مونکي نٿو لڳي ته ڪو مهيني ٻن ۾ ڪرونا وائرس جي بچاءَ جي ويڪسين اچڻي آهي. آئون روز ميڊيا جا عالمي ادارا واچ ڪريان ٿو وقت گذرڻ سان گڏ حڪومتون ڪورونا وائرس سان گڏ زندگي گذارڻ جا فيصلا ڪري رهيون آهن. اسپين به کلي ويو آهي پر ماسڪ ، هينڊ واش ۽ سماجي وٿي جو قانون لاڳو ڪيو ويو آهي. اسپين جا ماڻهو يقينن ان قانون جي پاسداري ڪندا اسان وٽ ڪم ابتو آهي سنڌ ۾ هوٽلون پارسل کاڌي لاءِ کوليون ويون آهن پر ماڻھن جا هوٽلن ٿي انبوه آهن. منرل واٽر جي پنجاهه واري بوتل اسي روپئي ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، هوٽل مالڪ جو چوڻ آهي ته صوبيدار ۽ صحافي کي به حصو ڏيون ٿا. هڪ صحافي رڳو ايس پي صاحب کي ان ڪري گهراڪن جو وڊيو ٺاهي موڪليو جو تعارف کانپوءِ به ماني هوٽل تان مفت ۾ نه مليس هوٽل مالڪ بل ڇڪي ورتس . اسان وٽ ڪورونا وائرس حرام خورن جي وچ ۾ ڀائيواري پيدا ڪئي آهي. ايک ہی صف میں کھڑے ہو گئے محمود ایاز نہ رہا بندا نہ رہا بندا نواز شادين تي بندش هوندي وڏا ڪاڄ ٿي رهيا آهن، انهن شادين جي ڪاڄن جا مھمان خاص ٿاڻن جا صوبيدار ۽ صحافي آهن. انتهائي مصدق اطلاعن مطابق تازو سنڌ جي هڪ شهر ۾ هڪ شادي جي ڪاڄ ۾ صوبيدار خاص مهمان جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو پر تر جي ڪاٽڪو صحافي کي ڪاڄ جي دعوت نه ملي، صحافي ڪيمرامين سميت اچي نازل ٿيو، وڊيو شروع ٿي ويو. صوبيدار جي پتلون پسي ويئي نيٺ صحافي کان مطالبو پڇيو ويو چيائين ويھ هزار ڏيو. نيٺ هڻي سڻي صوبيدار ڏھ ھزار ڏيئي پنهنجي پتلون کي مٿي ڪري ٻڌو. اهيو ائين ٿيو جيئن ٺري ميرواهه جي صحافين جي لاءِ چيو پيو وڃي ته ڏھ ھزار وٺي ٻارن سان ريپ واري خبر کي گوڏي هيٺان رکي ويهي رهيا هئا. حيدر آباد جي شاهي بازار ۽ ريشم گلي وڃو نه گراهڪ کي نه دوڪاندار کي ماسڪ پاتل آهي. آڏواڻي گلي دوائن جي اسٽورن وارن ڏي وڃو ۽ ماسڪ خريد ڪريو ته ماسڪ جو اگهه آسمان تي آهي پر ماسڪ وڪرو ڪندڙ کي ماسڪ ناهي. ڄامشورو حيدرآباد پل تي، حيدرآباد واري پاسي پوليس چوڪي تي پوليس پاران پاڻي جو وڏو ڊرم رکيو ويو آهي، ڊرم جي مٿان لکيل آهي ته هتي هٿ واش ڪريو. گاڏي بيهاري نلڪو کوليم ته پاڻي بدران ھوا نڪري آئي. حيدر آباد جي ڇوٽڪي گهٽي جي هيٺان بلديا ٿاڻي جي موبائل گاڏي جي شيشي تي تصوير لڳي پئي هئي ته ماسڪ ضرور پايو اڳيان ويٺل ڊرائيور ۽ جمعدار سميت ڪنهن به سپاهي کي ماسڪ پاتل نه هو. سو پاڻ وٽ ڪرونا وائرس سان گڏ جيئڻ جو پروگرام ائين هلندو جيئن هلي پيو. پاڻ کي ڪورونا وائرس جي ھوا ڪڍڻي آهي ائين جيئن پاڻي جي ڊرم جي نلڪي مان هوا ڪڍون ٿا. هي ملڪ کلي ويندو بنا ٻڌائڻ جي بنا حڪمرانن جي اعلان جي. ان ڪري پاڻ به اعلان ڪرڻ کان سواءِ اچو ته سياسي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون شروع ڪريون. جيڪي ڪرونا وائرس دوران مرندا اهي سياسي جدوجهد جا شهيد هوندا جيڪي جيئرا بچيا سي غازي ليکيا ويندا.
صبح جو ننڊ مان اٿي جيئن ئي موبائيل فون آن ڪيم تہ پهرين ئي پوسٽ هڪ مها جاهل جي نظر مان گذري. صاحب لکيو ته واندا سڄو ڏينھن فيس بوڪ تي پيا لکن. منهنجي ڳوٺ جو هڪ مڪمل پاڳل” ماما پِتي” جنھن کي، جي گدو ۾ ڏيکارجي ته گهٽ ۾ گهٽ ڊاڪٽر شاهنواز دل اٺن سالن لاءِ گدو جي” مست چرين” جي وارڊ ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيس. ان لکيو اسان فيس بوڪي دانشور ناهيون اسان عملي جانٺا هڻندا آهيون. هاڻي ماما پِتيءَ جهڙن ماڻهن کي ڪير سمجهائي کڻي ته دنيا تبديل ٿي ويئي آهي ابا هاڻي جانٺن هڻن جو وقت ناهي رهيو. اسان جا يار گل ملاح سعودي عرب ۽ علي حسن ڀٽو آمريڪا مان ويهي اي ميل ذريعي جهانگارا، کنڊو، مانجهند ۽ علي آباد ڳوٺ جي اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ سنڌ سرڪار کان سهولتون به وٺن ٿا ته نياڻين کي گهر ويٺي آن لائين ڪاوربار به ڪرائين پيا ته ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف انڪوائريون به ڪرائي رهيا آهن. هاڻي گهر ويٺي اي ميل ذريعي جانٺو هڻڻ جو دور اچي ويو آهي. پر ماما پتيءَ کي اهو اي ميل جو جانٺو سکندي هي عمر گذري ويندي. بس اي ميل ڪرڻ وقت سيلفي نٿي نڪري سگهي ان ڪري عملي سيلفي لاءِ عملي جانٺا به ضروري آهن. اڳ ماڻهو سخت گرمي ۾ روڊ تي ڏامر گرم ڪرڻ جي مزدوري ڪندا هئا تڏهن انهن کي مشڪل سان ٻن ويلن جي ماني ملندي هئي. هاڻي اسان جا نصرپور وارا دائودپوٽا يار ڏينھن جو ننڊ ڪندا آهن ۽ رات جو اي سي جي ٿڌي فوڪ ۾ ليب ٽاپ تي ڪم ڪري ٻه لک روپيا مهينو ڪمائي وٺندا آهن، فيس بوڪي دانشور نه صرف قومن پر رياستن جي ضرورت بڻجي ويا آهن. انڌا ماڻهو ٿوريون اکيون کوليو هي آمريڪي مائي سنٿارچي جيڪا يوسف رضا گيلاني ۽ رحمان ملڪ جي ڳچي ۾ پئجي ويئي آهي سا پاڪستان رياست پاران وڏي پگهار تي ملڪ ۾ آندي ويئي آهي جنھن جو بنيادي ڪم بلاگر (فيس بوڪ ) وارو آهي، ان مائي کي چيو ويو ته اسان بابت سٺو لک ته اسان جي چهري تان مذهبي دهشتگردي واري ڪارائڻ لهي. مائي رڳو ڏسڻ ۾ ٽشنگ ناهي پر بلاگر به ڀلوڙ آهي، اسان واري دادو جي جادو واري ليکڪ دلشاد ڀٽو به ان انگريز سنٿارچي مائي بابت ڀلوڙ ابڊيٽ ڏنا آهن. صفا” پويان” پئجي ويو اٿس ڏسون ته ڪٿي هڻي ٿو هنڌ ڪري. سوشل ميڊيا ئي “التحریر” چونڪ پيدا ڪيا آهن. هي نسلي متڀيد جي خلاف آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ڀرپور تحريڪ ۽ سماجي اٿل پٿل جو سبب به سوشل ميڊيا آهي. ڀلا تانياخاصخيلي، نائلہ رند ،نمرتا ، وزيران ڇڇر ،ديپڪ ۽ علي حيدر رونجهو جا اشو جانٺائي جمعي جڳاڙي جي جانٺن جي ڪري رياست ڌڻين تائين پهتا آهن يا سوشل ميڊيا تي واندن لکندڙن ۽ رڙيون ڪندڙ ماڻهن جي ذريعي. هي ڀلا بلاگر ڪهڙي بلان آهن جن کي رياستون کنڀيون وڃيو ڪاٺ ۾ هڻن سالن تائين انهن جو نه آهي اتو نه پتو. ڪڏهن عاطف توقير کي به سنگت ٻڌو آهي يا ڪانگ کي لڙ ۾ رڳو مزو ٿو اچي . ڀلا اوهان کي نور ڀٽاري جو قسم آهي سنڌ ۾ لونڊي بازي رڳو سارنگ شر ڪئي آهي يا هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ هر پارٽي، تنظيم ۽ اداري ۾ لونڊيبازن جا ڌڻ ويٺا آهن جي هي سوشل ميڊيا نه هجي ها ته ڇا ٺري ميرواهه جو رٽائرڊ ماستر زندگي ڀر گرفتار ٿيئي ها. مان ته نور ڀٽاري سوچيان پيو رتيديري جي منهنجي يار صدرالدين عمراڻي کي فون ڪري ٻڌايان ته هي جيڪي ماستر، ماستر ڪري رت پيئي ويا اٿئي انهن مان اڪثريت جي پنهنجي ئي تاريخ ۽ جاگرافيائي ئي درست ناهي. پوءِ به ٺيڪ ڪن پيا پنهنجي لونڊيباز برداري جي خلاف بغاوت ڪري نئين تاريخ رقم ڪري رهيا آهن اسان دل کولي کين ڀليڪار چئون ٿا. پر هت قصو ابتو آهي، هي به سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڏيڍ لک فالوورز رکندڙ سماجي اڳواڻ لکيو مون جيڪا سارنگ شر جي پهرين وڊيو شيئر ڪئي هئي سا 2017 جي هئي جنهن ۾ سارنگ شر قيدي جي ڳايل شاعري تي داد ڏيئي رهيو آهي. بس هاڻي هاڻي منهنجي ايس پي يار ٻڌايو آهي ته اصل ۾ سارنگ شر واري وڊيو هي آهي جيڪا اڄ جي آهي. جنھن ۾ سارنگ شر کي ڪارو وڳو پاتل آهي، ان کي چئبو آهي چاٻي تي بندوق. سو ماما پتي سوشل ميڊيا تي چاٻي تي بندوق به هلندي آهي پر تمام گهٽ. جيسين سماجي اڳواڻ صاحب جي وضاحت آئي تيسين سوشل ميڊيا تي هئي سنڌ پوليس تي لعنت جي وسڪار مٿان وسڪار، صفا فيس بوڪ ڪراچي جيان گپ ڪري ويو هو. سو چوڻ جو مقصد سوشل ميڊيا تي لکڻ جو ڪم نورنچوئڻ جو ڪم آهي هي به ذهني پورهيو آهي، هتي به زندگيون خطري ۾ آهن. هتي به سچ لکڻ سان سماجي تعلقات ۽ مٽيون مائٽيون ختم ٿين ٿيون. هتي به الزامن جا تبرا ٿين ٿا. اها ڳالهه هاڻي ماما پِتيءَ کي ڪير سمجهائي ته اخبارن ۾ اڃان به لکيل ڪالم تي ايڊٽ جي ڪينچي لڳندي آهي سوشل ميڊيا تي ماڻهو دل کولي ڳالهه ڪن ٿا. بس رڳو سوشل ميڊيا تي ماڻهو جڳاڙي جانٺا نٿو هڻي سگهي، جلدي پڪڙجيو پوي. لکڻ لاءِ به، عقل علم ۽ ڏانءُ ٿو گهرجي. حيدر ملاح
آمريڪا ۾ پوليس هٿان قتل ٿيل ڪاري رنگ واري نينگرو جان فلوئڊا جي موت تي ان جي ويجهي دوست لُڙڪن ۽ سُڏڪن سان تبصرو ڪندي چيو هو ته” هن جو موت اهو ڪَکُ هو جنهن اُٺَ جي چيلهه ڀڃي ڇڏي!” جان فلوئڊا جو موت انهن ڏينهن ۾ ٿيو هو جڏهن آمريڪا باقي دنيا سان گڏ ڪرونا وبا جي ڪري لاڪ ڊائون جي ڌٻاءُ هيٺ هو. اسپتالون ڪرونا جي مريضن سان ڀريل هيون ۽ موت جو خوف نانگ جيان هر آمريڪي جي اندر ۾ سُري رهيو هو. آمريڪا معاشي بدحاليءَ جي چائنٺ تي گوڏا کوڙي ويٺل هو، لکين آمريڪي رات وچ ۾ نوڪريون ۽ روزگار جا ذريعا وڃائي ويٺا هئا. گوري رنگ وارو پوليس وارو، ڪاري جان فلوئڊا جي نڙيءَ تي جڏهن وچ روڊ تي گوڏي سان زور ڏيئي رهيو هو ته فلوئڊا بار بار چئي رهيو هو “مان ساه نٿو کڻي سگهان” هن آخري هڏڪي ۾ ٻه دفعا چيو “امان او امان.” اهو امان کي ساه جي آخري هڏڪين ۾ ياد ڪرڻ وارو درد هاڻي آمريڪا کان ٿيندو يورپ جي ملڪن ڏانهن نئين سري سان ماضيءَ جي هيروز کي ڊاهي نسلي، لساني ۽ صنفي تعصب کان آجا معاشرا ٺاهي رهيو آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ ايوان صدر جي محفوظ بَنڪر ۾ به ننڊ نه ڪرڻ جون دانهون ڪندي چئي ٿو ته ڪوڙي ڪرنسي استعمال ڪرڻ جي شڪايت ۾ ماريل جان فلوئڊا جي موت کان پوءِ آمريڪا جي پوليس جي اختيارن ۽ قانون ۾ سڌارا آندا ويندا. “امان او امان” جو سڏ شايد انسان جي زندگيءَ جو پهريون ۽ آخري سڏ هوندو آهي. جڏهن ٻار ٻاتن ٻولن ۾ ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي ته ان جي زبان مان نڪتل پهريون چٽو لفظ به امان ئي هوندو آهي ۽ جڏهن هو موت ڏانهن ويندي ساه جي ٽٽل هڏڪي سان آخري سفر ڪندو آهي تڏهن به ان کي “امان” جو لفظ ئي سڪون سان مرڻ جي آٿت ڏيندو آهي. دنيا جي تهذيبن جي جڏهن پاڻ تاريخ پڙهون ٿا ته انساني تهذيب جي اوائلي دور ۾ لکين سالن تائين انسان عورت ۽ مرد جي فرق کان سواءِ خانه بدوشيءَ جي زندگي گذاري هن تهذيبن جي سفر کي اڳتي ڌڪيندو رهيو آهي. ان دور ۾ نه نسلي ۽ نه ئي صنفي اڻبرابري نه هئي ان دور ۾ ٽيھ کان چالهيارو کن مرد ۽ زائفائون گڏجي زندگي گذاريندا هئا مرد شڪار جي لاءِ نڪري ويندا هئا ته زائفائون ٻارن جي سنڀال سان گڏ جڙي ٻوٽين (ڀاڄين) جي چونڊ توڙي چوپائي مال جي سنڀال جو ڪم ڪنديون هنيون. عورتن ئي ان دور ۾ کير مان ڏهي، مکڻ ۽ پنير جي تخليق ڪئي. ڪهڙيون وليون، ڀاڄيون يا گاه انسان جي لاءِ فائديمند آهن ۽ ڪهڙا گاه انسان جي زندگيءَ لاءِ نقصانڪار آهن ان جي تحقيق جو ڪم به عورتن جي حصي ۾ اچي ٿو جيڪو مختلف دورن کان ٿيندو اڄ اسان تائين چٽپٽن مصالحن ۽ لذيذ کاڌن جي شڪل ۾ پهتو آهي. انساني تهذيب جي اوائلي دور ۾ عورت ۽ مرد جي وچ ۾ ڪو اختيارن تي ٽڪراءُ نه هو، عورت ان دور ۾ ٻار به گهٽ پيدا ڪندي هئي. خانه بدوشي جي زندگيءَ ۾ ڊگھن سفرن ۾ ٻارن کي سنڀالڻ انتهائي اوکو ڪم هو، قديم آثارن جا ماهر پنهنجي تحقيق سان ثابت ڪن ٿا ته زائفائن ئي کيتي ٻاڙي جي ڪم جو رواج وڌو، چهنبدار ڪاٺي سان نرم زمين ۾ ليڪا ڪڍي ٻڄَ پوکي فصلن پوکڻ جو رواج زائفائن جي ذهنن ۽ پورهئي جو نتيجو آهي ، اناج کي ڀنڊارن ۾ سنڀالي محفوظ رکڻ جو سليقي وارو ڪم به زائفائن جي حصي ۾ اچي ٿو، اڳتي هلي ڪپهه مان ڪپڙو ٺاهڻ جو ڪم به زائفان جي تخليقي صلاحيتن جو نتيجو ثابت ٿيو جنھن ڪري اگهاڙو انسان، پنهنجي اوگهڙ کي ڪپڙي سان ڍڪي هلڻ سکيو، ٿانون ٺاهڻ ۾ به عورتن مردن جي مدد ڪئي، انسان جڏهن هڪ هنڌ ٿانيڪو ٿي ويهڻ لاءِ سوچڻ لڳو ته گهر ٺاهڻ جو تصور به عورت ڏنو، واپاري سرگرمين ۾ عورت مرد جي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺي گهر ٻار سنڀالڻ سان گڏ عورت خريداري جي ڪم ۾ به اڳڀري رهي. عورت ۽ مرد جي وچ ۾ اختيارن تي ٽڪراءُ نه هجڻ ڪري اهو دور سياست جي بدران ثقافت جو دل لڀائيندڙ دور هو ثقافت جي ان روايتن جو تعلق گيتن ۽ رقص سان هو جنهن جي تخليقڪار عورت ئي هئي. اوائلي دور ۾ جڏهن انسان اڃان قدرتي آفتن سان مقابلو ڪرڻ جي سگهه گڏ ڪري رهيو هو ان دور ۾ (ديوين) جي ئي پوڄا ڪئي ويندي هئي. اهي ديويون عورت جي ئي شڪل جون هنيون. سنڌ جي تهذيب ته ( ديوين) عورتن جي پوڄا ڪرڻ ۾ باقي دنيا کان اڳڀري هئي. هڪ هزار پنج سو قبل مسيح ۾ جڏهن آريا سنڌ ۾ آيا ته پاڻ سان گڏ مرد( ديوتا) کڻي آيا. ان کان اڳ سنڌ ۾ فقط عورت ديوين جي ئي پوڄا ٿيندي هئي. آرين جي دور ۾ به مرد (ديوتائن) سان گڏ عورت( ديوين) جي پوڄا ٿيندي رهي. جڏهن رياست جو وجوده پيو ۽ پدر شاهي نظام جي تقويت لاءِ قانون سازي ڪئي وئي ته ، عورت جا اختيار محدود ڪيا ويا. اها عورت جيڪا اوائلي دور ۾ آزاد ۽ بااختيار هئي ۽ تهذيبن جي تخليق ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري رهي هئي سا عورت رياست جي دلفريب نالي جي قيد ۾، گڏيل خاندان ۽ گهر جي محفوظ ڇت هيٺان غلامانه زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويئي.انهي دور ۾ عورت منظم نموني سان جنسي تسڪين جي ڪاروبار توڙي جنگي هٿيار طور استعمال ٿيڻ شروع ٿي، مرد جڏهن به چاهيو ته ان عورت کي نه صرف پنهنجي جنسي تسڪين لاءِ استعمال ڪيو پر ذاتي ملڪيت سمجهي ان کي وڪرو به ڪيو . جنگين جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي، عالمي تاريخ جي صفحن ۾ اسان کي پورو هڪ باب “ريپ جي تاريخ” جي نالي سان پڙهڻ لاءِ ملي ٿو ريپ جي تاريخ ۾ زائفائن بابت ڪيترائي دل ڏاريندڙ قصا ڪهاڻيون ملن ٿيون. عورتن سان ريپ ڪرڻ جو عمل جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو ويندو هو ان جو مثال ايران جي قاچار خاندان جي بادشاہ فتح علي شاھ قاچار (وفات 1864ع) ۾ به ملي ٿو. فتح علي شاھ جڏهن قفقار جي علائقي تي حملو ڪري قبضو ڪيو ته ان جي فوجين نه صرف مفتوح عورتن سان ريپ ڪيو پر انهن جي ساڄي پاسي جي رانن جي رڳ ڪٽي انهن کي زندگي ڀر لاءِ اپاهج به ڪري ڇڏيو هو، جڏهن هي عورتون منڊڪائي هلنديون هيون ته ڏسڻ وارا سڃاڻي وٺندا هئا ته هي اهي عورتون آهن جن سان ايراني فوجن جو ريپ ٿيل آهن، ائين جيڪڏهن جنگين دوران نوجوان عورتون ريپ جي خوف کان لڪي وينديون هنيون ته فاتح فوجي پوڙهين عورتن سان ريپ ڪري انهن کي مجبور ڪندا هئا ته نوجوان عورتن بابت انهن کي ڄاڻ ڏني وڃي. جنگين ۾ عورت کي مال غنيمت جي حيثيت هئي ان جي ورهاست فوجي عملدارن ۽ عهديدارن جي وچ ۾ ائين ڪئي ويندي هئي جيئن لٽيل هيرن، جواهرن، چاندي ۽ سون جي ونڊ ڪئي ويندي هئي. عورتن سان ريپ جي تاريخ بابت اسان جي ملڪ جي تاريخ به ڪا چڱي ناهي. 1971ع ۾ بنگلاديش ٺهڻ واري عرصي دروان لکين عورتن سان ريپ ڪرڻ واري الزام کان اسان جا ڍول سپاهي به آجا ناهن. ان سلسلي ۾ “چلڊرين آف وار” فلم، ۽ رسول بخش پليجي جو مرتب ڪيل ڪتاب ” جيڪي بنگال سان ٿيو” تاريخي شاهدي ڏيڻ جي لاءِ ڪافي آهن. بنگال سانحي مٿان 164 ڪندڙ اهي تصويرون جن ۾ بنگالي عورتن جي اگهاڙن جسمن سان چهٽيل، بندوقون ڪلهي ۾ وڌل، مٿي تي ٽوپلا پاتل اجتماعي ريپ ڪندڙ “نامعلوم ماڻھو” ڏيکاريل آهن ۽ اهي تصويرون اڄ به ڍاڪا جي ميوزم جي احسان گئلري جون زينت بڻيل آهن انهن تصويرن جي اصلي هجڻ تي هن وقت تائين رتيءَ ڀر به دنيا جي ڪنهن ماڻهوءَ کي شڪ ناهي. اهي تصويرون اسان کي ٻڌائين ٿيون ته جنگين ۾ وڌ کان وڌ عورت ئي ڀوڳي ٿي. چچ نامو به صفحي 210 کان 258 تائين عربن پاران سنڌ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم هٿان دمشق ۽ بغداد جي بازارن ۾ ٽيهه هزار عورتن جي وڪري ۽ خليفي حجاج بن يوسف جي حرم ڏانهن راجا ڏاهر جي خوبصورت ۽ ڪنوارين ڌيئرن سَرياديو (سورج ديوي ) ۽ چڱيءَ (پرمل ديوي) کي موڪلڻ جي چغلي هڻي ٿو گڏوگڏ اهو به ذڪر ڪري ٿو ته راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي حَسنه (سندري) کي وليد بن عبدالملڪ، عبدالله بن عباس جي حضور ۾ پيش ڪيو ويو. سورج ديوي ۽ پرمل ديوي کي محمد بن قاسم کي کل ۾ بند ڪري موت جي سزا ڏيڻ کانپوءِ خليفي حجاج بن يوسف جيئري ئي ڀتين ۾ لِنبرايو ڇڏيو هو. ائين دنيا جي تاريخ جو هر هڪ صفحو عورت جي بي وسي، مظلومیت ۽ عورت سان ٿيندڙ جنسي جبر سان ڀريو پيو آهي، ڀريل بازان ۾ زائفائن جو اگهاڙا جسم، انهن تي دلالن جا لڳل واڪ، خريدارن پاران جسم جي انگ انگ تي ٻنهي هٿن جي ڏهن آڱرين ۽ هٻڇي، شهوتي نگاهن سان چڪاس ۽ واپارين پاران پيسن جي وصولي ڪري ٽجوڙيون ڀرڻ جو عورت ۽ انسان دشمن عمل توڙي جو ھاڻي کلي عام ڪنهن شهر جي چونڪ تي ته نٿو ٿئي پر اڄ به عورت کي بَدي جي مائٽي، سڱ چٽي يا پيسن تي خريد ڪرڻ وارو ڪڌو ڪاروبار حڪومتي ادارن جي نڪ هيٺان جاري آهي. هالي ووڊ اداڪاره انجيلا جولي هاڻي نئون انڪشاف ڪندي چيو آهي ته دنيا ۾ وڌ کان وڌ عورتن سان ريپ فوج ۽ سياست جي شعبي ۾ ٿين ٿا. جڏهن ته دنيا جي ساک واري اداري بي بي سي جو چوڻ آهي ته هن وقت بنگلاديش ۾ پناه لاءِ ويندڙ روهنيگا عورتن ۽ ڪانگو جي عورتن سان ويڙهاڪن پاران روز ريپ ٿي رهيا آهن. هاڻي جڏهن سياست ۽ فوج جا ادارا به عورت لاءِ محفوظ نه هجن ته سمجهي وٺڻ گهرجي ته عورت ڪٿي به محفوظ ناهي. اسان جا حال ته اڃان به دنيا کان وڌيڪ خراب آهن پاڪستان عورتن جي حقن واري معاملن ۾ ڪڏهن به ڪا سنجيده پيش رفعت ناهي ڪئي رڳو ٻه سال اڳ پاڪستان ۾ عورتن جي برابري بابت” گلوبل جينڊر ميپ” رپورٽ 2018 ۾ لکيو ويو آهي ته پاڪستان عورتن جي برابري جي معاملي ۾ فقط يمن کان اڳيان آهي ائين پاڪستان 149 ملڪن جي لسٽ ۾ 148 نمبر تي رکيو ويو آهي عورتن جي برابري جو قانون ملڪ ۾ نه هجڻ برابر آهي. سنڌ ته اڃان صنفي برابري جي لاءِ صديون پوئتي بيٺل آهي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي هڪ سروي رپورٽ مطابق سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليمي نصاب ۾ عورت جو ڪردار گهر تائين ڄاڻي واڻي محدود رکيو ويو آهي. عورت بابت گهر جو ڪم ڪار، ٻار سنڀالڻ ۽ مردن کي پاڻي پيارڻ جهڙا سبق اوهان کي پرائمري کان سيڪنڊري تائين تعليمي نصاب ۾ ملندا. جڏهن ته مرد باقي سمورن ڪمن ڪارين ۽ ملڪيت جو مالڪ ملندو. اسان وٽ ته عورت کي ننڍپڻ کان ئي سيکاريو ويندو آهي ته اها گوبيءَ جي گل جيان آهي جيڪا وقت سان گڏ مرجهائجي ويندي، هن کي ٻڌايو ويندو آهي ته عورت جي زندگي ۾ “ايڪسپائر ڊيٽ “به ٿيندي آهي ان ايڪسپائر ڊيٽ تائين جيڪڏهن ان شادي نه ڪئي ته اها مدي خارج دوا جيان زهر ۾ تبديل ٿي ويندي جيڪا خاندان جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي آهي ان ڪري نياڻي جي شادي کي مائٽ بار لاهڻ جهڙن لفظن ۾ بيان ڪندا رهن ٿا. سنڌ ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين جون شاديون، پيسن تي عورتن جي خريداري ۽ بدي جون مائٽين جو رواج عام جام آهي. بدي جي مائٽيءَ ۾ هڪ عورت ڪنهن مرد کي ڏيئي ٻئي عورت شادي لاءِ ورتي ويندي آهي ان رشتي ۾ ٻنهي پاسن کان عورت جي مرضي شامل نه هوندي آهي پدر شاهي نظام ۾ عورت مرد جي ائين ئي ملڪيت تصور ڪئي وڃي ٿي جيئن ٻڪري، ڍڳي،يا رڍ کي ملڪيت سمجهيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مرد عورت جي جسم توڙي کڄندڙ هر ساه تي پنهنجو حق سمجهي ٿو. سنڌ ۾ قبائلي ۽ جاگيردارانه مدي خارج سوچ جي ڪري عورت کي نه تعليم جو موقعو ملي ٿو نه ئي وري ان کي انسان سمجهي ان جي صحت بابت ڳڻتي ڪئي وڃي ٿي معاشي طور مڪمل طور مرد اڳيان بيوس بڻيل عورت پنهنجي مرضيءَ جا نه ڪپڙا خريد ڪري سگهي ٿي نه ئي ڪو کاڌو پچائي کائي سگهي ٿي. اهڙي حالتن ۾ جيئندڙ عورت کي نام نهاد غيرت جي نالي تي گهريلو تشدد به ڪيو وڃي ٿو ۽ بي دردي سان رڍ، ٻڪري سمجهي قتل به ڪيو وڃي ٿو. ان گهريلو تشدد کي نه صرف مرد پنهنجو حق سمجهي ٿو پر اسان جو سماج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ان گهريلو تشدد کي ڏوهه جي ذمري ۾ شامل نٿا ڪن. سنڌ ۾ عورت جي حيثيت آمريڪي نينگرو جان فلوئڊا جهڙي به ناهي جنهن جي موت تي ڪي ستل سماج جاڳي پون، هتي ته سن ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ پٿر هڻي قتل ڪيل وزيران ڇڇر جي موت تي به مشڪل سان ڪا رڙ اٿي ٿي ته مقامي وڏيرا ان ظلم جي خلاف دانهن ڪندڙ ماڻهن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ ۾ دير نٿا ڪن. هنن وڏيرن کي ڀلا ڪير سمجهائي ته هي پٿر جي ڳري ڇِپَ هڻي اوهان هڪ وزيران جو چهرو مسخ ناهي ڪيو پر اوهان ماضيءَ جي ان مهذب سنڌ جي چهري کي پٿرن سان چٿيو آهي جنھن مهذب سنڌ ۾ (ديوين) جي پوڄا ٿيندي هئي اوهان جنھن غيرت جو نالو وٺي بدنامي جو بهانو ڪري ڳوٺ جي نوجوانن کي خاموشي اختيار ڪرڻ جي لاءِ ڌٻاءُ وجهي رهيا آهيو اها غيرت جي نالي تي انساني حقن جي هن ايڪويهين صديءَ جي تبديل ٿيندڙ سنڌ مٿان اوهان پنهنجي مدي خارج سوچ جي ڪارنهن ملڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هاڻي جڏهن پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ واضع ٿي ويو آهي ته وزيران کي لٺين سان تشدد ڪري وڏا پٿر هڻي قتل ڪيو ويو آهي۽ وزيران جي پيٽ ۾ اٺن هفتن جو ٻار به هو وزيران جي بي رحمانه قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي لاءِ وزيران کي انڊس هاءِ وي تي ان خيال سان اڇلايو ويو ته ان جي لاش مٿان انڊس هاءِ وي تان گذرندڙ هيوي ٽريفڪ جو درياه گذري ويندو ۽ وزيران بابت چيو ويندو ته هو مرڪڻي ڇوڪري جيڪا سدائين پنهنجي ڳوٺ ۾ وڏي ڳچيءَ سان ڪنڌ اونچو ڪري هلندي هئي جنھن کي پنهنجي شرافت تي ناز هو سا دماغي توازن درست نه هئڻ ڪري پنهنجي هٿن سان پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ويٺي. ان وزيران سان انصاف لاءِ ملڪي ادارا شايد ان ڪري ئي خاموش آهن جو اهو ڳوٺ وزير اعلي سنڌ جي تڪ ۾ اچي ٿو ۽ ڳوٺ جون پولنگ اسٽيشنون مقامي وڏيرا روايتي سياسي تگڙم بازي سان کٽي وٺن ٿا. اسان جي پوليس روايتي جانچ جي دائري کان ٻاهر ان ڪري به نه نڪري سگهندي آهي ڇاڪاڻ ان جانچ جي نالي ۾ پوليس ٻڌي ڇوڙي جو ڪاروبار به ڪندي آهي ته مقامي وڏيرن جي ذريعي قاتلن کان مرضيءَ جي رقم وٺي ڪيس ۾ ڄاڻي واڻي ايترا جهول ڇڏيندي آهي جو اڳتي هلي عدالتن مان مجرم باعزت بري ٿي ويندا آهن. اوهان الائجي وزيران جي موت تي پنهنجي اندر ۾ ماتم ٿيندي ڏٺو الائي نه ڏٺو آهي پر مان هر گهڙي جڏهن وزيران جي موت بابت تصور ڪيان ٿو هن کي جڏهن اڌ رات جو گهري ننڊ مان اٿاريو ويو هوندو ان وقت هوءَ پنهنجي پيٽ ۾ پيل ٻار جو سپنو ڏسي رهي هوندي، هن ڏٺو پئي ته هن کي گهڻي وقت کان پوءِ سڪي پني ٻار ڄائو آهي اهو وڏو ٿيو آهي ان گهر جي اڱڻ تي ڀانڀڙا پائڻ شروع ڪيا آهن هن پهريون لفظ” امان” چيو آهي، هن ڊوڙي وڃي ان کي ڀاڪر ۾ کنيو آهي هي مرڪي پئي آهي. ان ئي ويل ان کي چوٽيءَ مان وٺي طاقتور هٿن ڇڪيو هوندو هن جي واتان بي خودي مان رڙ نڪتي هوندي “امان او امان” هن کي لٺين سان ڪٽيو ويو هوندو هن جي جسم کي چير ڏنا ويا هوندا هن جي چهري تي جڏهن زور سان ڳري پٿر جي ڇپ سان چٿيو ويو هوندو ته ڇا هن ساھ جي ٽٽندڙ سڳي سان گڏ آخري ڀيرو پنهنجي جيجل ماءُ کي خشڪ نڙي سان سڏ ڪري نه چيو هوندو،” امان او امان” ڏس هي مون بي گناھ کي مارين پيا. او امان هي ڏس بَدي جي مائٽي ڪيڏي نه بڇڙي رسم آهي. هن آخري ساه کنيو هوندو ۽ هن جي نڙي مان نڪتل آخري لفظ “امان او امان……. ” اڌ تي رهجي ويو ھوندو. مونکي خبر ناهي ته” وزيران جو موت اهو ڪک ثابت ٿيندو الائي نه جنهن سان اٺ جي چيلهه ڀڄي سگهي” پر ڪوڙي غيرت، بَدي جي مائٽي ۽ عورتن تي ٿيندڙ گهريلو تشدد بابت سنڌ جي سينور جي ويل سماج ۾ سوالن جا پٿر ضرور اڇلائي ويندو. سچ اهيو آھي ته جيڪڏهن وزيران جي بي رحمانه قتل سان اسان جي سوچ ۾ عورتن بابت ڪا تبديلي نه آئي ته اها هن دور جي”گريٽ ٽريجڊي” ئي هوندي.
