لاجواب…..


ایک نشئی افطاری کے وقت سگریٹ کے کش لگا رہا تها. اس کے بچے وضو کرکے نماز کے لئے مسجد جانے کی تیاری کر رہے تهے. بچوں کا دادا اپنی چارپائی پہ لیٹا یہ سارا ماجرا دیکهه رہا تها.
دادا اپنے نشئی بیٹے کی طرف متوجہ ہوکر کہنے لگا.”او بے غیرتا!!! تینوں شرم نئیں آندی…بچے نماز لئی مسیتی جارئے نے تے آپے مزے نال لیٹیا سگریٹ دے کش لا ریاں ائے.”
نشئی نے مسکرا کے باپ کو دیکها اور بولا:
” ویکهیا فیر!!! اپنی تربیت تے میری تربیت دا فرق.”

عورت،عشق ۽ اڪيلائي.

منهنجا پيارا پٽ!
ٻڌو اٿم، توکي ڪنهن پدمڻي سان محبت ٿي ويئي آهي!
تو وٽ محبت جا انيڪ روپ اڃان زندگي ۾ اچڻان آهن، دنيا ان پدمڻي جي سونهن تي اٽڪي نه بيٺي آهي سونهن جي ڳولا ڪر، سونهن عورت جي جسم ۾ رڳو ناهي.
سونهن سَنهَن چَپن، موناليزا جي مرڪ ۽ اکين جي نيرن تارن ۾ رڳو ناهي، سونهن وارن جي ڊگهي چوٽيءَ، اڇي رنگ، ڊگهي ڳچيءَ تائين محدود ناهي، نه ئي سونهن پيرن جي پايل، نڪ جي بُليءَ ۽ ڪنن جي جهومڪ تائين محدود سمجهه!
سونهن جي سرهاڻ سوچن مان نکري نروار ٿئي ٿي!
پاڻ ۾ ڳولا ڪر، ڇا وڃايو اٿئي، ڪهڙي اندر ۾ تنهنجي کوٽ آهي جنهن جي ڳولا لاءِ تو هڪ پدمڻيءَ جي پيرن جي مٽي ٿيڻ وڃين پيو.
زندگي گونا گونيت جي وکر جو نالو آهي، گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ جو نالو زندگي آهي، پاڻ مسڪين ماڻهو آهيون پاڻ وٽ ڪجهه به ناهي، نه مايا نه، ڇت جي ڇايا!
هڪ ئي” سخي دل” ئي پنهنجي ڪل موڙهي آهي، جي اها هڪ دل به تو سکيءَ جي حوالي ڪري ڇڏي ته پيار جي سخاوت تو وٽان ختم ٿي ويندي، زندگي تنهنجي فل اسٽاپ جي نقطي تي بيهي رهندي، جتان شايد تنهنجي زندگي ۾ نئين ۽ نرالي جملي جي شروعات نه ٿيئي.
پنهجي بابا جو هڪ جملو هميشه ياد رکجان، محبت کي هڪ ماڻهو تائين ڪڏهن به محدود نه رکجان ائين ڪرڻ سان تون پاڻ محدود ٿي ويندي.
عورت مرد جي ڪل ڪائنات نه هجڻ گهرجي، ها پر عورت هڪ ڪائنات جهڙي ضرور آهي جنهن جي اندر وري ڪيتريون ئي ڪائناتون ڪر موڙي اٿن ٿيون پر ان جو اهو هر گز مقصد ناهي ته انيڪ ڪائناتن جي پويان رلندي تون پنهنجي حقيقي ڪائنات کي ٽائيم بم جي ٽائيمر واري ٽڪ ٽڪ تي رکي ڇڏين!
عورت هڪ راز آهي هڪ ڳُجهه آهي!
هوءَ حساس به آهي ته مهربان به، هوءَ سخي به آهي ته سوداگر به، معاف ڪرڻ تي اچي ته سڀ ڪجهه معاف ڪري ڇڏي انتقام تي لهي پئي ته پاڻ به باهه ۾ ڀسم ٿي وڃڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ٿي.
عورت جي هڪ خاص خاصيت ياد رکجان، وفا ڪرڻ تي اچي ته رت جا درياهه پار ڪري پهچي ويندي دغا ڪرڻ تي اچي ته تنهنجو رت ئي پي ويندي.
ان ڪري عشق جي عميق ۾ گهڙڻ کان اڳ پاڻ سان ڳالهائي وٺ.
ان لاءِ ڪجهه ڏينهن اڪيلائي ۾ هليو وڃ، هي ساڌو جيڪي جبلن جي غارن ۽ جهنگلن جي ساين ۾ سالن تائين گم رهندا آهن سي به اهيوئي ڪم ڪندا آهن پاڻ سان ڳالهائڻ جو ڪم!
پاڻ کي ڳولڻ جو ڪم، سو ساڌُو ڀلي نه ٿيءُ پر ايترو سادو به نه ٿيئي ان جي لاءِ ڪنهن عشق جي مضمون جي استاد جي توکي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ عشق خود استاد آهي!
عشق سان ڳالهاءِ، پاڻ سان ڳالھاءِ………..!
عشق انتهاپسندي جو نالو ناهي، ۽ نه وري عشق ۾ طالبان ٿيڻ جي ضرورت آهي!
ضروري ناهي ته جنهن سان تون پيار ڪرين سو توسان به پيار ڪري. ان تي اعتراض نه ڪر نه ئي محبوب جي محبوب تي اعتراض وار.
پنهنجي محبوب کان پُڇُ، ان کي سندس محبوب ۾ ڇا وڻيو آهي، ان جي مرڪ، ان جا چپ، ان جون اکيون، ان جي گفتگو جو انداز يا اڃان ٻيو ڪجهه.
ڇاڪاڻ محبوب تنهنجو آئينو آهي ان کي ٽوڙڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪجان. آئيني ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪر، بهتر کان بهتر ٿيڻ جي ڪوشش ڪر، پنهنجي طبيعت ۾ نرمي پيدا ڪر، گفتگو ۾ ٿڌاڻ پيدا ڪر،ڇاڪاڻ ٿڌو گهڙو پاڻ کي هميشه ڇانوَ ۾ رکائيندو آهي.
محبت ۾ ڪڏهن به محبوب کي ملڪيت تصور نه ڪر، ان جي انساني آزادي جي اڳيان جنهن ڏينهن تون رڪاوٽ ٿيندي ان ڏينهن بغاوت ڪر کڻندي.
منهنجا پيارا پٽ!
دوکو ڏيڻ پنهنجي تخم ۾ شامل ناهي، پنهنجي رت ۾ وفا شامل آهي آخري حد تائين وفا ڪندو رهه جڏهن ڏسين ته عشق ۾ اڳيان ويندڙ سمورا رستا بند ٿي ويا آهن ته پير پوئتي ڪندي شرم محسوس نه ڪر!
محبت جنگ جو نالو ناهي نه ئي محبت ۾ زور زبردستي ڪر، محبت ۾ پاڻ کي هيڻو رک، ڪڏهن به سينا زوري نه ڪجان!
آخري ڳالهه
عورت ڪڏهن به هڪ محبت نه ڪندي آهي عورت، ونڊ جي حساب جيان ورهايل هوندي آهي، ان وٽ ڪڏهن پاڇيءَ ۾ زيرو بچندو آهي، جيڪڏهن تنهنجي حصي ۾ ان پدمڻيءَ جي محبت جي بچيل پاڇيءَ جو زيرو به اچي ته پاڻ کي خوشنصيب سمجهجان. پاڻ کي محبت جي دلفريبي ۾ تباهه ڪرڻ بدران جيترو مليو ان تي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪر.
توکي چڱي طرح خبر آهي ته پاڻ وٽ گهر ۾ اڪثر ڪامريڊ مهمان ايندا رهندا آهن ، ان وقت پاڻ ڇا ڪندا آهيون، ڀاڪر کولي سندن آجيان ڪندا آهيون، ٽُڪَ جي رليءَ تي کين وهاري سندن دل سان آڌر ڀاءُ ڪندا آهيون، اوهان جي امڙ ماني تيار ڪندي آهي، اسان سڀ سموري ماني ۽ ڀاڄي انهن مهمان ڪامريڊن جي اڳيان رکندا آهيون، جڏهن هو ڍءُ ڪري بچيل ماني واپس ڪندا آهن ته پاڻ سڀ گڏجي ان بچيل ماني سان پيٽ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. ائين صبر ۽ شڪر سان هڪ ويلو به گذري ويندو آهي ۽ اسان جا ڪامريڊ مهمان به خوش ٿي ويندا آهن، بلڪل ائين ئي صبر شڪر سان محبت ۾ هلڻ سک، جيڪا به تنهنجي حصي جي محبت توکي ملي ان تي شڪر ڪر.
ٻين جي خوشي ۾ خوش رهڻ وارا ماڻهو ئي عظيم ماڻهن جي قطار ۾ بيهندا آهن.
اختتام
منهنجا پيار پٽ
توکي محبت ڪرڻ تي مبارڪون هجن ياد رکجان هي محبت نه تنهنجي آخري محبت آهي نه ئي آخري ڪائنات آهي هن محبت کانپوءِ به ڪيتريون محبتون تنهنجي اوسيئڙي ۾ هونديون.
اس جہان کے آگے اور بھی جھاں ھے!
محبت رڳو زندگي جو مقصد نه هجڻ گهرجي نه ئي پدمڻي جي جسم سان تنهنجو حوس وارو رشتو هجڻ گهرجي، توکي ڪائنات جي تخليق جي سببن کي سمجهڻو آهي، پنهنجي وجوده جي احساس کي معني ڏيڻي آهي، تون به آهين هن جڳ ۾، ان” تون” هجڻ واري سفر ۾ پنڌ ڪرڻو اٿئي، پاڻ کي دنيا جي لاءِ مثالي بڻائڻ جي ڪوشش ڪر، انيڪ محبتون تنهنجي لاءِ ڀاڪر کولي انتظار ۾ بيٺل هونديون.
تنهنجو بابا
حيدر ملاح

