رات جي پوئين پهر جا لوڻاٺيل لفظ
________________________________________________ڪيتري ئي عرصي کان هوءَ مونسان ميسينجر جي انباڪس ۾ پنهنجي خوبصورت خيالن جي ونڊ ڪندي رهي، سندس آءِ ڊي جي پروفائيل پڪچر تي ايشوريا راءِ جي تصوير رکيل هئي ۽ وال تي سدائين اردو جي مشهور شاعر گلزار جي شاعري ونڊ ڪندي رهندي هئي.
فيڪ آءِ ڊي سمجهي سدائين مون هن کي اگنور ڪيو، هن ڪافي ڀيرا مونسان اها شڪايت به ڪئي، هن بار بار لکيو مان سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهان ٿي پر ڪو مونکي اگنور ڪري ته مونکي زهر جيان لڳندو آهي.
آئون موٽ ۾ مذاق ۾ لکي ڇڏيندو هوس “زهر مٺو هوندو آهي” مھرباني ڪري زهر جي گلا نه ڪريو.
هڪ ڏينهن مون کيس ڇڙٻ مان لکيو روز ڪيترائي ڇوڪرا، هتي ڇوڪرين جي آءِ ڊين سان مخاطب ٿيندا آهن، اهو رواج آهي “هتي سنڌ جو هڪ سياستدان ته ڇوڪرين جي نالي سان سوءُ آئڊيون رکڻ جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي ڪڏهن ڪڏهن ته ان سياستدان کان پنهنجو اصل نالو ئي وسري ويندو آهي.
مون کيس ڪاوڙ مان چيو لڳي ٿو ته هاڻي اوهان کي بلاڪ ڪرڻو پوندو. ڪجهه ئي گهڙين ۾ هن جو وائس ميسيج آيو، مان ڇوڪرو ناهيان جنهن کي اوهان آساني سان بلاڪ ڪري سگهو، اگنور ڪرڻ جو ڪڏهن سوچيو به نه!
مان حيران به هئس ته پريشان به. ھينڊ فري لڳائي ورائي ورائي ننڍڙن جملن واري وائس ڪلپ ٻڌڻ شروع ڪيم پر مونکي آواز جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. ڀلا ڪيئن سڃاڻپ ٿيئي هن سان شناسائي ئي نه هئي.
آئون ڪجهه ڏينهن خاموش ٿي ويس سوچيم انباڪس ڏانهن ڏسندس ئي نه ته ذهن تان بار هلڪو ٿي ويندو ٿيو به ائين انباڪس کي وساري ڇڏيم.
هڪ ڏينهن پنهنجي ئي پوسٽ تي ڪمينٽس پڙهيم “مهرباني ڪري انباڪس چيڪ ڪريو”
آئون ميسينجر جي انباڪس ۾ داخل ٿيس هن جون ڪيتريون ئي خوبصورت تصويرون منهنجي انباڪس ۾ پيل هيون.
سڀ تصويرون غور سان ڏسي کيس لکيم “سانئڻ مهرباني”
چند ئي گهڙين کانپوءِ هڪ تصوير منهنجي اکين جي اڳيان آئي.
تصوير ڇا هئي، تيزاب سان سڙيل هڪ چهرو هو
هيٺيان لکيل هو اگنور ڪرڻ وارا ماڻهو مونکي زهر لڳندا آهن، مون به ڪنهن کي اگنور ڪيو هو مان به ان کي زهر جيان لڳيس هن منهنجو چهرو ئي تيزاب هاري ساڙي ڇڏيو ڇا تون به ائين چاهين ٿو ته مان، توسان ان جو پلاند ڪريان!
تصوير ۽ لفظن کي ڏسي بدن ڏڪڻ لڳو، ڊوڙ پائي آئيني ڏانهن ويس، آئيني ۾ مونکي پنهنجو چهرو تيزاب سان سڙيل محسوس ٿيو.
مون کي به لڳو ته مونکي به ڪنهن اگنور ڪرڻ جي ئي سزا ڏني آهي.