حيدر ملاح
هي ڪالم “سرخ موسم “جي سلسلي ۾ 9 جولائي 2020 تي ايڊٽ ٿي ڇپيو هتي هي مڪمل ڪالم ڏيون ٿا.
بلوچَ، پراڪسي وار ۽ سنڌ مونکي اڃان ڪوئيٽا جي سرياب روڊ جي سوڙهين گهٽين مان لنگهندي ڪشادي اڱڻ جي گهر جي اها “سنڊي ڪچهري ” نٿي وسري جنھن ڪچهري ۾ بلوچستان جي کاٻي ڌر جا قومپرست، اديب، شاعر ۽ بلوچ دانشور هر آچر تي گڏ ٿي اسي سالن جي ماما عبدالله جمال ديني وٽ فرشي نشست تي بلوچستان جي سياسي صورتحال بابت خيالن جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيندا هئا. اسان انهن ڏينهن ۾” بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن” تائين ڪتاب تي ڪم ڪري رهيا هئاسين جيڪو ڪتاب 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان ئي ڪچهري ۾ ڪوئٽا مان شايع ٿيندڙ ادبي ميگزين” سنگت ” جو ايڊيٽر ۽ دانشور ڊاڪٽر شير محمد بلوچ به هو ته نوجوان صحافي عابد مير به، کاٻي ڌر سان لاڳاپيل سياسي ڪارڪن به هئا ته مزاحمتي تحريڪ جا حمايتي شاعر ۽ قومي ڪارڪن به هئا. اها آگسٽ ٻه هزار اٺ جي ڳالهه آهي اسان ماما جمال ديني سان گڏ ان جي گهر ۾ ويٺا هئاسين ۽ گرم چانهن جي سرڪن سان گڏ بلوچ دانشورن، اديبن، شاعرن، سياسي ڪارڪنن کان بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ بابت سوال به پڇي رھيا ھئا سين. اسان جي ڪچهري ۾ لاهور کان بلوچستان جي قومي تحريڪ تي پي ايڇ ڊي جي رسرچ لاءِ آيل نيرن اکين واري پنجابي ڳالهائيندڙ اها ڇوڪري به ويٺي هئي جنهن جا سلڪي وار هر هر ان جي چهري تي ڪري رهيا هئا ۽ هوءَ انهن وارن کي ڪنڌ جي جهٽڪي سان مٿي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري هئي، ان ڇوڪري جا ٻئي هٿ پوڙهي ڪامريڊ ماما جمال ديني جي هٿن ۾ هئا ۽ ماما هن کي ٻڌائي رهيو هو ته بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ ۾ گهڻو تڻو ٻارڻ فقط اهي ماڻهو ٿين ٿا جن کي سردار ٻڌائيندا آهن ته قومن جو هيرو ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته سر جون قربانيون ڏجن ۽ هو هيرو ٿيڻ جي سحر ۾ ورتل نوجوان اهو وساري ويهن ٿا ته بلوچن جو هيرو بستري تي ناهي مرندو. هن چيو اسان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا ساٿي آهيون اسان بلوچستان جي آزاديءَ چاهيون ٿا پر اهڙي آزادي جنهن آزاديءَ ۾ سردارجي سرداري ختم ٿيئي، اسان بلوچستان جي وسيلن جي مالڪي چاهيون ٿا پر ان جو اختيار سردار بدران عام ماڻهن وٽ هجي، هن وقت ته ڊيرا بگٽي جي گئس ڪمپنيءَ جي برف جو ٺيڪو به سردار جي پٽ وٽ آهي پر آزادي ڪنهن کي نٿي وڻي؟! پوپٽن جهڙي سهڻي ڇوڪري، هن آزاديءَ لفظ ۾ خبر ناهي ڪيڏو وڏو سحر آهي جو ماڻهو محبوبائن جي ڀاڪرن کي الوداع ڪري پهاڙن جي پرخطرن رستن ڏانهن نڪري وڃي ٿا پر اها آزادي عام ماڻهن جي زندگيءَ جي خوشحالي جي ضمانت ته هجڻ گهرجي!!. بلوچستان سون، تانبي قدرتي گئس۽ ڪوئلي جي ذخيرن سان مالا مال آهي هتي هاڻي عالمي قوتن جو اسان جي وسيلن جي ڦرلٽ تي جهيڙو آهي، امريڪا نٿو چاهي ته هتي پورهيتن، هارين ۽ پيڙيل طبقن جون تحريڪون طاقتور ٿين ان ڪري هتي هر اٿندڙ تحريڪ جي اڳواڻي اوهان کي سردار جي هٿ هيٺ ملندي، پرنس آغا ڪريم، نواب نوروز خان، سردار عطاءَﷲ مينگل، نواب خير بخش مري، نواب اڪبر بگٽي سڀ سردار اوهان کي مزاحمتي تحريڪن جي اڳواڻي ڪندي ملندا. ماما جمال ديني چيو هتي ته هي جن کي” غدار” قرار ڏين ٿا انهن کي قتل ڪرڻ وقت به هي” غدار سردار” کي قتل ڪرڻ کان پاسو ڪندي” سردار مخالف غدار” جي قتل جي چونڊ ڪن ٿا هنن تازو رزاق بگٽي جهڙي زرخيز ذهن واري ماڻهوءَ کي قتل ڪيو آهي جنهن بلوچستان جي لاءِ اڻڳڻيون قربانيون ڏنيون ڀٽي واري دور جي مشهور” حيدرآباد ڪيس”۾ جيل ۾ رهيو. هي سردارن جي سياست جي خلاف هو ته هن کي” ق ليگ” جو چئي قتل ڪيو ويو پر خير بخش مري جو پٽ چنگيز خان مري “ق ليگ” جو آهي ۽ مشرف جي بلوچستان جي حڪومت جو حصو آهي پر ان جي وار جو به ڪو نالو نٿو وٺي. خان آف قلات سليمان دائود هتان سموري عوام کان چندو ڪري هيرن ۽ جواهرن جون پيتيون ڀري لنڊن کڻي هليو ويو ۽ هتي ماڻهن سان هي واعدو ڪيائين ته مان توهان جو ڪيس (عالمي عدالت ) ۾ وڙهندس. هو عوام جو پئسو لنڊن جي عياشي گهرن ۾ لٽائيندو رهيو. ولايتي شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي بلوچن کي لنڊن جي گهٽين ۾ گاريون ڏيندو رهيو. هن بلوچن تي ٿيسز لکندڙ ڇوڪريءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو هي دنيا منهنجو ملڪ آهي ۽ سائنس منهنجي سوچ آهي ۽ هي سردار منهنجي سوچ جي خلاف آهن. هي فقط پنهنجي ترجيحات لاءِ وڙهن ٿا. هي پنهنجي علائقي ۾ ٻئي قبيلي واري کي به نه ڇڏيندا آهن اڄ به جتي بگٽي ورهن ٿا اتي مري نٿو وڙهڻ وڃي اسان جو مقصد چٽو آهي ته اسين پنهنجي سماج مان هنن سردارن کي ڌڪي ڪڍندا سين، هي سردار ڌاڙيل آهن. هن چيو ته ويچاري غريب بلوچ جي نفسيات ٺاهي ويئي آهي ته هو سردار جي لاءِ پيدا ٿيو آهي ۽ هن کي مرڻو به سردار جي لاءِ آھي!. لاهور جي ان سنگ مر مر بدن واري ڇوڪري سڀني ڏانهن مُرڪ ڇَٽي پڇيو ته اوهان آخر پاڪستان جي خلاف ڇو آهيو؟! . هڪ اڌڙوٽ عمر جي همراه جواب ڏنو ته بيبي هڪ سرمچاري کان ساڳيو سوال هڪ فوجي آفيسر گرفتاري کان پوءِ ڪيو ته اوهان بلوچ پاڪستان جي خلاف ڇو آهيو؟. خبر اٿئي سرمچاري ڇا چيو، ڇوڪريءَ رئي کي ڇاتي تي رکي حيرت مان پڇيو ڇا چيو؟!. سرمچاري چيو مونکي” اها ته مونکي خبر ناهي ته آئون پاڪستان جي خلاف ڇو آهيان پر ايتري ضرور مونکي خبر آهي ته پاڪستان ڪو سٺو ماڻهو ناهي! “ ڇوڪريءَ سان گڏ سڄي ڪچهري پاڻ کي ٽهڪن ڏيڻ کان روڪي نه سگهي هئي. ڪراچيءَ ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي” بلوچستان لبريشن آرمي” جي چئن حملا آوارن جي فائرنگ ۽ قتل کانپوءِ هاڻي ٻيهر بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ بابت ملڪي ۽ عالمي ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي اهو بي ايل اي جو ڪو پهريون حملو ناهي ان کان اڳ نومبر 2018 ۾ ڪراچيءَ ۾ چيني قونصليٽ تي حملو، مئي 2019 ۾ گوادر ۾ پرل ڪانٽينل هوٽل تي حملو، پنجگور ويجهو سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڪانوائي تي حملو، اورماڙ جي علائقي ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي بحريه جي اهلڪارن تي حملي جي ذميواري به بي ايل اي قبول ڪري چڪي آهي. بلوچستان لبريشن آرمي جي جنم جا پيرا کڻجن ٿا ته خبر پئي ٿي ته 1836 ۾ جڏهن انگريزن بلوچستان تي قبضي ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو ته مير محراب خان بگٽي جي اڳواڻي ۾ بلوچن ويڙهه شروع ڪئي ان گڏيل ويڙهه جي پليٽ فارم کي هنن “بي ايل اي” جو نالو ڏنو هو. 1839 ۾ مير محراب بگٽي شهيد ٿي ويو ته بي ايل اي بجار مري جي مزاحمت سان ٻيهر نروار ٿي سامهون آئي، ائين پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ چون ٿا ته گورنر اسڪندر مرزا، خان آف قلات احمد يار خان کي ترغيب ڏني ته قلات جي خودمختياري جي لاءِ ضروري آهي ته اوهان مزاحمت شروع ڪريو جيئن اوهان کي آزادي ڏيڻ جو اسان وٽ سبب پيدا ٿئي. احمد يار خان، شهيد محراب خان جي قبر تي قلات رياست جو پرچم جهولايو ۽ سڀني سردارن گڏجي عظم ڪيو جنهن کي بلوچ روايت ۾ “اقرار ” چئجي ٿو جنھن جو مقصد آهي “جيسين هو آزادي نه وٺندا تيستائين پنهنجي زالن سان تعلقات نه رکندا ۽ ائين ڪندا ته نڪاح ٽٽندو ۽ بدڪار ٿيندا.” موقعي ۾ ويٺل پاڪستان جي رياست جا اصل ڌڻي ان” اقرار “کي بغاوت قرار ڏيندي بلوچستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪيو نتيجي ۾ خان آف قلات جو ڀاءُ پرنس آغا ڪريم بغاوت ڪندي ساٿين سميت ان آسري تي جبلن تي چڙهي ويو ته ان جي مدد افغانستان ۽ سوويت يونين ڪندا پر آغا ڪريم جي ڪنهن به مدد نه ڪئي ان ڪري هو عام معافي واري معاهدي تحت جڏهن سرلٺ جي پهاڙن تان واپس وريو ته هن کي ۽ هن جي ساٿين کي سخت پورهيي سان ڏهه سال سزا ٻڌائي وئي . 