صنم ماروي جو ڏوهه؟

صنم ماروي جي ٽئين شادي ڪورونا وائرس جيان فيس بوڪ تي ٽي عالمي جنگ جهڙي صورتحال ۾ اچي ويئي آهي، ڪافي ماڻهن جو خيال آهي ته صنم ماروي کي ٽئين شادي ڪنهن سنڌي سان ڪرڻ گهرجي، پنجاپي ماسات سان ٽئين شادي ڪندڙ صنم ماروي جي چاهيندڙن کي شايد اها خبر ناهي ته صنم ماروي جي امڙ پنجاپي ٻولي ڳالهائيندڙ آهي .
صنم ماروي جي امڙ غلامون فقير کان پهرين لوڪ فنڪار گلشير تيوڻو جي نڪاح ۾ هئي.
ڪافي سال ته صنم ماروي جا چاچا مرحوم گلشير تيوڻو جا ڀائر زور زبردستي ڪندا رهيا ته صنم ماروي کين ڏني وڃي. پر هو نيٺ صنم ماروي جي عدالت ۾ ڏنل بيان کان پوءِ قانوني جنگ هارائي ويا.
ڪنهن به فرد جي شادي ان جو بنهه ذاتي زندگي جو فيصلو آهي، سڌريل ملڪن جا مهذب ماڻهو ٻين جي زندگين ۾ جهاتيون نه پائيندا آهن ڇاڪاڻ اهيو رويو فرد جي ذاتي زندگيءَ ۽ بنيادي انساني آزاديءَ ۾ مداخلت سمجهيو وڃي ٿو.
اسان جي مخلوق اڃان تائين اجتماعي حقن کي تسليم ڪرڻ کان ته ڪوهين ڏور بيٺل آهي پر فرد جي ذاتي زندگي جي فيصلي کي به قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. حيدر ملاح

صنم ماروي

ايجنٽ….

سورنهن سالن جي عمر ۾ بحث جي پڄاڻي تي همراه مونکي چيو هو تون ته “ايجنٽ” آهين.
لفظ پيڇو نٿا ڇڏين.
اڄ به جڏهن ڪٿي بحث ٿيئي ٿو، دليل سان گفتگو ٿيئي ٿي ته سامهون ساڳيو ماڻهو” ايجنٽ” جي لفظ سان بحث جو اختتام ڪري اٿي ٿو.
وقت بدلجي ويو، علم جا ذريعا مٽجي ويا، حالتون بدلجي ويون پر نه مَٽيو ته لفظ “ايجنٽ ” نه مٽيو.

پ پ سنڌ ناهي!


بظاهر اسان کي پ پ جا حمايتي دانشور اها پٽي پڙهائيندا رهن ٿا ته پ پ جي حڪومت جي ڪارڪردگي جي پڇا ڪرڻ معني سنڌ تي حملو آهي.
مسئلن اوهان تعليم جي بجيٽ، اسڪولن جي حالت تي پڇا ڪندا ته هر طرف ڀون ڀون شروع ٿي ويندي اوهان تي الزام لڳندو ته اوهان وفاق جي ونگار وهو پيا. ڪتي جي چڪ جي ويڪسين، يا ٿر ۾ مرندڙ ٻارن بابت پڇا ڪندا ته اوهان مورڳو اسٽيبلشمينٽ جا ايجنٽ ليکيا ويندا.
اوهان نوجوانن جي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ روزگار جي پڇا ڪندا ته اوهان کي چيو ويندو ته اوهان نفرت ڦهلائي رهيا آهيو.
اوهان سنڌ جي ثقافت کاتي جي بجيٽ بابت سوال اٿاريندا ته اوهان کي چيو ويندو اوهان کي حصو ناهي مليو ان ڪري بڪواس پيا ڪريو.
جي اڃان به مجموعي سٺي حڪمرانيءَ تي سوال اٿاريندا ته چيو ويندو ته اوهان ته 18 ارڙهين ترميم ۽ صوبائي خودمختياري جي خلاف آهيو.
اسان واضع ڪريون ٿا ته پ پ سنڌ ناهي ،پ پ مخصوص جاگيردارن، سرمائيدارن، پيرن ،سيدن جو اهڙو موقعي پرست ٽولو آهي جنهن جو سنڌ جي دائمي مفادن سان نه اچي نه وڃي. رڳو ننڍڙو مثال وٺون ٿا سنڌ جا دائمي معاشي مفاد، سنڌو درياهه جي وهڪري تي جياپو ڪن ٿا. پر پ پ پ ڀاشا ڊيم جي اڏاوت جي وڏي کان وڏي نه صرف حمایتي آهي پر هنن جي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ڀاشا ڊيم جي پيڙھ جو پٿر به رکي چڪو آهي.
مجال جو هي ڀاشا ڊيم جي خلاف هڪ لفظ به ڪڇن.
ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته سنڌ، سنڌي عوام جي دائمي معاشي، ثقافتي، سياسي، تاريخي مفادن جو نالو آهي ، پ پ پ جي نالي تي صدين کان حڪمراني ڪندڙ لٽ مار ڪندڙ ٽولو قطعي سنڌ ناهي.
حيدر ملاح

ڪورونا وائرس کان ڪيئن بچجي؟

اسان وٽ ڪورونا وائرس کان يا وڏي پئماني تي خوف آهي يا وري لاپرواهي جي انتها. ڪرونا کان بچڻ جو صرف هڪ طريقو آهي ته ان جو گيٽ بند ڪجي. ڪرونا جيستائين جسم جي اندر نٿو وڃي تيسين تائين ڪجهه به ناهي، هٿ تي لڳل هجي يا پير تي ان جي ڪا حيثيت ناهي. ان جو گيٽ آهي وات ۽نڪ. اکين ذريعي وڃڻ جو فقط 5 سيڪڙو چانس آهي جيڪو نه هجڻ جي برابر آهي. ان ڪري ڪرونا جو گيٽ بند ڪيو معني وات ۽ نڪ بس. ويٽنام ان تي ائين ئي ڪنٽرول ڪيو وات ۽ نڪ بند ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ماسڪ پائڻ پنهنجو ملڪ غريب آهي ميڊڪيل ماسڪ ناهين ته به رومال کي ٻٽو يا ٽيڻو ڪري ان جي وچ ۾ ٻ ٽشو پيپر وجهو ۽ نڪ تي وات تي ٻڌو اهو ماسڪ وائرس کي 95 سيڪڙو روڪي ٿو توهان جي 95 سيڪڙو حفاظت ٿي وئي ان سان گڏ ڪٿان موٽڻ بعد اکين کي تيستائين هٿ نه لاهيو جيستائين توهان هٿ ڌوئي نه ڇڏيو بس اهي ٻئي ڪم ڪيو گارنٽي آهي توهان کي ڪجه نه ٿيندو ڀلي ڪرونا مريض توهان جي ويجهو گذري وڃن. ڪاوش جي ٿورن سان

