پادرن کي ڪُور ڪُور ڪندڙ ماڻهو..

پيارا شوڪت ميمڻ
سائين ستابو ميمڻ جيئرو الائي ڌڻي ڏانهن واپس ويو جي حال حيات آهي ته يقينن اهي سائين جا ساڳيا جوڀن ته نه هوندا پر ان جي ڦوڪ وزڊم واري حس اڃان به جوان ئي هوندي.
مٿي تي بوسڪي جو پٽڪو، ڪلهن ۾ ٻپڙي اجرڪ، تُهي ڳچيءَ وارو پهراڻ ۽ ڏهن والن واري شلوار اڃان زيب تن ڪندو هوندو.
پيري هوندي به زو معني جملا اڃان به پيو ڪشيندو هوندو.
يار ڇا ته ماڻهو آ.
ماڻهو جي سڃاڻپ ڪير ان کان سکي، تنهنجي ته گهر جو ڀاتي ھو اسان سان چار ٽهڪ هئس پر انهن ڏينهن ۾ تنظيمي ڪم سان منهنجو به منظور آباد تمام گهڻو وڃڻ ٿيندو هو، سواريون نه هجڻ ڪري رات به رهي پئبي هئي، سائين منٺار ملاح جي شاعري، غلام حسين ملاح جي ماني، سائين ستابي جي ڪچهري، هاشم سولنگي جي محبت، سائين علي بخش سولنگي جي تعليم تي گفتگو، صيفل چارو جا چرچا، دائم کوسو جون دلبريون، بچل کوسي جي خاموشي، جيئند ٿيٻي جا آجيان وارا ڀاڪر، حبيبي ونڊيار جي تيز ۽ اجائي جهيڙي واري تنقيد سچ ته ان وقت جي وڏي ملڪيت هئا جيڪي يادن جي هڙ ۾ اڄ به ڳنڍ ۾ ٻڌل آهن.
سو سائين ستابي جي ڦوڪ وزڊم جي ڳالهه ياد اچي وئي آهي. سائين ستابي جو ڀاڻيجو هو غلام علي ميمڻ، غلام علي، ايس آر ٽي سي بس المعروف گولاڙا بس جو ڪنڊڪٽر هو اهو دور ايس آر ٽي (سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ کاتي ) جو عروج جو دور هو سستي ۽ تيز رفتار وقت جي پابند سواري، مسافرن جي محفوظ سفر جي ضامن هئي. ان دور ۾ اڃان ايس آر ٽي سي جي ملازمن هلندڙ بسن جا ٽائر ڪڍي کپائڻ شروع نه ڪيا هئا.
گولاڙا بس حيدرآباد کان شاهه اويس قرني وايا مانجهند هلندي هئي، بس ڇا هئي هڪ گهر جهڙي ماحول ۾ هلندڙ هڪ هلندڙ ڦرندڙ ڳوٺ هو، سڀ مسافر جهڙا پاڻ ۾ مائٽ، اڳتي هلي مون پي ٽي وي تي جميل فخري جو مشهور ڊرامو “بائو ٽرين” ڏٺو ته مونکي لڳو ساڳي گولاڙا بس جي مسافرن جي ڪهاڻي آهي. بائو ٽرين جيان گولاڙا بس جا مسافر به ڳوٺن، راڄن ۽ گهرن جا مسئلا هڪٻئي سان سليندا هئا ڪافي مسافرن انهيءَ بس ۾ هڪ ٻئي سان مِٽيون، مائٽيون به ڪيون.
سو ڳالهه پئي ڪيم سائين ستابي جي خوش لباس ۽ نماڻي طبيعت واري ڀاڻيجي غلام علي ميمڻ جي.
غلام علي ميمڻ جي ياري وري شاهه اويس قرني جي فقير علي نواز رونجهو سان مٿو مٿي تي.
فقير علي نواز پن جي ٻيڙيءَ جا ڪش هڻندڙ، اوطاقي مڙس، شاهه اويس قرني جي درگاھ جي ئي ڀر ۾ ريزڪي دوڪان، ريزڪي دوڪان وري ڪهڙو، ڊالڊا جا وڏا ڌٻا جن ۾ ٻه ٻه ڪلو کنڊ ۽ اٽو پيل ڪجهه ريوڙيون ۽ ڪجهه پتاشا.
ان دور ۾ عبرت اخبار جو عروج هو نواز فقير ۽ عبرت ڄڻ گڏ ڄاوا هئا ڌيان طلب کان سرڪاري ٽينڊرن تائين نواز فقير پڙهندو نه هو پر عبرت کي چٽيندو هو.
سو ڳالهه کُٽايون ڪنهن وڃي سائين ستابي ميمڻ کي چيو ته، سائين ستابا، غلام علي ميمڻ ۽ فقير علي نواز پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن سو درگاھ جي اڱڻ تي پاڻ ۾ وڏو کيٿاڙو ڪيو اٿن، سائين ستابو جُڳ جو ماڻهو سو ٻنهي ڌرين جي لڇڻن ۽ افعالن کان واقف سو بنا پڇا ڳاڇا جي ئي چيائين ابا ست ڪوهه پري کان پادر پيا ويندا ته نواز فقير ڪور ڪور ڪري سڏ ڪري پادرن کي چوندو ڪيڏانهن ٿا وڃو آئون هٿي ويٺو آهيان مونکي لڳي پوءِ اڳتي وڃو.
ﷲ نواز فقير کي جنت نصيب ڪري پنهنجا سو ورهيه پورا ڪري وڃي ڌڻي پاڪ سان مليو.پر ڪُور ڪُور ڪري پادرن کي سڏ ڪرڻ وارا اڃان اسان جي علائقي مان کٽيا ناهن پر وڌيا آهن سڄو ڏينهن پيا پادرن کي سڏ ڪن. پادرن کي منٿون ڪن ٻيلي ڪاڏي پيا وڃو اسان هتي ويٺا آهيون اسان کي لڳندا وڃو.
پيارا شوڪت
جيڪڏهن سائين ستابو حال حيات آهي ته اهڙي مٿير مڙس، ماڻهو شناس انسان ۽ ڦوڪ وزڊم جي تيز حس رکندڙ ماڻهو تي هڪ ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ جو قرض تو مٿان چڙهيل آهي.
حيدر ملاح

