محبوب کي معاف ئي ڪبو آهي.

رات جي پوئين پھر جا لوڻاٺيل لفظ
________________________________________________

ڪافي سالن جي ڳولا کان پوءِ نيٺ هو مونکي ملي ويو. هن جي اکين تي چشمو چڙهيل هو ۽ چهري تي گهاٽي ڪاري ڏاڙهي هئي ،هن سان گڏ ٻه اڇا ڪتا ۽ هڪ ڪاري ٻلي به هئي.
انسانن جي هجومن کان تمام پري هو، شايد ان ڪري ئي کيس نه دوکي جو خوف نه بي وفائي جو ڊپ هو. پرسڪون زندگيءَ جي تلاش ۾ شايد هو ڪامياب ويو هو. هن جانورن جي پيار ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو هو.
هن جي گهاٽي ڏاڙهي جي پويان لڪل چهرو ڪنهن دور ۾ چلڪڻي شيشي جهڙو هو، هن جي مرڪ ائين هئي ڄڻ چپن ۾ رابيل ٽڙيو هجي.هن جي اکين ۾ پورو معقدو هو جنهن ۾ جيڪو داخل ٿيو سو مدهوشي ۾ گم ٿي ويندو هو، هن جي گفتگو سمنڊ جي لهرن جيان هيٺائين کان اوچائيءَ ڏانهن سفر ڪندي هئي.
هن پيار جون سڀ امانتون پنهنجي محبوب وٽ ان آسري امانت ڪري رکيون ته سندس پيار ۾ خيانت نه ٿيندي.
هو “باليءَ ” جي نَوَنِ ٽڪساٽن کان اڻ واقف” علي نواز ناز “جيان دل ۽ دسترخوان ڪشادو ڪري هلڻ وارو انسان هو انڪري ئي ته جڏهن سندس گهر واريءَ سندس خوبصورت چهري تي جڏهن تيزاب هاريو ته باهه ۾ جلندي به هو هوش ۾ رهيو.
هن جنهن سان پيار ڪيو تنهن ئي هن جي چهري کي ساڙي ڇڏيو، سندس هڪ اک هميشه هميشه جي لاءِ ختم ٿي وئي پر هن اُف به نه ڪئي.
هو نه بدلي جي باهه ۾ سڙيو نه ئي هن جي چپن جي ٽڙندڙ رابيلن ۾ ڪا شڪايت هئي.
هن پوليس کي بيان ڏنو “جنهن سان محبت ڪيم ان ئي منهنجي چهري کي مسخ ڪيو، مان ان جي بيوفائي مان اهيو سکيو آهيان ته آئون ان سان وفا ڪريان، مون هن کي سڀ ڪجهه معاف ڪيو ڇاڪاڻ محبوب کي معاف ئي ڪبو آهي.
هوتن سان ڪهڙو حساب.
هو درد کڻي ڏور هليو ويو، انسانن جي هجومن کان ڏور، هن جو نالو امانت گل آهي ۽ هو پنهنجي خوبصورت خيالن جي گلن جي خوشبوءِ سان جتي به هوندو توڙي جو مهڪندو رهندو پر رات جي پوئين پهر ۾ آئون سوچيان پيو اسان امانت گل جيان وڏي دل وارا ماڻهو ڪڏهن ٿينداسين. ڪڏهن اسان پراون توڙي پنهنجن کي معاف ڪرڻ سکنداسين.
حيدر ملاح

جرمني ڏانھن ڀڄي ويل پينافليڪسي چيتو گوريلو!

پينا فليڪس اڳواڻ،ناڪام باڪس آفيس فلم !!
ڪالهه طالبان جو گوريلا اڳواڻ ملان منصور مارجي ويو پر ملان جي تصوير اسان سڀ نه ڏسي سگهياسين ،موت کان پوءِ به ٽن سالن تائين آمريڪا جي اکين ۾ سرمو وجهي روپوش رهندڙ طالبان جي امير ملان عمر جي هٿ ۾ بندوق واري آمريڪا کي ڇرڪائيندڙ تصوير يقينن اسان ۽ اوهان اڄ ڏينهن تائين نه ڏسيا سگهيا آهيون ،داعش جو ابوبڪر بغدادي ڪنهن ٽينڪ تي بيهي تصوير ڪڍرائي ڀتين تي اسٽيڪر چمبرائڻ جي جنون ۾ ورتل ناهي .
سنڌ جا گوريلا پهاڙن جي وچ ۾ بيهي پوز هڻندي فوٽو ڪڍرائي نه صرف سنڌ جي ديوارن تي قداور تصويرن جا پينافليڪس ۽ اسٽيڪر چنبڙائرائين ٿا پر سندن بندوقن جي فائر سان ڪير مري پيو پڇڻ تي به ان جو ڏس پتو ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهن !
خود نمائشي جو هي نادر نمونو فقط سنڌ جي ويڙهاڪن جو هن وقت وَڙُ آهي ،جنهن جي لاءِ هو لکين روپين جي سيڙپ به ڪن ٿا ۽ ڪارڪنن کي اسٽيڪرن ۽ پينافليڪس لڳائڻ جي پبلسٽي واري انقلابي ڪم جي لاءِ استعمال به ڪن ٿا .
شايد دنيا ۾ هن وقت جا سمورا وڏا ويڙهاڪ دراصل اڻڄاڻ خوف ۾ ورتل آهن کين چڱي طرح خبر آهي ته سيٽلائيٽ اچڻ کان پوءِ اڪبر بگٽي بلوچستان جي پهاڙن واري مري قبيلي جي علائقي ڪاهان ويجهو محفوظ غار ۾ به پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز کان بچي نه سگهيو هو ان ڪري ملان منصور کان وٺي ملان عمر ۽ بغدادي تائين ڪو به پنهنجو ڪيمرا جي اڳيان پوز ڏيڻ لاءِ تيار نه هو ،ٻئي طرف اسان جا پينافليڪسي ويڙهاڪ انهن خوفن،خطرن ۽ اڻڄاڻيءَ کان آزاد آهن .ننڍپڻ ۾ حيدرآباد جي سينيمائن جي زينت بڻيل مولاجٽ فلم جي پوسٽرن کي اسان به بيهي غور سان ڏسندا هئاسين جنهن ۾ سلطان راهي جي هٿ ۾ ھٿيار ڏريکاريل هوندو هو ،پوسٽر واري هن ويڙهاڪ جي ساٿين جو اڄ انتهائي نئون ۽ نڪور موقف به سامهون آيو آهي ته اسان ته پرامن سياسي جدوجهد ڪندڙ پارٽي آهيون.
جي اوهان جيئن چئو ٿا ته پرامن جدوجهد ڪندڙ سياسي پارٽي آهيو ۽ اوهان جو ڪنهن به تشدد جي ڪاروائي سان نه اچي نه وڃي ٿو ته پوءِ هي بندوقن سان ڪنهن تي نشانو چِٽي ڦوٽو سيشن ڪرايو پيا .
سنڌ جي ديوارن تي اوهان جا بندوقن جي تصويرن وارا چهٽيل فيناپليڪس ۽ اسٽيڪر ڇا سنڌ جو عوام اهيو سمجهي لاهي ڦٽا ڪري ته اوهان جي ويڙھاڪ فلم سلور جوبلي به نه ڪري سگهي يا مورڳو فلم سنڌ جي سياسي سينيما جي باڪس آفيس تي ئي ناڪام ويئي .(حيدرملاح)