منظور پشتين کي ڪورونا وائرس

پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) جي رهنما منظور پشتين جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي.

قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پي ٽي ايم جي اڳواڻ محسن داوڙ پنهنجي ٽيوٽ ۾ منظور پشتين جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ پازيٽو جي تصديق ڪندي، منظور پشتين جي صحتيابي جي عوام کي دعا جي اپيل ڪئي آهي.

ايٽم بم ، عشق ۽ موت


روس کي ايٽم بم ٺاهڻ جو راز ڏيندڙ آمريڪي زال ۽ مڙس جوليس روزن برگ (Julius Rosenberg) ۽ ايٿل گرين گلاس (Ethel Greenglass)
19 جون 1953ع تي جڏهن روس کي ايٽم بم ٺاهڻ جي راز ڏيڻ ۽ ان لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل موت جي سزا تي عمل ڪرڻ لاءِ صبح جو ڏهين بجي نيويارڪ جي سنگ سنگ (Sing Sing) جيل ۾ اول جوليس روزن برگ کي بجلي جي ڪرسي تي ويھارڻ لاءِ هن جي زال ايٿل گرين گلاس آڏو وٺيو پي ويا ته هو ڏاڍو پراعتماد نموني مسڪرائي رهيو هو، ان بعد سندس زال، جنھن سان هن هڪ نئين سال جي جشن تي هن جي ڳايل راڳ ٻڌڻ بعد مٿس عاشق ٿيڻ بعد عشق واري شادي ڪئي هئي، ان محبت کي موت جي ننڊ حوالي ڪرڻ لاءِ موت جي ڪرسي طرف وٺي وڃي رهيا هئا ته اتي موجود هڪ يھودي ربيءَ هن کي آخري درخواست ڪئي ته،“پنھنجن ٻارن جي خاطر، جن کي هاڻي توهان جي ضرورت آهي، ڇا تون اهڙو ڪجهه ٻڌائيندينءَ، جنھن سان تنھنجي جان بچي سگهي؟ ڇا موت جي سزا جو اهو افسوسناڪ واقعو ٿيڻ گهرجي؟” جنھن تي ايٿل جواب ڏنو“مان بلڪل موت لاءِ تيار آهيان، مون کي ڪجهه به نه چوڻو آهي.” ٻنهي کي موت جي سزا ڏيڻ کان اڳ قيدين جي وفاقي اداري جي ڊائريڪٽر جيمز بينٽ (James Bannet) جي اٽارني جنرل هربرٽ برونل (Herbert Bronnel) ٻنهي زال مڙس کي “تعاون ڪريو يا مرڻ لاءِ تيار ٿيو” جي آڇ ڪئي، پر هنن ان کي ٺڪرايو ۽ چيو ته“ تاريخ اها حقيقت ظاهر ڪندي ته اسان پنھنجي ملڪ جي ظالمانه حڪومتي انصاف جي نظام جا شڪار ٿيا آهيون. اسان بيگناهه ماڻهن کي پڪڙائي ۽ انهن کي ظالمانه سزائون ڏيارڻ ۾ ڪابه مدد نه ڪنداسين”. هنن ٻنهي کي موت جي سزا جي تاريخ 18-جون 1953ع مقرر ٿيل هئي ۽ ان ڏينھن تي هنن جي محبت واري شاديءَ جي 14-هين سالگره هئي. پر کين 24- ڪلاڪ دير سان موت جي سزا ڏني وئي. ان کان اڳ آخري وقت تائين جيل اندر هنن لاءِ خاص طور فون کولي رکيو ويو هو ته شايد هو آخري وقت ۾ موت کان ڊڄي وڃن، پر ٻنهي زال مڙسن جا حوصلا بلند رهيا. ايٿل آخري وقت ۾ پنھنجن ٻنهي پٽن08 سالن جي مائيڪل ۽ 04 سالن جي رابرٽ لاءِ آخري خط لکيو“هميشه ياد رکجو ته توهان جا والدين بيگناهه هئا، انهن ڪجهه به غلط نه ڪيو هو، اسان توهان کي پنھنجي ويجهو سمجهون ٿا. محبت سان ٽمٽار چميون اوهان جي ڳلن تي ڏيون ٿا.” جوليس ۽ ايٿل موت طرف وڃڻ کان اڳ پنھنجي وڪيل ايمانويل(Emanuel) کي پنھنجن ٻارن جو سرپرست ڪندي چيو ته“ توهان جيڪو ڪجهه اسان کي بچائڻ لاءِ ڪري پي سگهيا، اهو ڪيو، پر اسان آمريڪي فاشزم جو پھريون شڪار ٿيا آهيون.” بعد ۾ 18 مهينن بعد ٻارن جو اهو سرپرست به دل جي دوري ۾ فوت ٿي ويو. جوليس روزنبرگ ۽ سندس دوست ۽ زال ايٿل گرين گلاس 6- آگسٽ 1945ع تي آمريڪا طرفان جاپان جي ٻن شھرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ڪيرايل ائٽم بمن بعد ڏاڍا پريشان ٿيا هئا ته دنيا ۾ طاقت جو توازن هڪ وڏي ملڪ جي طرف هجڻ ڪري دنيا ۾ امن ۽ سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي ۽ هو ينگ ليگ ڪميونسٽ جا ميمبر هئڻ جي ناتي سوشلسٽ روس کي ايٽمي صلاحيت کان محروم هجڻ جي حق ۾ نه هئا. ٻئي طرف خود روس به 16-جولاءِ 1945ع نيوميڪسيڪو ۾ ٿيل ائٽمي ڌماڪي بعد هر حالت ۾ ائٽم بم جي فارمولا ۽ خاڪي کي حاصل ڪرڻ لاءِ بي چين هو. ان لاءِ هن آمريڪا ۾ برطانيه ۽ آمريڪي جي گڏيل ائٽمي توانائي جي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ٻن سائنسدانن “ڊاڪٽر ايلن نن مي” ۽ “ايمل ڪلاس جوليس فيوڪس” کان به ان مقصد لاءِ سھڪار حاصل ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ برطانيه کان 03 