عام ماڻھو ۽ عيد!!


اڄ عيد جي ڏينهن مرشد، ڀوتار ۽ سردار گهرن مان ٻاهر نه نڪتا .
اڪثر بنگلا ويران رهيا، دعا جا در مرشدن جا اوتارا به تالن ۾ بند رهيا اها خبر ڪنهن به اخبار لاءِ زبردست ۽ تاريخي اسٽوري ٿي سگهي ته پر شايد ئي ڪنهن سنڌ جي صحافي اها اسٽوري ڪرڻ جو سوچيو هجي.
ڪافي اثر رسوخ وارن ماڻهن وڊيو جاري ڪري پنهنجي مريدن، دوستن، هارين، راڄن کي هدايت ڏني ته حالتون خراب آهن هن عيد تي ملاقات لاءِ پنڌ نه ڪريو باقي ايندڙ عيد تائين جيڪڏهن ڪورونا وائرس جو علاج اچي ويو ته ساڳيا ميلا مچائبا. اهڙي هڪ وڊيو منهنجي نظر مان به گذري.
ڀوتارن/, پيرن / مرشدن / سردارن جا مخصوص واٺا اهڙي قسم جون وڊيو واٽس اپ گروپن ۽ سوشل ميڊيا جي پيجن تي به شيئر ڪندا رهيا.
ڪافي ماڻهن جو خيال آهي ته ڪرونا جي ڪري ماحول جي آلودگي گهٽي آهي، سچ اهيو به آهي ته ذهني آلودگي به گهٽجي پئي.
عام ماڻهو توهم پرستي، عقيدي پرستي، شخصیت پرستيءَ مان به جان ڇڏائي رهيو آهي.
حيدر ملاح