خود ڪلامي


اسان مان اڪثر ماڻهن جي زندگي ڀِتِ تي لڳل وال پوسٽرَ جيان گذري ويئي.
تشريح جي تاريخ گذرڻ کان پوءِ پَٽَ تي ڪري، پيرن جي لتاڙ کان ڊسٽ بن جي دٻي تائين ڌڪبا رهياسين.
خدا به اسان جي مالڪيءَ ڪرڻ کان شايد بي خبر رهيو!
ڇاڪاڻ خدا کي به پنهنجن پيارن بندن جي، بي وقائتن سڏن، پاڻ ڏانهن ئي متوجهه ۽ مصروف ڪري رکيو هو.
هاڻي پاڻ کي ڇا ڪرڻو آهي، اهيو پاڻ کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي.
پاڻ کي پنهنجي ئي سگهه ئي صلاحيتن تي پيرن تي بيهڻو آهي.
ڀتِ تي چنبڙيل وال پوسٽر بڻجڻ بدران “ڀِتِ جبل” بڻجڻو آهي.
جيئن اسان کي ڪوبه پاسو هڻي ڪيرائي نه سگهي. ڪو به پيرن ۾ لتاڙي نه سگهي ڪوبه ڊسٽ بن ۾ اڇلائي نه سگهي.
حيدر ملاح

اسان ڀاشا ڊيم جي خلاف ڇو آهيون؟.


ڀاشا ڊيم ڇا آهي؟
ڀاشا ڊيم جي جڳهه گلگت بلتستان جي شهر چلاس جي ويجهو آهي، هي زون زلزلن جي زون تصور ڪئي وڃي ٿي هن علائقي مان ئي شاهراه قراقرم جو 142 ڪلوميٽر رستي جو گذر ٿيئي ٿو جنهن ذريعي چين سان معاشي سرگرمي جاري رهي ٿي.هي ڊيم 220 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي والاريندو ۽ اوڀاري پاسي هڪ سو ڪلوميٽرن تائين پاڻي جو ڀراءُ ڪندو.
هن منصوبي جي مڪمل ڪرڻ سان مقامي 35 هزار ماڻهو لڏپلاڻ ڪندا.
ڀاشا ڊيم پاڻي ذخيري ڪرڻ جو ڊيم آهي عام طور اسان جي ملڪ ۾ ڊيمن کي ائين ڪري پيش ڪيو ويندو آهي ڄڻ ڊيم پاڻي پيدا ڪرڻ جو ذريعو هجن.
ڀاشا ڊيم تي سستي بجلي پيدا ڪرڻ جا ٻه يونٽ لڳايا ويندا هر يونٽ مان 560 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي ائين ڪُلي طور هي ڊيم 4500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي اهل هوندو.
ڀاشا ڊيم 6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي رکڻ جو ڊيم آهي.
ڀاشا ڊيم ڪالاباغ ڊيم جي سائيٽ کان 40 ڪلوميٽر مٿي آهي جنهن مان ڪينال نه نڪري سگهندو.
ڀاشا ڊيم بابت چيو وڃي ٿو ته ٻوڏ وارن حالتن ۾ ڀاشا کي ڀريو ويندو. پر اهو ممڪن ان ڪري به ناهي جو ڀاشا ڊيم پاڻي ذخيري ڪرڻ سان گڏ سستي بجلي پيدا ڪرڻ جو ڊيم آهي ان ڪري هن کي هر سال ڀريو ويندو.
سنڌو درياهه جو ساليانو وهڪرو پنج ڪروڙ ايڪڙ فوٽ آهي جنهن مان پنجهتر لک ايڪڙ فوٽ پاڻي هي ڊيم ڀراءَ ذريعي روڪڻ جي اهل هوندو.
ڀاشا ڊيم جي ڪٿ ڪيل بجيٽ 14 ارب ڊالر آهي جنهن جي رٿا 14 سالن ۾ مڪمل ڪئي ويندي، هي ڪٿ 2011 جي آهي جڏهن ته ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ گهربل مٽيريل جي قيمتن ۾ روز روز اضافو ٿي رهيو آهي ان ڪري امڪان آهن ته هن ڊيم جي بجيٽ 14 ارب روپين کان مٿي ويندي.
ڀاشا ڊيم جو افتتاح
ڀاشا ڊيم جي پيڙھ جا پٿر ٻن دورن ۾ رکيا ويا
1 پهريون ڀيرو پيڙهه جو پٿر رٽائرڊ جنرل مشرف 2006 ۾ رکيو.
2.بعد ۾ ٻيهر پيڙهه جو پٿر پاڪستان پ پ پ پارٽي جي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني 2011 ۾ رکيو. پر گهربل رقم نه هجڻ ڪري ڊيم تي ڪم نه هلي سگهيو. هاڻي چيف جسٽس جي ڊيم فنڊ ذريعي ٽئي دفعا ڀاشا ڊيم کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، چيف جسٽس سان گڏ هاڻي هن مهم ملڪ جو وزيراعظم عمران خان به شامل ٿي ويو آهي.
ڀاشا ڊيم اڏاوت جي حمايتن جا دليل


ڀاشا ڊيم جا حمايتي ڊيم جي حمايت ۾ مختلف دليل پيش ڪن ٿا. جيڪي ڪجهه هيٺين ريت آهن.
1.جيئن ته تربيلا ڊيم جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش جيڪا 13.7 ايڪڙ فوٽ هئي تربيلا ۾ سلٽ گڏ ٿيڻ جي ڪري هاڻي ان جي گنجائش 6.8 ايڪڙ فوٽ بچي آهي ان ڪري پاڻي اسٽور ڪرڻ جي لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته ڀاشا ڊيم ٺاهجي.
2.سمنڊ ۾ هرسال پاڻي ضايع ٿي پيو ان ڪري ضروري آهي ته ان پاڻي کي ڊيم ذريعي بچائجي.