پهاڙن جا پُٽَ

اسين پهاڙن جا پٽ آهيون….!
اسان جون دليون درياهه جيڏيون،
اسان تي سورج تپي ٿو جڏهن
ته پنهنجي مرڪندڙ ڳاڙهائڻ اسان جي
چهري تي چِٽي ٿو وڃي……!
اسان جهور پوڙها هوندين به
جوانن جي دلين ۾ جئنداسين
اسان رني ڪوٽ جا ڌاڙيل ناهيون…….!!
اسان هن جبل جي هر پٿر جا وارث آهيون!
اسان تي سڀاڻي تاريخ گواهي ڏيندي.
اسان سدائين سينا سڌا ۽ ڪنڌ اونچا رکياسين.
حيدر ملاح

سنڌ ۾ درگاهن تي ڇا ٿيئي ٿو؟

ڪامياب آپريشن ڪندڙ، مخدوم سعدي موساڻي ۽ پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل گلاب گادي نشين.
________________________________________________

گهڻا سال اڳ اسان واري علائقي ۾ درگاھ حضرت مخدوم سعدي موساڻي جي ڪرامتن جي وڏي هاڪ هئي. اسان جو پرائمري جو استاد سائين محمد موسي ميمڻ اڪثر درگاهه تي ويندو رهندو هو ۽ واپسي تي اچي ٻين استادن سان ڪرامتن جي قصن جي ونڊ ڪندو هو.
اسان شاگرد وري اهي استاد جي واتان ڪرامتون ٻڌي اچي گهر ۾ ڳالهيون ڪندا هئاسين ۽ ائين سعدي موساڻي جون ڪرامتون سڄي ڳوٺ تائين پهچي وينديون هنيون.
انهن ٻڌايل ڪرامتن ۾ هڪ اهم ڪرامت پٿري جي مريضن، گڙدن جي مريضن ، دل جي مريضن جا رات وچ ۾ سعدي موساڻي پاران آپريشن ٿيڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هئا.
ڪافي سالن کان پوءِ سياسي ڪچهرين جي ڪري رات وڃي راڌڻ ۾ رهيس ته دوستن کان سعدي موساڻي جو ذڪر ٻڌم. کين چيم ته مونکي به ان ﷲ جي ولي جو ديدار ڪرايو.
ٻئي ڏينهن شام جو اسان سعدي موساڻي جي درگاهه تي وياسين. ننڍڙو ڳوٺ هو پر هزارين ماڻهو هئا، ڳوٺ ۾ پرائيويٽ مسافرخانه ائين پکڙيل هئا جيئن سيوهڻ ۾ مسافرخانن جو ڪاربار هوندو آهي.
درگاهه جي احاطي ۾ مرد عورتون ۽ ٻار وڏي تعداد ۾ موجوده هئا، بيمار ۽ اگها ماڻهو دردن کان رڙيون ڪري رهيا هئا.
جن جا مخدوم صاحب ڪامياب علاج ڪيا هئا سي وري پاڻ سان گڏ دهل، سهرا، ۽ ڇيلا ڪاهي آيا هئا.
درگاهه جي ڀرسان پوليس ٿاڻو هو جيڪو بيمارن جي علاج تائين سندن تحفظ ڪري رهيو هو.
جهنگل ۾ منگل هو.
مون درگاھ جي مجاور کان پڇا ڪئي رات وچ ۾ گهڻا آپريشن ٿين ٿا، چيائين، ڳڻيا نه اٿم پر جنهن تي مخدوم سعدي راضي ٿيئي ته آپريشن کڙي، تڙي ٿي وڃي ٿو.
هن ڌڙڪي جي انداز ۾ چيو پيتي ۾ نظرانو وجهه.
اڄ هي تصوير منهنجي نظر مان گذري آهي ته مخدوم سعدي موساڻي جون مونکي ڪرامتون ياد اچي ويون آهن.
مخدوم سعدي موساڻي جو گادي نشين گلاب پيرزادي جو پاڪستان جي مهانگي اسپتال ۾ خير سان آپريشن ڪامياب ٿي ويو.
آئون اهو نٿو چوان ته مخدوم سعدي موساڻي، پنهنجي گادي نشين گلاب پيرزادي جو ڪامياب آپريشن نه پئي ڪري سگهيو ان ڪري گادي نشين کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻو پيو.
مان ته فقط ايترو چوان ٿو ته مخدوم سعدي موساڻي جنهن تي راضي ٿيئي.
تنهن جا ٻيڙا پار ٿيو وڃن. آپريشن به ڪامياب ٿيو وڃن. جي راضي ناهي ته سندس گادي نشين کي به پرائيويٽ اسپتال ۾ آپريشن ڪرائڻو ٿو پوي.
حيدر ملاح

صاحبو! زندگي آخر ڪيتري آھي ؟!