1958 ع ۾ بلوچستان ۾ پهرين مارشل لا لڳائي ويئي ته بلوچ سردارن بغاوت ڪئي اهو آپريشن 1969ع تائين جاري رهيو ان بغاوت دوران به بي ايل اي جو نالو ٻيهر ٻڌڻ ۾ آيو 1972ع ۾ عطاءَ ﷲ مينگل اقتدار ۾ آيو ته پاڪستان جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع ۾ مينگل حڪومت ختم ڪئي انهن ئي سالن ۾ نواب خير بخش مري ڇهه هزار ساٿين سان افغانستان جي علائقي” قلات غزني” ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ بلوچستان ۾ مزاحمتي ڪارواين جي بي ايل اي قبولدار ي ڪندي رهي. بي ايل اي جو نئون جنم مشرف جي دور ۾ سال 2000 ۾ ٿيو جڏهن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نواز مري جي قتل جي الزام ۾ جهوني قومپرست رهنما خير بخش مري کي گرفتار ڪيو ويو ان کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز تي حملا شروع ٿي ويا جنهن جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪري ورتي. بي ايل اي اسان کي بلوچستان ۾ ان وقت اڃان وڌيڪ متحرڪ ملي ٿي جڏهن 2جنوري 2005 جي اخبارن ۾ خبر ڇپي ته ڊيره بگٽي ۾ قائم گئس ڪمپني پي پي ايل جي فيلڊ اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر طور مقرر ٿيل ليڊي ڊاڪٽر شازیہ خالد سان ڪجهه” نامعلوم ” ماڻهن پهرين جنوري جي اونداهي رات ۾ جنسي زيادتي ڪئي آهي. جنھن تي نواب اڪبر بگٽي جو شديد ردعمل سامهون آيو هن چيو ته سرزمين بلوچستان تي هڪ عورت جي بي حرمتي ڪئي وئي آهي جيڪو عمل اسان لاءِ ناقابل برداشت آهي هن مطالبو ڪيو ته ملوث ماڻهن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي. بظاهر هي واقعو ڪو ايڏو وڏو ۽ نئون نه هو ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ جنسي زيادتيون ٿيڻ روز جو معمول آهن ۽ اهڙا واقعا روز اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندا به رهن ٿا پر چند ڏينهن ۾ هي واقعو “قومي مهم” جي صورت اختيار ڪري ويو. شايد ان جو سبب اهو هو ته هي واقعو اهڙي جڳهه تي پيش آيو جتي پاڪستاني فورسز جا ڪمانڊوز پهرو ڏيندڙ هئا ۽ ڪوبه ٻاهريون ماڻهو ڪالوني جي اندر داخل ٿي نٿي سگهيو هي طعه آهي ته هي حرڪت اهڙي شخص جي هئي جيڪو خود ڪمانڊوز جي پهري واري جڳهه جي اندر موجوده هو ۽ ڪنھن وڏي عهدي تي فائز هو. ڊاڪٽر شازیہ خالد جو واقعو اڳتي هلي تار تاني غار ۾ پناه ورتل رياست جي باغي نواب اڪبر بگٽي جي شهادت جو سبب بڻيو ۽ بي ايل اي ٻيهر بلوچستان ۾ متحرڪ ٿي سامھون آئي. بي ايل اي جو ان وقت بالاچ مري ڪمانڊر هو جيڪو تارتاني غار واري جھڙپ ۾ برهمداغ بگٽي سان گڏ اڪبر بگٽي جي حفاظت لاءِ وڙهي رهيو هو پر پوءِ نواب اڪبر بگٽي جي ئي حڪم تي تارتاني غار جي بلاسٽ ٿيڻ کان ڪجهه گهڙيون ئي پهرين برهمداغ سان گڏجي محفوظ هنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو هو. بلوچستان جي تاريخ ۾ ڪنهن عورت جي عصمت جي معاملي تي هي پهريون جهيڙو نه هو ان کان اڳ بلوچ تاريخ ۾ پندرهين صديءَ ۾ جيڪا 36 سال خانہ جنگي ٿي ان جو سبب به شازیہ خالد جيان هڪ جت عورت گوهر هئي، گوهر جي ڪري بلوچ دربدر ٿيا انهن کي بلوچستان ڇڏڻو پيو ۽ مير چاڪر سبي کان گهڻو پري اوڪاڙه ۾ وڃي فوت ٿيو هو. بلوچ روايتن مطابق مهمان عورت سان بلوچستان جي سرزمين تي زيادتي ناقابلِ معافي ڏوھ آهي. تاراتاني غار واري جھڙپ مان بچي نڪتل بالاچ مري جو اڳتي هلي سرلٺ واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز سان مبينا مقابلو ٿيو ۽ شهيد ٿي ويو هو. خير بخش مري پنهنجي پٽ جي اهو چئي تعزيت نه ورتي شهيد مرندا ناهن. هن بالاچ جي شهادت تي چيو اسان جيڪو رستو ورتو آهي اهو يقينن موت ڏانهن وٺي وڃي ٿو پر بالاچ کي ائين تڪڙو نه مرڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ هي ذهين ۽ بهادر هو هن کي بلوچستان جي آزاديءَ لاءِ وڏو ڪم ڪرڻو هو. بالاچ مري جي شهادت کان پوءِ بي ايل اي اسلم بلوچ جي ڪمانڊ هيٺ اچي ويئي جنهن بي ايل اي ۾ “مجيد برگيڊ” جا بنياد وڌا، جنهن برگيڊ جو بنيادي ڪم آهي پاڪستان رياست جي اهم ۽ حساس ادارن ۽ جڳھن تي خودڪش حملا ڪرڻ. “مجيد برگيڊ” تي ان شدت پسند “مجيد بلوچ “جو نالو رکيو ويو آهي جنهن پاڪستان جي وزير اعظم ذوالفقار ڀٽو تي دستي بم سان حملو ڪيو هو. اسلم بلوچ خودڪش حملي لاءِ پهرين قرباني پنهجي پٽ جي ڏني. آگسٽ 2018ع ۾ چاغي جي هيڊ ڪوارٽر تي دال بدين جي ويجهو سيپڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرن تي خود ڪش حملو ٿيو جنهن جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪئي ان خودڪش حملي ۾ اسلم بلوچ جو پٽ شامل هو. اڳتي هلي اسلم بلوچ قنڌار جي ويجهو “عينوميند “۾ پاڻ به خودڪش حملي ۾ مارجي ويو هو ان کان پوءِ بي ايل اي جي قيادت هن وقت شبير زيب سنڀالي رهيو آهي. ڪراچيءَ جي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ تي حملي جي بي ايل اي (بلوچستان لبريشن آرمي ) قبولدار ي ڪئي آهي ساڳي تنظيم ڪراچي ۾ چيني ڪائونسل خاني تي به حملي ۾ ملوث رهي هئي اها ڳالهه هن تنظيم جا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي موجود اڳواڻ به قبول ڪن ٿا ته بي ايل اي جي مجيد برگيڊ جي “فدائي حملي” آورن ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ تي حملو ڪيو آهي. سوال اهو ته پيدا ٿيئي ته بلوچ مزاحمت ڪارن 2018 کان ڪراچي جي ڇو چونڊ ڪئي آهي. چيني قونصليٽ کان پوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي چونڊ پويان دفاعي ۽ معاشي ماهرن پاران خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته، ڪراچي پاڪستان جو معاشي حَب آهي ان جي سڃاڻپ ملڪي ۽ عالمي سطح تي وڏن شهرن ۾ ٿيئي ٿي ڪراچيءَ ۾ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا موجوده آهي، جيڪا چند سيڪنڊڻ ۾ ڪنهن به خبر کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ جو آسانيءَ سان ڪم ڪري سگهي ٿي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي بلڊنگ معاشي سرگرمين جو وڏو مرڪز آهي. ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي مرڪزي بينڪ، قومي ۽ نجي ڪمپنين جا صدر دفتر، سينٽرل پوليس آفيس، بندرگاهه، ريلوي اسٽيشن، وڏيون فائيو اسٽار هوٽلون ۽ انتهائي حساس جڳهيون موجوده آهن. هتي بي ايل اي کي ايم ڪيو ايم لنڊن جي شڪل ۾ آساني سان سهولت ڪار به ملي سگهن ٿا ته ايم ڪيو ايم لنڊن جا مهاسنڌوديش جي نئين لولي پوپ جي آسري وارا اتحادي قومپرست به هنن جا مددگار ٿي سگهن ٿا. امريڪا پاران آگسٽ 2018ع ۾ دهشگرد قرار ڏنل ۽ پاڪستان ۾ قالعدم قرار ڏنل “بي ايل اي ” جيڪڏهن پنهنجي آقائن جي اشاري تي پراڪسي وار جي ويڙه جو مرڪز ڪراچيءَ کي بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ جو مستقبل بيروت جهڙو ٿيڻو آهي جتي هر گهٽي ۾ لاشا ڪرڻا آهن ۽ بمن ڦاٽڻ سان انساني جسم پرزا پرزا ٿي بازارن ۾ وکري گم ٿيڻا آهن، ڪيترائي ٻار يتيم ۽ عورتون بيوه ٿينديون ، ڪراچي جنهن جي رات ۾ موکئيءَ جي مَٽَنَ جو سرور ۽ جنهن جي صبح ۾ ننڊاکڙين نوخيز اکين جو خمار آهي، ڪراچي جنهن جي نيري سمنڊ مٿان اڇا ڪبوتر امن جون اڏارون ڪن ٿا ۽ روشنيءَ جي جھر مر ۾ جڏهن جوان جسم راحت فتح علي خان جي ڳايل نغمي تي رقص ڪن ٿا ته ڪراچي شهر مستي مان جهومي اٿي ٿو. اهو ڪراچي لڳي ٿو سڀاڻي رت ۾ لت پت ٿيڻ وڃي پيو. ان ڪري بي ايل اي جي رستا روڪ سان گڏ ان جي اتحادين ۽ سهولت ڪارن جي ڳولا ڪرڻ به هن رياست جي ذميواري ۾ شامل آهي، بلوچن کي پنهنجي مزاحمت لاءِ چونڊ سنڌ جي زمين بدران چاغي جي پهاڙن ۽ سرلٺ جي جبلن جي ڪرڻ گهرجي، ڪراچيءَ جي بدران ڪوئٽا جي ڪرڻ گهرجي جنهن جي مالڪي تان اڃان پختون هٿ ناهي کنيو. سنڌ ڪنھن به صورت ۾ نه بي ايل اي جي ” فدائي حملن” جي مددگار ٿيندي نه ئي انهن جي حمايتي. سنڌي پنھنجي سياسي جدوجهد سان ئي سنڌ جي ايندڙ مستقل جو فيصلو ڪندا. سنڌي نه بلوچن جيان 40 لک آهن جيڪي اٽي ۾ لوڻ جيان گم ٿيندا، سنڌي ڇهه ڪروڙ زنده انسان آهن جنهن جي نڙي مان نڪتل گڏيل رڙ عالمي ضمير کي جهنجهوڙڻ جو ڪم ڪري سگهي ٿي. سنڌ جي ماڻھن جا اجتماعي مفادن لاءِ گڏ کنيل قدم تاريخ جو ڪايه پلٽ ڪري سگهن ٿا ان ڪري سنڌ جو شعور هن وقت پرامن سنڌ جي خواب سان گڏ بيٺل آهي. ان پرامن سنڌ ۾ ئي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي بقا آهي. ڪراچي ۾ پراڪسي وار سان سنڌ جي ڀاڱا ڀاڱا ٿيڻ جا نه صرف چٽا امڪان آهن پر ڪراچيءَ جي مستقل مالڪيءَ جا به نوان سوال پيدا ٿيڻا آهن. باقي اهو سوال ته بلوچ هن سيڪيورٽي رياست سان ڪيئن وڙهي رهيا آهن ان جو خود بلوچستان جي تاريخ ۾ جواب ڳوليندا سين ته جڏهن به بلوچستان جي ويڙهاڪ تنظيمن ” بي ايل اي”،” بي ايل ايم ” يا بي ايل يو ايف کي پراڪسي وار جي دهشت گردي جي ڪارواين جي سلسلي ۾ گهڻ طرفي مدد ملڻ بند ٿيندي ته هي خان آف قلات احمد يار خان جي ڀاءُ پرنس آغا ڪريم خان جيان سوويت يونين ۽ افغانستان جي آسري تي جوٽيل جنگ ۾ مدد نه ملڻ سبب جبلن تان واپسيءَ جي ٻيهر تاريخ دهرائيندي دير نه ڪندا. بلوچ چار ڀيرا اڳ به پهاڙن تان واپسي ڪري چڪا آهن. بلوچي ٻوليءَ جي چوڻي آهي ته “بلوچ جي ڪل ڪائنات هڪ رڍ ۽ هڪ اٺ آهي”، جيڪڏهن سڀاڻي پراڪسي وار جي فنڊنگ بند ٿي ته هي بلوچ هڪ رڍ جي آسري تي ڀلا گهڻو وقت هن سيڪيورٽي رياست سان اڪيلي سر جنگ وڙهي سگهندا. سنڌ جي اجتماعي شعور جنھن نموني سان ڪراچي جي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي بي ايل اي جي حملي کي دهشتگردي قرار ڏيندي ننديو آهي ويجهي تاريخ ۾ بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ بابت شايد هي پهريون مثال هوندو. يقينن سنڌ کي هنن حالتن ۾ ملڪ ۾ نون اتحادين جي ضرورت آهي اهڙا اتحادي جيڪي پراڪسي وار مخالف هجن، سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بچائڻ ۾ سنڌين جا ڀرجهلا بڻجن ۽ پرامن سنڌ هنن جي مکيه ايجنڊا هجي.