  1. موسمي ڪلائمڪس تبديل ٿيڻ ڪري مجموعي طور پاڻي جي کوٽ آهي ان ڪري پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ ڀاشا ڊيم ضروري آهي.
    4.سنڌ جئين ته پوڇڙ ۾ آهي ان ڪري سنڌ هميشه پاڻي جي کوٽ جو شڪار رهي آهي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تمام ضروري آهي.
  2. اي اين جي عباسي جي فني ڪميٽي ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ان ڪري ان فني ڪميٽي جي تجويز جي بنياد تي ڀاشا ڊيم ٺاهيو پيو وڃي.
  3. ڀاشا ڊيم جيئن ته ٻوڏ وارن سالن ۾ ڀريو ويندو ان ڪري ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گهرجي.
    هاڻي اچو ته پاڻ مٿي ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ دليل ڏيندڙن جي هڪ هڪ دليل جو جائزو وٺون.
  4. تربيلا ڊيم جي گنجائش گهٽجڻ واري ڳالهه کي قبول ڪندي دنيا ۾ ڊيمن مان سلٽ ڪڍڻ وارن طريقن تي پاڻ جي ويچار ڪنداسين ته پاڻ کي ڄاڻ ملي ٿي ته ڪنهن به ڊيم مان سلٽ ڪڍڻ جو طريقو آسان ۽ سستو آهي، بنسبت ٻئي نئين ڊيم ٺاهڻ جي.
    اسان کي هي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جڏهن به ڪو ڊيم ٺهي پاڻي ذخيرو ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته ان ڏينهن کان ئي ان ۾ سلٽ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي جنهن سان ان جي عمر گهٽجڻ شروع ٿي ويندي آهي.
    ڪاوش اخبار جي 18 سيپٽمبر 2018 واري شماري ۾ تاج حيدر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته چيف جسٽس پاڪستان کي صلاح ڪاري ڪميٽي جي ميمبر جي حيثيت ۾ مون صلاح ڏني ته تربيلا ڊيم مان سلٽ ڪڍڻ جي رٿا رٿي وڃي جنهن سان تربيلا به بچي پوندو ته ملڪ جو وڏو پيسو به بچي پوندو، چيف جسٽس صاحب منهنجي خيال سان متفق ٿيندي ٻئي ميٽنگ ۾ معاملا طع ڪرڻ جو چئي وري پاڻ وٽ گهرائڻ جي لاءِ ئي تيار ناهي.
    تربيلا ڊيم جيئن ته پاڻي روڪڻ جو ڊيم آهي، ٿيئڻ هيئن گهرجي ته تربيلا مان سنڌ کي اپريل تائين پاڻي ڏنو وڃي جيئن سنڌ ۾ آڳاٽا خريف جا فصل پوکي سنڌ چڱو ناڻو ڪمائي سگهي پر سنڌ کي جولاءِ کان پوءِ ئي پاڻي ڏنو وڃي ٿو، ياد رهي ته تربيلا ڊيم هن سال به ڀريو ويو آهي پر سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ڏنو ويو.
  5. ڀاشا ڊيم جي حق ۾ دليل ڏيندڙ چون ٿا ته سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿئي ٿو. ان دليل جو پاڻ جي جائزو وٺنداسين ته 20 سالن ۾ سمنڊ ڏانهن هر پنجين سالن ۾ هڪ ڀيرو پاڻي سمنڊ ڏانهن ان وقت ويو آهي جڏهن ملڪ ۾ ٻوڏن وارو سلسلو رهيو آهي.
    بين الاقوامي سروري جي هڪ ٽيم جي ڪٿ مطابق ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ترتيب سان سمنڊ ڏانهن وڃڻ گهرجي. جيئن دنيا جي ستون نمبر ڊيلٽا انڊس ڊيلٽا بچي سگهي پر 1991 جي معاهدي تحت جيڪو معاهدو ڄام صادق جي دٻڙ ڌونس واري حڪومت ۾ ڪيو ويو جنهن تي سنڌ کي اعتراض به هو طعه ڪيو ويو هو ته سنڌ کي سمنڊ جي لاءِ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ترتيب سان روز جي بنياد تي ڏنو ويندو.
    پر انگ اکر اسان کي ٻڌائين ٿا ته معاهدي کانپوءِ هڪ ڏينهن به ان تي عمل نه ڪيو ويو جنهن ڪري ڪائنات جو حسين ترين انڊس ڊيلٽا مڪمل تباهي هيٺ آهي ،سمنڊ سنڌ جي 30 لک ايڪڙ زرخيز زمين ڳڙڪائي چڪو آهي جنهن ڪري هڪ طرف لکين ماڻهن جو ڪاروبار متاثر ٿيو ته ٻئي طرف وري انسانن جي لڏپلاڻ ٿي آهي، ورلڊ بينڪ جي تازن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ غربت جي شرح کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد سامونڊي علائقي ۾ رهي ٿو، ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي نه ڏيڻ جي ڪري ج انڊس ڊيلٽا جي شاهوڪار ترين ميونسپالٽي وارو شهر ڪيٽي بندر مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي.هن وقت به بيراج کان هيٺ پاڻي جو وهڪرو ٻڙي آهي.
  6. پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀاشا ڊيم ضروري آهي، هي دليل ٻڌڻ کانپوءِ پهريون خيال جيڪو ذهن ۾ اڀري اچي ٿو ته پاڻي جي کوٽ آهي ان جي لاءِ ڊيم ضرور آهي جو مقصد اهو ئي آهي ته سنڌو ندي جي سسٽم ۾ ئي پاڻي موجوده ناهي. جڏهن پاڻي موجوده ناهي ته ڊيم ٺاهڻ خود اوهان جي دليل کي رد ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هوندي به اسان هتي پاڻي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ ٻيا متبادل پيش ڪريون ٿا.
    پاڻي جا ماهر قبول ڪن ٿا ته 1947 وارو پاڻي اڄ به سسٽم ۾ موجود آهي پر ان وقت جيئن ته ملڪ ۾ 3 ڪروڙ آبادي هئي ۽ هن وقت اها 22 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي پهتي آهي ان ڪري آدمشماري ۾ اضافي سبب، طلب وڌي وڃڻ جي ڪري پاڻي جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي.
    پاڻي کوٽ کي ڪيئن پورو ڪري سگهجي ٿو.
    (الف) ملڪ ۾ ڪينالن ، شاخن ۽ واٽر ڪورسن جي نئين سر لائنگ ڪري جديد بنيادن تي انهن جي ترتيب جوڙي وڃي ملڪ جي اندر 60 سيڪڙو پاڻي ايريگيشن جي ناڪاره سسٽم جي ڪري ضايع ٿيئي ٿو، جيڪڏهن هنگامي بنيادن تي ايريگيشن سسٽم کي درست ڪيو وڃي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ 60 سيڪڙو پاڻي اوهان جي زراعت، عمارت سازي توڙي پيڻ جي پاڻي لاءِ ملي سگهي ٿو.
    (ب) اندازو آهي ته ٻه ڪروڙ کان مٿي غير ملڪي ماڻهو هن وقت غير قانوني طور ملڪ جي وسيلن تي بار آهن، اهي غير ملڪي ماڻهو پاڻي جو به استعمال ڪن ٿا جيڪڏهن انهن غير ملڪي ماڻهن کي پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي ته انهن جي استعمال هيٺ پاڻي به بچي پوندو ته ملڪ جا ٻيا وسيلا به بچي پوندا.
    (ت ) ملڪ ۾ فيملي پلاننگ پاليسي کي آئيني شڪل ڏيئي مقرر ٻارن ڄڻڻ جو ملڪ ۾ قانون آندو وڃي جيئن چين ۾ قانون موجوده آهي، آبادي جي دٻاءُ جي گهٽجڻ سان مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ ۾ به ڪمي ايندي.
