اها خبر فقط مانجهند جي ماڻهن کي آهي ته جڏهن هن جا هم ڪلاسي ڇوڪرا يونيورسٽيءَ ۾ وڃي وڏيون ڊگريون ۽ سڻڀيون نوڪريون وٺڻ جا خواب ڏسندا هئا تڏهن مانجهند جي هوٽلن تي مزدوري ڪندڙ محمد خان ملاح جو سانورو پٽ پنهنجي نيرين اکين ۾ انگريزيءِ جا سبق ياد ڪري آڙيڪاپ آفيسر ٿيڻ جا خواب ڏسڻ بجاءِ ڪبير جا شعر ياد ڪري رهيو هئو… هُو جڏهن براديءَ ملاح جي ٻِيڙين جي ڀانڊي تي دانشوراڻيون ڳالهيون ڪندڙ ڪاريگر کي پنهنجي هم جنس محبوب لاءِ اداس ٿيندي ڏسندو هئو ته کيس چوندو هئو، تُلسي ايسي پريت نه ڪر، جيسي لمبي کهجور دهوپ لگي تو چهائون نهين، بهوک لگي تو پهل دور. پوءِ جڏهن هُن ديس جي اڀ تي غلاميءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل ڏٺا ته هو ٻِيڙي ٻاڌارن کان مرڪي موڪلائي سياست جي ان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو جنهن جي ناکئي سن جي پتڻ تان پڪاريندي کيس چيو ، ڪنهن لاءِ تڪين تو ڪنڌيءَ تان، ٻي ٻيڙي ڪابه نه اچڻي آ، جي تون به اچين او وڻجھارا! توکي به اُڪاري وينداسين۔. رضا فقير سان رهاڻيون رچائيندڙ هن جڏهن ڏٺو ته سندس شهر جي مندرن جا پوڄاري ٻئي پار هليا ويا آهن ۽ ورهانڱي جي واچوڙن ۾ وکري ويل ويڙهي جي هڪ ديوان سيٺ پاران پنهنجي محبوب زال جي ياد ۾ جوڙايل محبت جي مينار تي مانجهند جي ملائن ڪفر جي فتوائن واري چاڪنگ ڪري ڇڏي آهي تڏهن هن پنهنجو نالو مٽائي “ڪمار” رکي ڇڏيو. حيدر ملاح کي اڄ به سندس پراڻا دوست “حيدرڪمار” ڪري سڏين ٿا. پر “مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا” جي پرچار ڪندڙ پوڄاري حيدرڪمار کي ڪهڙي خبر ته سندس نالي مٽائڻ واري رسم نڀائيندي پنهنجا نالا تبديل ڪندڙ سندس ساٿي اڳتي هلي پنهنجا رستا به تبديل ڪري ويندا. اڄ پل صراط تي ڪيل پنڌ جي پنجويهه سالن جي سلور جوبليءَ جي موقعي ته سائين حيدر کي تنقيدن جا تمغا پارايا ويا آهن. ايترين ملاقاتن کان پوءِ به اجنبي بڻيل سندس دوست مٿس تُهمتن جا تير ائين وسائي رهيا آهن جو چوٿي صديءَ جي انهيءَ سفر ۾ ڪٿي ڪنهن دشمن به اهڙو آڌرڀاءُ نه ڪيو هوندس. هن جي دل ته تنبوري جي اها نازڪ تار آهي جنهن کي ڇيڙي علڻ فقير گلن جي کيتن ۾ ٻيهر ملڻ جا گيت آلاپيندو هئو. هن جون اکيون چترڪار جو هڪ اهڙو ڪينواس آهن جن ۾ پنجويهه سالن کان هڪ اڻ پوري تصوير چٽيل آهي، ان تصوير ۾ چئو طرف سرنهن جا ساوا پيلا فصل آهن، تصوير ۾ وڻن جي وچ مان ويندڙ هڪ رستو به آهي جنهن تان هڪ ننڍڙو ٻار پٺيرو پري کان نظر ايندڙ اسڪول ڏانهن وڃي رهيو آهي. پر سندس پارٽيءَ جو “پروفيشنل فوٽوگرافر ” ان ٻارڙي جي هٿ ۾ جهليل ڪتابن ۾ لکيل لوڪ ڪهاڻيون پڙهڻ کان قاصر آهي جن ۾ وطن سان محبت ۽ وفا جا سبق ڏنل آهن. هو ڪينن جي مهانگي ڪيمرا جي فليشن وانگر تنقيدن جا تجلا ڪري ٿو ۽ سامهون ويٺل چريو چترڪار گهڙيءَ کن لاءِ اکيون ٻوٽي ٿو ۽ پنجويهه سالن جي پنڌ تي سوچي ٿو. هو سوچي ٿو ، ويل به ورچي نه ويٺس پوءِ به هي سفر سجايا ڇونه ٿيا.؟ جن رستن تي نيهن جا نه ڄاڻ ڪيترا نشان ڇڏيم پوءِ به هي پيچرا پرايا ڪئين ٿيا؟ اڄ کان ڪيئي سال اڳ جنهن پارٽيءَ جي پيڙهه جا پهريان پٿر رکڻ ۾ هن جا به هٿ هئا تنهن پارٽيءَ مان هُو ائين پيو وڃي جيئن ڪو ڪاوڙيل پُٽُ پنهنجو گهر ڇڏي ويندو آهي.؟ پر مَنُو ميربحر جي پُٽَ جي دل جو درد “بائو ديري” جي باغن جو اهو مالهي ڪئين ٿو سمجهي سگهي جيڪو لِڪَ چوري انب پٽيندڙ هاريءَ جي پٽ کي مارڻ لاءِ سندس گهر تائين مِڙي پوندو آهي… ٽانگي جي ٽاپولين تي انڊيا جا پراڻا گيت جهونگاريندڙ مَنوُ ميربحر جي اداس اکين واري پٽ جي ٽٽي پيل دل کي اهو “موچي” نٿو ٽانڪي سگهي جيڪو آٽو ڀان جا وڏا اسٽور ڏسي پنهنجي پراڻي پيڍي وساري چڪو آهي ۽ حُسن کي سجدا ڪندڙ مانجهند جي هن ملاح جي اڌ ٿيل اندر جي احساسن کي ڀلا اهو سياسي اڳواڻ به ڪئين ٿو سمجهي سگهي جيڪو دوستن جي دعوت ۾ مرچ مصالحن سبب پيٽ جي خرابيءَ جون خبرون ٿو ڪري. ٻه ٽي وکون کڻي ٿڪجي پوندڙ پنهنجي ساٿين کي اڃان به ڏور منزلن جو ڏس ڏيئي وري پنڌ ڪرڻ جون صلاحون ڏيندڙ انهيءَ صوفيءَ جي سوز کي ڪير ڪئين ٿو سمجهي سگهي جنهن جا ڏٺل سپنا ساڀيائن جي سرزمين تي پهچڻ کان اڳ پرديسي پکين جيئان ماريا ويا… اهي سپنا جيڪي مانجهند جي محمد خان پنهنجي پٽ لاءِ ڏٺا هئا، اهو محمد خان جيڪو هوٽل جي گراهڪن جا بچيل بسڪيٽ کائي شام جو ملندڙ مزدوريءَ مان پنهنجي پٽ لاءِ ڪتاب خريد ڪري ايندو هو…… هن پنهنجي سپنن کي سبوتاز ڪري پنجويهه سال پنڌ ڪيو.. ها پل صراط تي ڪيل پنڌ عيوض کيس ڪنهن به ڪئلينڊر جي تصوير بڻجڻو نه هئو. هو ته فقط هڪ ڪلپنا، هڪ مورت گهڙيندو رهيو! پر، ڇا هُن کان پوءِ ايندڙن کي ڪير اهو چوندو ته هُو، روشنين لاءِ اونداهه سان وڙهندو هئو..!