حيدر ملاح
ايک تو نا ملا………..
مان ڊگهو سفر ڪري چند گهڙيون پهرئين ئي حيدرآباد پهتو آھيان ،ڪار ۾ مونسان گڏ رات جي هن پوين پهرن ۾ لتا سفر ۾ ھئي هن مونکي ڪيترا سال ماضي ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشس ڪئي اسان بس ٻه ئي ٻه هئاسين هن جا گيت ۽ مان بس ،هڪ ٽول پلازا تي ٽيڪس ڏيڻ لاء کيسي ۾ ھٿ هينم ته پرس غائب هو ،لتا مونکي چيو ٽول واري کي عرض ڪر ته اوهان جڏھن ٻيهر هتان گذر ڪندا ته گڏي ٻنهي ڀيرن جو ٽيڪس ادا ڪندا منهنجو عرض قبول پيو .
اسان سفر ۾ َڪڏھن غمگين ،ڪڏھن اکين ۾ ڦاٿل لڙڪن کي پنبڻين تان اگهندا رينجرس جي چيڪنگ ۾ اچي بيٺاسين لتا پنهنجو سريلو آواز ڌيمي ڪندي چيو .هتي عرض نه انگلش جا لفظ اردو سان مڪس ڪم ايندا، متان سنڌي هجڻ جي کين هوا به لڳڻ ڏين ،جيئن آمريڪا ۾ ٿيل نائين اليون جي واقعي کان پوء ھر پختون دهشتگرد،اڪبر بگٽي جي شهادت کان پوء ھر بلوچ سرمچاري ۽ باغي رياست کي لڳي ٿو تيئن پيپلن جي ستن سالن جي لٽ مار ، ڪرپشن .داداگيري ۽ قبضاگيري ڪرڻ کان پوء سڀ سنڌي کين زرداري ، شرجيل ميمڻ ،پير مظهر ۽ ٽپي جهڙا بيمان ،ڪرپٽ ،،چور ۽ بدمعاش ،حرام خور لڳن ٿا .ڪجهه فردن جي ڪري سموري قوم جا ڪيئن قدر تبديل ڪيا وڃن ٿا ڪک جو چور، لک جو چور جهڙا پهاڪا رکندڙ ھن قوم کي چورن جي قطار ۾ ڪيئن نه لٽ مار ڪري آندو ويو .مون ڪار روم جون بتيون ٻاريون ۽ گڊ نائيٽ جي آخري جملي سان ڪار کي گير هڻي اڳتي وڌيس ته خوف ۾ ورتل لتا وري وڏي آواز ۾ منهنجي ڊگهي سفر کي آسان بنائڻ جي لاء گنگنائڻ لڳي.
مان ۽ لتا اڪثر راتين جو ڊگها سفر گڏ ڪندا آھيون اسان جي سالن جي دوستي آھي پر اڄ سفر جي اختتام تي لتا درديلي انداز ۾ چيو
ايک تو نا ملا ساري دنيا ملي تو کيا هي ،
کلي چيومانس لتا نه ملڻ ۾ به ھڪ سرور آ.هڪ تشنگي آ.
لطيف چواڻي
ڳوليان ڳوليان مَ لَھان، شال مَ ملي هوت!
لتا ،اسان جا شاعر به وصال کان وڇوڙي کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا،شايد وصال سان محبت مري وڃي ٿي وڇوڙي سان محبت کي دوام ملي ٿو .منهنجي جملي پوري ٿيڻ ۽ ڪار جو سوئچ آف ٿيڻ سان ھوءَ خاموشي سان گم ٿي ويئي .
حيدر ملاح

پراڻي سنڌ جو نئون ٽچ اسڪرين نسل!