سال اڳ سيپٽمبر 1949ع ۾ آمريڪي ائٽمي تجربي کان چار سال بعد پنھنجو پھريون ائٽمي ڌماڪو ڪيو، جڏهن ته برطانيه انهن ايٽمي سائنسدانن جي باوجود 03 سال بعد 1952ع ۾ ائٽمي تجربو ڪيو. دنيا ۾ آمريڪي ايٽمي جارحيت جي مقابلي ۾ ٻي وڏي ائٽمي طاقت پيدا ڪندڙن ۾ موت جي سزا حوالي ٿيندڙ جوليس ۽ ايٿل جو به هڪ تاريخي ڪردار رهيو. جوليس روزن برگ نيويارڪ ۾ غريب والدين جي گهر ۾ 12- مئي 1918ع ۾ پيد اٿيو. غربت جي باوجود والد هيري ۽ ماءُ سوفي کيس تعليم حاصل ڪرائي. هن نيويارڪ سٽي ڪاليج مان 1939ع ۾ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي. هن کي 05 ڀائر ۽ ڀينرون هيون. هو ڪاليج ۾ ڪميونسٽ ليگ جو ميمبر بنيو ۽ ايٿل گرين گلاس به ساڳئي ڪاليج ۾ پڙهندي هئي. ايٿل 28- سيپٽمبر 1915ع ۾ ڄائي هئي. سندس والد کي مشينن جي مرمت جو دوڪان هو. هن کي 03 ڀائر هئا. ايٿل کي ڪاليج جي زماني کان ئي ڳائڻ جو شوق هو ۽ هوءَ اڪثرڪري پنھنجي منھن جهونگاريندي رهندي هئي. ٻنهي جي ملاقات 1953ع ۾ نئين سال جي خوشيءَ ۾ منعقد ٿيل هڪ محفل ۾ ٿي، جتي هو ڳائي رهي هئي ،جتي جوليس ان تي فدا ٿيو. پوءِ ٻنهي جي دوستي ٿي،بعد ۾ جيڪا محبت ۾ تبديل ٿي وئي. ايٿل، جوليس کي تعليم جاري رکڻ ۾ به مدد ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هنن 1939ع ۾ شادي ڪئي. کين پھريون پٽ مائيڪل 1943ع ۾ پيد اٿيو ۽ ٻيو پٽ رابرٽ 1947ع ۾ پيدا ٿيو. ايٿل هڪ جھاز راني ڪمپني ۾ نوڪري ڪندي هئي، جڏهن روزنبرگ کي 1940ع ۾ هڪ آمريڪي دفاعي نوعيت واري اداري Signal Crops ۾ نوڪري ملي. جڏهن ته ايٿل جي ڀاءُ ڊيوڊ گرين گلاس کي 1947ع ۾ آمريڪا جي هڪ ٻي دفاعي اداري جي هڪ پراجيڪٽ ۾ نوڪري ملي، جيڪو ائٽم بم تي ڪم ڪندڙ هو. ڊيوڊ گرين جي زال رٿ گرين گلاس پڻ سياست ۾ دلچسپي هئڻ ڪري ينگ ليگ ڪميونسٽ جي ميمبر هئي. ان ڪري هوبه آمريڪي انتظاميه جي نظر هيٺ هئي. آمريڪا برطانيه ۽ ڪيناڊا طرفان تيزيءَ سان روسي جاسوسن خلاف وٺ پڪڙ جو آغاز تڏهن شروع ٿيو، جڏهن ڪيناڊا ۾ ماسڪو جي سفارتخاني ۾ ملٽري اتاشي طور ڪم ڪندڙ آئيگور مرگنوچ گوزينڪو (Igor Sergeievitch Gouzenko) روسي حڪومت جو منعرف ٿي، ڪيناڊا حڪومت آڏو ڪيناڊا، آمريڪا ۽ برطانيه ۾ روسي جاسوسن جي ڄار جو انڪشاف ڪيو، خاص طور آمريڪا جي ائٽم بم جي فارمولي ۽ خاڪي جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ ٻن سائنسدانن کي پڌرو ڪيو. ان بعد آمريڪي جاسوسي ادارا پيرا کڻندا ڊيوڊ گرين گلاس ۽ هن جي زال رٿ گرين گلاس تائين به پھتا، جن جوليس جو نالو کڻي ورتو. جنھن ڪري جوليس کي 16-جون 1950ع تي صبح جو 08 بجي گهر مان گرفتار ڪيو. ان کان اڳ جڏهن روس لاءِ ڪم ڪندڙ برطانوي سائنسدان گرفتار ٿيا هئا ته جوليس پنھنجي سالي ڊيوڊ گرين گلاس ۽ سندس زال کي ماسڪو فرار ٿيڻ جي صلاح ڏني هئي، پر ڊيوڊ ڪن سببن ڪري آمريڪا نه وڃي سگهيو هو. ڊيوڊ گرين گلاس ائٽمي راز ايٽمي سائنسدان ايمل ڪلاس ۽ جيولس فيوڪس کان حاصل ڪندو هو، ۽ پوءِ اهي راز پنھنجي زال ايٿل وسيلي روزنبرگ تائين پھچائيندو هو، ان سڄي جاسوس ڪم ۾ ظاهر ۽ لڪل ٻيا به ماڻهو ملوث هئا. آمريڪا برطانيه جي مدد سان روسي سفارتخاني مان روسي جاسوسي اداري ڪي جي بي (K.G.B) کي ويندڙ پيغام هٿ ڪيا. ڊيوڊ گرين گلاس ۽ رٿ گرين گلاس ايف بي آءِ جي ڌمڪين ۽ خوف ۾ ايترو ته وٺجي ويا، جو هنن جي شاهدين ڪري 11 آگسٽ 1950ع تي ايٿل روزنبرگ کي به گرفتار ڪيو ويو. ٻنھي زال، مڙس جي گرفتاري بعد هنن جي ٻنهي صغير پٽن کي ٻارن جي هڪ پناهه گاهه جي حوالي ڪيو ويو ۽ کين ٻارن سان ملڻ به نه ڏنو ويو. 06 – مارچ 1951ع کان 18- مارچ 1951ع تائين 12 ڏينھن اندر جلدي سان ڪيس کان اڪلائي اهو ثابت ڪيو ويو ته آمريڪي رياست طرفان ان جوڙي لاءِ اول ئي فيصلو لکي ڪورٽ کي ڏنو ويو هو ۽ ان دوران ٻنهي کي الڳ الڳ وعده معاف گواهه ٿيڻ جون به آڇون ۽ داٻا ڏنا ويا ، پر نظرئي ۽ محبت سان سرشار جوڙي پنھنجا پير ثابت رکيا ۽ کين يقين هو ته کين موت جي ئي سزا ڏني ويندي. ان جو هڪرو وڏو سبب اهو به هو ته هڪڙي ڪٽر ڪميونسٽ دشمن ۽ ڪميونسٽ سڏجندڙ هر فرد کي شڪ سان ڏسندڙ سينيٽر جوزف