    واضع رهي ته سمورا ترقي يافته ملڪ ان قسم جون پاليسيون جوڙي ملڪن کي معاشي طور خطرن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
    ( ث) سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي پوک ختم ڪري ٻيلا پوکيا وڃن، جن سان ملڪ جي اندر قدرتي برساتن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿيندو جنهن سان ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ٿيندي.
    گڏوگڏ ملڪ ۾ گرمي پد ۾ پڻ ڪمي ايندي.
    اندازو آهي ته رڳو سنڌ جي ٻيلن ۾ 18 لک وڻ موجود هئا رٽائرڊ جنرل، بيورڪريسي ۽ جاگيردار گڏجي اهي وڻ وڍي کائي ويا جنهن ڪري سنڌ هن وقت شديد گرمي ۽ ڏڪار کي منهن ڏئي رهي آهي.
    (ج ) سنڌ ۾ جابلو نئين تي ڊيم ٺاهي مٺي پاڻي جي زير زمين سطح کي مٿي آڻي ان پاڻي کي پيڻ توڙي پوکي جي ڪم آڻي سگهجي ٿو.
    ان سلسلي ۾ گاج ڊيم کي فورن مڪمل ڪيو جيئن ڪاڇي ۾ هڪ طرف غير آباد زمينون آباد ٿي سگهن ته ٻئي طرف زير زمين مٺي پاڻي جي سطح به مٿي وڌندي ۽ اهڙن ٻين ڊيمن جي به رٿا آندي وڃي.
    4.سنڌ پوڇڙ ۾ آهي انڪري ان جي پاڻي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ ڀاشا ڊيم ضروري آهي.
    مٿين دليل کي پاڻ تربيلا ڊيم کانپوءِ ايندڙ تباهي جي روشني ۾ ڏسنداسين ته اسان کي هيٺيون ڳالهيون چٽيون ٿي ڏسڻ ۾ اينديون.
    1.تربيلا ڊيم کان پوءِ اسان جي انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي.
    2.تربيلا ڊيم کان پوءِ اسان جون مٺن پاڻين جون ڍنڍون تباهه ٿيون جن ۾ منڇر ڍنڍ سرفهرست آهي.
    مٺيون ڍنڍون نه رڳو اسان وٽ ماهيگيري لاءِ ڪم اچن ٿيون پر هي قدرتي طور تي مٺي پاڻي جا فطري ڊيم ٿين ٿيون. جنهن تي مختلف موسمن ۾ مختلف پکي به اچي گذارو ڪن ٿا.
    مٺي پاڻي جي ڍنڍن تي لکين ماڻهن جو گذر سفر هوندو آهي .
    3.هن وقت مٺي پاڻي جون ڍنڍون سنڌ مان ختم ٿيڻ جي ڪري سياري جي موسم ۾ سائبيريا کان ايندڙ پکين جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي.
    ڊيمن ۽ بيراجن کان پهرين سمنڊ ڪيٽي بندر کان به اٽڪل هڪ سو ميل پري هو جڏهن ته هاڻي سمنڊ سنڌ جي انڊس ڊيلٽا کي تقريبن کائي چڪوآھي.
    4.تربيلا ڊيم ۽ ڪئنالن کان پوءِ سنڌ جا لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جنهن ۾ اڪثريت هارين ۽ مهاڻن جي آهي. ڪينالن ۽ ڊيمن ذريعي سنڌ کي ٿيندڙ نقصانن جو ڪو به معاوضو نه ڏنو ويو نه ئي ڪڏهن ان بابت ڪا ڳالهه ئي ڪئي وئي آهي.
    ان ڪري ڀاشا ڊيم سنڌ جي پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ بدران سنڌ ۾ نيون برباديون کڻي ايندو.
  7. اي اين جي عباسي جي فني ڪميٽي ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ ڳالهه ڪئي آهي.
    مون وٽ هن وقت فني ڪميٽي جي رپورٽ موجود آهي عباسي صاحب پنهنجي رپورٽ ۾ واضع لکيو آهي ته ڊيم ٺاهڻ جيترو پاڻي سنڌو درياهه جي سسٽم ئي موجوده ناهي، عباسي صاحب ڪالاباغ ڊيم کي مڪمل رد ڪندي ڪيري اوور ڊيم طور ڪٽزراه ڊيم کي متبادل طور پيش ڪري ٿو ان جو به بنيادي پس منظر اهوئي آهي ته فني ڪميٽي ڊيمن ٺاهڻ جي جائزي طور ئي ٺاهي وئي هئي، جڏهن ته ڀاشا ڊيم ٺاهڻ بابت فني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ڪٿي به واضع هدايت لکيل ناهي.
    هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن عباسي صاحب واضع لکي ٿو ته اسان جي سسٽم ۾ ئي ڊيم ٺاهڻ جيترو پاڻي موجود ناهي ته ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي ضد ڇو آهي. ان جو هڪ ئي سبب آهي ته ملڪ جي حڪمرانن کي بجلي جي ضرورت آهي ان ڪري ڀاشا ڊيم بجلي جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو پيو وڃي، جيئن ته بجلي جي کوٽ ٻارهن ئي مهينا هوندي ان ڪري هي ڳالهه چٽي آهي ته ڀاشا ڊيم پاڻي جي کوٽ وارن سالن ۾ به ڀريو ويندو ڇاڪاڻ هن ڊيم ذريعي هنن کي 4500 ميگاواٽ روز انتهائي سستي بجلي ملندي.
    سنڌ ان دوران وفاق پاران پيدا ڪيل وڌيڪ هٿرادو ڏڪار کي منهن ڏيندي غربت ۾ گهلجندي ويندي.
  8. ڀاشا ڊيم ٻوڏ وارن سالن ۾ ڀريو ويندو.
    مٿين دليل کي اچو ته پاڻ چشما جھلم لنڪ ڪينال ۽ ٿل ڪينال جي روشني ۾ ڏسون.
    هي مٿيان ٻئي ڪينال چيو ويو ته ٻوڏ وارن سالن ۾ وهايا ويندا پر گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هي ڪينال پاڻي جي کوٽ وارن سالن ۾ وهائي پنجاب جون زمينون اباد ڪيون پيون وڃن، مٿين ٻنهي ڪينالن جي فزيبلٽي رپورٽ ۾ ئي طع ٿيل هو ته هي فلڊ ڪينال هوندا، هن وقت جڏهن پاڻي کوٽ جون دانهون پيون ڪيون وڃن ان وقت به چشما جھلم لنڪ ڪينال ۽ ٿل ڪينال سنڌو درياهه مان پاڻي کڻي پنجاب جون زمينون آباد ڪري رهيا آهن.
    ماضي جي سمورن معاهدن جي ڀڃڪڙين جو نتيجو اسان کي ٻڌائي ٿو ته مستقبل ۾ ڀاشا ڊيم کي به هر سال ڀريو ويندو ڇاڪاڻ ته ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي پٺيان حڪمرانن جي نيت ۾ ئي بجلي جي پيداوار آهي.
    ٻوڏ وارن سالن ۾ ڊيم ڀرڻ جي لاءِ ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ به ڪو ذڪر موجوده ناهي. ان ڪري اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته ڀاشا ڊيم، چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ ٿل ڪينال جيان هر سال پاڻي کڻندو جنهن جو نقصان سنڌ کي ئي ڀوڳڻو پوندو. ڀاشا ڊيم ذريعي سنڌو درياهه جي پاڻي تي مخصوص ڌر جو مڪمل قبضو رهندو.
    مٿين دليلن جي روشني ۾ اسان ڀاشا ڊيم کي سنڌ جي لاءِ انتهائي نقصانڪار منصوبو سمجهون ٿا. هن منصوبي ذريعي سنڌو درياهه جو ساليانه 15 سيڪڙو پاڻي روڪيو ويندو، جنهن سبب سنڌ معاشي محاذ تي وڌيڪ ڪمزور ٿيندي، انڊس ڊيلٽا مڪمل تباهي هيٺ اچي ويندي. لکين ماڻهن جي سامونڊي علائقن مان لڏپلاڻ ٿيندي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري سنڌ ۾ موجوده زيرِ زمين مٺي پاڻي جي سطح اڃان وڌيڪ هيٺ ويندي.
    مجموعي طور ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان سنڌ وڌ کان وڌ تڪليفن کي منهن ڏيندي.
  9. حيدر ملاح

