تبديليءَ جو جوهر!

سنڌي سماج جنھن انداز سان چڱايون پنھنجي اندر ۾ سنڀالي ويٺو آھي شايد ئي ڪو ائين ملڪ جي ٻين قومن جي سماج ۾ ھن وقت ڪا مثبت سوچ موجودہ ھجي .
غربت ،تعليم جي ڪمي ،انصاف نہ ملڻ ،ڀوتارڪي راڄ توڙي خراب حڪمرانيءَ سبب بظاھر سنڌي سماج جامد لڳي ٿو پر سنڌي سماج فطرت جي قانون تحت پاڻ سان چرندڙ ،پرندڙ سوچ جو سفر گڏ کڻي ھلي پيو .
سنڌي سماج ۾ مذھبي انتھاپسندي سان بيزاري جو رجحان جنھن طاقت سان اڳتي وڌي رھيو آھي اھيا نہ صرف خوشيءَ جي نويد جيان ڳالھہ آھي پر سنڌي سماج جو مثبت ۽ سگھارو پھلو بہ!
اوھان ڏٺو مشال خان جي موت تي سنڌي سماج ڪيئن نہ انسان دوست جزبي سان اڳتي وڌي بي خوف ٿي مذھبي انتھاپسندن جي خلاف بلند بانگ اٿي بيٺو!
گڏوگڏ نورين لغاري جي مسئلي تي جنھن نموني سنڌي سماج مذمت ڪئي ان مان ثابت ٿيئي ٿو سنڌي سماج پنھنجي جوھر ۾ اڃان ترقي پسند ،لبرل ۽ انسان دوست سماج آھي
رياست ۽ حڪمرانن جي ستر سالا پاليسن جو سنڌي سماج تي رتيءَبرابر بہ اثر نہ ٿيو آھي .
ان ڪري پاڻ چئي سگھونٿا سنڌي سماج ۾ تبديليءَ جو جوھر موجودہ آھي ان کي فقط مثبت نموني متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آھي .

حيدرملاح

پليٽ فارم جو پٿر!

اها سياري جي ٿڌڙي شام هئي ميسينجر ۾ هڪ ميسيج آيو ، آئون اسلام آباد جي ٿڌ کان تنگ ٿي واپس اچي رهي آهيان، پر مون وٽ تنهنجي لاءِ پيار اڃان گرم جذبن وارو ئي آهي، ڊگهي جدائي ضرور هئي پر هڪ پل لاءِ به پنهنجي اکين کان توکي پري نه ڪيو اٿم ، توڙي جو اسلام آباد لاءِ مشهور آهي ته هي پنهنجي سڀاءَ ۾ ئي آرٽيفشيل آهي پر مون پاڻ کي هن شهر جي هر آرٽيفشيل شي کان پري رکيو آهي شايد ان ڪري ئي آئون پاڻ بچائي توڏانهن واپس وري رهي آهيان. آئون پنجين وڳي شام ريلوي اسٽيشن حيدر آباد تي پهچندس.
تنهنجي امرتا
مون پنهنجي ٻانهن جي ڪرائي ۾ ٻڌل واچ ڏانهن نهاريو ٣ لڳي ١٠منٽ ٿيا هئا، مون سوچيو وقت ته، تمام گهٽ آهي، مون پنهنجو پاڻ کي آرسي ۾ ڏٺو، وڌيل ڏاڙهي، ميرا ڪپڙا ۽ ڪنگي کان سواءِ مٿي جا وار.
آئون تڪڙو تڪڙو اپارٽمنٽ جي لفٽ ڏانهن ڊوڙندو پهتس، مونکي ائين پئي لڳو ڄڻ پنج وڳي تائين آئون ريلوي اسٽيشن تي پهچي نه سگهندس ۽ امرتا مونکان ٻيهر گم ٿي ويندي.
لفٽ ذريعي هيٺ لهي مون ڪار پارڪنگ ۾ بيٺل پنهنجي ڪار کي اسٽارٽ ڪري ريلوي اسٽيشن ڏانهن رخ ڪيو، حيدر آباد جا رستا گاڏين سان ڀريل ڀڪيل هئا وک وک تي ٽريفڪجام هئي، اهڙو بيزاري جو عالم هو جو ڪافي ڀيرا سوچيم ڪار کي اتي ئي ڇڏي پنڌ ٿو روانو ٿيان حيدر چونڪ کان جيئن ئي اسٽيٽس روڊ ڏانهن مڙيس ته مولا علي جي قدمن وٽان گذرندي زبان ۾ صدا نڪتي نعري حيدري ۽ پاڻ ئي کي جواب ڏيندي چيم يا علي!
نئين پل جي ويجهو پهچندي گهڙي ۾ ڏٺم ته ٥ لڳي ٨ منٽ ٿي چڪا هئا مونکي ائين محسوس ٿيو ته گهڙي جي ڪانٽن سان گڏ منهنجي جسم جو ساھ هلي رهيو آهي، ريلوي اسٽيشن جو پليٽ فارم اڃان تمام پري لڳي رهيو هو ايترو پري جو پنڌ ئي نٿي کٽو!
اسٽيشن تي پهچي پليٽ فارم ڏانهن ڊوڙيس، مسافرن ۾ امرتا کي ڳوليندي ڳوليندي جڏهن ٿڪجي پليٽ فارم تي ويهي رهيس ته اوچتو اجرڪ پهريل امرتا تي نظر پيئي آئون پليٽ فارم جي پڌر تي امرتا کي ڏسي پٿر جيان ٿي ويس.
حيدر ملاح