ميڪارٿي (Joseph Macarthy) هن ڪيس لاءِ هڪ وڏي طاقتور ۽ سخت ڪميونسٽ مخالف ايف بي آءِ (F.B.I) جي آفيسر “جي ايڊ گرهوور” جي چونڊ ڪئي هئي ،جنهن لاءِ اهو چيو ويندو هو ته هن جي جاچ دوران ڪوبه هڪ دفعو هن جي هٿ ۾ ايندو هو ته هو جوابدار جي زندگي ختم ڪرڻ جي حد تائين به ڪيس جي جاچ ڪندو هو. جنھن نيويارڪ ۾ گرفتار هڪ روسي جاسوس جي نشاندگي ۽ سائنسدان ڪلاس فيوڪس سان رابطن جي الزام تحت هيري گولڊ نالي هڪ روسي جاسوس کي گرفتار ڪيو، جنھن اعتراف ڪيو ته هو 1930ع کان روسين جي لاءِ جاسوسي ڪندو رهيو آهي. هن جو اصل نالو هينرچ گولڊن اٽسڪائي (Henrich Goldenitsky) هو، جيڪو سوئزرلينڊ سان تعلق رکندڙ هڪ يھودي هو، جڏهن هن جا والدين 1914ع ۾ آمريڪا لڏي آيا ته هن جو نالو هيري گولڊ رکيو ويو، جڏهن هو ائٽمي سائنسدان فيوڪس کان ائٽمي راز حاصل ڪندو هو ته خود اهو سائنسدان پڻ هن جي اصليت کان گهڻو واقف نه هو، ته هو روس جي نائب قاوئنسلر ۽ جاسوس ساز اناطولي يا ڪولوف (Anatoli Yalkovlev) جي وڇايل جاسوسي نيٽ ورڪ جو اهم پرزو آهي. فيوڪس هن کي صرف “ري منڊ” نالي سان سڃاڻيندو هو ۽ کيس يقين هو ته جيڪي به راز هو ري منڊ تائين پھچائي ٿو، اهي سڌي نموني روس تائين پھچي وڃن ٿا. هن کي فيوڪس ٻين رازن سان گڏ بم تيار ڪندڙ پلانٽ ۽ يورينيم جي تياري جي حقيقي منصوبن کان به آگاهه ڪيو هو. هيري گولڊ گرفتاري بعد انڪشاف ڪيو ته جڏهن هو جون 1945ع ۾ فيوڪس سان ملڻ نيوميڪسيڪو ويو ته هن جو هڪ اهم اداري ۾ ڪم ڪندڙ هڪ فوجي سان رابطو ڪيو، جيڪو سڃاڻپ لاءِ اهو ساڳيو پيڪٽ هٿ ۾ کڻي آيو، جيڪو هن کي اناطولي نيويارڪ ۾ ڏنو هو ۽ هن جي سڃاڻپ بعد کيس ائٽم بم متعلق معلومات ڏني. ان فوجي جو نالو ڊيوڊ گرين گلاس هو، جنھن جي زال ڪميونسٽ هئي ۽ گرين گلاس انهن ڏينھن ۾ جوليس روزنبرگ سان هڪ بروڪلين انجنيئرنگ فرم ۾ گڏ ڪم ڪري رهيو هو، جنھن سان هن جي ڀيڻ ايٿل سان شادي ٿيل هئي. ايف بي آءِ کي اها به خبر هئي ته روزنبرگ کي آمريڪي سنگل ڪور مان پڻ شڪي سرگرمين تحت نوڪري مان به ڪڍيو ويو هو. گرين گلاس 16-جون 1950ع تي گرفتار ڪيوويو. جنھن جاچ دوران اعتراف ڪيو ته هن پنھنجي ڀيڻوي روزنبرگ کي 1945ع ۾ ايٽم بم جو خاڪو ڏنو هو. روزنبرگ گرفتاري بعد اهو چيو ته،“مان جاپان تي ايٽم بم ڪِرڻ کان اول ان بم متعلق نه ڄاڻندو هوس”. هيري گولڊ کي 1951ع ۾ 30 سال سزا ڏني وئي، پر کيس 1965ع ۾ پيرول تي آزاد ڪيو ويو. روس طرفان کيس اعلى ترين اعزاز “ آرڊر آف دي ريڊ اسٽار” ڏنو ويو، پر هو اهو اعزاز وٺڻ کان اول ئي 1972ع ۾ گذاري ويو. گرين گلاس، اناطولي، جوليس روزنبرگ ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو هو. گرين گلاس جي زال رٿ گلاس تي ڪوبه الزام نه لڳايو ويو. بعد ۾ ايف بي آءِ طرفان جاري ڪيل ڪاغزن مان پتو پيو ته گرين گلاس جي وڪيل “اوجان راگ” حڪومت سان هڪ معاهدي تحت گرين گلاس کي ڀيڻوي مٿان شاهد ٿي بيھاريو هو،جنهن ڪري رٿ کي صرف 05 سال سزا ٻڌائي وئي. ايف بي آءِ کي به اول ئي سوويت ريڊيو جي هڪ Interpreter پيغام ذريعي اهو به معلوم ٿيو هو ته نيويارڪ ۾ هڪ زال مڙس سميت هڪ ٽيم روس جي لاءِ جاسوسي ڪري رهي آهي. روزنبرگ کي جڏهن “جيروم يوگين تارتاڪو” جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو ته هن سان ايف بي آءِ جوهڪ جاسوس ڪار چوري جي ڪوڙي الزام تحت گڏ رکيو ويو، جيڪو روزنبرگ سان اتي دوستي رکي هن سان شطرنج کيڏندو هو، جنھن جي آزاد ٿيڻ بعد هن کي بي خبري ۾ روزنبرگ پنھنجي وڪيل وٽ نوڪري وٺرائي ڏني هئي. 6- مارچ 1951ع تي روزنبرگ، سندس زال ۽ ٻين خلاف ڪيس شروع ٿيو ته ڪورٽ جي جج “ارونگ ڪوفمين” آڏو روزنبرگ ۽ سندس زال جاسوسي جي الزام کي رد ڪيو. جڏهن جج روزنبرگ کان اهو پڇيو ته “ڇا هو ڪميونسٽ آهي؟” ته هن جواب ڏنو ته “اها مون کي ڏوهي قرار ڏيڻ واري ڳالهه آهي” ۽ هن چيو ته “مان هميشه اهو محسوس ڪيو ۽ ڪيان ٿو ته هٽلر جھڙي درندي کي کي ڪچلڻ ۾ روس اهم ترين ڪردار ادا ڪيو ۽ هٽلر هڪ اهڙو شخص هو، جنھن منھنجي 60 لک هم مذهبن جو قتل عام ڪيو. مان ان باري ۾ ڏاڍو جذباتي آهيان.”