اکين جي چشمي تي الزام……

منهنجو محترم استاد سائين حيدر علي خان لغاري هميشه مرڪي مونکي چوندو هو جڏهن کان تنهنجي اکين تي چشمو چڙهيو آهي تڏهن کان تون سچ ڳالهائڻ کان ڪنارا ڪش ٿي ويو آهين .اڳ تنهنجون اکيون تنهنجي سچ توڙي ڪوڙ تي پيون چغليون هڻنديون هيون پر هاڻي چشمي جي ٿلهن شيشن ۾ لڪل تنهنجي اکين کي ائين پناهه ملي آهي جيئن ڪاري ٿيل ڇوڪريءَ کي سردار جي حويليءَ ۾ ڳاڙهي ٿيڻ لاءِ پناهه ملندي آهي .
هو وڏا ٽهڪ ڏيئي چوندو هو او شرميلا !
ڀوڳ ٿو ڪرايان تنهنجي اهڙا ڀاڳ ڪٿي جو سردار جي حويلي جي اندر توکي پناهه ملي .
مان اڪثر سندس پيرن تي هٿ رکي چوندو هوس قبلا اوهان جون ڳالهيون منهنجي سمجهه کان مٿي آهن .
هن جي پشم جهڙن پيرن کي هٿن سان ڇهڻ کان پوءِ دل ۾ هڪ فرحت محسوس ڪندو هوس .
اڄ نه سائين حيدر علي لغاري رهيو آهي جيڪو اسان ڳوٺاڻن ماڻهن کي سمجهاڻيون ڏيئي سمجهائي سچ ته اهيو آهي اسان پاڻ ئي سچ ڳالهائڻ جي پچر ڇڏي ڏني آهي .
ڇو جي ڪوڙ ۽ سچ ۾ سچ ته ڪو سندو ئي نه رهيو آهي .ماڻهو سڄو ڏينهن ڪوڙ پيا ڳالهائين تڏهن به کين واهه واهه جا ڪمينٽس ٿاملن جي سچ ٿا ڳالهائين تڏهن به ساڳيو واهه واهه جو رينگٽ لڳو پيو آهي .
هاڻي ته چڱن چوکن ماڻهن پاران ڪوڙ کي بار بار ورجائڻ سان مون جهڙن جاهلن ماڻهن جا ٺپ ئي ٺريو وڃن.

سچ ته ڪوڙ جي ڪار وڌي ويل آهي .
ڪي اکين کليلن سان ائين ڪن ٿا ڪي اکيون بندڪريو ڌٻ درخواست دينو جي ڪار سان لڳا پيا آهن .
ڪاش سائين حيدر علي خان لغاري صاحب اڄ هن دنيا ۾ موجودهه هجي ها کيس ڪوڙن جا ڪٽڪ ملايان ها جن جي اکين تي نه ٿلهن شيشن وارا چشما نه وري لينسز جو سهارو آهي
بس هڪ ئي ڀرجهلو اٿن ڪوڙ !
نه کين سردار جي ڪوٽ جي سرٽيفڪيٽ جي ڪاضرورت نه ئي سندن اکين ۾َڪو حياءُ ۽ ديد !
بس اهي ”يا بي حيائيءَ تيرا آسرا“ تي جيئرا آهن پر سچ ته اهيو آهي جهڙا آهن تهڙا ناهن ٽَڪي جا ماڻهو ڪنهن به نه ڪم جا رهيا آهن .

حيدر ملاح

عشق ڇو ٿيندو انتهاپسند…….