المنظر ۽ سنڌوءَ جو بيٺل پاڻي!

موڪل جو ڏينھن نہ ھجڻ ڪري المنظر تي ڪجھه ۂي ماڻھو ھئاسين، ٻيڙي واري مھاڻي ٻہ ڀيرا اچي بتيلي م چڙھي درياھہ گھمڻ جو چيو، درياءَ ڇا ھو بيٺل پاڻي جو دُٻو ھو مون مھاڻي کي اڻ تارو جو چئي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر سنڌو ڪناري لکيل قديم ڪتاب رگ ويد م لکيل اھا سٽ منھنجي ذھن مان ۂي نہ پيئي نڪتي جنھن م سنڌو لاء لکيو ويو آھي، (ھو ائين ڌوڪيندو اچي ٿو جيئن شام جو گئون ماتا پنھنجي ٻچن ڏانھن رنڀون ڪري ايندي آھي) مھاڻي جو اسرار ھو تہ اسان بتيلي م ويھي، ٿڌين ھواۂن جي ٿپڪيون کائون.
مون منوا کي چيو مان تہ اڻتارو آھيان تون ئي ھن خاموش سنڌو جي سيني تي سفر ڪري اچ، من سنڌو گئون ماتا جيان اسان ٻچن ڏانھن رنڀون ڪري اچي!.ھن مرڪ جي خوشبوءِ کي المنظر جي چاڙھين تي وکيري تيز وکن سان سنڌو ڏانھن وڃڻ شروع ڪيو تہ احتياط مان کائنس کان پڇيم، منوا! تارو تہ آھين نہ؟
وڏو ٽھڪ ڏيئي وارن کي چھري تان ڪنڌ جي جھٽڪي سان ھٽائي چيائين، اھڙي سنڌوءَ ۾ ڪھڙو ٻڏڻ جو خطرو جنھن م منھنجي تہ پير جي پايل ٻڏڻ جا امڪان بہ ناھن، رڙ ڪري چيو مانس، منھنجي پڙ ڏاڏي جي وڏي ٻيڙي ھوندي ھئي ، جيڪا مانجھند جي بندر کان سن جو نير ۽ ماکي مکڻ کڻي لاڙ ويندي ھئي ، واپسي تي تلھار جي ڳاڙھن چانورن سان گڏ لاڙ جي خوشبوءِ بہ کڻي ايندي ھئي اسان جو سنڌو سان پيڙھين جو رشتو آھي، ھن جي خاموش لھرن م جيڪو خطرو آھي، سو ھن جي گجگوڙن م بہ نہ ھوندو آھي، بيٺل پاڻيءَ ئي پائڻ پائي ڪنارن جون ڀيرون ڪيرائيندو آھي، اڪثر بيٺل پاڻيءَ م ئي انسان ٻڏي مرندو آھي، ھرڻي جھڙيون ڇالون ڏيندي ھوءَ بتيلي جي ڊيڪ تي چڙھي ويٺي، ھٿ لوڏيندي چياۂين، منھنجا ساۂين سالن کان سنڌ جي سياست جي بيٺل پاڻي ۾ تون بہ ور کنجھيو بيٺو آھين، تون تہ ٻڏو ناھي، کلندي چيومانس منوا، ٻڏو ناھيان تہ تري ڪناري تي بہ تہ نہ پھچي سگھيو آھيان،ٽھڪ ڏيئي چياۂين اڻتارو انسان ڪناري تي ڪيئن پھچي سگھندي، اچ تہ توکي ترڻ سيکاريان، شل تنھبجي ڪناري تي اچڻ سان سنڌ جي سينورجي ويل سياست بہ ڪناري تي پھچي وڃي، مون کلندي کيس چيو، سياست کي ڪناري لڳائڻ کان پھرين تون المنظر جي ڪناري تي موٽي آ، ڇو جو ھاڻي بيٺل پاڻي ۾مان توکي پاڻ جيان وڃائڻ نٿو چاھيان! ( حيدر ملاح)