سنڌ جي قومپرست سياست ۾ ھن وقت ٻن نسلن جو پورهيو شامل آھي، ھڪ نسل ون يونٽ جي سياسي تحريڪ جي پيداور نسل آھي، جنھن ۾ پليجو صاحب، اعجاز قريشي،يوسف لغاري، ڪامريڊ ڄام ساقي، شيخ اياز، شاهه محمد شاھ ، ڊاڪٽر رجب ميمڻ ، پروفيسر مشتاق ميراڻي عبدالواحد آريسر ۽ ٻيا شامل آھن، ھي نسل سائين جيئنم سيد،حيدربخش جتوئي، قاضي محمد، دادا ڄيٺمل پرسرام، ھشو ڪيول راماڻي ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، ڪِيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جي جدوجهد جو تسلسل ھئا،
سنڌ جو ٻيو نسل ضياءَ جي آمريت جي دؤر ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوارن پيدا ٿيو.
جنھن ۾ شھيد نذير عباسي، گھنشام پرڪاش، امداد چانڊيو، ڊاڪٽر قادر مگسي،اياز لطيف پليجو، شھيد بشير قريشي، ڊاڪٽر دودو مھيري، گل محمد جکراڻي، ادريس چانڊيو، ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ، شفيع ڪرناڻي، حبيب جتوئي ۽ ٻيا شامل آھن.
ٻئي نسل پھرين نسل کان نه صرف وڏيون قربانيون ڏنيون پر سنڌ جي سياسي ميدان تي گھڻ طرف ڪاميابيون حاصل ڪيون.
ٻئي نسل جي تربيت جي نرسري شاگرد سياست مان ٿي، اڳتي ھلي رياست ان نرسري کي ئي جڙ کان پٽي ڇڏيو، بدڪردارن، چورن، ڪرمنلن، ڀتي خورن، شاگرد سياست ۾ داخل ٿي قومپرست سياست کي گند جي ور چاڙھيو، اڳتي ھلي جن شاگرد سياست جي نرسري کي تباهه برباد ڪرڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي ۽ رياست کي شاگرد سياست تي بندش جو جواز پيدا ڪري ڏنو!
اسان جو نئون نسل ٽچ اسڪرين نسل آھي معذرت سان انھن جي ذهنن ۾ نه جديد سنڌ جا خواب آھن نه ئي سنڌ بابت ڪو اونو آھي،
مٿي ڄاڻايل ٻئي نسل تي جنھن ۾ اسان ۽ توھان سڀ شامل ٿيون ٿا تن تي تاريخ وڏي ذميواري ڪلھن تي رکي آھي نه صرف اسان جي نسل کي سنڌ جي تسبيح سورڻي آھي پر عملي طور سنڌ کي ھن عذاب واري ڪيفيت مان ڪڍڻ لاءِ ڪردار به ادا ڪرڻو آھي. ادارا سازي تي توجھہ ڏيڻو آھي پر گڏوگڏ نئين ويساهه سان نئين نسل ڏانھن سنڌ دوستيءَ جو جذبو به منتقل ڪرڻو آھي، ھي ڪو معمولي ڪم ناھي ان لاءِ وڏين قربانين ڏيڻ جي ضرورت پوندي.
اسان جو ھي نسل جي ھن وقت تاريخ جي ضرورت پوري نه ڪندو تہ گذريل ٻن نسلن جو سياسي پورھيو، تاريخ جي ڪٻاڙخاني جو حصو ٿي ويندو.
ان لاءِ اسان کي ئي ذميواري سان سنڌ جي مالڪيءَ جو احساس پيدا ڪرڻو آھي.
حيدر ملاح

اسان جي اسپتال ۾ به چرين جو وارڊ کليو آهي.
پوئين رات جا لوڻاٺيل لفظ
ـــــــــــــ ـــــــــ ــــــــــــــ ــــــ
ڪمري ۾ داخل ٿيو آھيان ھر طرف ٽڙيل، پکڙيل ڪتاب، پنا ۽ پينون ڏسي اندر ۾ ڪاوڙ ڀرجي ويئي آھي.
اڻ پڙهيل گھر واريءَ کي ڀلا ڪھڙي خبر تہ ڪتابن ۾ به ساھہ هوندو آھي، هوءَ تہ گونگن لفظن جي ٻولي به پڙھي نٿي سگھي، ھن کي نه سافٽ ميڊيا سان سروڪار نه وري اخبار ۽ ڪتاب سان ڪو ھن جو اچي وڃي.