سنڌيت کان انڪار کان ڇو؟


سنڌ جي بقا ۽ ڪاميابي جي لاءِ ضروري آهي ته سنڌيت کي وڌ کان وڌ طاقتور ڪجي، سنڌ ۾ مستقل رهندڙ ماڻهو جن جا هاڻي دائمي مفاد سنڌ سان جڙيل آھن سي پاڻ کي عربن بلوچن ۽ مهاجرن واري مدي خارج ( سپرميسي) Super messy سوچ مان ٻاهر ڪڍي پنهنجي پاڻ کي سنڌيت ۾ شامل ڪن.
سنڌ ڪنهن به نسلي برتري، لساني فوقيت هوندي ڪا وڏي ڪاميابي ماڻي نٿي سگهي.
سنڌيت عالمي امن، بقائي باهمي بني نوع انسان ، سهپ، رواداري ،انسان دوستي، گڏيل صلاحيتن، سان گڏيل ترقي ۽ سنڌ وطن جي مالڪي جو نالو آهي.
جيڪي ماڻهو پاڻ کي سنڌيت جي ان عظيم ڪردار کان ٻاهر رکي ڪنهن، جنگجو۽ قبضہ گير سوچ کي سگهه ڏيڻ جي ڪوشش ۾ آهن انهن کي سمجهاڻو پوندو ته هي دور ڏنڊي، بانٺي جو دور ناهي نه ئي اوهان دهشت، وحشت ۽ قتل و غارتگري سان پنهنجي نسلن کي بچائي ڪا وڏي ترقي جي منزل ماڻي سگهو ٿا.
مٿين ٽنهي عنصرن جا هاڻي پوئتي سڀ در بند ٿيل آهن، نه سيد ۽ ٻيا واپس عربستان وڃي سگهن ٿا نه بلوچ، بلوچستان ڏانهن واپسي ڪري سگهن ٿا نه ئي وري مهاجر واپس يوپي سي پي ۾ قبول ڪيا ويندا.
اوهان جو مستقل مَسڪن سنڌ ئي رهڻو آهي ته پوءِ سنڌيت کان انڪار ڇو؟

حيدر ملاح

موت کان مهلت گهرڻ نڪتو آهيان!