پڇاڻان، جيئري ئي معاف!


جيئي سنڌ ۾ هوندا هئاسين ته هڪڙو اڪثر جملو ٻڌنداهئاسين ته همراهه ايجنسين جو پگهار دار آهي سال ۾ اهڙي سو جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي باري ۾ رٿابنديءَ سان مهم هلائي ويندي هئي دير سان خبر پوندي ته همراهن کي ان ڪري ايجنسين جو پگهاردار چيو ويندو هو جو انهن وٽ نوان سوال هوندا هئا .
نوان سوال جيڪي هو نتيجن جي بابت پڇندا هئا .حڪمت عملين ،پيشقدمين جي باري ۾ ڪندا هئا .
ڪجهه ڏينهن کان روز ٻه چار دوست مونکان سنڌ مان ڪال ڪري پڇندا آهن اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي مان سمجهندو آهيان مونسان اوچتو ڪلسٽور ليور ،شگر ۽ بلڊ پريشر جو گڏيل جو پروبلم آهي سو دوست ان ڪري پڇن پيا مان سادو ٻوڌو ماڻهو پيو دوستن کي چوندو آهيان هاڻي ڪافي طبيعت بهتر محسوس ڪريان پيو .
دوست پڇندا دوا هلي پيئي .
جواب ۾ اڪثر چوندو آهيان
ها سائين پابندي سان!
ننڊ به اوهان کي اچي ٿي
جي سائين بلڪل اڳ دير تائين جاڳندو هوس هاڻي جلدي سمهي پوندو آهيان
اڪثر دوستن جو آخري جملو هوندو آهي
چڱو پنهنجو خيال رکجو.
پر ٻن چئن ڏينهن کان ڪجهه دوستن نئون انڪشاف ظاهر ڪيو .منهنجا ته دماغ جا طاق ئي وڃي ويا .
هڪ گروهه منظم نموني پنهنجي مڪروهه شيطاني سوچن کي گڏي سنڌ ۾ دوستن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو آهي ته مان چريو ٿي ويو آهيان !
ها ها ها ها ها
مان ته ان پروپينگڊه مان لطف وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهيان .سياست ۾ مخالفت ڪبي آهي عمل ذريعي ثابت ڪبو آهي پر عطائي ڊاڪٽر بڻجي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو رواج هاڻي شروع ٿيو آهي .
مان ته خوش آهيان چرين تي ڪهڙيون ميارون جيڪي ڪيان ،جيڪي لکان منهنجي مرضي .پڇاڻا سڀ معاف .(حيدر ملاح)

پڇتاءَ جا پَلَ!!

زندگي جي ڪجھه بچيل اوبارن ٽڪرن تي،
تون ۽ مان ڀونڪي ۽ وڙھي رھيا آھيون!
تنھنجو زور آھي تہ مان توکي ڇڏيان
جيئن تون، جسم جي لذت وٺي سگھين!
ڪنھن عياش جي گرم بستري ۾
تون سرد موسم ۾ گرم ساھہ کڻين سگھين!
يا وري تون زندگيءَ جو روڳ کڻي
منھنجي اکين ۾ ڳاڙھن مرچن جيان
ٻرندڙ باھہ وجھي سگھين !

مان رئندو رهان ۽ تون کلندين رھين!
توکي ڪھڙي خبر تہ
زماني کي بگھڙن جا ڏند آھن!!
سوئر جيان وَڄَ آھن!
لومڙ جهڙي چالاڪي آھي!
تون تہ ساڌي آھين
توکي تہ ھو، ڳڀا، ڳڀا ڪري کائي ويندا
ان ڪري مونسان وڙھڻ بدران،
پنھنجي خواهشن سان وڙھہ!
پنھنجي جسم ۽ روح جي حُسن کي
ڳِجِھن جي حوالي ڪرڻ بدران پاڻ وٽ سنڀالي رک!
ائين نه ٿِئي!
سڀاڻي زندگيءَ جا باقي بچيل
تنهنجا پل
پڇتاءَ ۾ گذرن!!

حيدرملاح

سمارٹ لاک ڈائون اور عورتیں…

یے ہی ھونا تہا، مُجھے پھلے ہی ڈر تھا سرکار نے جب لاک ڈائون میں نرمی کا اعلان کیا تو اندازہ تھا کہ عید کی خریدار کے لیے زیادہ سے زیادہ گھر سے عورتیں ہی نکلیں گی، ایسا ھی ھوا لاک ڈائون میں نرمی کے بعد سب سے زیادہ غیر ذميداری کا مظاہرہ عورتوں نے کیا ہے . لاک ڈاؤن میں ضرورت کی تمام اشیا مارکیٹ میں آسانی سے دستیاب تھیں صرف Luxury آئٹمز نہیں تھے اسی لئے بڑے برانڈز اور بزنسز کو نقصان ہو رہا تھا. انہی مافیاس کے پریشر میں حکومت نے نرمی کی ہے. بازاروں کو دیکھ کر لگتا نہیں ہے کے پاکستان میں کوئی غریب بھی ہے , سب اپنی اپنی استطاعت کے مطابق بازاروں میں خریداری کرتے پھر رہے ہیں. مجھے لگتا ہے کے اب عورتیں زیادہ شکار ہوں گی کورونہ کا . یے جو رونا روتے رھے کے دھاڈی کمانے والے مزدوروں کی حالت خراب ھے لوگ فاقا کشی پر مجبور ھیں، یے روگ دراصل دھاڑی کمانے والے مزدوروں کا نھی تھا، یے مڈل کلاس کا روگ ھے جس کا شاپنگ کرنا اورعیاشی کرنا کورونا وائرس کے باعث بند ھوگیا تھا، یے اگر اس طرح کا سمارٹ لاک ڈائون رھا تو پتا نھیں کتنی مائیں مرینگی، کتنے بچے یتیم ھونگے.