جوڙي جي وڪيل ايمانويل ڪورٽ ۾ چيو ته،“ڊيوڊ گرين گلاس پنھنجي زندگي بچائڻ لاءِ پنھنجي ڀيڻ ۽ ان جي مڙس کي دفن ڪرڻ جو پڪو پھه ڪيو آهي، ڪوبه شخص جيڪو پنھنجي رت جي رشتي خلاف اهڙو عمل ڪري ٿو، اهو انساني تھذيب جي هر قائدي جي حساب سان نفرت جي قابل ۽ مڪروهه آهي.” جوڙي جي وڪيل جي تقرير ۽ دليلن جو عدالت تي ڪوبه اثر نه پيو. عدالت جوڙي کي موت جي سزا ٻڌائي ۽ جج چيو ته،“منھنجي خيال ۾ توهان جو ڏوهه قتل کان به وڌيڪ بدتر آهي. قتل ۾ قاتل فقط پنھنجي دشمن جو خون ڪري ٿو، پر اوهان ايٽم بم جي حوالي سان ڄاڻ روس جي حوالي ڪري ان کي ڪيترائي سال اڳ ايٽم بم بنائڻ جي قابل بنائي ڇڏيو. منھنجي خيال ۾ ان ڪاميابي ڪري روس ڪوريا ۾ ڪميونسٽ جارحيت ڪئي ۽ هرڪو ڄاڻي ٿو ته اتي توهان جي غداري جي قيمت 50 هزار کان وڌيڪ بيگناهه فردن ادا ڪئي. يقيني طور تي ان وطن فروشي تاريخ ۾ اسان جي ملڪ کي شديد ترين نقصان پھچايو آهي.” موت جي سزا جي فيصلي بعد روزنبرگ ۽ سندس زال ايٿل کي عدالت هيٺان موجود ٻن قيدخانن ۾ نيو ويو. جتي موسيقي جو هڪ مختصر پراثر دور هليو، جنھن جيلر ۽ ٻين عملدارن کي حيران ڪري ڇڏيو. ايٿل “مادام بٽرفلائي” جو هڪ گيت، “اهو هڪ خوبصورت ڏينھن واپس ايندو (one fine day shall return) ” ڳايو ۽ قيدين جي بيحد اسرار تي ٻيا گيت به ڳايا ۽ هن آخر ۾ “جمھوريه جي جنگ (the battle Hymn of Republic) ڳايو. ان ڪيس ۾ گرين گلاس کي 15 سال، هيري گولڊ کي 30 سال، سوبيل نالي هڪ نوجوان کي 30 سال سزا ۽ ٻين کي به قيد جون سزائون ٻڌايون ويون. جوليس ۽ ايٿل کي ٻڌايل موت جي سزا خلاف هنن جي وڪيل آمريڪا جي صدر آئزن هاور کي ٽي درخواستون روانيون ڪيون، جيڪي صدر صاحب فيبروري 1953ع ۾ خارج ڪندي چيو ته،“پنھنجي ان عمل ذريعي انهن فردن آزادي جي مقصد کي نقصان پھچايو آهي، جنھن کي بچائڻ لاءِ آزاد ٿيل ماڻهوجدوجھد ڪري مري رهيا آهن.” 16-جون 1953ع تي هڪ مذهبي وفد به ملڪ جي صدر کي ان سزا خلاف اپيل ڪئي. جنھن ته هن پنھنجي پٽ کي خط ۾ لکيو ته،“جيتوڻيڪ اهڙي معاملي ۾ جتي هڪ عورت جي جان به داءَ تي لڳل هجي، ايئن ڪرڻ اخلاقيات جي منافي ته آهي، پر اها سزا اڻٽربه آهي. جيڪڏهن ايٿل کي رعايت ڏني وئي ته آئنده به اهڙا خطرا پيد اٿيندا رهندا.” موت جي ان سزا خلاف آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪافي احتجاج به ڪيا ويا. جوليس ۽ ايٿل کي سزا ڏيڻ کان 05 ڪلاڪ اول ملڪ جي صدر بيان جاري ڪيو ته“ مون کي احساس آهي ته هن ڪيس ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر دانشورن کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. مان صرف ايترو چوڻ چاهيندس ته ايٽمي جنگ جي وڌندڙ خطري ڪري ٻئي زال مڙس لکين ماڻهن جي موت جا ذميوار ٿي سگهن ٿا. هنن ٻنهي ڄڻن جو موت يقينن هڪ سنگين مسئلو آهي، پر ان کان وڏو امڪاني موت جو تصور آهي، جنھن جي سموري ذميواري هنن جاسوسن مٿان عائد ٿئي ٿي.”
ٻن سالن تائين ڪيترا ڀيرا اها اميد به پيدا ٿي ته شايد هنن جي موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ٿي وڃي. پر هڪ نظرياتي ڪميونسٽ هئڻ جي ناتي ۽ پنھنجي ارادي تان نه هٽڻ ۽ مکيه جاسوس هئڻ جي الزام هيٺ کين آخر 19-جون 1953ع تي ڏينھن جي روشنيءَ ۾ صبح جو 10 هين وڳي موت جي ڪرسي تي ويهاريو ويو. ان کان اڳ سندن پٽن 08 سالن جي مائيڪل ۽ 04 سالن جي رابرٽ سان ملاقات ڪرائي وئي، ان ملاقات جو منظر شايد لکڻ نه ٿو اچي پر ان کان اڳ هنن زال مڙس پنھنجن ٻارن لاءِ خط به لکي رکيا هئا. ايٿل جيڪا هميشه گهر ۾ گهڻو وقت ٻارن سان گڏ گذاريندي هئي. تنھن ۽ سندس مڙس ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته “ انسان مري وڃي ٿو، پر ان جون آکاڻيون زنده رهن ٿيون”. آمريڪا جي تاريخ ۾ 1865ع ۾ ابرهام لنڪن قتل ڪيس ۾ ملوث عورت ميري سورت (Marry Surrat) کي موت جي ڏنل سزا بعد ايٿل گرين گلاس ٻي عورت هئي، جنھن کي موت جي سزا ڏني وئي. 1975ع ۾ هنن جي پٽ رابرٽ هڪ ڪتاب لکيو، جنھن ۾ هن صدر نڪسن جي ماتحت واٽر گيٽ اسڪينڊل کي پنھنجي والدين سان جوڙيندي انهن کي مليل موت جي سزا ۽ ڪيس کي من گهڙت قرار ڏنو. ليکڪ :ذوالفقار راهوجو