امیدن جون ٽُٽل چوڙيون اها جُونِ جي تتل منجهند هئي، لُڪَ لڱ ساڙي رهي هئي، لوءِ نه هئي ڄڻ باھ جي ڄَرُ هئي جا هوا اڇلائي رهي هئي، ويرو جبل تان ڪوئلي جي کاڻين تان ايندڙ بيلچي وارا مزدور پنهنجي هڙ ۾ هن ڀيري اٽو، پٽاٽا، دال، کٽمٺڙا، چپس ۽ گيھه جي پاءَ واري ٿيلهي کڻي اچڻ بدران ڪا مصيبت کڻي پئي آيا ، پوليس جا اٽالا ستر واري ڏهاڪي ۾ انڊس هاءِ وي تي قائم سنگھار کوسو ۽ راڄڙي ڳوٺ جي عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن مردن جي اڇلايل پٿرن ۽ هٿن ۾ کنيل لٺين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا هئا. پوليس سان ساڳي ڏينهن ڳوٺاڻا ٻه معرڪا ڪري چڪا هئا هي ٽئي ويڙه جي تياري هئي. ڳوٺاڻن جي هٿن ۾ پٿر هئا ۽ پوليس جي هٿن ۾ جي ٿري بندوقون. سنگهار کوسي نالي وارو همراه، هن ڳوٺ جو پريو مڙس هو جيڪو ارڙهن سال اڳ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو پر هن خانه بدوش چانپهين ڏاڙهي واري کوسي پنهنجي زندگيءَ ۾ شايد هڪ سپنو ڏٺو هو ان سپني ۾ هڪ ڳوٺ هو، ان ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول هو ۽ اسڪول ويندڙ ٻار هئا جيڪي وڏا ٿي صدين جي ذلتن مان نڪرڻ جا جتن ڪري رهيا هئا ان ململ جي اڇي پٽڪي ٻڌل پوڙهي کي مون پاڻ اکين سان ڏٺو ۽ هن سان گفتگو به ڪئي هئي، هو طبيعت جو نهٺو، ونهوار جو سڌو ماڻهو هو، هن زماني کي انتهائي ويجهڙائي کان ڏٺو هو. ان ڪري ڦڏن فسادن کان پري رهي هن الڳ ٿلڳ رهي اچي هن راڄڙي ٻيلي جي وٽ تي مَنَههَ جوڙيا هئا. هن جڏهن ٻه ٻڪريون، هڪ ڳئون ۽ لڏي کڻڻ لاءِ هر وقت تيار گڏھن کي هن جبل جي ماٿريءَ تي اچي ڪِلو هڻي ٻڌو هو ته اها جبل جي ماٿري هن جي اکين ۾ ائين پيهي ويئي هئي جيئن ننڍپڻ ۾ ٻار جي اک ۾ سُهائي جو سرمو پيهي ويندو آهي. ماٿريءَ به ڇا آهي؟! کير جهڙي اڇي اجري ماٿري، يا مکڻ جي چاڻي جهڙي، جڏهن بارش پوي ته ماٿري جي سيني تي ساوا چچ سلا نڪريو اچن، ان ويل ائين محسوس ٿيئي ڄڻ ماٿري تي سائي چادر وڇائي وئي آهي. برساتن پوڻ کانپوءِ ڍورا وهي اچن ته سنگھارن سک ٿي وڃي، ان ماٿريءَ جي سونهن ڏسي، ان دور جي هڪ قبائلي جهيڙن جي مشهور ڀاڳيلي(ڌاڙيل ) مانجهند ٻيلي کان سيکاٽ ٻيلي تائين مشهور ڪري ڇڏيو هو ته هي ته ” نئين ڪراچي آهي”!! اهڙي نئين ڪراچي جنهن جي سونهن ۽ سينگار اهو اوطاقي مڙس هو جنهن کي چاچو سنگهار کوسو ڪري سڏ ڪبو هو ته هو، “جي ابا” جي جواب سان اچي ساڻي ٿيندو هو. هن کي اميد هئي ته هن جي ئي خاندان مان ڪک مان لک ٿيندا ۽ ڪڻي مان ڪرار ٿيندا. جتي چاچي سنگھار کوسي ويرو جبل کان اچي انڊس هاءِ وي ڀرسان آستانو جوڙيو هو، اهو آستانو سنڌ جي تاريخي مزاحمتي ماڳ خاصائي جي بلڪل سامهون انڊس هاءِ وي جي اولھ ۾ آهي . چاچي سنگھار جي ڪکن پنن جي ڪِڙَ واري اوطاق مان ويهي اوھان سمن جي دور جي جرنل دولهه درياھ خان جي گوپانگ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ٺهيل ماڙي ڏسي سگهو ٿا. پير علي محمد راشدي ان تباھ حال دولهه درياه خان جي ماڙي / اوطاق جي اهي “ڏينهن اهي شينهن” ڪتاب ۾ نشاندهي ڪئي هئي. پر هن وقت لاڪ ڊائون هوندي به ان زمين دوز ٿيل تاريخي ماڙي کي اي ايف ٽي ٻيهر زنده ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مَهو آهي. خاصائي ارغونن سان چوٽون کائيندڙ اهڙي وسندي آهي جنھن وسندي جي محمود شوري ۽ اسماعيل شوري، ملاحن،ماڇين، شورن ۽ ساندن سان گڏجي ارغونن سان سر جون چوٽيون کائي وطن جي آزاديءَ جي لاءِ جنگيون جوٽيون هنيون. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سنگھار کوسو ڳوٺ جي ان ماٿريءَ تي محب وطن جنگجوئن جي گهوڙن جي هڻڪارن ، تلوارن جي تجلن ۽ ماڇين جي ڏڦن ارغونن جي هانون کي ضرور ڳڀا ڳڀا ڪيو هوندو ان ئي ماٿري تي دولهه درياه خان به باغبان کان موٽندي وطن تان وار جي وڃڻ جا وچن ضرور ورجايا ويا هوندا. سنگهار کوسو ڳوٺ ته آباد ٿي ويو پر ڳوٺاڻن پنهنجي ان ويرو جبل جي ميداني ۽ پهاڙي سلسلن واري زمين سان رشتو نه ٽوڙيو جنهن سان هنن جو رشتو صدين کان جڙيل هو. هي کوسا به ٿر جي ماڻھن جيان پير زمين تي ۽ اک آسمان ۾ اڏندڙ ڪڪر تي رکي هلندا آهن هنن جي دل بارش جي بوندن سان ڌوپجي ڄڻ اڇي اجري ٿئي ٿي ان ڪري جڏهن ڏکڻ جي ڪنڊ کان ڪامَههَ جي هوا پاڻ سان گڏ بارش کان پوءِ جي مٽيءَ جي سڳنڌ کڻي اڏامي اچي هنن جي لانڍين سان ٽڪرائجي ٿي ته هي ڳوٺ خالي ڪري لڏو کڻي ويرو جبل ڏانهن پنڌ نڪري پون ٿا. هي پوڙهو ويرو جبل ڄڻ هنن جي لاءِ ڀاڪر کولي بيٺو آهي هي ماڻهو ٻارين ٻچين ان جبل جي دامن ۾ ائين وڃي پکڙا اڏي ويهن ٿا ڄڻ صدين جي مسافتن کانپوءِ هنن کي ڪا سک جي گهڙي نصيب ٿي هجي. ٽي ڏهاڪا اڳ هنن ماڻھن جي صدين جي مالڪي واري ويرو جبل جي زمين مان ڪوئلو ڇا نڪتو ڄڻ هي ماڻهو پنهنجي ئي ڌرتيءَ تان تڙجي نڪتا. ويرو جبل جي چوٽيءَ تي جرڪندڙ بلبن جي روشني ته آئي پر زمين 180 فوٽن جي انھن کوهن ۽ سِرنگهن جي حوالي ٿي ويئي. هنن کي چيو ويو اسان وٽ ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽائي لاءِ اسلام آباد کان مليل پروانو آهي هنن جڏهن پراڻي ڪاٺ جي پيتيءَ مان ابن ڏاڏن جي نالي وارا کاتا کڻي دانهون ڪيون ٿي ته هنن جي سڏڪن تي سياسي ڀوتارن ۽ انهن جي واٺن، سرمائيدارن سان گڏجي ٽهڪ ڏنا ٿي. هي انهن ئي ڪوئلي جي کاڻين تي بيلچي جي مزدوري لاءِ لاچار هئا جنھن زمين جا هي مالڪ هئا اتي هنن کي اچڻ جي لاءِ به ڪوئلي جي کاڻين جي غير مقامي چوڪيدارن کان منٿون ڪري اجازتون وٺڻيون ٿي پيون. هنن کي ويرو جبل جي دامن ۾ انڊس جي ان ٿاڻي تي سچ پترن سان ڪُٽايو ٿي ويو جنھن جي بلڊنگ سرمائيدارن جي پيسن سان جڙي راس ٿي هئي. هنن جي زمين تي قبضو ڪري نئون شهر” انڊس” جي نالي سان اڏيو ويو جنهن شهر جي مارڪيٽ جي ٻولي ئي پشتو هئي. هنن وٽ پٿر هٿ ۾ کڻي وڙهڻ کان سواءِ ٻيو رستو ڪهڙو آهي، هنن ٻن ڏهاڪن کان پوليس گردي سان انتهائي سياڻپ سان جھيڙو جوٽي رکيو آهي هنن جي عورتن ۽ اڳين مورچن تي اچي لٺيون ۽ پٿر کڻي انڊس هاءِ وي بند ڪرڻ جو ڏانءُ سکي ورتو آهي جنهن ڪري هنن جا بي گناھ گرفتار ٿيل نوجوان اڪثر لاڪپن مان ڇٽي واپس اچي پنهنجي ونين جي ڀاڪرن ۾ سمهي واپس ويرو جبل جي مالڪي جا سپنا ڏسڻ شروع ڪندا آهن. پر هن ڀيري ڪجهه ٻيو ٿيڻ وارو هو پوليس ٻن ڏهاڪن جي پرامن جدوجھد جا پلاند وٺڻ لاءِ جديد هٿيارن، آنسو گیس جي شيلن ۽ چينَ وارين بختر بند گاڏين سان اچي پهتي هئي. شام ٿيندي ئي سنگھار کوسو جي ڳوٺ جي مٿان شيلنگ ۽ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، عورتن ۽ ٻارن بختر بند گاڏين تي پٿر چِٽڻَ شروع ڪيا پر هن ڀيري هوا ۾ بارش جي سڳنڌ بدران زهريلي گيس ڇڏي ويئي هئي، ان گيس عورتن ۽ ٻارن جي نه صرف اکين ۾ ڳوڙها آندا پر ساه کڻڻ ۾ به تڪليف پيدا ڪئي هئي هلندڙ فائرنگ ۾ عورتون ۽ ٻار به گرفتار ٿيا ته پوڙها ۽ جوان به پوليس موبائيلن ۾ ٽنگو ٽولي ڪري اڇلايا ويا. لهندڙ سج جي ڳاڙهائڻ سان گڏ ڪيترائي ڳوٺاڻا رت جي ڳاڙهائڻ ۾ لت پت ٿيل هئا ڳوٺاڻن وٽ ٻئي واھ نه هئي هنن ننڍڙن ٻارن سان گڏ رات جي اونداهي ۾ ويرو جبل ڏانهن پنڌ شروع ڪيو اهڙو پنڌ جنهن پنڌ دوران هنن جي پيرن ۾ چمپل نه هئي خوف هنن جو پيڇو ڪري رهيو هو ۽ گولين جي بارش هنن جي مٿان وسي رهي هئي. پوليس هنن جو اهو سڀ ڪجهه لٽيو جيڪو هنن ٽن ڏهاڪن جي محنت سان جوڙيو هو هنن جا گهر ڊاٺا ويا هئا هنن جي ٻارن جي کير پيارڻ وارين ڪامورين ٻڪرين کي ذبح ڪري، ديڳين ۾ پچائي کاڌو ويو، گهرن کي بلڊوز ڪيو ويو ايتري تائين جو ونهواهه ۾ ويٺل ڪنوار جو ڏيج به کنيو ويو ته ان ٻانهن جي چوڙين کي به ٽوڙيو ويو. ڪنوار جي سپنن جي شهزادي گهوٽ کي ٿاڻي تي بند ڪيو ويو. ائين اها رات سڏڪن، زخمي وجودن تي پهن رکڻ، خوف ۽ اوجاڳي ۾ گذري ويئي هئي، ٻئي ڏينهن شام تائين سنڌ سنگهار کوسو ڳوٺ ڏانهن پلٽو کاڌو ته پوليس ڊٺل گهر ڇڏي واپسي ڪئي. سنگهار کوسو جي متاثرن جي پهرين مرحلي ۾ اخلاقي مدد لاءِ ڊاڪٽر قادر مگسي پهتو جنهن گرفتار ٿيل عورتن جي نه صرف آزاديءَ جي گهر ڪئي پر قانوني مدد ڪرڻ جي واعدي سان گڏ اهيو به چيو ته مان سنگھار کوسو جي بهادر ڀينرن مائرن کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي پوليس جي بربريت سامهون پهاڙ جيان نه صرف پيرن ڀر بيٺيون رهيون پر اونچي ڳاٽ سان بي خوف ٿي جيل جي ديوارن سان مقابلو ڪرڻ وڃي رھيون آهن. سنڌ جو اجتماعي شعور سنگھار کوسو ڳوٺ جي ماڻھن جي مالڪي لاءِ پهتو، نه پهتا ته فقط چونڊيل نمائندا نه پهتا، سنڌ جا عام ماڻهو سنگھار کوسو جي ململ واري اڇي پٽڪي جو وَرُ بڻجي وريا هئا ائين لڳي رهيو هو ته هاڻي چاچي سنگھار کوسي جي سپنن جي ساڀيان ٿيندي، هن جي ڳوٺ جي اسڪول مان پڙهي نڪتل هن جي ئي نُکَ جا نوجوان صدين جي ذلتن کي شڪستون ڏيئي نوان مثال قائم ڪندا هنن جا ايندڙ نسل ويرو جبل جي مالڪي جي جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو ڪندا. سنڌ جا لکين ماڻهو هنن جي سپنن جي ساڀيان لاءِ هنن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهندا. پر ٿيو بلڪل ان جي ابتڙ ميان وال تحريڪ جنهن جي ٻن نقطن مان هڪ اهم نقطو مجاهد بڻجڻ هو ان ميان وال تحريڪ جي ٽوڙي واري ڪمانڊر گاجي شاھ مرشد جا قسم کڻندڙ هي کوسا مجاهد بڻجي جيئڻ وارو رستو وٺڻ بدران مصلحت جي رستي تي هلڻ لاءِ پنڌ نڪري پيا آهن. سنگهار کوسو ڳوٺ ۾ اميدن جون ٽٽل چوڙيون هاڻي رڳو ڪنوار جي گهر جي اڱڻ تي پيل ناهن پر انهن چوڙين جا ٽٽل ٽڪرا ڳوٺ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پيرن هيٺان لتاڙجي رهيا آهن. مصلحتن جي ور چڙهيل کوسن جو پڙهيل لکيل هي نئون نسل هاڻي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پهاڙن جيان ڪنڌ اونچو ڪري هلندڙ پنهنجي ڀينرن ۽ مائرن کي روڪيندو رهندو ته متان انڊس هاءِ وي بند ڪيو اٿوَ، متان پٿر هٿ ۾ کنيو اٿوَ، متان ظلم جي خلاف مزاحمت ڪئي اٿوَ. ڇاڪاڻ سياسي ڀوتارن ۽ پوليس کي عورتن جي اها پر امن جدوجهد آک ۾ ڪنڊي جيان چُڀي ٿي. لڳي ٿو ته بااثرن جي جرڳي ۾ پوليس ۽ ڳوٺاڻن جي وچ ۾ لکئي يا اڻ لکئي معاهدي کان پوءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڊٺل گهر به ٺهي ويندا، سلاخن جي پٺيان قيد ڳوٺاڻا به واپس پنهنجي گهرن ڏانهن ايندا، گهرن جي گُندين مان کنيل ان به واپس ملندو. پر آئينده ڪڏهن به چاچي سنگھار کوسي جي ڏٺل سپنن جي ساڀيان نه ٿيندي نه ئي وري پوليس زيادتين جي خلاف پرامن جدوجهد ڪندڙ سنگهار کوسو جو نياڻيون هٿ ۾ پٿر کڻي پوليس وارن کي هڪلون ڪنديون. پوڙهو ويرو جبل اجھو هاڻي ايندڙ سانوڻيءَ جي موسم ۾ ڀاڪر ته کولي بيٺو هوندو پر ان جي ڀاڪرن ۾ هاڻي خوف ۽ سياسي ڀوتارن جي فيصلن جا ماريل ماڻهو خبر ناهي ڪيترو وقت اکيون پوري ستل هوندا.
۱۹۸۳ ۾ مانجھند ۾ لائيٽ آئي تہ سڄو ڳوٺ بلبن جي روشني سان جرڪي پيو ،گاسليٽ ،بتي ۽ چؤنڪن جي شمعدانن جي جڳھہ تي فلپس جا بلب اچي ويا ،جلدي واٽر سپلاءِ بہ اچي ويئي درياھہ جي ڪپ تي ھجڻ جي ڪري گھرن م پاڻي پھچاۂڻ جو ڪم شروعات ۾ پخالي ڪندا ھئا جيڪي ڍڳن تي پاڻي جون پخالون ڀري پيسن تي وڪرو ڪندا هئا ،غريب ماڻھن وٽ پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ جا ٻہ طريقا ھئا .