خط جو موت!

مونکي لفافي کولڻ جي ڏاڍي تڪڙ هئي، گهڻي ڳولا جي باوجود به جڏهن امرتا مونکي نه ملي ته مون ڄڻ ڳولا جي رڻ ۾ پاڻ کي وڃائي ڇڏيو هو آئون روز ريلوي جي پليٽ فارم تي امرتا کي وٺڻ ويندو هوس پر هر ڀيري مونکي ڪاري وڳي ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ٽرين جي بوگيءَ ۾ ويندي محسوس ٿي.
لفافو کوليم، اندر پيل ڪاغذ تي ڪجهه به لکيل نه هو، هڪ سفيد ڪاغذ جنهن تي ڪا به لڪير نه هئي نه ئي وري ڪا شڪايت نه ئي وري ڪا اميد!
مون محسوس ڪيو ته جنهن ڪاري وڳي ۾ امرتا هتان وئي هئي ان جڳهه تي شايد اڇو وڳو اچي ويو آهي چپن تي لالي نکري آئي آهي ۽ اکين ۾ ڪجل جي لڪير مان لڙڪ ڪرڻ بند ٿي ويا آهن.
خط ۾ ڪا به ايڊريس نه هئي نه ئي ڪو سيل نمبر هو.مون بي خودي مان ٻيهر لفافي کي هٿ ۾ کڻي پڪ ڪرڻ پئي چاهي ته ڇا واقعي هي امرتا جو خط آهي.
لفافي جي پويان امرتا لکيل لفظ کي مون غور سان ڏٺو آئون حيرت جي جهان ۾ ڪجهه لمحن جي لاءِ گم ٿي ويس .
امرتا لفظ جي ڀرسان ئي پنڪ ڪلر جا ٻه سڪي ٺوٺ ٿيل اڀريل چَپَ تري آيا، مسافتن جا ٿڪ کڻي آيل چَپَ!
اُڃايل چَپَ! اوجاڳيل چَپَ!
۽ ڪنهن پيار جي پن ڇڻ جي موسم جا ڇڻيل چَپَ!
مونکي پاڻ تي ندامت ٿيڻ شروع ٿي اسان پاڻ ئي سوال پيدا ڪريون ٿا ۽ پاڻ ئي جواب ڏيڻ شروع ڪريون ٿا. ڪجهه گهڙيون پهرين منهنجي خيالن ۾ اڇي وڳي ۾ ويٺل امرتا کي مون ٻيهر ڪاري وڳي ۾ ڏسڻ شروع ڪيو ساڳيو پليٽ فارم ساڳيو ٽرين جي ڇَڪَ ڇَڪَ جو آواز ساڳيو نه کٽندڙ انتظار!
مون مٿي آسمانن ڏانهن ڏٺو اڏامندڙ پکين جي پرن تي مون آڱرين جي اشارن سان لکيو.
امرتا تنهنجي خط ملڻ کان پوءِ ايترو فرق آيو آهي ته منهنجي به جسم تي ڪارو وڳو اچي ويو آهي. آئون به سڪل پن جيان انسانن جي پيرن جي ٺوڪرن ۾ آهيان.
پر وري به جيئڻ جي اميد اٿم، ملڻ جو سپنو اٿم.
رات ڪاري چادر اوڍي چڪي آهي ۽ پاڻ ٻئي هڪ ٻئي کان جدا آهيون.
جلدي اچ پاڻ کي المنظر تي هلڻو آهي.
حيدر ملاح

پهرين ملاقات!