سنڌ جي قومپرست سياست اڃان اقتدار جي مسند حاصل نه ڪري سگهي آهي، ان جي باوجود به قومپرست سياست تي سماج ۾ مخصوص گروہ بي رحم تنقيد ڪندا رهن ٿا. هڪ نوجوان قومپرست پارلياماني سياست تي تنقيد ڪندي لکيو ته قومپرست پارلياماني سياست رياست نواز ۽ رعايت يافته سياست آهي. مون ان نوجوان سياسي ڪارڪن کان پڇيو، هن وقت تائين ته سنڌ جو هڪ به قومپرست نه وزير ٿيو نه مشير، نہ ئي ڪنهن نگران سيٽ اپ ۾ وزير اعلي نه ئي انفارمیشن وزير ته قومپرستن جي پارلياماني سياست رياست نواز ۽رعايت يافته ڪيئن ٿي؟ حقيقي قوم پرست پارلياماني سياست دراصل رياست جي اسٽيٽسڪو مخالف سياست آهي. رياست جي رعايت يافته طبقن، گروهن، جنهن ۾ سنڌ جا سياسي ڀوتار ۽ سياسي پير اچي وڃن ٿا ان جي مخالف سياست آهي، رياست هر صورت ۾ ڪوشش ۾ هوندي آهي ته هن ملڪ جي قيام يعني 1947 کان وٺي “جيئن صورتحال آهي ، اها تيئن ئي رهي”.انکي ڪو لهر لوڏو نه اچي نه ئي ڪو چئلينج ڪري. اوهان غور ڪري ڏسو جيڪي ماڻهو 1937 جي اسيمبلي ۾ هئا جن پاڪستان ٺاهڻ جا بڻياد رکيا اڄ به وڏي تعداد ۾ انهن ماڻهن جو اولاد ئي اسيمبلين ۾ موجوده آهي. مخصوص خاندان پنهنجي واري سان ئي حڪومت ڪن ٿا.ڪي آمريتن جي دور ۾ حڪومت ۾ ايندا ته ڪي ڪنٽرول ڊيموڪريسي جي شڪل ۾ اقتدار جي مسند تي ويٺل ملندا. هتي وري اسان جي قومي ڪارڪن کي ويتر مونجهاري ۾ رکيو ويو آهي، ان کي سمجهايو ويو آهي ته حڪمران رڳو اقتدار ۾ ويٺل ماڻهو ٿيندا آهن جڏهن ته جيڪي ماڻهو اسيمبلي ۾ موجود آهن ڀلي مخالف ڌر ۾ ويٺل آهن سي سڀ ان ڪري به اقتدار جو حصو آهن جو هو نه صرف بااثر آهن پر رياست جي جوڙيل عوام دشمنن اسٽيٽسڪو جا حمايتي به آهن ته اقتداري ڌرين جي ٺاهيل مختلف ڪميٽين جا ميمبر به آهن ته رياست جا رعايت يافته به. ان ڪري سنڌ جي قومپرست ڪارڪن کي مونجهاري مان نڪرڻ جي لاءِ اقتداري سياست جي بساط تي موجود هر مهري تي نظر رکي مثبت سوچ جو پاسو وٺڻ گهرجي. آئون سياست جو طالب علم آهيان آئون سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ جيڪي قوم پرست رياست جي رعايت يافته پرتن سياسي ڀوتارن ۽ سياسي پيرن جا اليڪشن ۾ اتحادي ٿين ٿا سي ئي رياست نواز ۽ رياست جا رعايت يافته قومپرست ئي نشانبر ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جا چٽي طرح نالا وٺي تنقيد ڪرڻ گهرجي. هتي هي به واضع ڪندا هلون ته جيڪا قومپرستي پارلياماني سياست کي هن رياست جي جوڙيل هٿرادو اسٽيٽسڪو ٽوڙڻ جي لاءِ هٿيار طور استعمال ڪري ٿي ۽ پيڙيل طبقن کي پنهنجي سياسي قوت سمجهي سياست ڪري ٿي، سا ئي قومپرستي دراصل حقيقي عوام دوست ۽ سنڌ دوست قوم پرستي آهي جنهن جي حقيقي معني ۾ نمائندگي فقط “ايس ٽي پي “ڪري رهي آهي. جنهن ڪري ئي اوھان ڏسندا ته ايس ٽي پي جي خلاف سنڌ جا وفاقي سياست ڪندڙ سياسي ڀوتار، سياسي پير توڙي انهن جا قومپرست اتحادي جيڪي جڳاڙي انداز سان اقتدار ۾ پهچڻ چاهين ٿا سي شديد مخالفت ۾ بيٺل آهن. سنڌ جا اهي قومي ڪارڪن جيڪي سنڌ کي پنهنجو تاريخي وطن سمجهن ٿا ۽ رياست جو جوڙيل اسٽيٽسڪو ٽوڙڻ جي لاءِ مختلف شڪلين ۾ جدوجهد ڪري رهيا آهن تن کي هي سمجهڻ گهرجي ته اسان جو ڪٽنب ساڳيو آهي. بس ڪم جو طريقڪار وقتي طور تبديل آهي. حيدر ملاح
هي صوفياڻو روح ڪُن فـيڪون جي مهل خبر ناهي ڪٿي هو، هن آسمان کان اچي زمين تي جڏهن ڌڙام سان ڦهڪو ڪيو ته هن پاڻ کي قديم تهذيبن جي تخليق ڪندڙ امڙ نديءَ سنڌو نديءَ جي ڪناري آباد قديم وسنديءَ مانجهند ۾ پاڻ کي ڏٺو. مانجهند جنهن کي ڪيترائي ماڻهو سنڌ کي فتح ڪندڙ محمد بن قاسم جي فوجي مهم دوران ٿڪل ٽٽل اڃارن فوجين کي عزت سان ملندڙ “مانجهاندي” جو ماڳ سمجهن ٿا سي مانجهند ذات واري انهن ڀورن، سهڻن ۽ وڏين اکين واري قبيلي کي به عربن جي نسل مان سمجهن ٿا پر هن علائقي جي ست راڄي چڱن مڙسن مانجھندن کي پاڻ ئي خبر ناهي ته هو عرب قزاقن سان گڏ آيا هئا يا هو هن ئي سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي خمير