۱ /تہ ھو ڊالڊا جي ٻن وڏن ڊٻن م ڪلھي تي پاڻي کڻي گھر پھچائين انھن ڊالڊا جي ڊٻن واري کي ڪاوانٺي وارو چيو ويندو ھو. ۲/ طريقو گڏھن تي پاڻي پھچائڻ جو ھو ،ڳوٺ جو وڏو تعداد ماڻھن جو پاڻي جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ھو مرد تہ مرد پر نابالغ ڇوڪريون بہ گڏھن تي پاڻي ڀري پاڻي وڪري جو ڪم ڪري گھر جي چلھہ ٻارڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديون ھيون ،ڳوٺ جا سڀ مرد ء ٻار صبح شام درياه تي وھنجڻ ضرور ويندا ھئا ان ڪري درياء جو ڪنارو صبح شام ڪچھرين ۽ ٽھڪن جو مرڪز ھوندو ھو ،واٽر سپلاءِ اچڻ سان پخالي ،ڪاوانٺين ء گڏھن تي پاڻي کڻي وڪرو ڪندڙ ھڪ ڌڪ سان بي روزگارٿي ويا ،ٻيئي پاسي سنڌو جو ڪنارو بہ ويران ٿي ويو .پخالين تہ ڍڳا کپائي ٻيو روزگار شروع ڪيو پر گڏھن تي پاڻي ڀريندڙن کڻي گڏھن مان ڳوٺ جي بازار م ھٿ ڪڍيا ،سڄو ڳوٺ گڏھن جي ھينگن جي ور چڙھيل ،گڏھن جو وري پاڻ م وڏو قرب بازار م گھٽيءَ ۽ چؤنڪن تي ڊزنن جي حساب سان گڏ بيٺل ، رستي تان لنگھڻ جو بہ رستو نہ ڏين ،ڪي بيمار ڪي بکيا تہ ڪي ڏاڍا مڙس گڏھہ جيڪي ٽونٽيون بہ ھڻن تہ چڪ بہ ھڻڻ جا ماھر ،آخر گڏھن جي ايڏي وڏي تعداد ۽ سندن بک ء بيماري کي ڏسي رحم کائيندي ڳوٺ جي ھڪ نيڪ مرد ھفتي تاۂين پنھنجي ھارين ۽ نوڪرن ذريعي گڏھن کي سوگھي ڪرائڻ جو ڪم ان نيت سان ڪيو تہ گڏھن کي ٻيڙي رستي درياءَ جي ٻئي ڪنڌي تي موجوده ٻيلي م پھچائجي جيئن سندن کاڌي پيتي جو بندوبست بہ ٿي پوي ۽ ڳوٺ جو ماحول بہ گڏھن جي ھينگن ء لِڏن کان بچي پئي ،نيڪ مرد مڙسي ڪري گڏھن کي درياءَ جي ٻيئي ڪنڌي تي موجود ٻيلي ۾ ٻيڙي ذريعي پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ،اتفاقن جلدي سانوڻي ۾ درياءَ ۾ وڏي پيماني تي چاڙه آيو ٻيلي ٻڏڻ سان ،گڏھ بہ پاڻي م ٻڏي مري ويا ،نيڪ مرد بہ جيئن تہ ڪچي جو زميندار ھو سو درياءَ جي پاڻي ۾ وڏي چاڙھہ جي ڪري ھن جو بہ فصل ٻڏي ويو ۽ کيس لکين روپين جو نقصان پيو ،ڳوٺاڻن عجيب ڳالھيون چوڻ شروع ڪيون ،ڄڻ ڳوٺ مان گڏھن جي نيڪالي جي ڪري درياءَ ايڏي تباھي آندي ھجي ،اڳتي ھلي درياءَ جي ھن پار کان بچي ويل گڏھن ۾ ايڏي واڌ ٿيئي جو ائين محصوس ٿيو ڄڻ ڳوٺ تي وري گڏھن جي بادشاھي اچي ويئي آھي. ھن ڀيري نيڪ مرد بہ خاموش رھيو. ان دوران مانجھند م ھڪ نوجوان عباس ميمڻ اڳيان آيو جيڪو طبعيتن ساڌو ء زبان م ٻاتو بہ ھو تنھن ھڪ عجيب ڪم ڪيو ،روزانو ٻہ ٽي مڻ گاھہ جا وٺي چؤنڪن تي بُکين گڏھن کي کارائڻ شروع ڪيائين ،اڳتي ھلي ھن رولو ڪتن کي پڻ ماني کارائڻ شروع ڪئي ،گڏھن ۽ ڪتن سان نيڪي ڪرڻ جو ھن کي سلو اھيو مليو جو سکيو ستابو گھر سندس برباد ٿي ويو ،پھرين سندس والد سيٺ محمد عيسي وفات ڪري ويو سال جي اندر سندس والد جي ڪاروبار کي سنڀاليندڙ وڏو ڀاءُ شھمير ميمڻ بہ وفات ڪري ويو ،عباس ميمڻ جيڪو گڏھن کي گاھہ کارائڻ جو نيڪ ڪم ڪندو ھو سو پاڙي مان مٽن مائٽن جي مدد تي پنھنجي گھر م معصوم ڀائٽن ۽ گهر جي ٻين ڀاتين جي پيٽ ڀرڻ م لڳي ويو ۽ جلدي ھو بہ سال اندر وفات ڪري ويو. اوھان اڄ بہ مانجھند م داخل ٿيندا گڏھہ اوھان جو استقبال ڪندا سچ تہ سالن کان مانجھند جي بازار ،گھٽين ،چؤنڪن اسپتالن ،اسڪولن ،ٽاؤن ڪميٽي ،يونين ڪاۂونسل جي بلڊنگ ،ٿاڻي ،مختيار ڪار آفيس ،بس اسٽاپ ء ريلوي اسٽيشن ۽ ٻين عوامي جڳھن تي گڏھن جو راڄ آ ! سالن کان اھو راڄ ختم ئي نٿو ٿيئي ،ھڪڙا گڏھہ مرن ٿا يا پوڙھا ٿين ٿا تہ ٻيا گڏھہ اچيو انھن جي جاءِ ولارين ،ھينگن مٿان ھينگون آھن ،چڪ ۽ لتون آھن ،گڏھن جي بدمعاشي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي ! اميد تہ اوھانجي ڳوٺن م گڏھن جي بادشاھي نہ ھوندي ! اوھان وٽ بس انسانن جي روپ م بگھڙن جي بادشاھي ھوندي .
لانڍي جيل ڪراچيءَ جي بند وارڊ جي ٻاهران قيدي ٻارن ميڙو ڪري هن کان پڇي ورتو ته ڇا تون ئي ڊانڊرس قيدي آهين؟! هن معصوم قيدين جي معصوم سوال تي ٽهڪ ڏئي ماضيءَ ڏانهن ڏٺو. هن جي سامهون 29 جولاءِ 1980ع جو اهو ڏينهن اچي ويو جنهن ڏينھن هن جو لڳ ڀڳ ڏيڍ وڳي ٽينَ جي ڇت واري گرم گهر ۾ شديد گرميءَ ۽ گهٽ هئڻ سبب ساه ٻوساٽجي رهيو هو هن کي بک به ڏاڍي لڳي هئي، گهر جي ڀرسان وهندڙ گندِي ناليءَ مان اٿندڙ ڍونڍ جهڙي ڌپ جي ڪري خالي پيٽ مان آنڊا ٻڙڪا ڏيئي ٻاهر ٿي آيا. گهر آهي يا ٻرندڙ کورو! بدن ساڻو ٿي ويو هئس ۽ ڪرسيءَ تي ويٺي ڄڻ آخري پساه کڻي رهيو هو، ڪَڇي کان سواءِ باقي سمورا ڪپڙا لاهي هن پري اڇلائي ڇڏيا هئا. گهر ۾ لکيل ۽ اڻ لکيل ڪاغذن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هو، کائڻ جي لاءِ ستن ڏينهن جي مانيءَ جو ڳڀو ته ڇا، سڙيل بصر به نه هو، جو پيٽ جو دوزخ ڀري ها، هن جي کيسي ۾ رڳو ساڍا ٽي روپيا پيل هئا جن مان دال ماني به نٿي وٺي سگهيو، ٻيو ته رمضان جو مهينو ۽ ضياءَ الحق جي اسلامائيزيشن جو زور هجڻ سبب هوٽلون ۽ بيڪريون به پڻ بند پيل هنيون، مارشلا وارن هوٽل وارن کي ڦٽڪا هڻي هيسائي ڇڏيو هو. هي جھڙپ ڏيئي اٿيو پاڻي پيتائين ته پاڻي هن جا آنڊا چيريندي ويو. هن پاڻ سان ڳالهايو سرڪاري نوڪري هئي ٻه سو رپيا پگهار هو هي ڪٿي اچي انقلاب ۾ ڦاٿو آهيان. هن هٿ سان چهري تان پگهر اگھيو هي پنهنجي پاڻ سان ڀڻڪيو اڄ ئي سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي!! . نذير عباسي جو حڪم هو ته سمورو ڇپائيءَ جو ڪم اڄ ئي مڪمل ڪري ختم ڪرڻو آهي سڀاڻي جهڙوڪر قيامت اچي ويندي ۽ ڪم رهجي ويندو. دروازو کڙڪيو ته دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳيس، خيالن مٿان خيال اچڻ لڳس ساٿي هوندو يا وردين وارا هوندا!! ٿڏا هڻندا کنيو هليا ويندا. وارثن کي اطلاع ڏيڻ وارو به ڪو ڏسي نه سگهندو. هن بستري جي چادر بدن کي ويڙهي دروازو کوليو ته ڪمال وارثي عرف “کدو “ڏند ڪڍيو بيٺو هو. هن شڪايتي لهجي ۾” کدو” کي چيو صبح کان بک پيو مران ۽ تون هٿين خالي آيو آهين. جواب جي انتظار کانسواءِ هن سنڌي ٽائيپ رائٽر جي ڪي بورڊ تي آڱريون رکيون ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيو، ايتري ۾ ٻيهر دروازو کڙڪيو هن سوچيو اٿي ڏسي دروازي تي ڪير آهي پر ان کان اڳ ئي دروازي مان 10 کان15 ماڻهو سادن ڪپڙن ۾ اندر داخل ٿيا ۽ هنن جي مٿان پستول تاڻي بيٺا. هن سمجهي ورتو ته هي ڪير ٿي سگهن ٿا پوءِ ڪمري جي تختي تي پيل” سرخ پرچم ” ۽ “هلچل” جون ڪاپيون بستري جي چادر ۾ ٻڌيون ويون هن جي ڪپڙن کي کڻي ڇنڊڪارو ڏنو ويو ته ان مان ساڍا ٽي روپيا اچي پٽ تي پيا. بندري قد ۽ ٻلين اکين واري شخص حيرت مان چيو فقط ساڍا ٽي روپيا. هن کي ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا، سرخ پرچم جا ورق ورائيندي ساڳي ٻلين اکين واري آفيسر چيو” بري ڪم” جو نتيجو آخر برو ئي ملندو آهي. هنن کي وڏي کيٿاڙي کانپوءِ مقتل گاہ ۾ کڻي آيا رستي تان گذرندي ڪامريڊ رمضان ميمڻ جي گھر واري شاهينه هنن کي ڏسو ورتو ته هنن کي اطمينان ٿيو ته هاڻي ٻين ساٿين کي اطلاع ملندو ته اسان گرفتار ٿي ويا آهيون ۽ ٻيا هن ئي گهر ۾ ايندڙ ڪامريڊ گرفتاري کان بچي ويندا. ٽارچر سيل ۾ اوجاڳا ڏيندي ۽ اڃارو رکندي هن کان بار بار پڇيو ويو ته اوهان کي فنڊنگ ڪير ڪندو آهي، هن کان پڇيو ويو ” مشتاق ” کي سڃاڻين. نذير عباسي کي هي سڀ ڪامريڊ مشتاق جي نالي سان سڏيندا هئا. ڀلا “ماستر “کي سڃاڻين پروفيسر جمال نقوي کي هي سڀ ڪامريڊ ماستر جي نالي سان سڏيندا هئا. هن سڀني سوالن جا جواب انڪار ۾ ڏنا هن سمجهيو پئي ته هي نئون ڊرامو آهي ۽ هن کان وڌيڪ ڀلا ڪير اداڪار ٿي سگهي ٿو. انهن ئي ڏينھن ۾ هن پي ٽي وي جي ڊرامن م ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو ان ڪري ايڪٽنگ جو ته هن کي جنون هو. هن کي پڪ هئي ته هي اداڪاري ڪندي ڪندي هنن جي ڊرامي جو پردو ڪرائي ڇڏيندو ۽ ٿيو به ائين هن کان پڇا ڪندڙ پڇا ڪندي ڪندي ٿڪجي پيا ته هن کي ڪُٽي سٽي بکن ۾ پاه ڪري جڏهن لانڍي جيل ۾ ڇڏڻ آيا ته ويندي ويندي جيل اختيارين کي اهو به چئي ويا ته هي انتهائي ڊينجرس “ڊانڊرس”قيدي آهي. ڊانڊرس قيدي کي لانڍي جيل جي ئي بند وارڊ ۾ خبر پيئي ته نذير عباسي شهيد ٿي ويو آهي هن جي مٿان ڄڻ پهاڙ ڪري پيو هو، وڌيل ڏاڙهي، ميرن ڪپڙن، زخمي بدن سان گڏ ان ڏينھن هن جو روح به روڙجي ويو هو. هي 80 وارو انقلابن جي سحر وارو دور هو، افغانستان ۾ سوويت يونين جي مدد سان ببرڪارمل ۽ ڊاڪٽر نجيب جي حڪومت جُڙي چڪي هئي. افغانستان جي ان نئين انقلاب جو نالو” قومي جمهوري انقلاب” رکيو ويو هو، هي بنھ نئون تجربو هو ڇاڪاڻ مارڪسوادي ان کان اڳ سرمائيداري جي عروج کان پوءِ ئي سوشلزم جي مڪمل ۽ حقيقي آمد جي ٿيوري پيش ڪندا هئا هي ته انقلاب ڄڻ ” ستڙي ٻار” جيان هو، سرمائيداري ته پري افغانستان اڃان قبائلي ريتن رسمن مان جان نه ڇڏائي سگهيو هو. ستڙي ٻار کي جيئن اڪثر آڪسيجن باڪس ۾ رکيو ويندو آهي ائين ئي روسي فوجن افغانستان جي انقلاب کي ٽينڪن جي” بارودي آڪسيجن باڪس” ۾ رکي هٿرادو ساهه ڏيڻ شروع ڪيو، خطو اندروني ۽ ٻاهرين ملڪن جي مفادن جي جنگ جو ميدان ٿيڻ وارو هو. پاڪستان ۾ موجوده اڪثر ڪامريڊن جو خيال هو ته بس روسي فوجون ڄاڻ چمن جي بارڊر ڪراس ڪري آيون، اجھو ٿو انقلاب اچي ان خوش فهمي جو شڪار پاڪستان جا قومپرست به هئا. هڪ جيئي سنڌ جي اڳواڻ اسي واري ئي ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر نجيب جي دعوت تي ڪابل جو سرڪاري دورو ڪري پنهنجي تقرير جي شروعات جڏهن فارسيءَ جي شعرن سان ڪئي ته ڪابل جو صدارتي محل تاڙين سان گونجي اٿيو هو انهيءَ شام اهو ساڳيو مقرر روسي شراب جي نشي ۾ اڌ ڪپڙا لاهي ايوان صدر جي صحن ۾ ڊوڙي رهيو هو. افغانستان جي” قومي جمهوري انقلاب”, جي ڪري بلوچن ،پختونن ۽ سنڌين ۾ وڏو اتساھ ۽ اميد هئي، ائين لڳو ٿي ڄڻ رات جو ننڊ ڪرڻ لاءِ بستري ۾ وڃبو ۽ صبح جو انقلاب در تي اچي دستڪ ڏيندو. سويت يونين کي پاڪستان ۾ اتحادين جي سخت ضرورت هئي ڇاڪاڻ انهن سمجهيو پئي ته افغانستان جي انقلاب کي خطرو ئي پاڪستان ۾ آهي، ماسڪو گهڻ پاسي سيڙپ ڪري رهيو هو. ان ڪري پاڪستان ۾ جمهوري، قومي ۽ طبقاتي تحريڪن ۾ وڏو زور هو، ملڪ ۾ ضيا ئي مارشلا هئي ڀٽي کي ڦاهيءَ کانپوءِ عوام ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ هو جنهن کي هر پارٽي پنهنجي نظرياتي مفادن جي حق ۾ کڻي ويڙهائڻ جي ڪوشش ۾ هئي. ٻئي طرف آمريڪا پنهنجي مستقل مفادن کي سامهون رکندي هن خطي ۾ وڏي جنگ جي تياري ڪري رهيو هو اهڙي جنگ جنهن جنگ ۾ ڊالر امريڪا جو هو زمين پاڪستان ۽ افغانستان جي هئي، فوجون مدرسي جي انهن ماڻهن جون هنيون جن وٽ ٻه