جنت سٺي يا فرانس؟؟

جھادي ڪمانڊر سان هڪ بيوھ عورت جي ننڍڙي ڳالھ ٻولھ!

  • هڪ بيوھ عورت جنھن جو پٽ ”افغان جھاد“ ۾ ”شھيد“ ٿي ويو هيو، هرات جي مجاهد ڪمانڊر ”تورن اسماعيل خان“ کان پڇيو تہ:
    ”امير صاحب! جنت سٺي جاءِ آھي يا فرانس؟“
    امير صاحب چيو:
    ”انهيءَ ۾ ڪھڙو شڪ آھي، جنت سٺي جڳھ آھي“
    بيوھ چيو تہ:
    ”نہ امير صاحب فرانس سٺي جڳھ آهي“
    امير صاحب پڇيو:
    ”اهو ڪيئن؟“
    بيوھ چيو تہ:
    ”نہ تہ توهان پنھنجي پٽ کي ”فرانس“ موڪل کانسواءِ ”جھاد“ تي موڪلي ڇڏيو ها،
    توهان رڳو اسان جا معصوم ٻار شھيد ڪرائي، پنھنجن ٻارن کي جھاد جھڙي سعادت کان محروم رکيو“
    واضح رهي تہ:
  • برهان الدين رباني جي ڌيءُ ”لنڊن“ ۾ ”ماڊلنگ“ ڪندي آھي.
  • قاضي حسين احمد ۽ فريد پراچا ٻنھي جا ڄاٽا/نياڻا ”آمريڪا“۾ رهندا آهن.
  • جنرل حميدگل جو پٽ ”سئيٽزرلينڊ“ ۾ واپار ڪندو آھي.
  • هندستاني جنگ جو مجاهد ”اوريا مقبول“ جي ”ڌيءُ“ُ آمريڪا ۾ پڙھندي آھي.
    پر رڳو اسان لاءِ اولھ جا ملڪ طاغوت آھن.

ڪڏهن ڪڏهن ائين به سوچيو ته….

سياسي اڳواڻن جي قتل پٺيان سياسي مقصد حاصل ڪرڻ هوندا آهن.


شهيد الله بخش سومرو ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو ٻه ڀيرا وزير اعظم ٿيو. 1937 ۾ سنڌ ۾ پهريون عام چونڊون ٿيون جن ۾ شهيد جي پارٽي , سنڌ اتحاد پارٽي اڪيلي اڪثريتي جماعت ٿي اڀري پر بجاءِ الله بخش کي حڪومت ٺاهڻ ڏيڻ جي انگريزن پنهنجي پراڻي وفادار سر غلام حسين کي ٽي اسيمبلي ميمبر ساڻ هجڻ باوجود حڪومت ٺاهي ڏني. سنڌ اتحاد پارٽي سيڪيولر پارٽي هئي جڏهن ته سر غلام حسين جي مسلم پولٽيڪل پارٽي فرقيوار پارٽي هئي. تيسيتائين سنڌ ۾ مسلم ليگ نه هئي.
اسيمبلي جڙڻ کانپوءِ سنڌ جي سياست ۾ فرقيواريت وڌي وئي. هندو ميمبر ڪانگريس اثر ۾ آل انڊيا سياست کي سنڌ جي مفادن تي ترجيح ڏيڻ لڳا. مسلمان ميمبر وڃي مسلم ليگ کي وٺي آيا. سنڌ جي سياست ٻن انتهائن تي هلي وئي. انهن ٻن انتهائن ۾ الله بخش اڪيلو وچ تي بيٺو هيو.
1942 ۾ انگريزن خلاف ڪوئيٽ انڊيا مومينٽ هلي. الله بخش سنڌ جو وزير اعظم هيو. انگريز سرڪار خلاف اٿي بيٺو. برطانوي وزير اعظم چرچل کي خط لکي دٻ پٽيائين. انگريزن کيس ڊسمس ڪري گهر موڪلي ڇڏيو.
برطانيا جيئن ته هندستان جي ورهاڱي جو فيصلو ڪري ڇڏيو هيو. سنڌ جو ان سلسلي ۾ اهم رول هيو پر شهيد الله بخش جي هوندي ان پلان تي عمل ممڪن نه هيو. سندس سيڪيولر سياست کي وڏي رڪاوٽ ڏسندي انگريزن ايوب کهڙي معرفت ڪرائي جا قاتل هٿ ڪري کيس اڄوڪي ڏينهن 1943 ۾ قتل ڪرايو. ايوب کهڙو ۽ سندس ڀاء نواز کهڙو سال ڏيڍ جيل ۾ رهيا ۽ پوءِ انگريز اسٽيبلشمينٽ کين ڪورٽ تي زور بار ڪري ڇڏرايو.
سنڌ سدائين عالمي ۽ علائقائي اسٽيبلشمينٽ يا طاقت جي مرڪزن آڏو بي وس رهي آهي. گڏيل هندستان ۾ دهلي جي انگريز وائسراءِ ۽ لنڊن ۾ ويٺل وزير اعظم جي آڏو سنڌ ڪيڙو مڪوڙو هئي. الله بخش سندن پلان آڏو رڪاوٽ هيو. چيڀاٽي ڇڏيائون. ڪڏهن ڪڏهن ائين به سوچيو ته جي 1946 ۾ شهيد جيئرو هجي ها ته سنڌ ورهاڱي جي پلان ۾ ڪهڙي حيثيت ۾ ڳالهين جي ٽيبل تي ويهي ها؟