مان جڙي راس ٿيا هئا پر مشڪي رنگ وارن ذاتين سوڍاڻي ، مريداڻي ، نهالاڻي ،تنگهياڻي،خيماڻي راڄن جا هي رت ۾ رشتيدار ۽ چڱا مڙس سچ ته اڄ به مانجهند جي ماڻهن جا اڻلکيا وڏيرا آهن. مانجهند ذات اوهان کي فقط مانجھند شهر ۾ ئي ملندي، ٺٽي، ڄامشوري، ميرپورخاص ۾ رهندڙ مانجهند به اصل هن ئي ڳوٺ جا آهن. مانجھند ۾ محمد بن قاسم جي فوج جي مانجهاندي جي روايت سچي يا ڪوڙي خبر ناهي پر چچ نامو محمد بن قاسم جي هتان گذرڻ جي اجھو ائين شاهدي ڏيئي ٿو. محمد بن قاسم جون ٿڪل ٽٽل فوجون اڃ وگهي صفا بي حال هنيون گرميءَ جا ڏينھن هئا، اوچتو مقامي ماڻهن ڏس ڏنو ته هتي هڪ ڪوٽ ۾ محبوب جي اکين جهڙو سفيد پاڻيءَ وارو چشمو آهي جنهن کي مقامي ماڻهو “نيرون ڪوٽ” چئي رهيا هئا. محقق نيرون ڪوٽ جي ڀڃ هيئن ڪن ٿا. نئين + روڻ + ڪوٽ. جيئن ته عربن وٽ عربي زبان ۾” ڻ” ناهي ان ڪري هنن نئين- روڻ- ڪوٽ کي هيئن ( نيرون ڪوٽ) لکيو جيڪو اڳتي هلي رني ڪوٽ سڏيو، رني ڪوٽ کي اوهان غور سان ڏسو اتي اوهان کي نئين موهن، روڻ، زمين مان نڪرندڙ پاڻي جنهن کي پاڻ چشمو چئون ۽ چوگرد ڪوٽ آهي ملندو. هي جيڪو حيدر آباد جو قديم نالو نيرون ڪوٽ ٻڌايو وڃي پيو اتي نه چشمو آهي نه ئي اتان ڪا جابلو نئين گذر ڪري ٿي. بس مانجهند کان اجھو هو سامهون رني ڪوٽ ڪر کنيو بيٺو آهي جيڪڏهن واقعي به محققن جي چواڻي ته رني ڪوٽ ئي نيرون ڪوٽ آهي ته مانجهند ان وقت واپاري بندر هو ۽ قديم شهر آمري وٽان عالمي شاهراه هئي جيڪا شاهراهه ايران ۽ ٻين ملڪن سان سنڌ کي ڳنڍڻ جو ڪم ڪندي هئي. مانجهند جي خوبصورتي رڳو سنڌو ڪناري جي ڪچي ۾ هوائن تي لڏندڙ ڪڻڪ جا ڀورا سنگ ناهن پر سڄو مانجهند حسناڪين سان ڀريل آهي هي ميمڻ جن جي نک تاريخ ۾ وڃي لوهاڻن هندن سان ملي ٿي سي به پنھنجي سڀاءَ سليقي، گفتگو ۽ حُسن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. مانجهند جا ميمڻ زوري مسلمان ڪيا ويا هئا يا پاڻ محمد بن قاسم جي تلوار سان آندل اسلام جا صدق دل سان ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيا سا خبر مانجهند جي ميمڻن جي هن نسل کي ان ڪري به ناهي جو هاڻي مانجهند جا ميمڻ نه صرف واپار جي پيڊي تي پيسن ڳڻڻ ۾ گهڻا مصروف رهن ٿا پر مختلف فرقن، مسجدن ۽ مدرسن جي ڄار وڇائڻ ۾ به هي هن علائقي ۾ هن وقت اڳيان اڳيان رهن ٿا. ڀلا، پيسي، مذهب ۽ حُسن جي طاقت مُٺ ۾ بند هجي ته تاريخ ۽ تاريخ جي لکيل سچ کي پڙهڻ جي ڪنهن کي ضرورت آهي. پر مانجهند جا سڀ ميمڻ رڳو ڪاورباري ۽ مذهبي ناهن ڪي ته اسان جي يار رفيق جهڙا اهل دل ماڻهو به آهن جن کي جيڪڏهن ترازو ۾ هڪ پاسي دولت ۽ ٻئي پاسي عشق وجهي ڏجي ته اکيون پوري عشق جي نانگ ۾ وڃي هٿ وجهندا. عشق جو نانگ ڳچيءَ ۾ وجهي گهمڻ ائين آهي جيئن جوڳي در در مرلي وڃائي رولاڪيون ڪندي ٿڪجندو ناهي عشق آهي جيڪو اگهاڙي پيرين نچائي ٿو عشق آهي جيڪو رات جي اونڌاهي ۾ درياهه جا ڪُن پار ڪرائي ٿو. “عشق ناهي راند,، جو کيڏنس ڳڀرو”. عشق، دل، جيرا، بڪيون سيخن تي پچائي ٿو وٺي. رفيق جو ننڍپڻ اسماعيل جوڌي جهڙي مانجهند جي ان انمول ڪردار سان گذريو جيڪو ذات جو ته ميمڻ هو ۽ رشتي ۾ هن جو جهڙو چاچو هوندو پر اسماعيل جوڌو ڪير سڏائي، اسماعيل جوڌي وٽ ٻه هنر هئا هڪ قصا گوئي جو هنر جيڪو شايد هنن مانجهند جي ڀَٽن فقيرن جي صحبت مان سکيو هو ٻيو ٻلين پالڻ جو خفت. هي جيڪو رفيق اوهان کي ڳالهين ۾ منجھائي، ٿڪائي بي ستو ڪريو وڃي بستري تي سٽي ٿو، سو هنر رفيق ٻاراڻي وهي ۾ اسماعيل جوڌي کان سکي ورتو هو. اوهان لوڪ ڏاهپ جي سکڻ چاهيو ٿا ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هليا وڃو، سنڌ جون ٻهراڙيون جتي نه اسڪول نه مڪتب جو نالو نشان اتي لوڪ ڏاهپ جا انمول هيرا اوهان کي ملندا، سچ ته مانجهند ۾ ڪنهن دور ۾ لوڪ ڏاهپ جا وڏا نالا هئا، هي لوڪ فنڪار علڻ فقير جنهن تي ممتاز مرزا شاهڪار ڪتاب لکي ويو اهو به مانجهند جو هو ان جو پيءُ ڌمالي فقير به لوڪ ڏاهپ جو وڏو نالو هو. ها سچي علڻ فقير به رفيق جي سڳي مامي دائود فقير جو کيڏاريل فقير ئي هو. انهن ڏينهن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڏاڏي فتح خان ڪچهري جو پروگرام هلندو هو سائين صالح محمد شاھ جهوني ڏاڏي جي دلفريب صدا ڪاري ڪندو هو ان ئي پروگرام ۾ مانجهند جو ڌمالي فقير 70 واري ڏهاڪي ۾ لوڪ ڏاهپ جي مڻيا دار گفتن سان وڃي شرڪت ڪندو هو. سو اسان وارو رفيق لوڪ ڏاهپ جي ڪچهرين مان پچي اهڙو راس ٿيو جو هن جي والد صاحب چاچي ابراهيم کي سدائين ڳڻتي رهي ته دين دنيا ۾ اڪيلو پٽ نه ٿو واپار ۾ ڪامياب ٿئي نه ئي ٿو گهوڙي جهل ڏيئي سيلاني ٿيو پيو گهمندو وتي سو پيو رفيق جي ڳاري ۾ ڳرندو هو. نيٺ رفيق هڻي وٺي وڃي پرائمري استاد ٿيو، مامو احمد علي جيڪو سڏبو احمد علي زميندار هو ۽ ناني عثمان جي زمينن جو اڪيلو وارث هو تنهن جي ته رفيق اکين جو ٺار هو. زميندار احمد علي وري گهوڙن ۽ ٽانگن جو وڏو شوقين، ڳولي ڳولي چڙهي لاءِ مهانگا ۽ سهڻا گهوڙا وٺي ايندو هو، شڪارپور جون هلڪيون، اڇيون ۽ سهڻيون بگيون به زميندار احمد علي جي گهوڙن واري استمبل اڳيان بيٺل هونديون هنيون، رفيق ائين ئي ننڍپڻ کان ئي گهوڙن جو شاه سوار بڻيو، گهوڙي جي رين، ريشم جو چهبڪ، شڪارپوري بگي، امبلک گهوڙو ۽ رفيق جهڙو ڊگهن سلڪي وارن ۽ ڀوري رنگ وارو شاھ سوار مانجهند جي شام ۾ عاشقن جا ميلا مچائڻ جي لاءِ ڪافي هئا. ائين ئي رفيق ميمڻ، رفيق شهزاد سڏجڻ لڳو. “ڀاڳ ڏيئي ڀيڙو ته دال مان سيرو”، اهو دور سچ ته رفيق جي ڀاڳ جي ڀيڙي وارو دور هو. سن جي سيٺ خدابخش ميمڻ جي ڀوري جسم تي ڪيٽي پاتل، ربن جو نمبر ون ڪاپي چشمو اکين تي چڙهيل، سٽيزن ڪمپنيءَ جي ٻانهن ۾ گهڙي پاتل، پيرن ۾ باٽا جو بوٽ هٿ ۾ رومال، ڪنڌ تي ناچ ڪندڙ ڊگھا وار ۽ ڳاڙها مِينهن وساڙن جهڙا چپ. مانجهند جي رڳو آوارہ ماڻهن جي جملا ڪشي لاءِ ڪافي نه هئا پر پوئين عمر جي سج لٿل ماستر الهڏني مانجهند کي به مجبور ڪندا هئا ته هو رفيق شهزاد سان وڃي ڪٿي گهٽي جي چونڪ تي رفيق ٿي ويهي چار ڳالهيون ڪري. 80 وارو ڏهاڪو ته سنڌ ۾ نوجوانن جي لاءِ قومپرست سياست جي سحر جو زمانو هو هر طرف جيئي سنڌ جا نعرا هئا رفيق به ان ئي ڏهاڪي ۾ سن جي سيد سان سياست جي تتل آويءَ ۾ لهي پيو، هونئن ته سن هن جو ٻيو گهر هو، چاچو بلاول ميمڻ ۽ جمن ميمڻ جيڪي سن شهر جا سٺا درزي هئا سي ٻارين ٻچين مانجهند جي ٻوڏن کان تنگ ٿي وڃي سن ۾ رهيا. چاچو بلاول سن جي سيد جي ڪچهري جو اهم رتن هو،حڪيم صالح ڪاندڙو، پريو پاساري (ملاح) ، چاچو بلاول ميمڻ ، ماستر غلام قادر ملاح سائين جي ايم سيد جي رڳو راڄ جا ماڻهو نه ھئا پر مومن مليريائي ۽ صديق پکيئڙو جيان حجتي يار به هئا. هن ناز سنائي جا به وڏا اصل مانجهند جا آهن ناز جو والد محمد حلوائي به مانجھند جي ٻوڏن کان تنگ ٿي وڃي سن جي زمين تي سک جو ساه کڻڻ ويٺو. اڳتي هلي چاچو بلاول به سن مان لڏي واپس مانجهند واسي ٿيو ته ناز سنائي به اچي مانجهند ۾ پنهنجي امڙ آمنه جي نالي سان لائبريري جوڙي ٿاڪ ٺاهي ويٺو آهي. سو چاچي بلاول ميمڻ جي هڪ ڳالھ وري ڪمال جي هئي هر ڳالهه کي پيش ڪرڻ دوران لطيف سائين جو بيت ضرور پڙهي وٺندو هو. موقعي مناسبت سان لطيف جو بيت پڙهڻ واري چاچي بلاول جي روايت اڳتي هلي رفيق ڏانهن منتقل ٿي. هالا واري سهڻي عرفان مهدي ۽ ڪوٽڙي جي ڪارين اکين واري گل ملاح جي سنگت به هن کي ادب شناسائي ڏانهن وٺي اچڻ جو ڪم ڪيو. عرفان مهدي سان ته هن جو بي پناه پيار هو، هن پنهنجي هڪ پٽ جو نالو ئي عرفان رکي ڇڏيو. رفيق شهزاد کي اڳ ته لطيف بر زبان ياد هو پر هاڻي رفيق شايد لطيف سائينءَ کان ڪاوڙيل آهي جو رفيق هاڻي گفتگو يا تقرير ۾ لطيف جا بيت پڙهڻ کان پيو پرهيز ڪندو آهي. سو قومپرست سياست جي پئي ڳالھ ڪئيسين، هي يار قومپرست سياست ۾ ته ڪاهي پيو پر هن کي ان وقت شايد اها خبر نه هئي ته قومپرست پارٽين جيان قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون به دليون انتهائي ننڍڙيون ٿينديون آهن. ائين هن کي ڌڪي