اسان مان اڪثر دوستن جو خيال ھوندو آھي تہ محبوب وفادار ناھي ،اڪثر محبوب دوکو ڏين ٿا ،خصوصن ھن ملٽي ميڊيا واري دور ۾ محبوبن وٽ عاشقن جا درجن کن آپشن ھوندا آھن .
ڪنھن کي دم دلاسو تہ ڪنھن کي ملڻ جو آسرو .
واٽس اپ ،ميسينجر ۽ ٻيا ايپ روز روبرو ملاقات جا ذريعا ٿي ويا آھن .
محبوب سان ڪيئن ھلجي ؟
رجنيش ڏاڍي مزيدار نموني اھيا ڳالھہ سمجھائي آھي
رجنيش چئي ٿو رقيب سان نہ سڙ!
ڇاڪاڻ ھو تنھنجي محبوب جي پسند آھي .
محبوب کان پڇ تہ ھن کي تنھنجي رقيب ۾ ڇا ٿو وڻي!
اکيون ،ادائون ،کلڻ مرڪڻ يا ٻيو ڪجھہ ،
جيڪي محبوب کي پسند ھجي ان کي تون پسند ڪر ڇاڪاڻ محبوب تہ تنھنجو آئينو آھي!!
اسان عشق جي معاملي ۾ انتھاپسند ھوندا آھيون محبوب کي پنھنجي ذاتي ملڪيت تصور ڪندي ان تي حڪم پيا ھلائيندا آھيون نتيجي ۾ محبوب ٻين آپشنن ڏانھن رجوع ڪري ٿو ۽ انتھاپسند عاشق جو ڍينگو ۽ ڍيرو ٿي وڃي .
سو عاشق احتياط ڪريو محبوب بابت انتھاپسنديءَ کان بچڻ جي شعوري ڪوشش ڪريو .حيدرملاح

آخر اوهان عشق کان ڇو ٿا ڊڄو….

اسان جو سماج عجيب ڪيفيتن ۾ ساھہ کڻي ٿو ان ڪيفيتن مان ھڪ ڪيفيت منافقي ۽ خوف جي بہ آھي .
اوھان ھميشہ ٻين جي زندگين ۾ جھاتيون پائڻ جا عادي آھيو ٻين جي محبتن کي نشاني تي رکي ھلو ٿا ،جڏھن اوھان کان اوھان جي عشق جي بابت پڇجي ٿو تہ اوھان لڄارن ٻارن جيان شرم ٻوٽي ٿي وڃو ٿا .
اوھان جو اھيو لڄارو عمل خود اوھانجي شخصيت کي چٽو ڪري بيھي ٿو تہ يا اوھان عشق کان ڊڄو ٿا يا اوھان منافقيءَ جو سھارو وٺي پنھنجي عشق کي لڪائڻ جو ڏوھہ ڪريو ٿا .
اسان جا نوجوان عشق ڪرڻ باوجودہ ان کان انڪار ڪن ٿا ڇاڪاڻ اسان جي سماج ۾ ھميشہ عشق جي ناڪارہ پھلوئن تي ڳالھايو ويو آھي .
عشق دراصل مثبت ئي عمل آھي جنھن احساس سان اوھان روح ۽ دليون فتح ڪريو ٿا اوھان پنھنجي ھستي کي ڪنھن قدر نماڻو ڪري پيش ڪريو ٿا اوھان ڪنھن لاءِ حد کان وڌيڪ سوچيو ٿا ۽ سندس اکين جي ساغر ۾ پاڻ کي ڳوليو ٿا ،خوابن جي سيج سجائي کيس پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀريو ٿا .
اوھان عشق جي ڪري نفرت کي ماريو ٿا .
عشق ڪرڻ ڏوھہ ناھي جو اوھان ان کي لڪايو ٿا .
نوجوانو!!
عشق ئي اوھان کي سوچڻ،پرکڻ ۽ پرجھڻ جا نوان رستا ڳولڻ تي مجبور ڪريٿو .
عشق ڪريو،
ان سان ئي اوھان جي انسان ھجڻ جي تصديق ٿيئي ٿي .

حيدرملاح

عشق جو سفر!