ليکڪ : علي رند

تاريخ جا بدنصيب او بدبخت!!

اوهان ڀلي لک قومپرست سياست کي گاريون ڏيو پر پنهنجي اندر مان قومپرستيءَ جي جزبي کي ته ڪڍي ڏيکاريو .
ملڪ کان ٻاهر ڇو ڪراچي ،اسلام آباد ۽ لاهور جي هوائي اڏن،ريلوي اسٽيشنن ۽ بس اڏن تي شل نه اوهان ڪنهن کي سنڌي ڳالهائيندي ٻڌو ٿا ائين اوهان جا حواس ڇڪجي وڃن ٿا ڄڻ ڪو اوهان کي چقمق ڇڪيندو هجي .
اهيا ئي سنڌيت جي صدين جي پچار آهي جنهن پويان هزارين ماڻهن جا اوجاڳا ،ڏکين پيچرن تي پنڌ ،جوانيءَ جي جزبن جي قرباني ، محبوب جي چمين کان انڪار ،جيلن جا عذاب ۽ گولين جي سامهون سينا سڌها ڪري بيهڻ جون جرئتون شامل آهن .
اي هلڪڙا ،ٽرڙا ،پوڍاوا ،فلترو ،تون ڇا ڄاڻين ته سائين جيئنم سيد ڪيئن راتين جا اوجاڳا ڪري سن ۾ سنڌ کي نور نچوئي هڪ ٿيڻ جي صدا ڏني هئي !
توکي ڇا خبر ته ڀوتارن جي ڪتن بڇڻ باوجوده حيدر بخش جتوئي ڪيئن هارين جي حقن لاءِ جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ جا گيت لکي رهيو هو.
توکي ڪهڙي پرک ته شهيد نظير عباسي ڪيئن ثابت قدم بيهي رات جي بگهڙن کي للڪاريندو رهيو .
تون ڇا ڄاڻين ته ڪيئن پليجو ڳوٺ، ڳوٺ جهاڳي ۽ جاڳائي رهيو هو .
تو کي ڪهڙي خبر ڪيئن ڊاڪٽر قادرمگسي لوئي ۽ لڄ جي تحفظ جي لاءِ سر ڪفن سان ٻڌي نڪتو ۽ پوءِ ٽارچر سيلن کي شڪست ڏيئي ،شهيد ڪمال جي رت جي بوند بوند کي لفظ ڏيئي سنڌ کي لساني دهشتگردن ،بدبودارن ڀوتارن کي ڌوڙ ۾ دسيندو سندن نجي جيلن جي ديوارن مان صدين جي غلاامن کي آزاديون ڏياريندو رهيو .
تاريخ جا بدنصيب، بدبخت، قومپرستي جي نالي تي جي هزارين ماڻهو قربانيون نه ڏين ها ته اڄ تنهنجي ذهن ۾جيڪا سنڌيت جي سرهاڻ آ .
ان جڳهه تي تو وٽ 47 جي ورهاڱي جي بدبوءِ هجي ها .
ان ڪري پاڻ کي سنڀال !
ان نسل مان نه ٿيءُ جنهن جي قبرن تي ڪتا ۽ گڏهه پيشاب ڪندا .
انهن مان ٿي جن کي ايندڙ نسل ،تعظيم ،پيار ۽ فخر سان ياد ڪندا .( حيدر ملاح)

“شريکِ جرم نه ہوتے تو مخبری کرتے “


‏ایکسپو سنٹر لاہور کی پہلے سے موجود عمارت میں لوہے کی چارپائیاں اور گتے کی پارٹیشن بنا کر قوم کو 90 کروڑ کا چونا لگا دیا گیا۔ کوئی بنیادی سہولت میسر نہیں، مریضوں کو ایک دو فرلانگ پیدل چل کر واش روم تک جانا پڑتا ہے۔ کوئی حال پوچھنے والا نہیں، انتہائی ناقص کھانا، آئے روز مریض احتجاج کرتے ہیں۔ کاغذوں میں ڈاکٹرز اور نرسز موجود ہیں لیکن حقیقت میں ایسا کچھ بھی نہیں۔

نیب صرف اندھا ہی نہیں لنگڑا لولا بھی ہے ورنہ نیب لاہور کے آفس سے ایکسپو سنٹر پیدل بمشکل 10 منٹ کا راستہ ہے۔ جہاں 90 کروڑ کی چارپائیاں رکھ کر اس کو فیلڈ ہسپتال کہا جا رہا ہے۔

ساڑھے چار کروڑ صرف گتے کی پارٹیشن بنانے پر خرچ ہوئے، ڈھائی کروڑ کی ہزار منجیاں خریدی گئیں، 19 کروڑ کا طبی سامان خریدا گیا، 33 کروڑ کی ماہانہ ادویات جو آج تک کسی نے نہیں دیکھیں، 13 کروڑ ماہانہ ان ڈاکٹرز کی تنخواہوں کے رکھے گئے جو موجود ہی نہیں اور 18 کروڑ ماہانہ اس ہسپتال کو چلانے کا خرچہ ہے۔

90 کروڑ میں سے مریضوں کے پاس صرف 1000 منجیاں ہی ہیں باقی سب کچھ غائب ہے۔ یوں اس قید خانے کی ایک منجی 9 لاکھ روپے میں پڑی ہے۔

عمران خان، جس کا اپنا تجربہ ہسپتال بنانے کا ہے، وہ کیسے 90 کروڑ میں منجیاں دیکھ کر خاموش ہے؟
“شریکِ جرم نہ ہوتے تو مخبری کرتے”

توکي اڄ ۾ جيئڻو آهي يا تاريخ ۾؟!