اچي ديوار سان لڳايائون جو ڌڻي کي به خبر نه پئي ته ڪٿان ڳڙکي ملندي جو واپس ٻيهر آزاد هوائن ۾ وڃي وڏا ساهه کڻجن، پنھنجي ئي دوستن جي بي وفائين، بي رحم روين جي ڪري وڃي ڳچ عرصو گوشا نشيني اختيار ڪيائين پر سن جي سيد سان عشق جي تند کي جوڙي رکيائين. رفيق زندگيءَ ۾ سٽي باز ناهي رهيو نه ئي هن زندگيءَ کي جوا سمجهي جوا جي ٽِڪريءَ تي هارائڻ لاءِ داوَ تي رکيو پر رفيق سوداگر ضرور رهيو، دلين جو سوداگر، “دل وٺ ۽ دل ڏئي”. اهڙو چندر وارو مهانگو سوڌو مانجهند جي ميمڻن ۾ فقط رفيق ميمڻ ئي ڪري سگهي ٿو. رفيق گوشا نشيني ۾ عجيب ڪرتون ڪيون ڪڪڙن جي خفت کان ٿيندو، گهوڙي گاڏين, گڏهن، ڪبوترن، ڳئن، ٻڪرين جي سودن تائين هن زندگيءَ جو ڳچ عرصو شودن حوالي ڪري ڇڏيو. پر سچ ته زندگيءَ ۾ جڏهن ماڻهو اڪيلو نڪري رولاڪيون ڪري ٿو ته ڪافي سکي ٿو. بلوچن جو مزاحمتي اڳواڻ خير بخش مري به ڪڪڙن جو خفتي هو بالاچ مري جي شهادت کان پوءِ جڏهن مون ۽ علي حسن چانڊئي ڪتاب” بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن تائين” لکڻ لاءِ بار بار ڪوئيٽا جا سفر پئي ڪيا ۽ بلوچن جي تاريخ جا ورق پئي اٿلايا ته خير بخش مري جو اخبار ۾ ڇپيل هڪ انٽرويو منهنجي نظر مان گذريو.
صحافي سوال ڪيو، اوهان ڪڪڙ ويڙهايو ٿا اوهان جو شوق آهي يا. خير بخش مري جواب ڏنو، آئون ڪڪڙن جي ويڙه مان جنگ جون حڪمت عمليون سکندو آهيان، جڏهن ڪڪڙ کي وڌيڪ کڙھ لڳنديون آهن ۽ رت ۾ ٻڏي ٿڪجي پوندو آهي ته هو دشمن جي پرن ۾ ڪنڌ لڪائي ساهي پٽيندو آهي. اسان وارو يار به زماني جي بي رخين، دوستن جي بي وفائين ۽ پنهنجن جي منافقين سان وڙهندي وڙهندي هاڻي رتو رت ٿي ٿڪجي ٽٽجي ساهي پٽي رهيو آهي. پر مونکي پڪ آهي، رفيق جي اها ڊگهي ساهي نه هوندي ڀڳو ٺوڙي جبل جيان هي ڪر کڻي ٻيهر اٿي بيهڻو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مونکي لڳندو آهي ته رفيق ۽ منهنجي روح کي گڏي جنت مان تڙيو ويو هو. آئون ٻيهر ساڳي جنت ۾ وڃڻ جي لاءِ تيار ناهيان پر سچ ته رفيق جو روح ٻيهر واپس خدا جي حضور ۾ سجدا ڪرڻ لاءِ هر وقت آتو آهي ان ڪري مسجدن جي اڱڻ تي رفيق مصلحي تي ويهي زارو قطار روئندو به آهي ته خدا کي رحم لاءِ ٻاڏائيندو به آهي. هن جو روح صوفي روح آهي، ٻلن، ڪڪڙن، گهوڙن، گڏهن، اٺن،مينهين ڪبوترن، ٻڪرين سان هن جون اڄ به ٻٽيهه دليون آهن، مانجهند جي گهٽين ۾ بي نام گڏهن مان ڪجهه نالي وارا گڏھ هن يار جا به آهن! جن گڏهن جا هي اڄ به اکين کان نابين گڏھن جي سوداگر دُري ورياڻي سان پيو سودا ڪندو رهندو آهي.” چانگا ڏيئي ٻانگا وٺڻ هن جو پراڻو ڌنڌو آهي “ رفيق شهزاد، يارن جو يار، محبتن جو امين، حسابن جي ڪروڌ مان ٻاهر نڪتل، ڪتابن پڙهڻ جو ڪيڙو، منهنجو اهڙو دوست آهي جنهن کي هن دور جو اڌ قلندر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
ليکڪ حيدر ملاح سلسلو (مانجهند جا ماڻهو) 23-04-2020
هنن ڪرپشن جي پيسي جي ايڏي ته ريل پيل ڪئي آهي جو عام ماڻهو ته ڇا پڙهيل لکيل ماڻهو به احساس محرومي جو شڪار ٿي ويا آهن. اڪثر سنڌ ۾ ملندڙ پڙهيل لکيل دوست مونکان هڪ سوال ڪندا آهن، اوهانجو قاسم آباد ۾ گهڻن گزن تي بنگلو آهي، گاڏي ڪهڙي اٿوَ؟ جواب ۾ چوندو آهيان نه بنگلو اٿم نه پنهنجي ڪار! هي ڪڪرن ۽ اڪثر تپش سان ڀريل سهڻو آسمان، منهنجي مٿي جي ڇت آهي. مٿي کي هٿ ڏيئي حيرت ۾ رڙ ڪري چوندا آهن، اوهانجو هي جنم ئي اجايو ويو. لڳي ٿو اوهان جا ٻچا به فوٽ پاٿ تي رلندا. کلي چوندو آهيان ته منهنجو پيءُ مزدور هو ۽ آئون ڇولن جو ٿالهه ڪلهي تي کڻي گهٽي گهٽي هو ڪا ڏئي، پڙهي پرجهي هتي پهتو آهيان. ڇا اهيا هن دور ۾ ڪرامت کان گهٽ ڳالهه آهي ته( اوهان مٽيءَ مان اٿي، مٽي جي سڃاڻپ ٿيا آهيو.) احساس محرومي جا ماريل ماڻهو اسان کي مايا سان تورين ٿا. اسان جي گهر ۽ گاڏين کي اسان جي ڪاميابي سمجهن ٿا. ڇاڪاڻ سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي وڏن بنگلن، ۽ وڏين گاڏين عام ماڻهن کي ڀنواٽيون ڏيئي ڇڏيون آهن. چور چڱا ٿي ويا آهن ۽ چڱا ماڻهو مونن ۾ منهن هڻيو گهرن جي ڪنڊن ۾ شاهه، سچل، سامي کي ويٺا پڙهن. منهنجو ذاتي خيال آهي ته افغانستان ۾ سوويت يونين رڳو جنگ نه هارائي هئي پر هڪ طرف فَڪر تي گذارو ڪندڙ ملان جو طبقو به چئنج ٿيو ته ٻئي طرف وري رياست جا ٽائوٽ” جن جا زمينن جا پاس بوڪ زرعي بينڪن ۾ گروي هئا” تن کي نئين سري سان مالي طور مستحڪم ڪرڻ سان گڏ سماج مٿان رياستي ادارن جي ٽيڪ سان حاوي ڪيو ويو.