هن جي اکين ۾ لڙڪ هئا، گلو خشڪ هئس، هن لفطن کي ڳيت ڏيئي چيو مجبور آهيان مان ته وڏو آهيان يار ٻار بک تي ڏاڍو رئن ٿا.
رات منهنجي پٽ انيس مونکان خرچي گهري، مون کيس چيو پٽ هن وقت سمهي رهه صبح جو جيئن ئي تون ننڊ مان اٿندي ته توکي خرچي ڏيندس منهنجو پٽ ڏاڍو رنو، مون کيسي کي ھٿ هنيو ته منهنجي کيسي ۾ روپيو به نه هيو، هن جي روئڻ تي ننڊ ۾ ستل هن جي ننڍي ڀيڻ عليزا ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي، رئندڙ ڀاءَ کي آٿت ڏنائين، جڏهن ڀاءَ ماٺ نه ڪئي ته اڱڻ تان اٿي اندر ڪمري ۾ ويئي ۽ ويهه روپيي جو نوٽ کڻي ڀاءُ جي هٿ تي رکندي چيائين ڀاءَ، بابا کي تنگ نه ڪندو ڪر، هي ويهه روپيا مون عيد تي خرچڻ لاءِ بچائي رکيا هئا، پر ڀاءَ کان وڌيڪ ويهه روپيا ٿوري آهن. هن سڏڪو ڀريو ۽ وڏي ڀاء َ جي هٿ تي ويهه روپيا رکي سمهي رهي هئي.
مون علڻ فقير جي ڀاءُ مشتاق فقير کان پڇيو هي ماڻهن جي درن تان ماني پنڻ جي نوبت ڪيئن آئي.
ڪنڌ هيٺ ڪندي چيائين بک بڇڙو ٽول…….
آئون ڌمالي فقير جو پٽ آهيان جنهن جي در تي ڀوريون ۽ ڪنڍيون مينهون ٻڌل هونديون هنيون، منهنجي امان پاڙي جي ٻارن کي مرڪي مرڪي لسي ۽ مکڻ ڏيندي هئي، اڄ نه ڌمالي فقير رهيو نه ئي علڻ فقير جهڙو ڀاءُ جنهن جي ڀاڪر ۾ لطيف سرڪار جي شاعري جي آسيس هئي نه ڪِلي تي ڀوريون رهيون نه ڪنڍيون نه لسي نه مکڻ رهيو.
هن کان پڇيم گذر ڪئين ٿيئي ٿو، سڏڪن کي روڪيندي چهري کي هٿن سان لڪائي چيائين.
مڱڻو مڱيندي ھوند مري، جي وس هجي حياءُ….
مون هن ڀاڪر ۾ ڀري چيو مشتاق، زندگيءَ سان مقابلو ڪرڻو آهي، ڏکن جا ڏينهن پورا ٿيندا، وري سڻائو واءُ ورندو، وري ڳيچ ڳائبا وري دهل تي نوجوان گڏجي همرچي تي هٿ کڻندا، کلي چيائين ڪڏهن ڪڏهن بک ايڏو تنگ ڪندي آهي لڳندو آهي ڄڻ هاڻي الله واهي ٿي. ان ويل علڻ فقير جي آواز ۾ ڳايل شيخ اياز جي وائي جهونگاري وٺندو آهيان.
ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن، ڳاڙها گل تڏهن ملنداسين.
مون پڇيو، مولائي موت کان ڊڄين ٿو، روئڻهارڪو ٿي چيائين شايد موت کان نه ٿو ڊڄان پر بک جي وگهي ايندڙ موت کان ڊڄان ٿو. هنن ٻنهي ٻارن ڏانهن اشارو ڪندي چيو هنن معصومن جو ڪهڙو ڏوهه. هنن جي بک تي موت جو تصور مونکي روزي ماري ٿو وجهي.
ان ڪري ئي پاڙي مان ماني پني ٻارن سان گڏ کائڻ شروع ڪئي اٿم. آئون بک وگهي ايندڙ موت کان مهلت گهرڻ نڪتو آهيان.
در در سين هڻي مان ماني پنا پيو، ڇاڪاڻ ان مانيءَ ڀور ۾ منهنجي معصوم ٻچن جي زندگي لڪل آهي.
مون اوهان ڏانهن رجوع ڪندي اوهان کان سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڇا پاڻ سڀ گڏجي علڻ فقير جي هن ڀاءَ مشتاق فقير جي معصوم ٻارڙن کي بک کان نٿا بچائي سگهون.
حيدر ملاح

ٽرانسپورٽ هلايو!

وزيراعظم پاڪستان عمران خان صوبن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ٽرانسپورٽ کولڻ سان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جو تعداد ضرور وڌندو پر لاڪ ڊائون جي ڪري بک وگهي مرندڙ ماڻهن جو ان کان وڏو نقصان هوندو.

علڻ فقير جو مسڪين ڀاءُ !!

وبائون پاڻ سان گڏ ذلتون ۽ عذاب کڻي اچن ٿيون، سڄي دنيا جتي بک ۽ بيروزگاري کي منھن ڏيئي رهي آهي اتي سنڌ ۾ به ڪورونا وائرس جي ڪري نوان نوان الميا جنم وٺي رهيا آهن .