سماج کي تبديل ڪندڙ فرد ھر پل ان اوني ۾ رهندا آهن ته جيڪي هو چاهين ٿا سو هو پنهنجي زندگيءَ ۾ حاصل ڪري وٺن ان ڪري هر پل جو هو حساب رکي اڳتي وڌندا آهن .ڪافي اڳواڻ پنهنجي صحت ۽ وڏي زندگيءَ جي لاءِ به رٿابندي ڪندا آهن . گانڌيءَ جي لاءِ مشهور آهي ته هن هڪ سو سال جيئڻ جي رٿا ڪئي هئي پر شايد نٿومل جي پستول مان نڪرندڙ گوليءَ کي اهيا خبر نه هئي .
گانڌي جوانيءَ ۾ پنهنجي زال سان ازدواجي تعلقات ختم ڪري چڪو هو ”زنا آهي فنا “ جي اصول تي ڪاربند رهندي هن باقي زندگي ان انساني ضرورت کي ذهن مان ئي ڪڍي ڇڏيو .سادو پهرڻ سان گڏ هن ساڌو کائڻ به شروع ڪيو سندس غذا ۾ فقط ٻڪري جو کير شامل هو .
هفتي جو هڪ ڏينهن هن پابنديءَ سان ورت (روزو) رکڻ شروع ڪيو اهيو ورت نه صرف کاڌو نه کائڻ جو پر گڏوگڏ حواسن جو به ورت هو ،نه ڳالهائڻ ،نه ٻڌڻ ،نه ڏسڻ به ان ۾ شامل هو جيئن ٻڌڻ جا ڪن ،ڳالهائڻ جي زبان ۽ ڏسڻ جي اکين کي به هفتي ۾َهڪ ڀيرو آرام نصيب ٿيئي جيئن هو ڊگهي عرصي تائين ڪم جي لائق هجن .
محمد ابراهيم جويو ،سائين جيئنم سيد ،سوڀو گيانچنداڻي جي زندگين ۾ جي اوهان غور سان جهاتي پائيندو ته اتي به اوهان کي سادگي ۽ پاڪيزگي گهڻي حد تائين ملندي .جنهن ڪري سندن زندگين جا سال به گهڻا ٿيا .
سنڌ ۾ وري ابتو نظام آهي هڪ اڳواڻ کي شادين جي سيزن ۾ صبح جو شهداد ڪوٽ ته شام سجاول ۾ پهچي ڪارڪن جي سندي يا سوٽ ماسات چاچي مامي جي شادي ضرور کائڻي آهي نه ته ڪارڪن جي تَرَ ۾ بي عزتي تصور ڪئي ويندي .
ڪنهن دور ۾ مشهور آهي ته شاديءَ جا ڏينهن مشهور لوڪ فنڪار جلال چانڊئي کان ٻڌرايا ويندا هئا هاڻي اهيو ڪم پارٽي ليڊرن کان ورتو وڃي ٿو سائين ڀائو جي شادي آهي ڏينهن ٻَڌي ڏيو پوءِ ليڊر پيو ڊائريون اٿلائيندو مهينن تائين بوڪ ٿيل ليڊر ويٺو حساب ڪندو نيٺ گهوٽ جا ڏينهن ٻڌبا ،ٻُڪيون پونديون ،ٺونٺ جيڏا ڪارڊ ڇپجندا مٿان لکبو ڪاڄ جو سربراهه يا مهمان خاص ڦلاڻو ليڊر صاحب !
بس پوءِ سَهرا شروع ٿي ويندا .مڙس لاڏو ٿيندو معني ليڊر نه ويندو ته مڙس لاڏو به نه ٿيندو .
شاديون ته شاديون ُطهر به ليڊر جي ڪاڄ ۾ وڃڻ کان سواءِ نه ٿيندا .
تعذيتن جي ته ڪهاڻي الڳ لکبي .
مون واري محترما جي خواهش هئي زندگيءَ تي ڀروسو ناهي سو پٽن جي طهرن (سنت ابراهيمي ) جو وڏو ڪاڄ ڪجي .
انڪار ڪرڻ مشڪل هو سو مون به هڪ ڏينهن نه ڪيم اُم نه ُتم چئني پٽن کي (چڙها جا بيٽا سولي پي )واري ڪار ڪري اچي مون واري محترما جي اڳيان پيش ڪيم.
ٿيو ڇا جو پٽن کي چيم هلو ته سنڌ الائجي ۽ سنڌ ميوزم ٿا گهمي اچون بس واپسي تي همراهن جا مُنهَن لٿل هئا پنهنجي ماءُ کي ڏسي اچي روئڻ شروع ڪيائون همراهن سان ٿي ته ڏاڍي جو اهم شيءَ جو ڳچ حصو همراهن جو ڊاڪٽر جي حوالي ٿي ويو .ڪڇ ۾ کڻي سندن ماءُ اوڇاگارون ڏيڻ شروع ڪيون هوڏانهن مون وارا پٽ به سڙيو ويٺا هئا سو گهر ۾ قيامت جهڙي موسم اچي ويئي .سپنا مري ويا .نه ڪاڄ ٿيو نه ٻُڪي نه سَهرا نه پاڻيءَ هارڻ جي رسم نه پٽن آسمان تي ڪا سوني جهرڪي ڏٺي .
اڃان به پيون ميارون اٿندي ويهندي ملن ته تنهنجي ابتن خيالن جي ڪري سڪيلڌن پٽن جي اسان ڪاڄ جون خوشيون نه ڏسي سگهياسين .
ايم ڪيو ايم پنهنجي آئين ۾ لکيو آهي ته بهائي لوگ پاڻ ۾ سماجي تعلقات نه رکندا .سنڌين جي قومپرستين پارٽين وري اڻلکيو معاهدو آئينن ۾ لکيو آهي ته نه ڇڏبو شاديءَ جو ڪاڄ نه وري ڇڏبي رسم طهر سنت !
هي جيڪو سائين جيئنم سيد جا ايترا ڪتاب ڏسو ٿا سي سائين تي پاڪستان سرڪار جي مهرباني جو سبب هئا جو کيس ڊگهي عرصي تائين نظربند رکيائون ،ان مان سائين جيئنم سيد کي هڪ فائدو ضرور ٿيو جو شادين ،مرڻن جي رسمن کان بچي ويو ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪم تي ڌيان ڏيئي پاڻ کي تاريخ ۾ هميشه جي لاءِ زندهه رکي ويو رياست کي وري اهيو فائدو ٿيو جو سنڌ جي قومي تحريڪ وکريل رهي .
جڏهن ته هن نسلن جي اڳواڻن کي نه رياست ٿي نظربند ڪري نه ئي کين پنهنجي زندگيءَ جي گذرندڙ هر پل جو قدر آهي .
صحت ۽ پيسي جو ذيان ته ڪن ئي ڪن ٿا پر گڏوگڏ سڀاڻي تاريخ ۾ به شايد ڪو وڏو سندن ذڪر هجي ڇاڪاڻ وقت نه هجڻ ڪري لکڻ پڙهڻ تي به سندن ڌيان انتهائي نه هجڻ برابر آهي .
اڪثر اڳواڻ سڄو ڏينهن رنگ برنگي گوريون ۽ ڪيپسول ڦَڪي زندگيءَ جو گاڏو هلائين ٿا .نتيجي ۾ مستقبل ۾َسندن صحت جو اشو ايڏو وڏو هوندو جو سنڌ جا سڀ اشو ان اشو اڳيان ڪجهه به معني نه رکندا .
هڪ اڳواڻ نه ماڻهن جي خواهشن جو ٺيڪو کڻندو آهي نه عام ماڻهن جيان فضول زندگي گذارڻ جو ڪم ڪندو آهي ماڻهن جي پٺيان هلڻ جي بدران ماڻهن کي پٺيان هلائيندو آهي ،ڳڻ ڳوت سان اڳتي وڌي هر پل کي قيمتي پل بڻائي پنهنجي وطن جي آزادي ۽ انقلاب لاءِ ڪم آڻيندو آهي .
سنڌ ۾ قصو ابتو آهي !
اڳواڻ کي روبوٽ بڻائي هلائڻو آهي چاڪيءَ جي ڏاند وانگر سندس اکين تي کوپا چاڙهي ڊوڙائڻو آهي شام جو ويچارو ڏاند جهڙو ليڊر کوپن لهڻ سان ساڳي گهاڻي واري جڳهه کي ڏسيو مٿي کي هٿ ڏيو ويهو رهي ائين وهي کاتي مان هر روز هڪ پنو ڦاٽي ٿو ۽ هڪ ڏينهن ٿي ويندو سڀ ڪجهه خلاص !
سو سنڌ جا ليڊر پنهنجو پاڻ تي به رحم ڪن ۽ سنڌ تي به رحم ڪن ۽ قومي ڪارڪن وري سنڌ جي آزادي ۽ انقلاب جي عظيم مقصد خاطر پنهنجي اڳواڻن تي رحم ڪن .ٿورو سوچيو هڪ پارٽي جا رڳو ويهه هزار ڪارڪن هجن انهن جا مرڻا پرڻا جي ليڊر کائيندو ته انقلاب ايندڙ ستن صدين ۾ نه ايندو زندگي جا پل ته ڳڻيو صاحبو زندگي آخر ڪيتري آهي؟
(حيدر ملاح)