روينيو، ٿاڻا ۽ ميونسپل جا ادارا انهن جي حوالي ڪيا ويا. جن سنڌي سماج جا گُڻَ مارڻ شروع ڪيا ۽ سماج مٿان اوگڻ ٿاڦڻ شروع ڪيا. سنڌ جو عام ماڻهو هي جو چوندو آهي ته هن دور ۾ ڪلر ۽ ڪڃر جو مان آهي سو غلط ٿورو ٿو چوي.اهو فوڪ وزڊم آهي جيڪو صدين جي تجربن ۽ مشاهدن مان جنم وٺي ٿو. غور سان ڏسو، اوهان انهن حڪمرانن جي ستن پيڙهين جا شجرا کڻو هي اوهان کي نسل در نسل( ڊالڊا) ملندا. سو احساس محرومي جي ماريل سماجن ۾ ماڻهو کي علم، ڪردار ۽ عمل ۾ پرکڻ بدران، رتبي، دٻدٻي، مايا جي مانَ سان ماپيو ويندو آهي. جيڪو ان ماپي ۾ اوهان کي ماپي ان تي ٽهڪ ڏئي کلڻ بدران ان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريو ته ماڻهو وٽ ٻه رستا آهن آدجڳاد کان اڄ تائين يا اوهان اڄ ۾ جيئو يا تاريخ ۾ جيئڻ جي ڪوشش ڪريو. فيصلو ته خود فرد کي ئي ڪرڻو آهي جن فردن جي گڏيل مجموعي جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن مان سماج جڙي ٿو. حيدر ملاح
عوام سمنڊ جيان آهي، بظاهر خاموش ،وسيع ۽ گهرو ،پر سندس اندر هزارين سونامي پيا جنم وٺندا آهن .ڪير عوام جي اجتماعي شعور کان انڪار ڪري ٿو ته سمجهو هو سج جي روشني جو منڪر آهي دنيا جي سمورن انقلابن جي امامت ته عوام ئي ڪئي آهي عوام کان سواءِ ڪا به آزادي ۽ انقلاب جي تحريڪ فتحمند ٿيئي ناممڪن آهي . هڪ سياسي اڳواڻ کي عوام کان سکڻ ۾ ڪهڙو هرج هجڻ گهرجي . پري ڇو ٿا وڃون شهرن ۾ 87 ۽ 88 ۾ لساني دھشتگردن جي سنڌين جي گهرن ۽ نياڻين جي عزتن تي ڪاهه وقت ته بظاهر ليڊر ته ٻيا هئا پر جن ان عوامي احساس کي سمجهيو ته عوام جي گُهرج ڇا آهي ان جا احساس، سوچون ۽ اجتماعي خيال ڇا آهن اهي ٿورائي صحي پر جڏهن سرن جا سانگا لاهي ميدان ۾ ڪڏي پيا ته انهيءَ عوام کين نه صرف بي پناهه محبتون ڏنيون پر اڳتي هلي سندن وارثي به ڪئي .ست ڏينهن تائين سنڌ کي عوامي ڪرفيو لڳل رهيو .روڊ رستا ويران هئا ۽ سرڪار جون وايون بتال هيون ائين 83 ۽ 86 جون جمهوري تحريڪن جي مالڪي عوام خود ڪئي .جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ضياءَ جي آمريت ۽ بربريت مان ملڪ جي جان ڇُٽي! عوام کي اوهان شاگرد ڪري هلائي نٿا سگهو عوام حقيقي استاد آهي جيڪو اوهان کي حقيقي آزاديءَ جي ضرورت جا گس مطعين ڪري ڏي ٿو . اسان مان تمام گهڻا دوست سمجهن ٿا ته عوام جي اڪثريت بي وقوف ،جاهل ۽ بي شعور آهي پر کين ان ڳالهه جو ادراڪ ئي ناهي ته عوام جو اجتماعي شعور اوهان کي چيڪ اينڊ بيلنس جي ساهميءَ جي پڙن ۾ هر وقت توريندو رهي ٿو .جڏهن عوام اسان کي نظريعي ڪردار ۽ عمل ۾ هڪجهڙو پسي وٺندو ته هو اسان جي عمل ۽ تحريڪ جو نه صرف حصيدار ٿيندو پر مالڪ به ٿيندو . جيئن مون ماضيءَ جا مثال ڏنا . مان ته ذاتي طور پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺي سدائين لطيف سائين جي هن سٽ کي دهرائيندو آهيان ته (مڙئي مون ڏانهن ،هوتن ڏانهن نه هڪڙي) ڪا مون ۾ ضرور ڪمي آهي جو هوت (عوام ) مونکي ننڌڻڪائي ۾ ڇڏي ڏنو آهي ! نه ته ماضيءَ جي ته تاريخ ٻڌائي ته عوام ڪڏهن به انهن کي ننڌڻڪو نه ڇڏيو آهي جن عوام سان ويساهه جو رشتو جوڙي رکيو هو . بهرحال هي فنا منا عارضي آهي .حالتون متبادل جي ڳولا ۾ آهن مان نه ته ڪو ٻيو تاريخ جي ضرورتون پوريون ڪري عوام وٽ متبادل ٿيڻو آهي ! ان ڪري حالتن جي نفس سناسي ڪرڻ جي ضرورت آهي . گرم لوهه کي وقت تي مترڪي جو ڌڪ هڻبو ته نتيجو پنهنجي حق ۾ ايندو . روئڻ پٽڻ مان ڇا ورندو ، نظريعي ،ڪردار ۽ عمل تي اچو ته گڏجي زور ڏيون .(حيدرملاح)
