منهنجو محترم استاد سائين حيدر علي خان لغاري هميشه مرڪي مونکي چوندو هو جڏهن کان تنهنجي اکين تي چشمو چڙهيو آهي تڏهن کان تون سچ ڳالهائڻ کان ڪنارا ڪش ٿي ويو آهين .اڳ تنهنجون اکيون تنهنجي سچ توڙي ڪوڙ تي پيون چغليون هڻنديون هيون پر هاڻي چشمي جي ٿلهن شيشن ۾ لڪل تنهنجي اکين کي ائين پناهه ملي آهي جيئن ڪاري ٿيل ڇوڪريءَ کي سردار جي حويليءَ ۾ ڳاڙهي ٿيڻ لاءِ پناهه ملندي آهي .
هو وڏا ٽهڪ ڏيئي چوندو هو او شرميلا !
ڀوڳ ٿو ڪرايان تنهنجي اهڙا ڀاڳ ڪٿي جو سردار جي حويلي جي اندر توکي پناهه ملي .
مان اڪثر سندس پيرن تي هٿ رکي چوندو هوس قبلا اوهان جون ڳالهيون منهنجي سمجهه کان مٿي آهن .
هن جي پشم جهڙن پيرن کي هٿن سان ڇهڻ کان پوءِ دل ۾ هڪ فرحت محسوس ڪندو هوس .
اڄ نه سائين حيدر علي لغاري رهيو آهي جيڪو اسان ڳوٺاڻن ماڻهن کي سمجهاڻيون ڏيئي سمجهائي سچ ته اهيو آهي اسان پاڻ ئي سچ ڳالهائڻ جي پچر ڇڏي ڏني آهي .
ڇو جي ڪوڙ ۽ سچ ۾ سچ ته ڪو سندو ئي نه رهيو آهي .ماڻهو سڄو ڏينهن ڪوڙ پيا ڳالهائين تڏهن به کين واهه واهه جا ڪمينٽس ٿاملن جي سچ ٿا ڳالهائين تڏهن به ساڳيو واهه واهه جو رينگٽ لڳو پيو آهي .
هاڻي ته چڱن چوکن ماڻهن پاران ڪوڙ کي بار بار ورجائڻ سان مون جهڙن جاهلن ماڻهن جا ٺپ ئي ٺريو وڃن.
سچ ته ڪوڙ جي ڪار وڌي ويل آهي .
ڪي اکين کليلن سان ائين ڪن ٿا ڪي اکيون بندڪريو ڌٻ درخواست دينو جي ڪار سان لڳا پيا آهن .
ڪاش سائين حيدر علي خان لغاري صاحب اڄ هن دنيا ۾ موجودهه هجي ها کيس ڪوڙن جا ڪٽڪ ملايان ها جن جي اکين تي نه ٿلهن شيشن وارا چشما نه وري لينسز جو سهارو آهي
بس هڪ ئي ڀرجهلو اٿن ڪوڙ !
نه کين سردار جي ڪوٽ جي سرٽيفڪيٽ جي ڪاضرورت نه ئي سندن اکين ۾َڪو حياءُ ۽ ديد !
بس اهي ”يا بي حيائيءَ تيرا آسرا“ تي جيئرا آهن پر سچ ته اهيو آهي جهڙا آهن تهڙا ناهن ٽَڪي جا ماڻهو ڪنهن به نه ڪم جا رهيا آهن .
حيدر ملاح

حيدرملاح


،کپڑا اور مکان جي نعري ۾ رتي ڀر بہ تبديلي نہ آئي پنجن ڏھاڪن ۾ اسان جو ٽيون نسل بہ ان بدنصيبي جي ئي ڀِتِ تي ستل آھي .جنھن ڀت تي ڪڏھن اسان جو اڳ وارو نسل ھن اميد سان ستل ھو تہ اسان جو ايندڙ نسل پنھنجي گھر جي ڇت ھيٺان سمھندو .
زندگي گولاڙا بس جي اوڌاري سيٽ جيان ٿي ويئي آهي، اوھان يقينن پڇندا ته گولاڙا بس ڇا آهي؟
ﻣﻨﮭﻨﺠﺎ ﻣَﻦَ !!