ان ڪري ڪمري ۾ ڪافي وقت کان تڏ جو آواز آھي سو ڪنن جي پڙدي ۾ ائين لھي رھي آھي جيئن سونارو ڄڻ ڪنواري ڇوڪريءَ جو سنھي سئيءَ سان نڪ ٽوپيندو ھجي، بدن مان ھلڪا سيسڙاٽ پيا نڪرن!
بخار، ڪي بدن مٿان ڄڻ بلڊوزر ھلايا ھجن. وکريل ڪتابن کي تہ سهيڙي سگھجي ٿو پر وکريل زندگيءَ جي خوابن کي ڪيئن سھڙي سگھبو!
واٽس اپ جي گھنٽي وڄي ٿي ڊاڪٽر ڪينجهر جو آڊيو پيغام ملي ٿو.
پاڳل ماڻھو اسان جي اسپتال ۾ چرين جو وارڊ کليو آھي هليو اچ سڀاڻي ڪراچي! منافقن جي وچ ۾ جيئڻ کان بھتر آھي تہ چرين جي وارڊ ۾ داخل ٿي وڃ!
کلي کيس واپسيءَ ۾ ننڊاکڙي آواز ۾ پيغام موڪليان ٿو، ڏس ڊاڪٽر ڪينجھر، مان اڄ کان ڪتاب کي چونڊڻ جو ڪم شروع ڪيو آھي منھنجي سموري ڪمري تي ڪتابن قبضو ڪيو آھي، سڌو سنئون چائنا ڪٽنگ جو ڪيس آھي، جيسين مان ان ڪم مان واندو ٿيان تيسين قرب ڪري منافقن جو علاج شروع ڪر!
مان تہ هونئن ئي توکان پري ناھيان.
موٽ ۾ ڊاڪٽر ڪينجھر جو ڪوبه جواب نہ آيو آھي.
نہ ئي واٽس اپ جي گھنٽي وڳي.
مان ڪتاب چونڊي رھيو آھيان، ڪمري ۾ تڏ جو آواز آھي سو ڪنن جا پڙدا ٿو ڦاڙي!
اوھان سڀ ننڊ ۾ ستل آھيو مان ۽ منهنجي ڪمري جا ڪتاب ۽ تڏ جو آواز گڏجي جاڳون پيا.
حيدر ملاح

مرد ،کدڙو ۽ عورت!
هلاڪو خان جي هڪ خوبصورت ڪنيز هئي جنهن جي ادائن تي هو مرندو هو،
هڪ ڏينهن ڪنيز هلاڪو کي چيو؛
“تون سهڻو ناهين! ”
هلاڪو ٽهڪ ڏيندي اٿيو هن جي ٻنهي ڪلهن کي هٿن سان لڏيندي چوڻ لڳو؛
” چري! مرد سهڻو ناهي هوندو، سهڻي صرف عورت ٿيندي آهي….
مرد کي جبل جيان سخت، چهنبدار، کُهرو هجڻ گهرجي،
جنهن ۾ چيتي جهڙي اڇل، شينهن جهڙي چال ۽ لومڙ جهڙي چالاڪي ناهي اهو مرد نه پر کدڙو آهي……!! ”

ڳولي وٺ

مونکي پنهنجي پاڻ ۾، ڳولي وَٺُ سائين،
مان ئي تنهنجي سَرتي،مان ئي تنهنجو سائين.
حيدر ملاح
ڪيستائين
توکي تنهنجي ئي تون، ماري وجهندي ميان
ڪيستائين تون، ڳوليندي پنهنجو پاڻ کي!
حيدر ملاح

هن سان ملڻ جا بهانا به مري ويا!
ڊگهي عرصي جي ڪاوڙ کان پوءِ هن وٽ ڪو بهانو ئي نه بچيو هو، هن بار بار سوچيو ڇا ڪريان.