ماڻهو لاڪ ڊائون دوران نه صرف بي روزگار ٿيا آهن پر بُکون به ڪاٽڻ تي مجبورآهن. هي تصوير ڪنهن عام ماڻهو جي ناهي هي تصوير سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪار ۽ شاھ لطيف جي راڳي علڻ فقير جي ڀاءُ مشتاق فقير جي تصوير آهي. علڻ فقير جو انتهائي پيارو ڀاءُ پنهنجي اباڻي ڳوٺ مانجهند ۾ رهائش پذير آهي، هنن جي ڪل ملڪيت، راڳ ۽ راڄ آهن، جڏهن راڳ تي بندش هجي ۽ راڄ خود حالتن اڳيان مجبور هجن ته هنن فقيرن جو ڇا ٿيندو.

مشتاق فقير مانجهند ۾ رهي ٿو هي پاڙي جي گهرن مان ماني وٺي ٻارن کي کارائي ٿو، عالمي شهريت رکندڙ علڻ فقير جو هي ڀاءُ اڄ ماني جي گرہ لاءِ محتاج آهي، هن جي معصوم ٻارن وٽ عيد لاء ڪپڙا ناهن.

“اتنے بڑے جیون ساگر میں تونے پاکستان بنایا” ڳائڻ واري علڻ فقير جي هن ڀاءَ جي اڄ تائين پاڪستان جي ڪنهن به سرڪاري اداري مدد نه ڪئي آهي. مشتاق فقير اوهان جي مدد جي اوسيئڙي ۾ آهي.

اين ايف سي ايوارڊ تي اعتراض

سنڌ سرڪار پاران وفاقي سرڪار طرفان ڏهين اين ايف سي ايوارڊ جي جوڙجڪ کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏئي ان تي اعتراض واري ڇڏيا آھن.

ڏهين اين ايف سي ايوارڊ جي جوڙجڪ آئين جي آرٽيڪل 160 جي انحرافي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاق کي لکت ۾ خط روانو ڪري ڇڏيو آهي.

سندھ خوشحال ہو سکتا ہے

سندھ کے لوگ باالکل خوشحال ہوسکتے ہیں اگر ہماری سرکار چاہے تو۔۔۔!!