ڀَڙِوو!

سالن کان سنڌي ادب ۾ توڙي عام ماڻهن جي واتان ڀَڙِوو لفظ پيو پڙھندو ۽ ٻڌندو هوس ،پر عجيب اتفاق هو جو اهو ڀَڙَوت جو ڪردار ادا ڪندڙ ڀَڙِوو مون روبرو نه ڏٺو هو ،جي ڏٺو به هوندم ته ڏيان نه ڏنو هوندم ،تازو مان سنڌي ڊرامه ڊئريڪٽر ،ايڪٽر ۽ رائيٽر نظر رونجهو سان گڏ لاهور کي گهمڻ ويس .شاهي قلعي کان ٿيندا شاهي مسجد گهمي اقبال جي آخري آرامگاه تي سندس شڪوه شاعري پڙهندا انارڪلي بازار مان گذريا سين ته هر در جي اڳيان هڪ همراه ڏيڍي ٽوپي پاتل ،وچين آڱر ۾ سگريٽ جهليو، هڪ اک کي اڌ بند ڪريو ڏيڍي اک ۽ ھٿن جي مخصوص انداز سان اشارا ڪري رهيو هو .
نظر رونجهي پنهنجي آرٽسٽ اک سان ڏسي مونکي ان همراه ڏانهن متوجهه ڪرائيندي چيو ،
سائين هن کي سڃاڻو ٿا ،
غور سان ان همراه کي ڏسڻ کان پوءِ چيم همراه ڏٺل ٿو لڳي پر ياد نٿو اچي ،
کلي چيائين سائين هي هن جسم فروش بازار جو ڀَڙِوو آھي .
رڙ ڪري چيم نظر رونجها اهڙا ڀَڙِوا ته مان روز سنڌ ۾ ڏسندو آھيان ،ڪنهن سردار، ڀوتار جي ڀَڙِوَتَ ڪندي، ڪنهن صوبيدار جي ڀَڙَوت ڪندي ،رياستي ادارن جي ڀَڙِوت ڪندي .افسوس مان کين تمام دير سان سڃاتو ،بس لاهور جي ڀڙوي ۽ سنڌ جي ڀَڙِوي جي اسٽيٽس ۾ وڏو فرق آھي ،سنڌ جو ڀَڙِوو ان معاملي ۾ بظاهر مهذب ،صاف سٿرو ۽ وڌيڪ خوشحال آھي ،
نظر رونجهي چيو سائين ڇو نه وڌيڪ اسٽيٽس هوندس، آخر جو سردار ،ڀوتار ،صوبيدار ۽ رياستي ادارن جو ڀَڙِوو آھي .ڪنهن انارڪلي بازار جي جسم فروش عورت جو ڀَڙِوو ٿوري آھي .
هڪل ڪري چيومانس ٽڪيٽ وٺ ٽرين پڪڙ ته توکي سنڌ جو هڪ نالي ۾ معزز ۽ معتبر ڀَڙِوو ھلي ڏيکاريان .
نظر رونجهي چيو سائين ،ڏيکارڻ جي ضرورت ناھي مان ته ان ڀَڙِوي کي سالن کان سڃاڻان اوهان مڙئي سادا ماڻهو آھيو،پنهنجي دل وارا ماڻهو .اوهان سچ ته ماڻهوءَ کي سندس اصليت سان سڃاڻڻ ۾ ڏاڍي دير ڪندا آھيو .افسوس !!(حيدر ملاح)
منهنجي اڻڇپيل ڪهاڻي “جيڪو پاڻ ڏانهن سمجهي “مان کنيل ٽڪرو .