اهو ٢ مئي جو گرم ڏينهن هو آئون سندس آفيس ۾ داخل ٿيس ته هوءَ پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئي تازا شيمپو ٿيل سندس وڏا ڪارا وار چهري کي ڍڪي بيٺا هئا، مون سلام ڪيو هن ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏانهن نهاريو سندس نظرن ۾ خبر ناهي ڇا ڪيفيت لڪيل هئي، مون محسوس ڪيو ته هن جي اکين ۾ ڪا التجا آهي.
پليز ويهو هن مونکي ويهڻ جي لاءِ چيو آئون سندس سامهون ويٺس ۽ پنهنجي چهري تان ٽشو پيپر سان پگهر اگھي پڇيم.
اوهان جو نالو،
هن مون ڏانهن پنهنجي چپن سان هلڪي مرڪ ڇَٽي چيو امرتا!
مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ھوءَ مونکي مستقل امرتا بخشڻ جي لاءِ مرڪي رهي آهي.
اسان آفيس جي ڪم ڪار جون ڳالهيون ڪيون، گرم گرين ٽي پيتي سيل نمبر ايڪسچينج ڪيا ۽ آئون امرتا کان موڪلائي آفيس کان ٻاهر نڪري آيس ، مئي جي رُگهَه گرمي منهنجي جسم ۾ داخل ٿيندي ئي مونکي آفيس جي ٿڌاڻ جو ٻيهر احساس ڏياريو.
شام جو منهنجي موبائيل اسڪرين تي ٽيڪسٽ ميسيج جو لفافو تري رهيو هو. مون ميسيج کوليو،
امرتا لکيو هو، سپنا ساڀيان تڏهن ٿيندا آهن جڏهن خواب ڏسندڙ ننڊ ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن، اميد ته اوهان جو سپنو به ساڀيان ٿيندو!
امرتا! مون ان رات کان ننڊ ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي ڇاڪاڻ تنهنجي چپن جي مرڪ ۽ چهري تي پيل گهاٽا ڪارا وار اڃان منهنجي اکين ۾ سپني جيان آهن.
آئون ڪافي وقت کان حاصلات ۽ لاحاصلات جي وچ تي بيٺو آهيان.
حيدر ملاح

دولت!

امرتا مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين “تون مونسان ايترو دير سان ڇو گڏئين؟
مون وراڻيس،” شايد آئون ان ڪري توسان دير سان گڏيس، جو دولت دير سان ئي ايندي آهي “.

حيدر ملاح

مختصر ڪهاڻي! چوري

هوءَ ڪافي سالن کان پوءِ منهنجي گهر آئي هئي، آخري ڀيرو هوءَ تڏهن آئي هئي جڏهن آئون اڃان ڪنوارو هوس، هاڻي ته آئون ٻن ٻارن جو پيءُ آهيان، هن بڪ شيلف مان ڪتاب کنيو، انهن جي پنن کي اٿلائيندي هن گلاب جو سڪل گل، ڪتاب جي ورقن مان کڻي ورتو، هن پنهنجي حواسن کي گڏ ڪري گلَ جي خوشبو محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سڪل گلاب جي گل مان هن جڏهن ڪا به خوشبوءِ محسوس نه ڪئي ته مونڏانهن حيرت مان ڏسندي چيائين، ڇا ڪتابن ۾ رکيل محفوظ گلن مان به، خوشبوءِ چوري ٿي ويندي آهي؟!
مون مرڪي کيس ڪجهه چوڻ پئي چاهيو.
هن پنهنجي چپن تي آڱر رکي چيو شادي کانپوءِ تون سڪل گل جيان ٿي ويو آهين مرجهايل ۽ خوشبوءِ کان ڇڻيل!