لاڪ ڊائون کان پوءِ


چائنہ جي تجارتي شھر ووهان ۾ ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيندڙ ماهر چون ٿا ته فقط ٽن ڏينهن جي مڪمل لاڪ ڊائون سان ڪورونا وائرس جو موت اچي سگهي ٿو، ان ڳالهه جي تصديق ته اتر ڪوريا ۽ سنگاپور به ڪن ٿا جن پنهنجي ملڪ جي سرحدن جي اندر وقت کان اڳ لاڪ ڊائون ڪري ڪورونا وائرس کان پنهنجن ملڪن جي ماڻهن کي نه صرف محفوظ رکيو پر سڌريل دنيا جي دعوي ڪندڙ ملڪن جي مهذب ماڻهن کي به اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
هن ڳالهه ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته اسان جا ماڻهو ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ ۽ تباهين کان اڃان چڱي طرح واقف ئي ناهن. ان ڪري جهالت جي جهان ۾ جيئندڙ ماڻهن کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ڪورونا وائرس نه صرف دنيا جي معيشت کي تباھ ڪري رهيو آهي پر انساني عقيدن جو به پوسٽ مارٽم ڪري رهيو آهي.
ڪورونا وائرس عالمي وبا طور سموري دنيا کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي پر اسان جا ماڻهو ڪورونا وائرس کي اڃان ” ماسي چپران” جيان مڙئي مذاق وارو هٿ جو گهڙيل ڪردار سمجهي سوشل ميڊيا، اليڪٽرڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي ويٺا ٽهڪ ڏين.
پاڪستان جي قومي ميڊيا جا اينڪر ته اڃان به ڪورونا جي نالي تي هلندڙ نشريات ۾ حڪومتي وزيرن ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي اڳواڻن کي گهرائي ڪڪڙن جيان وڙهائي ويٺا خلقت کلائڻ جو خفت ڪن. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته دنيا جي ٻين ميڊيا هائوسز جيان انفيڪشن جي ماهر ڊاڪٽرن کي پروگرامن ۾ گهرائي انهن کان ڪورونا وائرس کان بچاءَ ،وائرس جي حيئت ۽ نقصانن بابت پنهنجي ڏسندڙن کي ڄاڻ ڏيڻ جو سنجيده ڪم ڪن جيئن ملڪ جو عوام ڪورونا وائرس جي خطرن کان چڱي طرح واقف ٿيئي پر هتي قصو ابتو آهي،
“چري ڪيئن چئي ويران ويران وڌ” .
ڳڻتي جهڙي ڳالهه اها آهي ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ اپريل جو مهينو ريڊ الارم جو مهينو ٿي سامهون اچي رهيو آهي . سنڌ ۾ ته ڪورونا وائرس جا مريض کُنڀين جيان نڪري رهيا آهن. جيئن جيئن ٽيسٽن ڪرڻ جي رفتار تيز ٿيندي تيئن تيئن مريضن جو تعداد سون مان هزارن ڏانهن تيزي سان منتقل ٿيڻ شروع ٿيندو.
چيو پيو وڃي ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ فقط 300 جي لڳ ڀڳ وينٽيليٽرز آهن، جيڪي اڳ ئي اسپتالن ۾ علاج هيٺ مريضن جي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.
حالتن جي نزاڪت ان مان سمجھو ته سنڌ حڪومت جي صحت کاتي وٽ اضافي نه بيڊ آهن نه ئي وري ڪورونا وائرس جي تصديق لاءِ اضافي ڪٽس آهن. جيڪي ڪٽس وفاق پاران ملي رهيون آهن تن لاءِ سنڌ حڪومت جا ذميوار وزير چئي رهيا آهن ته اهي ڪٽس عير معياري ڪٽس آهن جن جي رزلٽ تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي.
سنڌ جي صحت کاتي وٽ نه تربيت يافته ليبارٽري ٽنيڪشن آهن نه ئي ٽيسٽ لاءِ اعتبار جوڳيون مشينون آهن.
اوهان ڪورونا وائرس متاثر سنڌ جي وزير تعليم سعيد غني جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل پهرين وڊيو ٻيهر کڻي غور سان ڏسو، سعيد غني چئي رهيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي پر ڪورونا وائرس جون جيڪي علامتون ٻڌايون پيون وڃن سي مون ۾ موجوده ناهن، هاڻي نئين ٽيسٽ مان خبر پوندي ته ڪورونا وائرس جي جسم ۾ موجودگي آهي يا نه.
پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته سعيد غني جي ٻئي ٽيسٽ به پازيٽو آئي اڳتي هلي پرائيويٽ ليبارٽري جي ٽئين ٽيسٽ رپورٽ جڏهن نيگيٽو آئي ته ان جا فقط ٻه سادا مقصد آهن ته هڪ ته اسان وٽ سرڪاري اسپتالن جي ليبارٽرين ۾ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ئي درست نٿي ٿيئي، ٻيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي شڪل ئي تبديل آهي، اوائلي شڪل ۾ مريض کي نه بخار، نه زڪام، نه جسم ۾ سور نه ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيئي ٿي، تبليغي جماعتن ۾ شامل جن به ماڻهن جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي انهن مٿين ڄاڻايل علامتن مان ڪنهن به مريض اهڙي شڪايت نه ڪئي هئي.
اوهان سمجهو ٿا ته اهڙو وائرس سنڌ کي ڪٿي بيهاريندو جنهن جي علامتن کان ئي باقي دنيا هوند بي خبر هوندي.
سرڪاري ليبارٽرين جي ناقص رپورٽن جي پت ته اڃان تڏهن کُلي، جڏهن حيدر آباد جي رهواسي الياس ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ خاص طور جوڙيل سول اسپتال حيدرآباد جي آئسوليشن وارڊ ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. غسل، ڪفن بنا دفنايل الياس کي ڪورونا وائرس جو سرڪاري طور مريض ڊڪليئر ڪيو ويو تدفين جي ٻئي ڏينهن خبر پئي ته سرڪاري ليبارٽري جي رپورٽ غلط هئي پرائيويٽ ليبارٽري جي رپورٽ ۾ الياس مرحوم ڪورونا وائرس جو مريض ئي نه هو.