زوال کان ئي عروج ڏانهن وڌو اهيو ئي زندگي جو بنيادي قانون آھي جنهن شيء جي اوهان کي ضرورت آھي ان جي حاصلات لاء آدجڳاد کان انسان هٿ پير هڻي ٿو باھه ٻارڻ لاء پٿر گسائڻ ،انساني اوگهڙ ڍڪڻ لاء گاھه کان ڪپڙي جي تخليق تائين ،مٿي ڊڪڻ لاء غار کان پڪي گهر تائين جا سفر دراصل زوال کان عروج ڏانهن جا سفر آھن جيڪي بظاهر اسان کي شروع کان ئي عروج ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر ان عروج جي پٺيان هزارين سالن جي شعور جي ترقي ،پورهيو ۽ انساني صلاحيتون موجوده آھن .سنڌ جي قومي جدوجهد اڃان جهور پوڙھي ته نه ٿي آھي جو اها اميد ئي نه رهي هجي ته ڪجهه به نه ٿيندو ،جي زوال آھي ته ان مان عروج جو روشن سج ڦٽي نڪرڻو آھي ،چار صدين جي جاگيردارانه سماج جيڪو وقت ۽ حالتن سان گڏ انسٽيٽيوٽ بڻجي سماج تي حڪمراني ڪري رهيو آھي ان کي پراسسز ۾ عوام جي سگهه سان شڪست اچڻي آھي ،اوهان جي قومي جدوجهد ڪندڙ پارٽين ۾ جي هن وقت بحران جي ڪيفيت آھي ته اهيو ڇو نٿا سمجهو ته بحران ٿيندو ئي زنده شين ۾ آھي ،مردن وٽ بحران نه هوندو آھي رياستي جبر جي باوجوده اوهان زنده آھيو ،اوهان زوال مان عروج ڏانهن سفر شروع ڪريو ،وک وڌايو ،همٿ ڪريو ،پنهنجي صلاحيتن ،علم ۽ سياسي پورهئي کي منظم ڪري اڳتي وڌو ،اوهان ڏسي وٺجو اوهانجي جدوجهد عروج جا آسمان ڇهندي ،ستارا اوهان تي ڇٽ ڪندا ،ڪائنات اوهان جي عشق کي سجده ڪندي.

(حيدر ملاح)

سنڌ جا قومي ڪارڪنو…….!

قومپرست سياست ۾ ھن وقت جيڪي فرد تشدد پسند لاڙن جا حمايتي آھن سي رياست جي خاص ايجنڊا تحت سنڌ جي قومي ڪارڪن کي وقت کان اڳ مارائڻ چاھين ٿا.
ڀڳت سنگھہ جو جيل مان موڪليل آخري خط جيڪو ھن نوجوانن جي نالي لکيو ھو. ان ۾ ھن ھڪ جملو ھي بہ لکيو ھوتہ ”انقلاب لاءِ ضروري آھي تہ اوھان زندہ ھجو، جي اوھان زندہ ھوندا تہ نہ صرف انقلاب ممڪن ٿي سگھندو پر اوھان پنھنجي اکين سان ان انقلاب کي ڏسي بہ سگھندا ”
ان ڪري سنڌ جي انقلاب لاءِ نوجوانن جو وڏو تعداد جدوجھد جي اھم مورچن تي عدم تشدد ذريعي پنھنجو سياسي مزاحمتي ڪردار ادا ڪري قوم کي سرخرو ڪري سگھن ٿا.
جيڪي نام نھاد جڳاڙي دانشور سنڌ جي نوجوان قومي ڪارڪنن کي مرڻ جا سبق سيکاري رھيا آھن. انھن کان ڪڏھن تہ اھيا بہ پڇڻ جي جسارت ڪريو تہ پاڻ پوڙھا، کٽ تي پيل، سھڪ جي مرض ۾ ورتل يا رٽائرڊ بيوروڪريٽ انقلاب لاءِ مرڻ لاءِ ڇو تيار ناھن؟!
پراين پٽن جي رت تي ھو اڄ بہ ڪو کيل کيڏڻ چاھين ٿا.
سنڌ جا قومي ڪارڪنؤ!!
دنيا تبديل ٿي چڪي آھي پرامن سياسي مزاحمت ئي نہ صرف قومي جدوجھد کي طاقتور ڪندي پر عالمي ضمير کي پڻ اوھان ڏانھن متوجھہ ڪندي.
حيدر ملاح