مهمان ڪالم، ليکڪ شوڪت ميمڻ

ائين نه ماريو يار..!

اها خبر فقط مانجهند جي ماڻهن کي آهي ته جڏهن هن جا هم ڪلاسي ڇوڪرا يونيورسٽيءَ ۾ وڃي وڏيون ڊگريون ۽ سڻڀيون نوڪريون وٺڻ جا خواب ڏسندا هئا تڏهن مانجهند جي هوٽلن تي مزدوري ڪندڙ محمد خان ملاح جو سانورو پٽ پنهنجي نيرين اکين ۾ انگريزيءِ جا سبق ياد ڪري آڙيڪاپ آفيسر ٿيڻ جا خواب ڏسڻ بجاءِ ڪبير جا شعر ياد ڪري رهيو هئو…
هُو جڏهن براديءَ ملاح جي ٻِيڙين جي ڀانڊي تي دانشوراڻيون ڳالهيون ڪندڙ ڪاريگر کي پنهنجي هم جنس محبوب لاءِ اداس ٿيندي ڏسندو هئو ته کيس چوندو هئو،
تُلسي ايسي پريت نه ڪر، جيسي لمبي کهجور
دهوپ لگي تو چهائون نهين، بهوک لگي تو پهل دور.
پوءِ جڏهن هُن ديس جي اڀ تي غلاميءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل ڏٺا ته هو ٻِيڙي ٻاڌارن کان مرڪي موڪلائي سياست جي ان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو جنهن جي ناکئي سن جي پتڻ تان پڪاريندي کيس چيو ،
ڪنهن لاءِ تڪين تو ڪنڌيءَ تان، ٻي ٻيڙي ڪابه نه اچڻي آ،
جي تون به اچين او وڻجھارا! توکي به اُڪاري وينداسين۔.
رضا فقير سان رهاڻيون رچائيندڙ هن جڏهن ڏٺو ته سندس شهر جي مندرن جا پوڄاري ٻئي پار هليا ويا آهن ۽ ورهانڱي جي واچوڙن ۾ وکري ويل ويڙهي جي هڪ ديوان سيٺ پاران پنهنجي محبوب زال جي ياد ۾ جوڙايل محبت جي مينار تي مانجهند جي ملائن ڪفر جي فتوائن واري چاڪنگ ڪري ڇڏي آهي تڏهن هن پنهنجو نالو مٽائي “ڪمار” رکي ڇڏيو. حيدر ملاح کي اڄ به سندس پراڻا دوست “حيدرڪمار” ڪري سڏين ٿا.
پر “مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا” جي پرچار ڪندڙ پوڄاري حيدرڪمار کي ڪهڙي خبر ته سندس نالي مٽائڻ واري رسم نڀائيندي پنهنجا نالا تبديل ڪندڙ سندس ساٿي اڳتي هلي پنهنجا رستا به تبديل ڪري ويندا.
اڄ پل صراط تي ڪيل پنڌ جي پنجويهه سالن جي سلور جوبليءَ جي موقعي ته سائين حيدر کي تنقيدن جا تمغا پارايا ويا آهن.
ايترين ملاقاتن کان پوءِ به اجنبي بڻيل سندس دوست مٿس تُهمتن جا تير ائين وسائي رهيا آهن جو چوٿي صديءَ جي انهيءَ سفر ۾ ڪٿي ڪنهن دشمن به اهڙو آڌرڀاءُ نه ڪيو هوندس.
هن جي دل ته تنبوري جي اها نازڪ تار آهي جنهن کي ڇيڙي علڻ فقير گلن جي کيتن ۾ ٻيهر ملڻ جا گيت آلاپيندو هئو. هن جون اکيون چترڪار جو هڪ اهڙو ڪينواس آهن جن ۾ پنجويهه سالن کان هڪ اڻ پوري تصوير چٽيل آهي، ان تصوير ۾ چئو طرف سرنهن جا ساوا پيلا فصل آهن، تصوير ۾ وڻن جي وچ مان ويندڙ هڪ رستو به آهي جنهن تان هڪ ننڍڙو ٻار پٺيرو پري کان نظر ايندڙ اسڪول ڏانهن وڃي رهيو آهي.
پر سندس پارٽيءَ جو “پروفيشنل فوٽوگرافر ” ان ٻارڙي جي هٿ ۾ جهليل ڪتابن ۾ لکيل لوڪ ڪهاڻيون پڙهڻ کان قاصر آهي جن ۾ وطن سان محبت ۽ وفا جا سبق ڏنل آهن.
هو ڪينن جي مهانگي ڪيمرا جي فليشن وانگر تنقيدن جا تجلا ڪري ٿو ۽ سامهون ويٺل چريو چترڪار گهڙيءَ کن لاءِ اکيون ٻوٽي ٿو ۽ پنجويهه سالن جي پنڌ تي سوچي ٿو. هو سوچي ٿو ، ويل به ورچي نه ويٺس پوءِ به هي سفر سجايا ڇونه ٿيا.؟ جن رستن تي نيهن جا نه ڄاڻ ڪيترا نشان ڇڏيم پوءِ به هي پيچرا پرايا ڪئين ٿيا؟
اڄ کان ڪيئي سال اڳ جنهن پارٽيءَ جي پيڙهه جا پهريان پٿر رکڻ ۾ هن جا به هٿ هئا تنهن پارٽيءَ مان هُو ائين پيو وڃي جيئن ڪو ڪاوڙيل پُٽُ پنهنجو گهر ڇڏي ويندو آهي.؟
پر مَنُو ميربحر جي پُٽَ جي دل جو درد “بائو ديري” جي باغن جو اهو مالهي ڪئين ٿو سمجهي سگهي جيڪو لِڪَ چوري انب پٽيندڙ هاريءَ جي پٽ کي مارڻ لاءِ سندس گهر تائين مِڙي پوندو آهي…
ٽانگي جي ٽاپولين تي انڊيا جا پراڻا گيت جهونگاريندڙ مَنوُ ميربحر جي اداس اکين واري پٽ جي ٽٽي پيل دل کي اهو “موچي” نٿو ٽانڪي سگهي جيڪو آٽو ڀان جا وڏا اسٽور ڏسي پنهنجي پراڻي پيڍي وساري چڪو آهي ۽ حُسن کي سجدا ڪندڙ مانجهند جي هن ملاح جي اڌ ٿيل اندر جي احساسن کي ڀلا اهو سياسي اڳواڻ به ڪئين ٿو سمجهي سگهي جيڪو دوستن جي دعوت ۾ مرچ مصالحن سبب پيٽ جي خرابيءَ جون خبرون ٿو ڪري.
ٻه ٽي وکون کڻي ٿڪجي پوندڙ پنهنجي ساٿين کي اڃان به ڏور منزلن جو ڏس ڏيئي وري پنڌ ڪرڻ جون صلاحون ڏيندڙ انهيءَ صوفيءَ جي سوز کي ڪير ڪئين ٿو سمجهي سگهي جنهن جا ڏٺل سپنا ساڀيائن جي سرزمين تي پهچڻ کان اڳ پرديسي پکين جيئان ماريا ويا…
اهي سپنا جيڪي مانجهند جي محمد خان پنهنجي پٽ لاءِ ڏٺا هئا، اهو محمد خان جيڪو هوٽل جي گراهڪن جا بچيل بسڪيٽ کائي شام جو ملندڙ مزدوريءَ مان پنهنجي پٽ لاءِ ڪتاب خريد ڪري ايندو هو……
هن پنهنجي سپنن کي سبوتاز ڪري پنجويهه سال پنڌ ڪيو..
ها پل صراط تي ڪيل پنڌ عيوض کيس ڪنهن به ڪئلينڊر جي تصوير بڻجڻو نه هئو.
هو ته فقط هڪ ڪلپنا، هڪ مورت گهڙيندو رهيو!
پر، ڇا هُن کان پوءِ ايندڙن کي ڪير اهو چوندو ته هُو، روشنين لاءِ اونداهه سان وڙهندو هئو..!