هن ڪتاب بوڪ شيلف ۾ واپس رکي منهنجي منهن ۾ تڪيو، هن بنا خوشبوءِ گل جيان مونکي محسوس ڪيو. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي در ٽپي منهنجي گهر کان ٻاهر هلي ويئي.

حيدر ملاح

ڄڻ چَپنَ ۾ رابيل ٽڙيو هجي!

رات جي پوئين پھر جا لوڻاٺيل لفظ
________________________________________________

ڪافي سالن جي ڳولا کان پوءِ نيٺ هو مونکي ملي ويو. هن جي اکين تي چشمو چڙهيل هو ۽ چهري تي گهاٽي ڪاري ڏاڙهي هئي ،هن سان گڏ ٻه اڇا ڪتا ۽ هڪ ڪاري ٻلي به هئي.
انسانن جي هجومن کان تمام پري هو، شايد ان ڪري ئي کيس نه دوکي جو خوف نه بي وفائي جو ڊپ هو. پرسڪون زندگيءَ جي تلاش ۾ شايد هو ڪامياب ويو هو. هن جانورن جي پيار ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو هو.
هن جي گهاٽي ڏاڙهي جي پويان لڪل چهرو ڪنهن دور ۾ چلڪڻي شيشي جهڙو هو، هن جي مرڪ ائين هئي ڄڻ چپن ۾ رابيل ٽڙيو هجي.هن جي اکين ۾ پورو معقدو هو جنهن ۾ جيڪو داخل ٿيو سو مدهوشي ۾ گم ٿي ويندو هو، هن جي گفتگو سمنڊ جي لهرن جيان هيٺائين کان اوچائيءَ ڏانهن سفر ڪندي هئي.
هن پيار جون سڀ امانتون پنهنجي محبوب وٽ ان آسري امانت ڪري رکيون ته سندس پيار ۾ خيانت نه ٿيندي.
هو “باليءَ ” جي نَوَنِ ٽڪساٽن کان اڻ واقف” علي نواز ناز “جيان دل ۽ دسترخوان ڪشادو ڪري هلڻ وارو انسان هو انڪري ئي ته جڏهن سندس گهر واريءَ سندس خوبصورت چهري تي جڏهن تيزاب هاريو ته باهه ۾ جلندي به هو هوش ۾ رهيو.
هن جنهن سان پيار ڪيو تنهن ئي هن جي چهري کي ساڙي ڇڏيو، سندس هڪ اک هميشه هميشه جي لاءِ ختم ٿي وئي پر هن اُف به نه ڪئي.
هو نه بدلي جي باهه ۾ سڙيو نه ئي هن جي چپن جي ٽڙندڙ رابيلن ۾ ڪا شڪايت هئي.
هن پوليس کي بيان ڏنو “جنهن سان محبت ڪيم ان ئي منهنجي چهري کي مسخ ڪيو، مان ان جي بيوفائي مان اهيو سکيو آهيان ته آئون ان سان وفا ڪريان، مون هن کي سڀ ڪجهه معاف ڪيو ڇاڪاڻ محبوب کي معاف ئي ڪبو آهي.
هوتن سان ڪهڙو حساب.
هو درد کڻي ڏور هليو ويو، انسانن جي هجومن کان ڏور، هن جو نالو امانت گل آهي ۽ هو پنهنجي خوبصورت خيالن جي گلن جي خوشبوءِ سان جتي به هوندو توڙي جو مهڪندو رهندو پر رات جي پوئين پهر ۾ آئون سوچيان پيو اسان امانت گل جيان وڏي دل وارا ماڻهو ڪڏهن ٿينداسين. ڪڏهن اسان پراون توڙي پنهنجن کي معاف ڪرڻ سکنداسين.
حيدر ملاح

پيسو ۽ آدرش!