ويلا ماني جا نه هئا پر جنت ۾ کين 72 حورون، گلمان ۽ شرابن الطهورا جي ضرورت هئي. ڊانڊرس قيدي ان جنگي دور واري ماحول ۾ فوجي عدالت ۾ پيش ٿيڻ ويو ته هن سان گڏ ڄام ساقي، پروفيسر جمال نقوي، سهيل سانگي،ڪمال وارثي ۽ بدر ابڙو هئا ، اهو ڪيس اڳتي هلي ڄام ساقي جي نالي سان مشهور ٿيو جنھن ۾ جوابدارن جا بچاءَ جا شاهد، محترمه بي نظير ڀٽو، ولي خان، غوث بخش بزنجو، مولانا محمد شاھ امروٽي، طاهرا مظهر علي خان، شيخ رفيع، مسلم شميم، فتحياب علي خان، معراج محمد خان پيش ٿين ٿا، سائين جيئنم سيد سميت، رسول بخش پليجو ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن کي ان ڪري بچاءَ جي شاهدن کان پري رکيو ويو جو ڄام ساقي جو خيال هو ته سائين جيئنم سيد، جنرل ضياءَ جو اتحادي آهي. ڊانڊرس قيدي ڪميونزم کي پڙهڻ لاءِ زور لڳائي ٿو ته هو پنهنجي اڳواڻ ڄام ساقي وٽ پهچي اهڙي خواهش جو اظهار به ڪري ٿو، ڄام ساقي “سب رنگ ڊائجسٽ” جا پرچا هٿ ۾ ڏيئي کيس چئي ٿو ته ڪميونزم جي مونکي به خبر ناهي ائين هي وڏا ٽهڪ ڏيئي هن کي هٿ جا گهڙيل لطيفا ٻڌائي ڄڻ سمجهائيندو هجي ڪامريڊ “اسان جو انقلاب هٿ جي گهڙيل لطيفي جيان آهي جيترو کلين سگھين ٿو اوترو کلي وٺ.” ڊانڊرس قيديءَ کي جيل ڊائري لکڻ جو جنون آهي پروفيسر جمال نقوي هن کي سڏي چئي ٿو روز ويٺو پنا ڪارا ڪرين خبر ناهي ڇا پيو لکين سڀاڻي تنهنجي لکت اسان سڀني کي ڳچين ۾ ڦاها وجهندي هي ڊائري جا ورق کڻي سڀني جي اڳيان رکي ٿو ۽ طعه ڪري ٿو مونکي لکڻ ڏيو ڀلي اوهان روز منهنجي لکيل ڊائري کي ور ور ڏئي پڙهو هن جي خواهش آهي ته هي به بدر ابڙو جيان چنڊ ۽ محبوب جي ڳاڙهن ڳلن تي شاعري ڪري پر ڪوشش باوجود جڏهن شاعري نٿو ڪري سگهي ته هڪ ڏينهن بدر ابڙي جي ملاقات لاءِ آيل بدر ابڙي جي ٿيندڙ سس ۽ مڱيندي جي وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو ٻڌي وٺي ٿو. بدر ابڙو کي پنهنجي مڱ چئي ٿي ته بدر يا” اسان يا انقلاب,”ٻنهي مان هڪ جي چونڊ ڪر. بدر ابڙو پنهنجي مڱيندي جي اکين ۾ گهور وجهي ڏسي ٿو، ان جي ڳلن جي لالاڻ کي اکين ۾ اوتي وٺي ٿو، ڪجھ گهڙيون اکيون بند ڪري ۽ سگريٽ دکائي وڏو ڪش هڻي چئي ٿو”،مون چونڊ ڪري ورتي، محبوب جي جڳهه تي منهنجي چونڊ انقلاب ” آهي ..!! ائين ڪيترائي ڏينهن خاموشي ۾ رهندڙ بدر ابڙو ڀڳل، ٽٽل، من سان سگريٽ ڦوڪي، شاعري ڪندي نيٺ پاڻ کي ٽٽل ايش ٽري جي شيشي جي ٽڪرن جيان اڻڏٺي انقلاب جي سمند بانڊ سان جوڙي وٺي ٿو. جيل ۾ روز مسئلا آهن جهيڙو به آهي ته ڪروڌ به آهي، بک هڙتالون به آهن ته بحث به آهن. ان دوران ٽياسي واري ايم آر ڊي جي جمهوري تحريڪ به شروع ٿي وڃي ٿي هي دور ضياءَ سان سڌي للڪار وارو دور آهي ولي محمد لاسي جهڙا مخلص سياسي ڪارڪن به جيل ۾ اچي رهيا آهن ته قاضي محمد بخش ڌامراهه جهڙا جيالا به جيل جي ماحول کي گرم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن ڊانڊرس قيدي ان ڏينهن وڏا ٽهڪ ڏئي کلي ٿو جنهن ڏينهن قاضيءَ محمد بخش ڌامراهه وڪيل عبدالحفيظ لاکي ۽ اختر حسين وٽ اچي اعلان ڪري ٿو ته هو هاڻي گهڻو ظلم برداشت نٿو ڪري سگهي سياسي قيدين سان ظلم جي انتها ٿي ويئي آهي، غريب قيدين جو سامان جيل جي ماڙي تي ئي هڙپ ڪيو وڃي ٿو، جيلر قاضي ممتاز جي اڳيان جڏهن مطالبا رکيا وڃن ٿا ته قاضي ممتاز چئي ٿو ته ڪنھن به قيديءَ جو سامان هڙپ نه ٿو ڪيو وڃي پر ها قاضي محمد بخش ڌامراهه جي شراب جي ڪريٽ کي روڪيو ويو آهي اهو واپس ڪريون ٿا. ائين ڪي بک هڙتالون مطالبن جي مڃتا کان اڳئي تتر ڀتر ٿي وڃن ٿيون ته ڪي مطالبا “ڊانڊرس قيديءَ” جي ڊپ کان زبان مان نڪرڻ کان پهرين ئي مڃيا وڃن ٿا. انهن ڏينهن ۾ ئي هن جي لاءِ جيل مان نڪرڻ جا ٻه اهم موقعا آيا هڪ “الذوالفقار” پاران پاڪستاني جهاز اغوا ڪرڻ وقت جڏهن هن جون پاسپورٽ ٺاهڻ لاءِ جيل اختيارين اچي فوٽو ڪڍيا ٻيو ڪوڙل شاھ جي وزارت دوران ڌاڙيلن پاران سکر جيل ٽوڙڻ وقت. هي چاهي ها ته جهاز اغوا واري واقعي وقت دمشق پهچي سوئٽزرلينڊ هليو وڃي ها جيئن قادر بخش جتوئي هن وقت سوئزرلينڊ جي ٿڌين هوائن ۾ محبوبن جي ٻانهن جي هندوري ۾ لڏي رهيو آهي يا سکر جيل مان ڦاسي گھاٽ جي 34 ڌاڙيل قيدين سان گڏ جيل ٽوڙي فطرت جي ويجهو ڪچي جي ٻيلن ۾ روپوش ٿي وڃي ها پر هي ڌاڙيل نه هو فقط “ڊانڊرس” هو. هن جي امڙ جي خواهش هئي ته هي مرتضي ڀٽو جي جهاز اغوا واري واقعي جو فائدو وٺي گهٽ ۾ گهٽ جيل مان ٻاهر هليو وڃي ها پر” ڊانڊرس قيدي” کي فوجي عدالتن جي ست سال اٺ مهينا سزا قبول هئي پر ڌاڙيل ۽ دهشت گرد جو لقب قبول نه هو، هي جي واقعي جيل ٽٽڻ وقت ڌاڙيلن سان گڏ هليو وڃي ها ته شايد قيدي شاهد ڀٽو جيان جيل جا ڪپڙا پائي سکر جي گهنٽا گهر کي حيرت مان ڏسندي ٻيهر گرفتار ٿي وڃي ها. هن ته ڪراچي جيل ۾ الذوالفقار جي ڪارواين بابت سنڌ جي ڏهيسر ممتاز ڀٽو کان به پڇيو ته الذوالفقار جي ڪارروائين کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟! ، جڏهن ممتاز ڀٽو جواب ۾ چيو ته مان انهن ڪارواين جو حمايتي آهيان ته هي ڏهيسر سنڌ کي چئي ويٺو ” اهڙو ئي مڙس ماڻهو آهين ته ڀٽي جي ڦاهيءَ کان پوءِ پ پ پ ڇو ڇڏي وئين. هي پاڻ کي وڏو اداڪار سمجهندو هو پر هن کي ان ڏينهن وڏي حيرت ٿي جڏهن پروفيسر جمال نقوي ۽ ڄام ساقي سڀني کي ٻڌايو ته اسان ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي بيماري جو ناٽڪ ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ فوجي عدالت ۾ زور سان پروفيسر ڏڪڻ شروع ڪيو، پروفيسر جهيڻي آواز ۾ چيو منهنجي شڪل فري ويئي آهي، مان ڪنڌ سڌو نٿو ڪري سگهان ۽ ڄام ساقي جي رڙين کان پوءِ پروفيسر کي عدالت کان جيل موڪلڻ بدران ڪراچي جي هڪ سٺي اسپتال ۾ علاج لاءِ موڪليو ويو. هن کان ڄام ساقي ڪيس جي وڪيل يوسف لغاري جا اهي جملا ئي نٿا وسرن “يار شبير ڪهڙو ڪارو منهن ڪريان تنهنجي اڳواڻن ئي طعه ڪيو آهي ته توکي ۽ ڪمال وارثي کي سزا ڏيارڻي آهي ان ڪري ئي مان شاهدن کان پڇا ڪري رهيو آهيان ته افراسياب ۽ پروفيسر جا خط ۽ ” سرخ پرچم” جي ڇپائي واري مشين ۽ پمفليٽ ڪنهن وٽان مليا هئا. ” ڊانڊرس قيدي” جڏهن ڄام ساقي ۽ پروفيسر کي ٻانهون کنجي چئي ٿو اوهان اڳواڻ اسان کي باھ تي رکي هٿ سيڪي رهيا آهيو اسان جي زندگيءَ سان کيڏڻ بند ڪريو ته فوجي عدالت جي احاطي ۾ دوڏا ڦوٽاري ڄام ساقي هن کي چپ رهڻ جو چئي ٿو ته هن جي خاموشي جا بند ٽٽي پون ٿا هي بي خوف ٿي پهريون ڀيرو پروفيسر جمال نقوي ڏانهن آڱر سڌي ڪري چئي ٿو ته “شهيد نذير عباسي” جو” قاتل” تون ئي آهين. مان چاهيان ته اوهان کي ڦاسي چڙهائي سگهان ٿو پر شايد ڊانڊرس قيدي سلطاني گواه ٿيڻ واري ڪني ڪم ڪرڻ کان ان ڦاهي جي ڦندي کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو جنھن ڦاهيءَ کان جمال نقوي جو نالي ٻڌڻ سان ئي ساه نڪري ويندو هو. هن مير ٿيٻي کي خط لکيو ته” نذير عباسي سان ويساه گهاتي جمال نقوي ڪئي آهي” اسان جي گرفتاري ۽ سزا پروفيسر جي غلط حڪمت عملي جو نتيجو هئي پر عقيدي جي وبا ۾ ورتل مير ٿيٻو کي اها ڳالهه سمجهڻ ۾ ست سال لڳي ويا. “ڊانڊرس قيدي ” ڊسمبر جي سرد موسم ۾ سکر جيل جي ٿڌي فرش تي راتيون جاڳي بي اختيار ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو هي عجيب ڄام ساقي ڪيس آهي جنهن مان ڄام ساقي ڇٽي ويو ۽ پويان ڪيس ڪراچي کان سکر تائين رهجي ويو آهي. ٽنڊا ٻيڙين جي ڪري تڪليف ۾ تڙپندي هي جيل جي ڀتين تي خالي آڱرين سان لکڻ شروع ڪري ٿو، امداد چانڊيو ۽ محمد خان سولنگي به آزاد ٿي ويا ، سهيل سانگي به ڇٽي ويو، پارٽي جو دانشور بدر ابڙو به ٻاهر آهي جيل ۾ فقط شبير شر آهي جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر ئي ناهي. هن کي پ پ جي صادق عمراڻي تي اڃان به ڪاوڙ هئي جنهن ڪراچي جيل ۾ شهيد نذير عباسي کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏنيون هنيون هي ڀڻڪيو” هي طعه آهي ته بلوچ جهڙو بي شرم، بي شناس ماڻهو نه ٿيندو اهو طوطي جيان اکيون ڦيرائڻ ۾ دير نه ڪندو ڪرائي جو قاتل بڻجڻ ۾ به دير نه ڪندو! “ هن کي ان منظور سولنگي جي آواز ۽ شاعري سان عشق هو جيڪو جيل جي ماڙي تي اچي هن کي مَنهَنِ ڇپرن ۽ گهر گهر ۾ گوليون فوج پوليس چئي ڌاڙيل پيا ڳوليون وڏي آواز ۾ ڳائي ٻڌائيندو هو. ان ئي منظور سولنگي ۽ مهيش کي جڏهن علي حسن چانڊيو سنڌ يونيورسٽي ۾ جيئي سنڌ جي شيٽ مٿان ڊي ايس ايف جي شيٽ هڻي پادريشن ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي جيئي سنڌ وارن کي ٻڌايو ته اهي ڪم انهن ٻنهي همراهن جا آهن ته جيئي سنڌ جا جوڌا انهن ٻنهي کي فيڪلٽين ۾ ڳوليندا رهيا. ڀلا ڀاڳ منظور ۽ مهيش جا جو علي حسن چانڊيو کي ڪنهن همراه شيٽ هڻندي ڏٺو هو نه ته ڄام فتاح سميجو جي اترادي لتڙن کان شايد هي بچي نه سگهن ها. “ڊانڊرس قيديءَ جي ڊائري” توڙي جو ٽيهن سالن کان پوءِ ڇپي آهي ان جو مهاڳ واعدن ڪرڻ باوجود نه سهيل سانگي لکيو نه ترقي پسند اديب تاج بلوچ. هي ڊائري ان دور جي ڊائري آهي جيڪو دور سنڌ جي سياست جو آئيڊيل دور هو، هر ماڻهو کي انقلاب سان عشق هو هر ماڻهو بي خوف ٿي دار تي چڙهڻ جا خواب ڏسندو هو هي ڊائري اڳواڻن پاران ويساه گهاتين جو اڇو چٺو به آهي ته شهيد نذير عباسي جي قاتل مٿان 302 جي ايف آئي آر به. هن ڊائري ۾ نيرين اکين وارو سرڪش ستار موريو به آهي ته بهادر اڻموٽ فاضل راهو ۽ ڪامريڊ غلام حسين شر به. هن ڊائري ۾ لانڍي جيل جون ڀتيون ٽپي ڀڄندڙ قيدي ٻار به آهن ته سکر جيل ۾ بي دريافتو بند ٿيل سومر ملاح به آهي گھنشام پرڪاش به آهي ته لالا رحمان سمون سان گڏ امر لعل به آهي جنهن کي پيار مان شهيد نذير عباسي “ڇوڙو” چوندو هو . ناهي ته هن ڊائري ۾ رڳو بي وفا نجمه ملاح ناهي جنهن کي ڊانڊرس قيدي شبير شر فقط هڪ جملي ۾ بي وفا چئي ياد ڪري ٿو. هي ڊائري ننڌڻڪن سياسي ڪارڪن جي ڊائري آهي، هي ڊائري ضياء الحق جي مارشل لا تي هڪ سياسي قيدي جي چارج شيٽ آهي. هن ڊائري ۾ خبر ناهي ڇو ڪمال وارثي جي وارثي نه ڪئي وئي آهي ان بابت تفصيلي ذڪرن کان هي ڊائري پري بيٺل آهي.ڊانڊرس قيدي جي ڊائري ۾ امان جو اهو جملو ڪيڏو نه ضمير کي ڌونڌاڙي ٿو. پٽ سٺو ڪئي اهڙي ڪِني پارٽي ڇڏي ڏني اٿئي. “ڊانڊرس قيدي جي ڊائري ” مهم جوئي، دوکي بازي، سياسي جهالت، نظرين جي ڀڃ ڊاهه، مارشلا جي قهرن، ليڊر شب جي موقعي پرستي ۽ سچن سياسي ڪارڪنن جي قربانين جي اهڙي ڪٿا آهي جنهن جا ڪيترائي صفحا جي گم نه هجن ها ته شايد هي ڊائري اسي واري ڏهاڪي جي سياسي حالتن جي آرسي هجي ها. جنھن آرسي ۾ سڀ ڪردار پنهنجو ميرو توڙي اجرو چهرو ڏسي سگهن ها.