آپريشن……..

نوٽ: ھي پوسٽ فقط قومي ڪارڪنن جي لاءِ لکي ويئي ويئي آھي.
سياسي سماجي اڳواڻ ، اديب، دانشور ۽ شاعر پڙھڻ جي تڪليف نه ڪن!
ـــــــــ ـــــــــ ـــــــــ ـــــــــ ـــــــــ ـــــــــ ـــــــــ ـــــــــ ـــــــــ

آپريشن ضربِ عضب ۽ ردالفساد ۾ فرق!!
ھي 29 اپريل 2017جي گرم شام جو ذڪر آھي مان سنڌ جي ھڪ قومپرست اڳواڻ سان سن شهر ۾ ڪچهري ڪري رھيوھوس، ھو 98 ڏينھن ڳجھن ادارن جي پڇا ڳڇا کان پوءِ ٽارچر سيل مان واپس ٿي آيو ھو. سندس ڪچهري جو موضوع ڳجھن ادارن جي ان تبديل ٿيندڙ رويئي بابت ھو جنهن کان سچ تہ ھو گھڻو متاثر لڳي رھيو ھو.
کيس شڪايت ھئي تہ ڳجھن اداران ۾ شامل سنڌي نوجوانن کيس تمام گھڻو ذهني تشدد ڪيو جڏھن تہ پنجابي ڳالھائيندڙن جو ساڻس رويو انتهائي مھذب ھو.
78 سالن جي ھن پوڙھي سياسي اڳواڻ جو ڳالھين مان ائين لڳو ھاڻي سندس ڪنھن به قومپرست جماعت سان ڪو سڱ نه رھيو آھي پر اڃان قومپرست سياست سان اميدن جو رشتو نه ٽٽو ھوس.
منھنجي ئي سامھون جڏھن ھڪ اخبار جي صحافي ساڻس سوال ڪيو تہ اوھان ڳجھن ادارن جي قيد کان پوءِ واپسي تي اخبارن ۾ انٽرويو ۾ چيو تہ قومپرست سياست اسان کي ڪجھه نه ڏنو آھي ھاڻي قومپرست سياست کي الوداع ڪريان ٿو تہ جواب ۾ ڊگھي خاموشيءَ کانپوءِ چيائين شايد مان ٽارچر سيلن جي عذاب کان نڪرڻ کانپوءِ ان ڪيفيت ۾ ھوس جتي مون وٽ فقط مايوسي ھئي!
ردالفساد آپريشن مڪمل طور ضربِ عضب کان مختلف آھي، ضربِ عضب ۾ ضرب ھڻي سر چٽ ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ٿيندو ھو يقينن سنڌ ۾ چچريل لاش۽ بلوچستان ۾ اجتماعي قبرون اوھان ۽ اسان کي ياد ھونديون پر آپريشن ردالفساد ۾ برين واش تي زور ڏنو ويو آھي.
جنرل باجواہ گذريل ھفتي ڪراچي جي دوري ۾ ھي واضع چيو تہ مان نيم قومپرستن ۽ قومي منحرفن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ڪوششن جي تعريف ڪريان ٿو.
نيشنل ايڪشن پلان جي نئين پاليسي تحت ھر قسم جي انتھاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ يونيورسٽي ۽ ڪاليجن جي استادن کي به پلان جو حصو بڻايو ويو آھي، جنرل باجواہ پاران شاگرد يونين تان پابندي لاھڻ لاءِ ملڪ جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي به دعوت ڏيئي( جي ايڇ ڪيو) گهرايو پيو وڃي.
نامياري صحافي مظهر عباس جو چوڻ آھي تہ نيم قومپرست، يا منحرف ٿيلن جو اصطلاح انھن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪي مبينا طور ملڪ دشمن عنصرن يا گروپن پاران استعمال ٿيا، انھن ۾ بلوچ، سنڌي، مھاجر سڀ شامل آھن.
ردالفساد جي نئين حڪمت عملي بلوچستان پاليسي جو فالو اپ سمجھيو وڃي جتي سرڪاري دعويٰ مطابق هزارين ماڻھن ھٿيار ڦٽا ڪيا آھن ۽ ٻيھر بحاليءَ جي دور مان گذري رھيا آھن.
سياسي ڪارڪنن جي بحاليءَ واري سرڪاري پاليسي مان َ سنڌي فائدو ڪيترو ٿا وٺن سا خبر ناھي پر مھاجرن جي ھر ممڪن ڪوشش آھي تہ سرڪار بلوچستان جيان عام معافي جو اعلان ڪري، جيئن برطانيه، انڊيا ۽ ڏکڻ آفريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ لڪل مھاجر فائدو وٺي سگھن جن جو تعداد لکن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. اھڙو مطالبو فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال بار بار ڌھرائيندا رھن ٿا،
ھن وقت سنڌ ۾ ايجنسين وٽان آزاد ٿيندڙن کي ڪاٽن جا جوڙا، اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپيون تحفن ۾ ملن ٿيون انڊيا جي ڳجهي اداري( را) سان تعلق ٽوڙڻ جي يقين دھاني ورتي وڃي ٿي ۽ سادن ڪپڙن ۾ ويٺل پوليس عملدارن جي سامھون پريس ڪانفرنسن ۾ قومي پرچم سان گڏ قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جون پريس ڪانفرنسون ڪرايون وڃن ٿيون.