مونکي مهرباني ڪري هن سوال جو جواب ڏي ؟!
اسان وٽ سياست ماءُ جي مٿي تي ڇانوَ بڻيل چُنريءَ جيان مقدس رهي آهي ،اسان وقت جي فرعونن جي اڳيان سدائين سينو ساهي بيٺاسين . اسان بي گهر صحي پر اسان جا مَسڪن ماڻهن جي دلين ۾ آهن
اسان جو موت گواهي ڏيندو تون ان وقت ڏسي وٺجان اسان جي دشمنن جي به اکين ۾ لڙڪ هوندا ۽ سندن چپن تي اسان جي فقيري واريءَ زندگيءَ جا ترانا هوندا .
اسان ته ڀوتار جي بنگلي جي در تي وڃڻ جي ته پري ڳالهه اسان سندس سيمينٽ جي ڀت کي به ڪڏهن پري کان بيهي بُجو ڏيڻ نه وياسين ،ڇاڪاڻ اسان سدائين اکين ۾ اکيون وجهي ساڻن ڳالهايو.
اهيا طاقت ۽ سگهه اسان کي قومپرست ترقي پسند سياست ڏني .
اسان باغين جون ٽوليون ٺاهيون جن جي ذهنن ۾ بغاوتن جون چنگاريون ٻاريوسين .سندن بند زبانن کي سچ جا لفظ ڏناسين
کين حق ۽ ناحق ۾ بنيادي فرق سمجهڻ جي پروڙ ڏنيسين .
ياد ڪر ،اسان ڳوٺ ڳوٺ ۾ پيرين پنڌ صبح ٿيڻ جا سنيها کڻي پرجوش قدمن سان پنڌ ڪياسين .ماڻهن جي هجومن ۾ اُڀي پيرين بيهي ڪوڙ جي ڪوٽ کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڪوٺون ڏنيوسين .
قلم کي اڳٺ وجهڻي ٺاهڻ بدران هر لکيل سٽ کي انساني آزادي ۽ وقار سان سلهاڙي بيهڻ جو ڏوهه ڪيوسين .
ها اسان !
دشمنن کي جهولين ۾ ائين پاليوسين جيئن جوڳي نانگن کي پاليندا آهن .
گاريون گل سمجهيوسين ،طعنا به ائين دل تي ورتا سين ڄڻ محبوب جا ماڻا هجن .
ماڻهو چون ٿا اگهه ئي نه لڳا !
او بادشاهو!
اگهه بازاري شين جا لڳندا آهن ،
ڀڳڙن جي مُٺِ تي وڪامڻ پري ٿيو اسان ته ماڻهن کي ڀڳڙن جي کَلن تي وڪامندي اکين سان ڏٺو .
سنڌ اسان جي طاقت آهي ائين جيئن عاشق لاءِ محبوب طاقت هوندو آهي .اسان لاءِ سياست عشق آهي ،اوهان لاءِ سياست ڌنڌو هوندي ،
ڌنڌي جي پيدوار ماڻهن کي هر ٻيو ماڻهو بازار جو سوداگر لڳندو آهي .
اسان جي سچائيءَ جا ثبوت اسان کان نه گهر اسان جي مخالفن جو تعداد ڳڻي وٺ توکي معلوم ٿي ويندو ته اسان ڪنهن ڪنهن کي سنڌ جو سودو ڪرڻ کان روڪيو !
ڪنهن ڪنهن کي اسان ڌرتيءَ جي ترازو ۾ توري هميشهه هميشهه لاءِ پنهنجي زندگيءَ مان ڪڍي ڦِٽو ڪيو .
اسان جو وطن اسان جو سڀ ڪجهه آهي ،اسان جي زندگيءَ جو هرساهه ان جي امانت ،اسان جو هرسڏڪو سنڌ لاءِ آهي ،اسان جي چپن جي مرڪ ،اسان جي اکين جو لڙڪ ،اسان جي آهه زاري، اسان جي هر خوشيءَ هن مٽيءَ جي مهڪ سان مليل آهي .
او سنڌ جا نوجوان ،
شل منهنجي ڳالهه سمجهين پوين !
حقير سوچن ،خصيص ڌنڌن کان پري رهي هن وطن ،هن قوم ۽ هن قومپرست سياست جو ائين ڀرم رک جيئن پنهنجي امڙ جي مٿي تي رکيل چُنريءَ جي مقدس پڻي لاءِ سوچين ٿو ،
قومپرست ترقي پسند سياست سان عشق ڪر ،سياست سان ئي تنهنجا ٻيڙا پار ٿيندا!
مونکي مهرباني ڪري هن سوال جو جواب ڏي!
توکي اڄ ۾ جيئڻو آهي يا تاريخ ۾ ؟!
(حيدرملاح)

خراب دروازہ!!

اشفاق احمد کہتے ہیں کہ میری بیوی (بانو قدسیہ) یونیورسٹی میں پڑھاتی تھی، میں ہر روز گاڑی میں اسے چھوڑنے یونیورسٹی جاتا، یونیورسٹی کے گیٹ پر پہنچ کر گاڑی سے اترتا اور دوسری طرف سے آکر دروازہ کھولتا، میری بیوی (بانو قدسیہ ) اترتی اور سہیلیوں کے ساتھ یونیورسٹی کے گیٹ سے اندر داخل ہو جاتی۔ پھر چھٹی کے ٹائم دوبارہ بیوی (بانو قدسیہ ) کو لینے آتا اور اسے گاڑی میں بٹھا کر واپس گھر لے آتا۔ میری بیوی کی سہیلیاں ہر روز یہ منظر دیکھتیں اور کہتیں کہ ان کے درمیان کتنی محبت اور چاہت ہے۔ وہ دعا کرتیں کہ اللہ تعالیٰ انہیں بھی ایسا ہی شوہر دے۔
یہ پریکٹس ہر روز جاری رہتی، میں شاہی نوکر کی طرح دروازہ کھولتا اور میری بیوی شہزادی کی طرح اتر کر یونیورسٹی میں داخل ہوتی اور اس کی سہیلیاں حسرت بھری نظروں سے دیکھ کر اپنے لیۓ بھی ایسے ہی خاوند کی دعائیں کرتیں۔
وہ لکھتے ہیں کہ درحقیقت ہمارے درمیان کوئی ایسی ویسی محبت نہیں تھی، دراصل ہماری گاڑی کا دروازہ خراب تھا جو اندر سے نہیں کھلتا تھا اس لئے مجھے اتر کر باہر سے کھولنا پڑتا تھا.

Design a site like this with WordPress.com
Get started