پيارا شوڪت ميمڻ
سائين ستابو ميمڻ جيئرو الائي ڌڻي ڏانهن واپس ويو جي حال حيات آهي ته يقينن اهي سائين جا ساڳيا جوڀن ته نه هوندا پر ان جي ڦوڪ وزڊم واري حس اڃان به جوان ئي هوندي.
مٿي تي بوسڪي جو پٽڪو، ڪلهن ۾ ٻپڙي اجرڪ، تُهي ڳچيءَ وارو پهراڻ ۽ ڏهن والن واري شلوار اڃان زيب تن ڪندو هوندو.
پيري هوندي به زو معني جملا اڃان به پيو ڪشيندو هوندو.
يار ڇا ته ماڻهو آ.
ماڻهو جي سڃاڻپ ڪير ان کان سکي، تنهنجي ته گهر جو ڀاتي ھو اسان سان چار ٽهڪ هئس پر انهن ڏينهن ۾ تنظيمي ڪم سان منهنجو به منظور آباد تمام گهڻو وڃڻ ٿيندو هو، سواريون نه هجڻ ڪري رات به رهي پئبي هئي، سائين منٺار ملاح جي شاعري، غلام حسين ملاح جي ماني، سائين ستابي جي ڪچهري، هاشم سولنگي جي محبت، سائين علي بخش سولنگي جي تعليم تي گفتگو، صيفل چارو جا چرچا، دائم کوسو جون دلبريون، بچل کوسي جي خاموشي، جيئند ٿيٻي جا آجيان وارا ڀاڪر، حبيبي ونڊيار جي تيز ۽ اجائي جهيڙي واري تنقيد سچ ته ان وقت جي وڏي ملڪيت هئا جيڪي يادن جي هڙ ۾ اڄ به ڳنڍ ۾ ٻڌل آهن.
سو سائين ستابي جي ڦوڪ وزڊم جي ڳالهه ياد اچي وئي آهي. سائين ستابي جو ڀاڻيجو هو غلام علي ميمڻ، غلام علي، ايس آر ٽي سي بس المعروف گولاڙا بس جو ڪنڊڪٽر هو اهو دور ايس آر ٽي (سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ کاتي ) جو عروج جو دور هو سستي ۽ تيز رفتار وقت جي پابند سواري، مسافرن جي محفوظ سفر جي ضامن هئي. ان دور ۾ اڃان ايس آر ٽي سي جي ملازمن هلندڙ بسن جا ٽائر ڪڍي کپائڻ شروع نه ڪيا هئا.
گولاڙا بس حيدرآباد کان شاهه اويس قرني وايا مانجهند هلندي هئي، بس ڇا هئي هڪ گهر جهڙي ماحول ۾ هلندڙ هڪ هلندڙ ڦرندڙ ڳوٺ هو، سڀ مسافر جهڙا پاڻ ۾ مائٽ، اڳتي هلي مون پي ٽي وي تي جميل فخري جو مشهور ڊرامو “بائو ٽرين” ڏٺو ته مونکي لڳو ساڳي گولاڙا بس جي مسافرن جي ڪهاڻي آهي. بائو ٽرين جيان گولاڙا بس جا مسافر به ڳوٺن، راڄن ۽ گهرن جا مسئلا هڪٻئي سان سليندا هئا ڪافي مسافرن انهيءَ بس ۾ هڪ ٻئي سان مِٽيون، مائٽيون به ڪيون.
سو ڳالهه پئي ڪيم سائين ستابي جي خوش لباس ۽ نماڻي طبيعت واري ڀاڻيجي غلام علي ميمڻ جي.
غلام علي ميمڻ جي ياري وري شاهه اويس قرني جي فقير علي نواز رونجهو سان مٿو مٿي تي.
فقير علي نواز پن جي ٻيڙيءَ جا ڪش هڻندڙ، اوطاقي مڙس، شاهه اويس قرني جي درگاھ جي ئي ڀر ۾ ريزڪي دوڪان، ريزڪي دوڪان وري ڪهڙو، ڊالڊا جا وڏا ڌٻا جن ۾ ٻه ٻه ڪلو کنڊ ۽ اٽو پيل ڪجهه ريوڙيون ۽ ڪجهه پتاشا.
ان دور ۾ عبرت اخبار جو عروج هو نواز فقير ۽ عبرت ڄڻ گڏ ڄاوا هئا ڌيان طلب کان سرڪاري ٽينڊرن تائين نواز فقير پڙهندو نه هو پر عبرت کي چٽيندو هو.
سو ڳالهه کُٽايون ڪنهن وڃي سائين ستابي ميمڻ کي چيو ته، سائين ستابا، غلام علي ميمڻ ۽ فقير علي نواز پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن سو درگاھ جي اڱڻ تي پاڻ ۾ وڏو کيٿاڙو ڪيو اٿن، سائين ستابو جُڳ جو ماڻهو سو ٻنهي ڌرين جي لڇڻن ۽ افعالن کان واقف سو بنا پڇا ڳاڇا جي ئي چيائين ابا ست ڪوهه پري کان پادر پيا ويندا ته نواز فقير ڪور ڪور ڪري سڏ ڪري پادرن کي چوندو ڪيڏانهن ٿا وڃو آئون هٿي ويٺو آهيان مونکي لڳي پوءِ اڳتي وڃو.
ﷲ نواز فقير کي جنت نصيب ڪري پنهنجا سو ورهيه پورا ڪري وڃي ڌڻي پاڪ سان مليو.پر ڪُور ڪُور ڪري پادرن کي سڏ ڪرڻ وارا اڃان اسان جي علائقي مان کٽيا ناهن پر وڌيا آهن سڄو ڏينهن پيا پادرن کي سڏ ڪن. پادرن کي منٿون ڪن ٻيلي ڪاڏي پيا وڃو اسان هتي ويٺا آهيون اسان کي لڳندا وڃو.
پيارا شوڪت
جيڪڏهن سائين ستابو حال حيات آهي ته اهڙي مٿير مڙس، ماڻهو شناس انسان ۽ ڦوڪ وزڊم جي تيز حس رکندڙ ماڻهو تي هڪ ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ جو قرض تو مٿان چڙهيل آهي.
حيدر ملاح