اھيو سڀ ڪجھه ردالفساد آپريشن جو حصو آھي،ھي جيڪو سوشل ميڊيا تي ماڻھو جسقم ۽ ٻين قومپرست جماعتن کي پارلياماني سياست جون صلاحون ڏيندي اوھان کي ملن ٿا يا وري جسقم جي جيئنمنسٽ ڪائونسل ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي ايجنڊا تي بحث واري پريس رليز اھيو سڀ آپريشن ردالفساد جي اندروني طور لابنگ جو مظهر آھي.
ٻئي طرف، چائنہ، انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مستقل ٺاھہ لاءِ ڪوششون جاري آھن جي ٺاھہ ٿِئي وڃي ٿو تہ( را) ۽( آءِ ايس آءِ ) جي وچ ۾ پراڪسي وار جي ايجنٽن جي لسٽن جي به مٽا سٽا ٿيندي، پوءِ ڇا ٿيندو پاڻ ڀلي ڀت سمجھون ٿا، جيئن خالستان تحريڪ سان ٿيو ھو !!
انڪري ضروري آھي تہ قومي تحريڪ جا بنياد سنڌي عوام جي ذھنن ۾ رکجن، پراڪسي وار جي ايجنٽ ٿيڻ بدران سنڌي عوام جي ويساهه ۾ جئجي، وطن جي جدوجهد کي تيز ڪجي محڪوم طبقن جي آزادي لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏجي.
ردالفساد آپريشن جي خوف مان نڪري عوام جي اڳواڻي ڪجي،
جيڪڏھن اوھان ڪنھن به ڪرائيم ۾ شامل ناهيو، مذهبي دھشتگردي جو حصو ناهيو، پراڪسي وار جا ايجنٽ ناهيو، اوھان جي تحريڪ جا بڻياد نج عوامي آھن تہ اوھان کي خوف کي شڪست ڏيڻ گھرجي.
پاڻ کي ان ڳالهه تي هميشه ايمان ھجڻ گھرجي تہ سياسي جدوجھد ۾ ئي قوم جو جياپو ھوندو آھي، مايوسي ختم ٿيندي، تنظيم متحرڪ ٿيندي، عوام جو ويساهه وڌندو ۽ اوھان ڪاميابيءَ جي ويجھا ٿيندا.
حيدرملاح

توکي ڪهڙي خبر!

اوهان ڀلي لک قومپرست سياست کي گاريون ڏيو پر پنهنجي اندر مان قومپرستيءَ جي جزبي کي ته ڪڍي ڏيکاريو .
ملڪ کان ٻاهر ڇو ڪراچي ،اسلام آباد ۽ لاهور جي هوائي اڏن،ريلوي اسٽيشنن ۽ بس اڏن تي شل نه اوهان ڪنهن کي سنڌي ڳالهائيندي ٻڌو ٿا ائين اوهان جا حواس ڇڪجي وڃن ٿا ڄڻ ڪو اوهان کي چقمق ڇڪيندو هجي .
اهيا ئي سنڌيت جي صدين جي پچار آهي جنهن پويان هزارين ماڻهن جا اوجاڳا ،ڏکين پيچرن تي پنڌ ،جوانيءَ جي جزبن جي قرباني ، محبوب جي چمين کان انڪار ،جيلن جا عذاب ۽ گولين جي سامهون سينا سڌها ڪري بيهڻ جون جرئتون شامل آهن .
اي هلڪڙا ،ٽرڙا ،پوڍاوا ،فلترو ،تون ڇا ڄاڻين ته سائين جيئنم سيد ڪيئن راتين جا اوجاڳا ڪري سن ۾ سنڌ کي نور نچوئي هڪ ٿيڻ جي صدا ڏني هئي !
توکي ڇا خبر ته ڀوتارن جي ڪتن بڇڻ باوجوده حيدر بخش جتوئي ڪيئن هارين جي حقن لاءِ جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ جا گيت لکي رهيو هو.
توکي ڪهڙي پرک ته شهيد نظير عباسي ڪيئن ثابت قدم بيهي رات جي بگهڙن کي للڪاريندو رهيو .
تون ڇا ڄاڻين ته ڪيئن پليجو ڳوٺ، ڳوٺ جهاڳي ۽ جاڳائي رهيو هو .
تو کي ڪهڙي خبر ڪيئن ڊاڪٽر قادرمگسي لوئي ۽ لڄ جي تحفظ جي لاءِ سر ڪفن سان ٻڌي نڪتو ۽ پوءِ ٽارچر سيلن کي شڪست ڏيئي ،شهيد ڪمال جي رت جي بوند بوند کي لفظ ڏيئي سنڌ کي لساني دهشتگردن ،بدبودارن ڀوتارن کي ڌوڙ ۾ دسيندو سندن نجي جيلن جي ديوارن مان صدين جي غلامن کي آزاديون ڏياريندو رهيو .
تاريخ جا بدنصيب، بدبخت، قومپرستي جي نالي تي جي هزارين ماڻهو قربانيون نه ڏين ها ته اڄ تنهنجي ذهن ۾جيڪا سنڌيت جي سرهاڻ آ .
ان جڳهه تي تو وٽ 47 جي ورهاڱي جي بدبوءِ هجي ها .
ان ڪري پاڻ کي سنڀال !
ان نسل مان نه ٿيءُ جنهن جي قبرن تي ڪتا ۽ گڏهه پيشاب ڪندا .
انهن مان ٿي جن کي ايندڙ نسل ،تعظيم ،پيار ۽ فخر سان ياد ڪندا .( حيدر ملاح)