پيسو ته رنڊيءَ وٽ به هوندو آهي پيسو ته هٿ جي مير آهي.
بلڪل هي آدرشي ماڻهن جي لاءِ وڏا جملا هوندا.
پر حقيقت بلڪل ان جي ابتڙ آهي، سرمائي کان سواءِ اوهان جي ڪابه اهميت ناهي. سرمايي سان اوهان پيشوا کي به پنهنجي مٺ ۾ رکي سگهو ٿا. سرمايو اوهان کي دنيا جون سڀ راحتون فراهم ڪري ٿو.
ان ڪري هن دور ۾ سرمايي جي طاقت کان اوهان انڪار ڪري آدرشي ته ٿي سگهو ٿا پر هن دنيا جا اهڙا ماڻهو هوندا جنهن وٽ ڪوبه اختيار نه هوندو.
زندگيءَ ۾ مون اهڙا ماڻهو به ڏٺا جيڪي جواني ۾ بوسڪي جي وڳي کانسواءِ ڪپڙا نه پائيندا هئا پر پيريءَ ۾ پُٽن جي لٿل پراڻن ڪپڙن تي گذران ڪندا هئا.
ان ڪري سرمائي جي طاقت کان انڪار ڪري اوهان غربت جي چڪي ۾ مستقل پيڙجندا رهندا.
اوهان جي ان تربيت سبب اوهان جا ايندڙ ڪيترائي نسل، سرمائيدارن جي غلامي ۾ غربت جي باھ ۾ گذاريندا.
(حيدر ملاح)

مارئي هاسٽل جي ڪمري ۾ لٽڪيل….

پوئين پھر جا لوڻاٺيل لفظ
ـــــــــ ـــــــــ ـــــــــ ــــــــ ـــــــــ
گھٽيءَ ۾ گھگھہ اونداھہ آھي، رکي رکي پنهنجِي، پنھنجِي سرحدن جا مورچا سنڀالي ويٺل ڪتا، ڀونڪي پنھنجي ڪتي ھجڻ جو احساس جاڳائڻ جي ڪوشش ڪن پيا،
چوڪيدار جي سيٽيءَ جو تيز آواز ۽ سلنسر ڦاٽل موٽر سائيڪل جو آواز گڏجي ڪنن جا پڙدا ڦاڙي رھيا آھن.
ھر طرف قبرستان جهڙي خاموشي آھي نه ڪو آڪاش انصاري جو گيت نه ئي وري حليم باغيءَ جو نظم ڪو جھونگاري رھيو آھي.
مڪمل سناٽي ۾ ٻه چار ڪلاڪ اڳ ٽي وي چينل جي نيوز ڪاسٽر ڇوڪري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جنسي حوس رکندڙ بگھڙن جي بابت سپريم ڪورٽ جي ورتل ايڪشن جي خبر ٻڌائي رھي ھئي.
رات جي ھن پوئين پھر ۾ مونکي مارئي ھاسٽل جي ڪمري ۾ لٽڪيل نائلہ رند جو لاش ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي جنھن کي عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ ھڪ استاد عورت ڊان اخبار ۾ ڪاري قرار ڏيئي سندس مڙهه کي قمبر جي قبرستان ۾ دفنائڻ لاءِ موڪليو ھو.
مان ان وقت رڙيون ڪيون ھيون، مونکي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.
منھنجي لاش کي ڪتن جي حوالي ڪرڻ جو نياپو ڏنو ويو.
مان ڪالهه به اڪيلو ھوس، اڄ به اڪيلو آهيان پر منھنجي لاءِ رات جي ھن پوئين پھر ۾ خوشيءَ جي ڳالهه آھي تہ جنسي حوس رکندڙ بگھڙن کي للڪارڻ لاءِ ڪي سنڌ جون ٻاگھل ٻايون اڳيان اچي للڪار بڻجي، اونچي آواز سان سپريم ڪورٽ تائين پھچڻ واريون آھن.
نائلہ رند سان اسان جي بي حس سماج انصاف تہ نه ڪيو پر سنڌ يونيورسٽيءَ جون سندس ھم عمر شاگردياڻيون سپريم ڪورٽ تائين پھچي ويون آھن.
خاموش رات جيان اسان سڀ خاموش آھيون، نه ڪتن جيان ڀونڪي سگھون ٿا نه ئي وري چوڪيدار جيان سيٽي وڃائي، ”جاڳندا رھو” جو آواز بلند ڪري سگھون ٿا.
افسوس، اسان فقط سلنسر ڦاٽل موٽر سائيڪل جيان سماج ۽ ماحول ۾ آلودگي ڦھلائي سگھون ٿا!
حيدر ملاح

Design a site like this with WordPress.com
Get started