اوهان سنڌ جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ هليا وڃو ماڻهن جا ميڙا ملندا، ڪچهريون، ڀاڪر، ڊاڙا ٺڪا،بي پرواهه ماڻهو ڪنهن به وبا کي شايد وبا ان ڪري به قبول نٿا ڪن ڇاڪاڻ ته هي پاڻ ميڊيڪل سائنس جا وڏا ڄاڻو آهن ۽ ڪيترن نسلن کان هنن وٽ مختلف بيمارين جا علاج برزبان ياد آهن. اوهان ڪنهن موچي کي ٻڌايو ته اوهان جو بلڊ پريشر وڌيل آهي اوهان کي يڪ ساهيءَ ۾ ٿوم کائڻ، نم گهوٽي پيئڻ سان گڏ ڏھ ٻيا علاج ٻڌائيندو پر موچڪي ڪم ۾ اهڙو ڪاريگر هوندو جو جنهن به جُتيءَ کي چتي هڻندو ته اها چتي ڀونڊا پئي ڏيندي. اوهان واڍي کي ٻڌايو ته مونکي شگر آهي، اوهان کي ڪريلا کائڻ سان گڏ نيرانو ڀڳڙن جي مٺ کائڻ جو مشورو ڏيندي اهڙي قسم جا ڏھ ٻيا به علاج ٻڌائي وٺندو، پر مجال جو ڪا فينسي الماڙي ٺاهي سگهي. اوهان ڪنهن لوهار سان ملو کيس ٻڌايو ته اوهان جو جيرو سڄي ويو آهي، اوهان کي اٿندي چوندو مادي تي گرمي اٿئي ان ڪري جيرو درست نموني ڪم نٿو ڪري، رات جو گدامري پسائي رک صبح جو نيراني پي. پپيتو روز ضرور کاءُ ڀلي پپيتي جي موسم هجي نه هجي ائين جيري جي بيماري جا ڏھ ريڊيميٽ علاج اوهان کي ٻڌائي ڇڏيندو پر مجال ڪو ورڻي به ڍنگ جي ٺاهڻ جو هنر هجيس. سنڌ ۾ هر بيماري جا اوهان کي معالج ملندا. ميڊيڪل سائنس به ڪو سنڌي سٻاجھڙن کان سکي، ڪيترائي ميڊيڪل سائنس جا ڄاڻو سنڌي پيا روز چون ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ته آهي ئي نه؟ ٽرمپ جڏهن ميڊيا ڪانفرنس ڪري ٿو ته آمريڪا جا مشهور ميڊيڪل سائنس جا ماڻهو پاڻ سان گڏ ويهاري پوءِ ميڊيا کي روز جا حال احوال ڏيئي ٿو. هتي اسان وٽ وري ميڊيڪل سائنس جي ٻن وڏن ماهرن، سعيد غني ۽ ياسر شاهه سان گڏجي سنڌ جو وزير اعلي ميڊيا کي بريفنگ ڏيئي ٿو. ٽنهي وزيرن جو جڏهن ته ميڊيڪل سائنس سان ڪو اچي نه وڃي.سو هن قلندر قوم جي هر ماڻهو وٽ ڪورونا وائرس جو علاج موجوده آهي، هتي هر ماڻهو ماهر آهي. جيڪي ماهر ناهيو سي مهرباني ڪري گهر ويهو. ڄاڻو ماڻهن کي ڇڏيو ته هو ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر پيا علم جا واهڙ وهائيندا وتن. حيدر ملاح
دلبر دوست اظهار سومري جي صلاحيتن کان ڀلا ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو. هن ماڻهوءَ وٽ نون نون آئڊياز جا ڍير آهن، اظهار سومرو انھن ماڻھن مان آهي جيڪي ماڻهو، صرف دعوا نه ڪندا آهن پر عملي طور هو وڏو ۽ نرالو نئون ڪم ڪري ثابت ڪندا آهن ته بيشڪ هنن وٽ ڪم ڪرڻ جي وڏي وٿ آهي. اظهار سومرو گذريل پنجن سالن کان حيدر آباد ۾ لٽريچر فيسٽيول ڪرائيندو رهي ٿو ۽ هر فيسٽيول ۾ نواڻ کڻي ايندو آهي. هن سال لٽريچر فيسٽيول” يوٿ” جي نانءُ آهي. ٨ فيبروري تي اسان دوستن کي به لٽريچر فيسٽيول ڏسڻ جو موقعو مليو. شاندار انتظام ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. هن دفعي يوٿ جي وڏي شرڪت اتساھ لاءِ ڪافي هئي. مختلف سيشن ۾ هڪ سيشن” حراسٽمينٽ” جي حوالي سان به هو. ان سيشن جي ماڊريٽر نامياري ليکڪ زاهده ابڙو هئي، جنھن خوب نڀايو. جڏهن ته پينل ۾ نثار کوکر، اصغر ملاڻو، جگديش آهوجا ۽ عائشہ ڌاريجو هئي. حراسٽمينٽ سيشن ۾ گهڻو بحث چانڊڪا جي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي قتل ٿيل شاگردياڻي نمرتا جي قتل بابت ٿيو. سنڌ يونيورسٽي جي قتل ٿيل نائله رند جو به ذڪر ٿيو ته پير پاڳاري جي پوٽي ڪريم شاھ پاران اغوا ڪيل پنهنجي ئي مريد جي ڀيڻ جو به ٿيو جنهن جي اغوا کانپوءِ ان ڀاءُ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. جگديش آهوجا شاگرد يونين تي به ڳالھ ٻولهه ڪئي ته سماج کي غير سياسي ڪرڻ واري حڪمرانن جي سازش کي به بي نقاب ڪيو. نثار کوکر نمرتا جي ڪردار ڪشي بابت تفصيلي گفتگو ڪئي. اصغر ملاڻي جرعت ڪري پير پاڳاري جي پوٽي پاران اغوا ڪيل ان نياڻي جو به ذڪر ڪيو جنهن جي زندھ يا مرده هجڻ جي به هن وقت ڪنهن کي به خبر ناهي. عائشہ ڌاريجو