مونکي مهرباني ڪري هن سوال جو جواب ڏي؟!

اسان وٽ سياست ماءُ جي مٿي تي ڇانوَ بڻيل چُنريءَ جيان مقدس رهي آهي ،اسان وقت جي فرعونن جي اڳيان سدائين سينو ساهي بيٺاسين . اسان بي گهر صحي پر اسان جا مَسڪن ماڻهن جي دلين ۾ آهن
اسان جو موت گواهي ڏيندو تون ان وقت ڏسي وٺجان اسان جي دشمنن جي به اکين ۾ لڙڪ هوندا ۽ سندن چپن تي اسان جي فقيري واريءَ زندگيءَ جا ترانا هوندا .
اسان ته ڀوتار جي بنگلي جي در تي وڃڻ جي ته پري ڳالهه اسان سندس سيمينٽ جي ڀت کي به ڪڏهن پري کان بيهي بُجو ڏيڻ نه وياسين ،ڇاڪاڻ اسان سدائين اکين ۾ اکيون وجهي ساڻن ڳالهايو.
اهيا طاقت ۽ سگهه اسان کي قومپرست ترقي پسند سياست ڏني .
اسان باغين جون ٽوليون ٺاهيون جن جي ذهنن ۾ بغاوتن جون چنگاريون ٻاريوسين .سندن بند زبانن کي سچ جا لفظ ڏناسين
کين حق ۽ ناحق ۾ بنيادي فرق سمجهڻ جي پروڙ ڏنيسين .
ياد ڪر ،اسان ڳوٺ ڳوٺ ۾ پيرين پنڌ صبح ٿيڻ جا سنيها کڻي پرجوش قدمن سان پنڌ ڪياسين .ماڻهن جي هجومن ۾ اُڀي پيرين بيهي ڪوڙ جي ڪوٽ کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڪوٺون ڏنيوسين .
قلم کي اڳٺ وجهڻي ٺاهڻ بدران هر لکيل سٽ کي انساني آزادي ۽ وقار سان سلهاڙي بيهڻ جو ڏوهه ڪيوسين .
ها اسان !
دشمنن کي جهولين ۾ ائين پاليوسين جيئن جوڳي نانگن کي پاليندا آهن .
گاريون گل سمجهيوسين ،طعنا به ائين دل تي ورتا سين ڄڻ محبوب جا ماڻا هجن .
ماڻهو چون ٿا اگهه ئي نه لڳا !
او بادشاهو!
اگهه بازاري شين جا لڳندا آهن ،
ڀڳڙن جي مُٺِ تي وڪامڻ پري ٿيو اسان ته ماڻهن کي ڀڳڙن جي کَلن تي وڪامندي اکين سان ڏٺو .
سنڌ اسان جي طاقت آهي ائين جيئن عاشق لاءِ محبوب طاقت هوندو آهي .اسان لاءِ سياست عشق آهي ،اوهان لاءِ سياست ڌنڌو هوندي ،
ڌنڌي جي پيدوار ماڻهن کي هر ٻيو ماڻهو بازار جو سوداگر لڳندو آهي .
اسان جي سچائيءَ جا ثبوت اسان کان نه گهر اسان جي مخالفن جو تعداد ڳڻي وٺ توکي معلوم ٿي ويندو ته اسان ڪنهن ڪنهن کي سنڌ جو سودو ڪرڻ کان روڪيو !
ڪنهن ڪنهن کي اسان ڌرتيءَ جي ترازو ۾ توري هميشهه هميشهه لاءِ پنهنجي زندگيءَ مان ڪڍي ڦِٽو ڪيو .
اسان جو وطن اسان جو سڀ ڪجهه آهي ،اسان جي زندگيءَ جو هرساهه ان جي امانت ،اسان جو هرسڏڪو سنڌ لاءِ آهي ،اسان جي چپن جي مرڪ ،اسان جي اکين جو لڙڪ ،اسان جي آهه زاري، اسان جي هر خوشيءَ هن مٽيءَ جي مهڪ سان مليل آهي .
او سنڌ جا نوجوان ،
شل منهنجي ڳالهه سمجهين پوين !
حقير سوچن ،خصيص ڌنڌن کان پري رهي هن وطن ،هن قوم ۽ هن قومپرست سياست جو ائين ڀرم رک جيئن پنهنجي امڙ جي مٿي تي رکيل چُنريءَ جي مقدس پڻي لاءِ سوچين ٿو ،
قومپرست

ترقي پسند سياست سان عشق ڪر ،سياست سان ئي تنهنجا ٻيڙا پار ٿيندا!
مونکي مهرباني ڪري هن سوال جو جواب ڏي!
توکي اڄ ۾ جيئڻو آهي يا تاريخ ۾ ؟!
(حيدرملاح)
۱۴ ۔۵۔۲۰۱۶

Design a site like this with WordPress.com
Get started