آخر هڪ ڏينهن ان جي در تي وڃي پهتو پنهنجي پيرن کي روڪڻ باوجود روڪي نه سگهيو هن امان کي سڏي ڪري” راجستاني چنري” هٿ ۾ ڏيندي چيائين، امان ٿر وسيو هو سو ڪارونجهر جي ڪور تائين ويو هوس، امان توکي خبر آهي ته ٿر وسڻ کان پوءِ سئزرلئنڊ جيان سر سبز ٿيو پوي. امان ٿر تنهنجي مرڪ جهڙو ئي سهڻو آهي. امان هن سال ٿر ۾ هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هئي. واپسي تي مٺي شهر مان راجستاني چنري وٺندي سوچيو هوم ته” امان کي چنري ڏاڍي ٺهندي”.
امان چنري وٺي ڏسي ڪافي وقت کان پوءِ ڪجهه پل ئي مرڪي پئي هئي.
هن ڪار ۾ ويهڻ شرط پنهنجي رٺل منوا کي ميسيج ڪيو “منوا، تنهنجي نالي جي چنري، امان کي هٿ ۾ ڏيئي آيو آهيان” ، توقع جي ابتڙ ٿوري دير ۾ ئي ميسيج جو جواب آيو، جي ها چنري پاتي اٿم ڪنوار ٿي لڳان.
هن ٻه سال اڳ جي ڳالهه کي ياد ڪري وسارڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن پنهنجو، پاڻ سان، ڳالهائڻ شروع ڪيو هن سال ٿر ۾ بارش نه پئي آهي، ٿر بر ٿي پيو آهي، ڪيترائي معصوم ٻار اجل جو شڪار ٿيا آهن.
ڪارونجهر جي ڪور تي ڪو به مور ٽهوڪا نه پيو ڏيئي، سلام ڪوٽ مٿان “ڪمپني جي سرڪار آهي” ۽ ٿريا لڙڪن سان گڏ پنهنجي اباڻن ڀٽن تان جلاوطن ٿي رهيا آهن.
هن سوچيو ته هن دفعي رسامو ڊگهو ٿي ويو آهي . نه راجستاني چنري آهي نه ئي هاڻي، اها امان رهي آهي جنهن جي مرڪ ۾ به مٺاس هئي.
هن سمجهي ورتو ته هن سان ملڻ جا بهانا به هاڻي آهستي آهستي مري رهيا آهن جيئن ٿر جا ٻار مري رهيا آهن.
هن راجستاني چنري کي ياد ڪيو، آخري ميسيج جي آخري جملي کي ياد ڪري روئي پيو.ها چنري پاتي اٿم، ڪنوار ٿي لڳان!
هن ٿڌو ساهه ڀريو ٻئي ڪنهن جي ڪنوار ٿيڻ جي تصور کي هن دل جي اندر خنجر جيان لهندي محسوس ڪيو.
ڊگهي عرصي جي ڪاوڙ کان پوءِ هن وٽ ڪو بهانو ئي نه بچيو هو، هن بار بار سوچيو ڇا ڪريان.
آخر هڪ ڏينهن ان جي در تي وڃي پهتو پنهنجي پيرن کي روڪڻ باوجود روڪي نه سگهيو هن امان کي سڏي ڪري” راجستاني چنري” هٿ ۾ ڏيندي چيائين، امان ٿر وسيو هو سو ڪارونجهر جي ڪور تائين ويو هوس، امان توکي خبر آهي ته ٿر وسڻ کان پوءِ سئزرلئنڊ جيان سر سبز ٿيو پوي. امان ٿر تنهنجي مرڪ جهڙو ئي سهڻو آهي. امان هن سال ٿر ۾ هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هئي. واپسي تي مٺي شهر مان راجستاني چنري وٺندي سوچيو هوم ته” امان کي چنري ڏاڍي ٺهندي”.
امان چنري وٺي ڏسي ڪافي وقت کان پوءِ ڪجهه پل ئي مرڪي پئي هئي.