هو آمريڪي نيگرو هو، هن جي عمر ڇا هئي فقط 46 سال، آمريڪي ماڻهو چاليھن جي ڏهاڪي کان پوءِ ئي جوان جذبن جي کاتي ۾ ايندا آهن، هنن جي زندگيءَ جي بهارن مان محبت جا گل ڦٽڻ شروع ٿيندا آهن، هو ان ئي عمر ۾ ڪنهن خوبصورت ٻانهن ۾ سمنڊ جي نيري پاڻيءَ ۾ نيرڳ پکيءَ جيان تُڙڳڻ شروع ڪندا آهن، هنن جي چپن تي مرڪ سان گڏ چُمين جي بارش وسڻ شروع ٿيندي آهي، هو سرمائيدارن جي جھجھي سرمائي ۽ وياجن جي ڄار وارين بينڪن جي قرضن هوندي به شيمپين جي سُرڪن سان صبح جي آجيان ڪندا آهن هنن جي رات رقص ڪندي ۽ گرم بستري ۾ بوسا ڏيندي ائين گذرندي آهي جيئن ڪا اها ئي رات هنن جي زندگيءَ جي آخري رات هجي، هي ان ئي عمر ۾ ڀنڀوريءَ جهڙين ڀورين ڇوڪرين جي جوانيءَ جي صُراحيءَ مان پنهنجي چپن جي ٻڪن سان جام نوشي ڪندا آهن. هي آمريڪي ماڻهو پاڻ کي دنيا جا خوشنصيب ماڻهو سمجهندا آهن ڇاڪاڻ هو سپر پاور جي ذهني عياشي سان سپر ميسي(super messy ) جي خفت ۾ ورتل هوندا آهن. هنن جو عشق پهاڙن جي چوٽين، آبشارن جي ٿڌي پاڻيءَ، ڍنڍن جي ڪنارن، ڪتن ۽ ٻلين جي پلونگڙن، گهوڙي سواري ۽ نيرين اکين ۽ ڳاڙهن چپن سان هوندو آهي. پر غلامن جي ٻيڙي ۾ آندل ڪاري نسل وارن ماڻهن لاءِ اڃان آمريڪا زينو فوبيا ۽ نسلي فرق جي بيماري ۾ ورتل آهي، گوري چمڙي وارن ماڻهن جو خيال آهي ته هي نيگرو نسل جا ڊگهي قد ۽ سگهي لڱن وارا ماڻهو گهڻو ڪري ڏوهاري ئي آهن ان ڪري مهذب آمريڪا ۾ ڪارا اڃان به غير مهذب سمجهيا وڃن ٿا. جارج فلوئيڊ نالي ڪاري رنگ واري شخص لاءِ به مينا پوليس جي گوري رنگ واري پوليس آفيسر، ڊيرڪ چاون جو شايد اهو پڪو خيال هو ته هي ڪارو آمريڪي ڏوهاري ئي آهي ان ڪري ڊيرڪ، ڪاري جارج جي نڙيءَ تي زور سان گوڏو رکي ان جي ساه ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ وسان نه گھٽايو . جارج فلوئيڊ توڙي جو بار بار چئي رهيو هو ته “پليز آءِ ڪانٽ ڀريٿ” يعني مان” ساه نه پيو کڻي سگهان” پر گوري رنگ جي پوليس آفيسر ڊيرڪ ، جارج جي نڙيءَ تان ان وقت تائين گوڏو پري نه ڪيو جيستائين جارج جو گرم جسم برف جهڙو ٿڌو نه ٿيو. پاڻ وٽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ” نڙيءَ تي لتَ” ڏيڻ وارو محاورو خبر ناهي ڪڏهن وجوده ۾ آيو ۽ اها به خبر ناهي ته ڪنهن جي نڙيءَ تي ڪنهن جي لَتَ آئي هئي پر متڀيد واري سماج ۾ رڳو آمريڪا جا ڪارا نٿا جيئن اسان به ان متڀيد جا شڪار آهيون، پاڻ ته اهڙي سماج ۾ ساه کڻون ٿا جتي اڄ به ” سيد ميرو ته سوا سيرو” آهي، پاڻ ته اڄ به پنهنجي نالي پويان قبائلي ڪروڌ جا لقب لکي ٻين کي ٻڌايون ٿا ته اسان جو تعلق دنيا جي اعلي نسل سان آهي اسان بهادر به آهيون، جنگجو به آهيون اسان جا ابا ڏاڏا صديون اڳ سفر ڪري هن ڌرتيءَ تي جڏهن آيا هئا ته ڌرتيءَ جا اصلوڪي ڌڻي ان وقت اڃان، ذاتين، پاتين، رنگن، نسلن، قبيلي جي خفت کان ٻاهر بيٺل هئا اسان انهن بي نام ذات وارن لوڪن کي سيکاريو ته قبيلن جي تاريخ به ٿيندي آهي، قبيلا ڏاڍا به ٿيندا آهن، جنگجو به ٿيندا آهن ۽ وحشي به ٿيندا آهن، ذاتيون نيچ به ٿينديون آهن ۽ ذاتيون اُتم به ٿينديون آهن. ماڻهو مڙس ماڻهو به ٿيندا آهن، ماڻهو ڀاڙيا به ٿيندا، ماڻهو ڪارا، ڪري به ماريا ويندا آهن ۽ عورتن کي به ڪاري ڪري گمنام قبرن ۾ به پوريو ويندو آهي يا وري درياه ۾ لوڙهيو ويندو آهي. اسان وٽ اڪثريت اڃان به آمريڪا مخالف آهي ملان کان پڇو آمريڪا ان لاءِ اسلام دشمن آهي ڪامريڊ کان پڇو آمريڪا سامراج آهي ۽ پورهيت دشمن آهن، قومپرست کان پڇو ته آمريڪا انهن وٽ قومن جي آزاديءَ جو انڪاري آهي پر اسان پنهنجي سماج کي ڪڏھن به آمريڪي سپر ميسي (super messy ) واري سوچ کان پري نه رکيو آهي. ڪڏهن اوهان غور ڪيو آهي ته اوهان ڪنهن اوپري ماڻهو کان اٿندي پهريون سوال اهيو ڇو پڇندا آهيو ته “ڀائو ڪير مڙس آهين؟!” جڏهن اهو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي هن ئي ڌرتيءَ جي اصلوڪن لوڪن جي ڪرت واري ذات سان ڳنڍي اوھان سان پنهنجو پاڻ کي تعارف جي تند سان پيش ڪندو آهي ته اوهان جي چهري جا تاثر ڪنهن لهندڙ سج جهڙا ٿڪل ٿڪل ڇو ٿي ويندا آهن. پاڻ اڃان تائين مهذب معاشري جي توڙي جو تشريح کان اڻواقف آهيون پر پوءِ به اسان جي مهذب هجڻ جي دعوي اسان کي مهذب دنيا جي امامت ڪندڙ قوم ڪري بيهاري ٿي سچ ته اها فقط دعوي ئي آهي جنهن جي عملي شڪل اوهان پنهنجي ارد گرد هوٽلن جي جارن ۾ دز سٿيل ” سونهري ڪوپن” ڏانهن ڏسي شايد اهو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃو ته اسان اڃان پنهنجو پاڻ کي مهذب چوائڻ جي لائق نه ٿيا آهيون، اسان ته ڪرشن چندر جي ڪهاڻي “ڏهين روپئي جي نوٽ” جيان ماڻهن کي ماڻهن جي پيرن ۾ پيل جوتن مان سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اسان جو عام انسانن سان رويو انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ انسان دشمن رويو آهي اسان اڄ به ماڻهوءَ جي صلاحيت ان جي قبيلي ۽ ذات سان جوڙي ڏسون ٿا ان ڪري اسان جو سماج هن وقت انساني عظمتن جي ان ڇيڙي تي بيٺل آهي جتي اڃان به هٿ سان جوڙيل ڪم ذات جي نڙيءَ تي نام نهاد اونچي ذات جا ماڻهو لت ڏيو بيٺا آهن. اسان اڄ به نسلي فرق سان جيئون ٿا اسان کي تہ ڪاري رنگ واري ڪنوار به نه ٿي گهرجي اسان کي اڄ به خانداني مڙس جي ڳولا آهي جنهن مڙس جي خاندان جو تعلق ڪنهن به ٻاهرين رعايت يافته ذات يا قبيلي سان هجي جنھن ذات يا قبيلي جو تعلق گهٽ ۾ گهٽ ماضيءَ جي ڪنهن ڦورن ۽ لٽيرن حڪمرانن جي ڪڙم قبيلن سان هجي. اسان جو سماج صدين جي سفر کانپوءِ به نه عورت جي پسند کي پسند ڪري ٿو نه مرد جي خواهش تي راضي آهي ان ڪري پاڻ سڀ، “ماڻهو ڇا چوندا” جي گٺل پيٺل جملي ۾ زندگي گھارڻ جا هيراڪ آهيون. آمريڪا ۾ ڪاري نسل جي ماڻهن جي ڪل آبادي رڳو 13 سيڪڙو آهي پر اسان هتي نوي سيڪڙو ماڻهن جي نڙي تي لتَ ڏيئي سمجهون ٿا ته اسان مهذب قوم آهيون. اسان رنگ ۽ نسل جي بنياد تي نوڪرين، سهولتن، واپار توڙي ٻين شعبن ۾ ماڻهن لاءِ موقعا فراهم ڪريون ٿا. اسان جي اڪثريت اڄ به پاڻ مٿان حڪمرانيءَ لاءِ خانداني ماڻهن جي چونڊ ڪري ٿي اها چونڊ هڪ طرفي چونڊ آهي ڇاڪاڻ عام ماڻهن کي صدين کان اهو سيکاريو ويو آهي ته اوهان فقط ووٽ ڏيڻ لاءِ ئي پيدا ٿيا آهيو حڪمرانيءَ لاءِ مخصوص مخلوق پيدا ٿيل آهي جنهن جو ڪم ئي آهي حڪمراني ڪرڻ. آمريڪا ۾ جارج فلوئيڊ جي آخري جملي “مان ساه نٿو کڻين سگهان” نسلي متڀيد تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي، لکين ماڻهو روڊن تي آهن جن لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا وائرس جي خطري کان وڌيڪ نسلي متڀيد کي آمريڪي معاشري لاءِ خطرناڪ چوڻ شروع ڪيو آهي. ڪيترن ماڻھن آمريڪي سماج کي بيٺل پاڻيءَ سان تشبيهه ڏيندي چوڻ شروع ڪيو آهي ته اسان اڃان 1966ع واري آمريڪا ۾ بيٺا آهيون. اسان کي ٻيهر “گوري نسل جي بالادستي ۽ ڪاري نسل جي ماڻهن جي برادريءَ خلاف تشدد جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻي پوندي نه ته قصو رڳو 46 سالن جي قتل ٿيل جارج فلوئيڊ ۽ 25 سالن جي پيڇو ڪري قتل ٿيل احمد آربيري تائين ڇيهه نه ڪندو، پر هي نسلي فرق سموري آمريڪي سماج جي دون تي مُڪو ٿي لڳندو. پر سنڌ جو سماج اڃان ڀوري ڀيل جي ڪڙم کي قبر ۾ جڳهه ان بنياد تي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جو ڀوري ڀيل سان قبرستان ۾ پوريل ٻين مذهبن ۽ فرقن جي ماڻهن جي دوزخ ۾ وڃڻ جو خوف آهي، سنڌ اڃان ڪنهن ڪوري، موچي، ڪولهي، باگڙي، ملاح ۽ مهاڻي کي برابري سان ڀاءُ چوڻ لاءِ ان ڪري به تيار ناهي جو اڃان هتي “مان ساه نٿو کڻي سگهان…..!! ” جهڙو متاثر ڪندڙ جملو ضميرن کي چهنڊڙيون هڻڻ لاءِ ڪنهن لت ڏنل نڙيءَ مان آخري سڏڪي جيان نه نڪري سگهيو آهي. اڃان اسان جا ماڻهو صدين جي ذلتن جي سفر جي لذتن کان ٻاهر نه نڪتا آهن. اڃان اسان جي اڪثريت نسلي فرق کي پنهنجو مقتدر سمجهي ننڊ جي خمارن ۾ ورتل آهي. اڃان اسان جا ماڻهو آمريڪا جي مهذب پڻي جي ٿڌين هوائن کان پري بيٺل آهن. سچ ته اهو آهي ته اسان وٽ ذلتن جي ماريل ماڻهن جو نه صرف تعداد وڏو آهي پر اشرافيا جا ستم به وڏا آهن. اسان جي بدقسمتيءَ آهي اسان جي ماڻهن جي اکين جا خواب آمريڪي نيگرو جي اکين جي خوابن جيان نه خوبصورت خواب آهن نه ئي وري انهن جي ڀاڪرن جيان اسان جي ماڻهن جي ڀاڪرن ۾ پيار جي گرمي آهي. اسان جي ماڻهن جي نڙيءَ تي صدين کان نسلي فرق جي جبر جي لت رکيل آهي جيڪا سُڪل ۽ اڃايل نڙيءَ کي رڙ ڪرڻ ئي نٿي ڏيئي.