جيئن ته پروگرام جي آخري پنجن منٽن دوران سيشن جو حصو ٿي ان جي باوجود به عائشہ مدرسن ۾ طالبن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين بابت بهتر ڳالهايو. تاڙين جي گونج ۽ سيلفين جي فليشن ۾ سيشن جو اختتام ٿيو. آئون ممتاز مرزا آڊيٽوريم جي ڪرسين جي آخري قطار جي ڪرسيءَ تي مٿي کي هٿ ڏيئي سوچيندو رهيس. اسان ڪيڏا ڪوڙا منافق ۽ مڪار آهيون، اسان مصنوعيت جو شڪار آهيون . ريڊيميٽ پلاسٽڪ جي گلن جهڙا چهرا کڻي ڏند ٽيڙي تاثر ڏيندا رهون ٿا ته اسان کي ته فقط سماج کي سچ سيکارڻ آيا آهيون. سچ ته اهيو آهي ته نمرتا جي معاملي تي سنڌ ۾ فقط هڪ ئي سياسي پارٽي ايس ٽي پي مسلسل جدوجهد ڪئي آهي. ايس ٽي پي جي ئي مطالبي تي نمرتا جي لاءِ “عدالتي ڪميشن” جوڙي وئي. سوشل ميڊيا تي نائله رند کان وٺي تانيه خاصخيلي، بيبي مري ۽ نمرتا تائين گهڻي کان گهڻو ايس ٽي پي جي ساٿين لکيو. نائله رند جي معاملي تي عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ هڪ ڌر ڪرنل سطح جي ماڻهن کان مونکي اغوا ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏياريون هنيون . نمرتا جي قتل کانپوءِ حيدرآباد، ميرپور خاص، نوابشاهه ڪراچي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن هيڊ ڪوارٽرن ۾ وڏي کان وڏا احتجاج ايس ٽي پي ڪيا. نمرتا تي گفتگو ڪندڙن جي مالڪي ڪرڻ جي حالت اها هئي ته لاڙڪاڻي جي احتجاج ۾ هڪ به ديوان سڳورو شريڪ نه ٿيو هڪ معزز صحافي لاڙڪاڻي ۾ هوندي احتجاج جي رپورٽنگ ڪرڻ ته نه آيو پر پريس ڪلب مان ان وقت زون ڪري هليو ويو جڏهن کيس خبر پئي ته ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب پريس ڪلب ۾ اچي رهيو آهي. وزير اعلي سنڌ پاران جڏهن فيصلو ڪيو ويو ته نمرتا جي عدالتي ڪميشن کي پڌرو نه ڪيو ويندو ته ڊاڪٽر قادر مگسي ئي هو جنهن ايس پي آفيس لاڙڪاڻي ۾ پهچي نمرتا جي خون جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني. هاڻي جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ عزيز بلوچ ۽ بلديا سانحي ڪيس جي حساس جي آءِ ٽي ۽ عدالتي رپورٽ پڌري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته ايس ٽي پي پاران ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيئن نمرتا ڪيس بابت جوڙيل عدالتي ڪميشن جي رپورٽ به پڌري ٿي عوام جي سامهون اچي. اسان جا ماڻهو ان وڏي جدوجهد جي حوالي سان ايس ٽي پي جو نالو وٺڻ مهل ائين شرمائين ٿا جيئن ٻهراڙي جي ڪنواري ڇوڪري مڱيندي جو نالو وٺڻ کان لنوائيندي آهي. هي سڀ ڪجهه سوچي سمجهي ڪيو وڃي ٿو، سماج کي سياسي بنائڻ جي ڳالھ ڪندڙ ماڻهو خود هڪ سياسي پارٽي جي ايڏي وڏي جدوجھد کي مائنس ڪري عملن ثابت ڪن ٿا ته هو خود چاهين ٿا ته سنڌي سماج ۾ ڪو سياسي تحرڪ جنم نه وٺي. اسان ممتاز مرزا آڊيٽوريم جي هال کان ٻاهر نڪتاسين ته اسان کي اظهار سومرو مليو. اظهار سومرو سان بي پناهه محبتون آهن کلندي کلندي کيس چيم، اظهار ان سيشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي ويهاريو ها جنهن عملي طور روڊن تي نمرتا کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ جدوجھد ڪئي هجي. اظهار پنهنجي شاعراڻي لهجي ۾ چيو، بس مشاعرو شروع ٿيڻ وارو آهي اوهان جو نالو لکرايان ٿو اڄ ته ڪو نظم پڙهي وٺو. مون سوچيو ته ڇو نه نوحو پڙهي وٺجي سنڌ جي نمرتا جو نوحو. سامهون بيٺل فهيم نوناري سان گڏ سنڌ يونيورسٽي جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي نوجوان استاد مونسان مخاطب ٿيندي چيو. هي ڪمرشلائز دور آهي هتي رڳو پينٽ ۽ شرٽ وڪرو نه ٿيندي آهي، هتي، ادب، سياست، صحافت، ثقافت، گفتگو، علم، ڏاهپ، ذهن ۽ ضمير به وڪرو ٿيندا آهن. ان دوران وقاص کوسي جي گرم ڀاڪر احساس ڏياريو ته اسان قطعي اڪيلا ناهيون. اسان جي سچ جي سج کي ڀلي شعوري طور کاري هيٺان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پر سج ڀلا ڇا کاري هيٺان لڪي سگهي ٿو؟! حيدر ملاح