روڊ جي ڀِتِ تي ستل نئون نسل

عزيزانِ مَنۡ !
فجر جي نماز جو وقت ھو ﷲ جي گھر مان اذان اچي رھي ھئي ملان جيئن ئي ﷲاڪبر چيو سموري ڪائنات ڄڻ نوڙي سجدہ در ٿي بيٺي ھئي ،پکين جي آوازن سان گڏ ڀڳت ڪنور رام جي صدا ڪنھن جھوپڙي ھوٽل جي ايف ايم ريڊيو تان گونجي اٿئي ھئي ،”نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو” !
عزيزان مَنۡ !!
مان انھن ئي سحر انگيز لمحن ۾ عاشقن جي سرزمين ،ڄامشورو جي ڦاٽڪ وٽان گذري رھيو ھوس بلڪل ھيءَ عام ڊسمبر جھڙي ننڊا کِڙين اکڙين واري سرد صبح ھئي .ھر ماڻھو پنھنجي جسم کي گرمي ڏيڻ جي ڪوشش ۾ ھو ،پريان پٺاڻ جي ھوٽل جي ٻاھران گيھہ ۾ تريل اڦراٽن ۽ بيضن جي تازي تازي خوشبو اچي رھي ھئي ،نوجوانن جو ڪو ٽولو ھو جيڪو ڳڙھي خدابخش ڀٽو جي قبرستان کان موٽيو ھو .
نوجوان شايد ان اميد سان موٽيا ھئا تہ شھيد راڻيءَ جي کٿوري ٿيل خون کانپوءِ پ پ پ کي مليل سنڌ حڪومت ۾ سندن راڻيءَ جي خوابن جي ساڀيان ٿيندي.
عزيزانِ مَنۡ !!
انھن ئي لمحن ۾ ھڪ ڇرڪائيندڙ منظر منھنجي اکين جي اڳيان گذريو مان ڄڻ ڄامشوري جو پٿر ٿي ويو ھوس چند لمحن لاءِ منھنجي حواسن کي ڪو تالو لڳي ويو ۽ پوءِ چند منٽن ۾ ئي سينُ تبديل ٿيو ،ائين لڳو ڄڻ ڪائــنات کي ڦڦــڙي لڳي ھجي !
چرپر ۾ موجودہ سمورا وجودہ ائين لڏڻ لڳا جيئن تيز طوفان ۾ ٻيڙي جا سڙھہ لڏڻ شروع ٿيندا آھن ،مونکي ڪنبڻي لڳي ويئي مان جو پٿر ٿي ويو ھوس سو ڄڻ اتر جي تيز ھوائن جي اڏار ۾ ڪــک ٿي واچوڙي ۾ ڦِرڻَ لڳو ھوس .
منھنجي سامھون سرد ھوائن جي سامھون روڊ جي وچ واري ِڀتِ مٿان ھڪ معصوم وجودہ اگھور ننڊ ۾ بنا ڪنھن بوڇڻ وجھڻ جي ستل ھو چند گھڙين جي لاءِ تہ مون ائين محسوس ڪيو تہ شايد ان معصوم وجودہ جو روح پرواز ڪري ويو آھي جو سندس جسم ۾ ڪابہ چر پر نہ ھئي ،مان جيئن سندس وجودہ جي ويجھوويس تہ ھن کي ساھہ کڻندي ڏٺم !!
ڏڪندڙ جسم سان اڳتي وڌي کيس ڀاڪر ۾ ڀري کڻڻ جي ڪوشش ڪيم تہ ھو جاڳي پيو !!
سندس چھري تي حيرت بدران ڪاوڙ ھئي ھن مونکي حقارت سان ڏٺو ۽ پنھنجي چھري تي ٻيھر ٻانھن ورائي ننڊ جي آغوش ڏانھن وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين .
عزيزانِ من !!
پٺاڻ جي ھـوٽل ٻاھران ڳڙھي خدابخش جي مقام تان موٽيل نوجوانن جي ٽولي گيھہ ۾ تريل اُڦراٽن ۽ بيضن کائڻ کانپوءِ گرم چانھہ جون سُرڪيون ڀرڻ شروع ڪيون ھيون ،ڪجھہ ئي لمحن ۾ گڏيل طور ھڪ آواز گونجيو (زندہ ھے بھٹو زندہ!! ).
ڪوچ اسٽارٽ ٿي نوجوان روانا ٿيا پويان روڊ جي وچ واري ڀت تي سرد صبح ۾ ستل معصوم وجودہ بہ ڪنڌ کڻي ڪوچ ڏانھن نھاري ڄڻ زندھہ ڀٽو ڏسڻ جي ھڪ اڻمڪمل ڪوشش ڪئي !!
مان اڃان ڏڪي رھيو ھوس ،مونکي سمجھہ ۾ نٿو اچي پنجن ڏھاڪن ۾ بہ سنڌ جي حالت ڇو نہ تبديل ٿيئي !!روٹي،کپڑا اور مکان جي نعري ۾ رتي ڀر بہ تبديلي نہ آئي پنجن ڏھاڪن ۾ اسان جو ٽيون نسل بہ ان بدنصيبي جي ئي ڀِتِ تي ستل آھي .جنھن ڀت تي ڪڏھن اسان جو اڳ وارو نسل ھن اميد سان ستل ھو تہ اسان جو ايندڙ نسل پنھنجي گھر جي ڇت ھيٺان سمھندو .
ننڍڙي وجودہ ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ ٻانھن اُڀي ڪري منھنجي منھن ڏانھن نھاريندي ڦِڪي مُرڪ مُرڪي ڏاڍيان نعرو ھڻي چيائين ”
زندہ ھے بھٹو زندہ !!
ائين ھوٻيھر روڊ جي وچ واري ڀت تي ليٽي پيو ۽ اسان جي اڳئين نسلن وانگيان گھري ننڊ ۾ ھليو ويو !!
(حيدرملاح)