رواں مالی سال میں سندھ حکومت کی جانب سے سالانہ ترقیاتی پروگرام پر 228 ارب روپے رکھے گئے ہیں، لاک ڈاؤن کے باعث 120 سے 125 ارب خرچ ہوسکیں گے ۔ویسے بھی کئی سالوں سے ترقیاتی بجٹ کا حجم 200 ارب روپے سے زائد رہا ہے اس میں 110سے 150 ارب تک رقم خرچ ہوجاتی ہے. شاید ایک دو سالوں میں 150 ارب روپے سے زائد بھی خرچ ہوا جب مراد علی شاہ نئے نئے وزیراعلیٰ بنے تھے۔
اب آتے ہیں اصل موضوع پر کہ 130 سے 150 ارب روپے ترقیاتی منصوبوں پر خرچ ہوتے ہیں جس میں دعویٰ سے کہتا ہوں کہ 40 سے 60 فیصد رقم رشوت/ کمیشن میں چلی جاتی ہے جوکہ بہت بڑی رقم ہے ۔آپ کو اگر یقین نہ آئے تو کسی قریبی ٹھیکیدار، اچھے افسر یا تفتیش کرنے والے اداروں کے افسران یا اچھی شہرت والے منتخب افراد اور میڈیا کے نمائندوں سے تصدیق کراسکتے ہیں ۔ہر سال 60 سے 70 ارب رشوت یا کمیشن میں چلا جائے تو اس کا براہ راست فائدہ نہ تو عوام کوہوتا ہے اور نہ ہی سرکار کو۔۔رشوت اور کمیشن کا پیسا جاتا ہے تمام انجنیئرز اور ان کے باسز یا ان کی ٹیم کو، پروجیکٹ ڈائریکٹرز، ڈپارٹمنٹ کے سیکریٹری اور ان کے اسٹاف کو ،وزیر، مشیر یا منتخب نمائندے بھی پورے معاملے میں شامل ہوتے ہیں ۔اگر آپ نے اپنے حلقے کے منتخب نمائندوں کو 1988 سے پہلے دیکھا ہو یاد کریں تو وہ کنگلے تھے جن کے پاس نہ تو کوئی ڈہنگ کی گاڑی یا گھر تھا اور نہ ہی اسٹینڈرڈ کا رہن سہن تھا۔1988 سے 2002 تک ہلکی پھلکی رشوت یا چالاکی سے منتخب اراکین اپنا گذر سفر کرتے تھے اور انہوں نے اپنے زندگی کافی بہتر کرلی تھی۔یہی حال ہمارے افسران کا ہے چاہے وہ انجنیئرنگ کے سائیڈ پر ہوں یا سی ایس ایس یا پی سی ایس یا دیگر کوئی امتحان دیکر افسر بن گئے ہیں ۔وہ جو کل آپ کے محلے، پڑوس، گائوں گوٹھ میں مڈل کلاس یا لوئر مڈل کلاس کی زندگی گزار رہے تھے، آج سارے آپ کو ارب پتی نظر آئیں گے مشکل سے کوئی نہیں ہوگا ۔ان میں سے کچھ ایسے بھی ضرور تھے جن کا فیملی بیک گراؤنڈ اچھا تھا تو وہ امیر لوگوں میں شامل تھے جن کی تعداد مشکل سے دس فیصد تھی لیکن آج آپ دیکھیں کہ سارے انجنیئر، چیف انجنیئر، ایس پیز ڈی سیز، ڈی آئی جی، کمشنرز، سیکریٹریز ،چیف سیکریٹریز کے پاس کتنا پیسا ہے آپ سن کے پریشان ہوجائیں گے۔ ان کوچھوڑیں آگے چلتے ہیں محکمہ بلدیات کے ٹی ایم اوز و دیگر افسران کروڑوں اور اربوں میں کھیلتے ہیں، محکمہ ریونیو کے سب رجسٹرار و دیگر افسران بھی اس فہرست میں آتے ہیں، محکمہ خوراک کے سپروائزر سے ڈپٹی ڈائریکٹر اور ڈائریکٹرز چند سالوں میں جمپ لگاکر امیر کبیر بن گئے۔کنگلے سے کروڑ پتی ہونے والوں میں سندھ بلڈنگ اتھارٹی کے انسپیکٹر سے افسر تک، صوبے کے تمام ٹریزری افسران، فاریسٹ، زراعت، لائیوسٹاک، تعلیم، صحت میں چھوٹے بڑے عہدوں پر فائز ہوکر کرپشن کا مال جمع کرکے آج کل وہ بھی اپنے آپ کو خاندانی امیر کہلاتے ہے اور چند سالوں میں اتنی بے تحاشا رقم ان سب کے پاس کہاں سے آئی ہے کبھی آپ میں سے کسی نے ان سے پوچھا ہے کا کل تک مفلسی میں گذارنے والا کیسے شاہوکار ہوگیا ہے؟؟ نیب اور اینٹی کرپشن کے افسران ان پر کیسز بناتے بناتے خود بھی مالداروں میں شامل ہوگئے ہیں۔