هن وقت تائين چائنہ لاڪ ڊائون (ڪڙي چاڙهڻ) جي ڪامياب تجربي سان ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيئي سوڀارو ٿيو آهي ،اٽلي جنهن ۾ ڪورونا وائرس تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ دنيا ۾ گهڻي کان گهڻا ڪورونا وائرس جي متاثرن جا موت اٽلي جا رپورٽ ٿي رهيا هئا اتي به ٽيهن ڏينهن کان مڪمل لاڪ ڊائون آهي جنھن جي ڪري هاڻي وڃي مس مس اٽلي تان موت جو سايو هٽيو آهي. آمريڪا جتي ڪورونا وائرس جي متاثر ماڻهن جي موت جو اڍائي لک ماڻهن جو تخمينو ڪيو پئي ويو اتي ماهر چون ٿا ته لاڪ ڊائون جي مثبت نتيجن جي ڪري هاڻي اهو تعداد پنجاھ هزار تائين، برطانیہ جي بابت چيو پئي ويو ته هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس جي ڪري موت جو کاڄ بڻجندا ماهر هاڻي ان تعداد کي ويھن هزارن تي کڻي آيا آهن.
مقصد ته ڪورونا وائرس جنهن جو اڃان ڪو دنيا ۾ علاج دريافت نه ٿي سگهيو آهي ان جو هن وقت تائين علاج سماجي دوري ۽ لاڪ ڊائون ئي آهي.
لاڪ ڊائون جو بنيادي مقصد آهي ماڻهن کي هڪ ٻئي کان مفاصلي تي رکو ته جيئن هن وائرس جو موت اچي وڃي.
پاڻ وٽ ان جي ابتڙ قصو آهي جڏهن طب جا ماهر چون ٿا ته لاڪ ڊائون ۾ رهو ته اسان جا ماڻهو صابڻ جي چڪيءَ سان گڏ هجومن ۾ وڃي سيلفيون ڪڍائي رهيا آهن.
خدائي خدمت جي نالي تي چندا مهم شروع ڪندي ڪيترائي ماڻهو هن وقت ماسڪ پائڻ کان سواءِ راشن ورهائي رهيا آهن. هاڻي انهن صاحبن کي ڪير سمجهائي ته چائنه ۾ ڪورونا وائرس دوران خدائي خدمتگار به لاڪ ڊائون ۾ ويٺل هئا.
راشن ڏيڻ جو ڪم سرڪاري ادارن جو ڪم آهي جيڪو سرڪاري ماڻهن کي ئي ڪرڻ ڏيو جن وٽ پنهنجي حفاظت جي لاءِ هٿن ڍڪڻ جا گلوز به هوندا ته منهن ڍڪڻ جي لاءِ ماسڪ به هوندا.
آئون سوشل ميڊيا تي روز سوين خدائي خدمتگارن جون پوسٽون پڙهان ٿو جن ۾ ڏهاڙي ڪمائيندڙ ماڻهن جي راشن لاءِ چندي ڏيڻ جي اپيل هوندي آهي.
ڪيترائي پڙهيا لکيا ماڻهو چندا گڏ ڪريو گهٽيءَ گھٽيءَ هجومن جي وچ ۾ سامان به ورهائي رهيا آهن ۽ پنهنجي ڪنهن گهر جي ڀاتي ذريعي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪري رهيا آهن. انهن صاحبن جي انسان دوست جذبي کي سلام پر لڳي ٿو شايد اڃان خدائي خدمتگار اهيو نه سمجهي سگهيا آهن ته ڪورونا وائرس کنگهه ذريعي۽ هٿ ملائڻ ۽ گهٽ مفاصلي ذريعي هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو تائين انتهائي غير محسوساتي انداز سان تڪڙو سفر ڪري ٿو.
اوهان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ويب سائيٽ ڏسو، ڪورونا وائرس ڀتين، موبائيلن، ڪار جي در ۽ درين ، اسٽيرنگ کان وٺي اوهان جي بيڊ رومن کان، باٿ روم تائين اوهان جي ذريعي ئي پهچي ٿو ان ڪري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن هر هر هٿ ڌوئڻ ۽ گهر ۽ گهر کان ٻاهر صفائي سٿرائي بابت شعور ڏيئي رهي آهي گڏوگڏ “لاڪ ڊائون ” ۾ رهڻ جون هدايتون پڻ ڏيندي رهي ٿي.
سنڌ ۾ لاڪ ڊائون واري پهرين ڏينهن سوشل ميڊيا تي ڏهرڪي جي اها وڊيو ڏسي مونکي افسوس ٿيو ته هڪ طرف دنيا فائيو جي ايج ۾ داخل ٿي رهي آهي علم ۽ ڄاڻ جا ذريعا عام ماڻهن جي هٿن ۾ اچي ويا آهن مخصوص ماڻهن ۽ طبقن جو ڄاڻ تان قبضو ختم ٿي رهيو آهي ان دور ۾ به اسان ڪيترا اڻڄاڻ آهيون.
ڏھرڪي جي چونڪ تي پوليس جي پڪٽ تي بيٺل سپاهين جڏهن موٽر سائيڪل تي ويندڙ ٻن نوجوانن کان پڇيو ته ڀائو ڪورونا وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون آهي ڪيڏانهن ٿا وڃو، موٽر سائيڪل تي سوار ٻنهي نوجوانن جواب ۾ چيو گهمڻ نڪتا آهيون. هاڻي ڏيو منهن!!
ائين ڪراچي ۽ حيدرآباد جي چونڪن تي ٽڪ ٽاڪ ۽ سيلفين جي شوقينن جا ڦيرا ۽ ڪَنَ ڪوشيون ڏسي دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري ٿي بي اختيار زبان مان لفظ نڪري اچن ٿا خدا رحم ڪجان.
صورتحال ڏينهون ڏينهن اسسن جي توقع کان به خراب ٿيندي وڃي، سنڌ جو وزير اعلي خود قبول ڪري چڪو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽرانسميشن ڪيسن جو تعداد ڇرڪائيندڙ حد تائين وڌي رهيو آهي.
ان مان ڀلي ڀتِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ صورتحال اٽلي کان به خراب ٿيڻ وڃي پئي.
انھن خطرناڪ ۽ هنگامي حالتن کان پھرين جو سنڌ ۾ ڪو انساني الميو جنم وٺي تمام ضروري آهي ته سنڌ جي روڊن رستن تي گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن جي لاءِ مڪمل گهرن ۾ بند ڪجي.
لاڪ ڊائون جي ويهن ڏينهن جي نتيجن مان ظاهر آهي ته عام ماڻهن جي اڪثريت اڃان گهرن کان ٻاهر آهي. انهن ماڻهن کي گهرن ۾ بند ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت کي ترت سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان ڪرڻ گهرجي.
عام ماڻهن کي گهرن مان مڪمل ٻاهر نڪرڻ تي بندش وجهي ئي سنڌ کي ڪورونا وائرس کان بچائي سگهجي ٿو.
اوهان هتي انسان دوستي جي جذبي تحت ضرور اهو سوال ڪندا ته ڏهاڙي جي مزدوري ڪندڙن جو ڇا ٿيندو؟!
اهو سرڪاري ادارن جو ڪم آهي ته هو پنهنجي شهرين جي پيٽ ڀرڻ جو جوڳو بندوبست ڪن. لاڪ ڊائون جي متاثر ماڻهن کي ڪرفيو لڳائڻ کان پهرين وفاق جي مدد سان گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه هزار جي امداد ڏني وڃي ، سرڪاري ملازمن کي وقت کان اڳ پگهار ڏيڻ سان گڏ ڪارخانن جي مالڪن کي پابند ڪجي ته پورهيتن کي ايڊوانس ۾ هڪ پگهار ادا ڪئي وڃي.
لاڪ ڊائون کان پوءِ ڪورونا وائرس سان مقابلي ڪرڻ جو فقط هڪ ئي هٿيار” ڪرفيو” آهي. سنڌ حڪومت کي خوف کان ٻاهر نڪري سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن جي ڪرفيو جو اعلان ڪرڻ گهرجي.
حيدر ملاح

Design a site like this with WordPress.com
Get started