڪيت. پليجي جهڙي وڏي ماڻهو به پنهنجو سياسي گهر ، پارٽي جي نالي نه ڪيو نتيجي ۾ ڪافي مهينن کان پليجي جي خاندان ۾ ڊي ٽين جي وڪري بابت گوڙ هلي رهيو هو.توڙي جو پليجي صاحب جي تدفين واري ڏينهن تدفين کان پهرين ڊي ٽين تي پينٽر وٺي تڙ تڪڙ ۾ ” عوامي هائوس “جو ليبل به لڳايو ويو پر….. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته سياسي سرگرمين جو متحرڪ ڳڙهه ڊي ٽين وڪرو ٿي ويو ان کان اڳ گاڏي کاتي وارو تاريخي “عوامي هائوس “به وڪرو ٿي ويو. گهڻي ملڪيت هٿ ڪرڻ جي بک سنڌي سماج کي کائي رهي آهي. پليجي صاحب جا سڀ پٽ ۽ ڌيئرون” ڊي ٽين “جي ملڪيت جا حصيدار آهن پر اهي پارٽي ڪارڪن جيڪي پليجي صاحب جي خوابن جي ساڀيان جي لاءِ جهرجهنگ جهاڳين پيا جيڪي پليجي صاحب جي فڪر جي ڪاميابي جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن سي سڀ سياسي ڪارڪن مستقبل ۾ عوامي تحريڪ جي وري ڪنهن نئين مسواڙي آفيس جي لاءِ پريشان هوندا. عام طور اسان وٽ اسان جا ليڊر پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جا دعويدار آهن پر ڪا ٽرسٽ جوڙي ان جي نالي ڪا تاريخ ۾ انٽري ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن. نتيجي ۾ ليڊرن جي سو سال پوري ڪرڻ کان پوءِ سندن غير سياسي اولاد تاريخي جڳهين کي ذاتي ملڪيت سمجهي وڪرو ڪرڻ ۾ ئي فائدو سمجهي ٿو. سڀاڻي سنڌ جي کاٻي ڌر ۽ قومپرست سياست تي تحقيق ڪندڙ ماڻهو قاسم آباد ۾ عوامي تحريڪ جي متحرڪ ” ڊي ٽين” جي ڳولا ڪندي گهٽين ۾ رلندو رهندو. پر کيس سياسي سرگرمين وارو پليجي صاحب جو گهر “ڊي ٽين “هٿ نه ايندو. فڪرن، جدوجهدن ۽ قربانين سان ان کان وڏي جٺ ڀلا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. حيدر ملاح

Design a site like this with WordPress.com
Get started