هن ڪار ۾ ويهڻ شرط پنهنجي رٺل منوا کي ميسيج ڪيو “منوا، تنهنجي نالي جي چنري، امان کي هٿ ۾ ڏيئي آيو آهيان” ، توقع جي ابتڙ ٿوري دير ۾ ئي ميسيج جو جواب آيو، جي ها چنري پاتي اٿم ڪنوار ٿي لڳان.
هن ٻه سال اڳ جي ڳالهه کي ياد ڪري وسارڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن پنهنجو، پاڻ سان، ڳالهائڻ شروع ڪيو هن سال ٿر ۾ بارش نه پئي آهي، ٿر بر ٿي پيو آهي، ڪيترائي معصوم ٻار اجل جو شڪار ٿيا آهن.
ڪارونجهر جي ڪور تي ڪو به مور ٽهوڪا نه پيو ڏيئي، سلام ڪوٽ مٿان “ڪمپني جي سرڪار آهي” ۽ ٿريا لڙڪن سان گڏ پنهنجي اباڻن ڀٽن تان جلاوطن ٿي رهيا آهن.
هن سوچيو ته هن دفعي رسامو ڊگهو ٿي ويو آهي . نه راجستاني چنري آهي نه ئي هاڻي، اها امان رهي آهي جنهن جي مرڪ ۾ به مٺاس هئي.
هن سمجهي ورتو ته هن سان ملڻ جا بهانا به هاڻي آهستي آهستي مري رهيا آهن جيئن ٿر جا ٻار مري رهيا آهن.
هن راجستاني چنري کي ياد ڪيو، آخري ميسيج جي آخري جملي کي ياد ڪري روئي پيو.ها چنري پاتي اٿم، ڪنوار ٿي لڳان!
هن ٿڌو ساهه ڀريو ٻئي ڪنهن جي ڪنوار ٿيڻ جي تصور کي هن دل جي اندر خنجر جيان لهندي محسوس ڪيو.
حيدر ملاح

اسان خوشنصيب آهيون!

اسان کي خوبصورت عورتن جو پيار مليو بدنصيب ته اهي آهن جن جي دروازي جي چائنٺ تان پيار ائين واپس ويو هو جيئن ڪنجوس جي در تان هٿين خالي فقير واپس ٿيندو آهي.
اسان جي ڀاڪرن ۾ اڃان به جوان جسمن جي خوشبو واسو ڪري ويٺل آهي، اسان جي چپن تان اڃان به لپسٽڪ جي لالاڻ نه لٿي آهي.
اسان جي ڪنن ۾ اڃان به پايل جي ڇم ڇم رڌم ڪري پئي ۽ پير آهن جيڪي رقص ۾ مهو آهن.
اسان جي ڇاتيءَ تي اڃان به ڪنڌ جهڪيل آهي اسان جي گهر جي آرسي ۾ اڃان به هو زلفن ۾ ڪنگي وجهي وارن کي جهٽڪا ڏيئي سنواري پئي.
اسان خوشنصيب آهيون، اسان جي سالگرهه جا ڪيڪ لپسٽڪ جي لائنر سان ڪٽيا ويا هئا ۽ ڊسمبر جي سرد شامن ۾ اسانکي ڪنهن پاڻ سان گڏ سگري جهڙي گرم بدن ۾
ويڙهي زماني کان محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
حيدر ملاح
غزل
دردن جو درمان ڪٿي آهي!
لڙڪن ۾ ايمان ڪٿي آهي!
مسجد ۾ خدا ڳوليم پئي!
مندر ۾ ڀڳوان ڪٿي آهي!
پير اگهاڙا نٽهڻ اس ۾
ڇانورو ڇُهه ساڻ ڪٿي آهي!
رقص قلندري مستي موجون ،
ڇيرن ۾ ڇڪتاڻ ڪٿي آهي !
هن جي اکين ڏي نظر اڏاريم
ڪجل ۾ ڪاراڻ ڪٿي آهي!
هو نه سمجهيو منهنجي ڏک کي
شيطان ۾، انسان ڪٿي آهي!
روز رئندو رهي ٿو’ حيدر”
روز پرچائي سو هاڻ ڪٿي آهي!
حيدر ملاح