سندھ حکومت نے دانستہ یا غیر دانستہ 8 سے 10 ہزار افراد کو کروڑ اور ارب پتی کرنے کا موقعہ فراہم کیا اور اگر کسی کو نہیں کیا تو وہ صوبے کا ہاری ،کاشتکار اور چھوٹے موٹے زمیندار ہیں جو اناج اگاکے ہم سب کا پیٹ بھر رہے ہیں، لیکن ان کا پیٹ بھی خالی ہے تو جیب میں بھی کچھ نہیں ۔۔۔اس لاک ڈاؤن میں تمام شعبے متاثر ہوئے ہیں جہاں تک سرکار چاہے ان کی مدد کرے لیکن میں سندھ حکومت کو گہری نیند سے جگانا چاہتا ہوں کہ خدارا یہ بہترین موقعہ ہے کہ زرعی شعبے کے لیے 20 ارب کی خصوصی سبسڈی رکھیں جس میں 10 ارب کی سبسڈی دیں اور 10 ارب کا قرضہ اور اس اسکیم کا کاشتکاروں کو براہ راست فائدہ ہوگا اور وہ زیادہ فصلیں اگا سکیں گے جس سے ہم اپنی ضروریات پوری کرنے کے ساتھ بیرونی ملک بھی فروخت کرکے پیسا کما سکتے ہیں ۔مثال ابھی چاول کی فصل ایک ماہ میں شروع ہوگی۔سرکار کاشتکاروں کو سبسڈی والا بیج، کھاد اور زرعی ادویات اگر فراہم کرے تو بہت ہی فائدہ ہوگا گندم کی طرح چاول کی بھی بمپر فصل تیار ہوگی اور ویسے بھی ہر سال ہم چاول ایکسپورٹ کرکے ملکی ترقی میں حصہ ڈال رہے ہیں ۔ سبسڈی کے باعث کاشت ڈبل ہوگی تو فصل بھی زیادہ تیار ہوگا۔ اس کے نتائج صوبے اور ملک کی معیشت پر پڑینگے ۔میں سندھ سرکار کو تجویز دیتا ہوں کہ کاشتکاروں کو بیج، کھاد، زرعی ادویات پر 10 ارب کی سبسڈی دے اور باقی 10 ارب کا لون بھی فراہم کرے تو وہ اس سے مال مویشی خریدے گا جس سے حلال گوشت میں اضافہ ہوگا اور ہم 200 سے 300 گنا زیادہ گوشت ایکسپورٹ کریں گے جس سے سرکار کو ٹیکس بھی ملے گا اور کاشتکار بھی خوشحال ہونگے اگر ہماری صوبائی حکومت پانچ سالہ پروگرام شروع کرے تو پانچ سالوں میں کافی خوشحالی آسکتی ہے۔
دیکھنا یہ ہے کہ ہر سال 60 سے 70 اور 80 ارب رشوت میں جانے والی رقم سے سندھ حکومت 20 ارب کم کرکے وہ رقم بطور سبسڈی اور لون کے اگر کاشتکاروں کو فراہم کرکے صوبے کو خوشحالی کی طرف لیکر جائے گی یا خوشحالی صرف افسران، منتخب نمائندوں، ٹھیکیداروں اور اومنی گروپ یا ملک ریاض تک محدود رہیگی ۔۔ ؟؟!! ویسے بھی لیڈر کی پہچان ہوتی ہے بحرانوں سے.. کیونکہ مشکلات انسان کے اندر میں چھپی ہوئی صلاحیتوں کو ظاہر کرتی ہے جبکہ نالائق اور ناکام لوگ مصیبتوں میں ہی مر جاتے ہیں۔۔Mansoor Mugheri. Karachi

ڏهه لک ڏنڊ

ڪرونا وائرس جي ڪري سڄي دنيا ۾ نئين قانون سازي ٿي رهي آهي. سنڌ حڪومت به ان سلسلي ۾ قانون سازي ڪندي سرڪار پاران طعه ٿيل ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ماڻھن تي ڏھ لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪرڻ جو قانوني مسودو منظور ڪري ورتو آهي. ان قانوني مسودو تي سنڌ جي گورنر به صحي ڪري ڇڏي آهي.

شروعاتي ڄاڻ مطابق دڪاندار ۽ گراهڪ کي ماسڪ ۽ گلوز پائڻ جو پابند بڻايو ويو آهي. ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ماڻھن تي واسطيدار ادارن جا اهلڪار ڏھ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سگهن ٿا. انساني حقن جون تنظيمون اهڙي فيصلي کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ملڪي آئين جي بنيادي روح جي خلاف قرار ڏنو آهي.

Design a site like this with WordPress.com
Get started