ٺرڪي عاشق اسان جي ڳچيءَ ۾ پيل آهن.

رات جي پوئين پهر جا لوڻاٺيل لفظ!
———————————————————–زندگي گولاڙا بس جي اوڌاري سيٽ جيان ٿي ويئي آهي، اوھان يقينن پڇندا ته گولاڙا بس ڇا آهي؟
مانجهند کان اولهه پاسي درگاهه شاهه اويس قرني جي ڀرسان گولاڙا ڳوٺ آهي، اتان روز صبح جو ڇهين وڳي حيدر آباد جي لاءِ بس نڪرندي آهي، حيدرآباد کان واپس وري شام جو ڇهين وڳي ٿيندي آهي.
“بائو ٽرين “ڊرامي جيان هن جا به مسافر تقريبن ساڳيا هوندا آهن سرڪاري ننڍا ملازم، ننڍا واپاري، ننڍا آبادگار، پوڙها بيمار ڳوٺاڻا، عورتون ۽ خارش ورتل معصوم ٻار!
چرچائي، ڪوڙا، ٻٽاڪي، شريف، بدمعاش، عورتن کي ڏسي چپ چٽڻ وارا، ٺرڪي عاشق ، ملان، موالي!
گولاڙا بس سان سالن کان هڪ الميو ٿيندو اچي روز رات جو مسافر بس جون سيٽون ڪلهي تي رکي گهر هليا ويندا آهن اها جديد بڪنگ آهي، ٽڪيٽ ڪٽرائڻ بدران بس جي سيٽ ئي گهر کڻي وڃي ڇاڪاڻ سڀاڻي اوهان کي حيدرآباد جو وڃڻو آهي.
صبح سان سج اڀرڻ کان پهرين ڊرائيور بس جي انجڻ کي اسٽارٽ ڪري زور زور سان هارن وڄائڻ شروع ڪندو آهي، جيئن مسافر وقت سان اچي سيٽ سميت بس ۾ سوار ٿين ڪو مسافر دير ڪندو آهي ته ڪنڊڪٽر وقت جي پابندي ڪندي سندس در تي وڃي سڏ ڪندو آهي، ائين روز منزل ڏانهن بس رواني ٿئي ٿي، ماڻهو هڪ ٻئي سان ڏک سلين ٿا، دردن جي ونڊ ڪن ٿا بيمارين تي گفتگو ڪن ٿا، بي وفائي جا قصا کڻن ٿا ۽ شاعري سان گڏ ٿڌا ساهه ڀرين ٿا.
بس زندگي گولاڙا بس جهڙي آهي سڀ ساڳيا مسافر روز سفر ۾ گڏ آهن، سندن منافقي، مڪاري، دغابازي جي ڄاڻ هوندي به ساڻن سان گڏجي ان ڪري به سفر ڪرڻو ٿو پوي جو سالن کان هو ڪلهن تي ساڳيون سيٽون کڻي گهر ڏانهن وڃن ٿا ۽ صبح جو هارن جي سڏ تي ٻيهر ساڳيون سيٽون ڪلهن تي کڻي اچي سفر شروع ڪن ٿا.
ها منهنجا پيارا مهربان دوستو، زندگي هڪ سفر آهي، جنهن سفر ۾ اوهان کي هر قسم جي ماڻهن سان رڳو انڪري گڏجي سفر ڪرڻو پوي ٿو جو اوهان کي منزل تي پهچڻ جي لاءِ مستقل سفر ڪرڻ جي ضرورت آهي،
ڪوڙا، موالي، زاني، رهزن، ملان، زاهد، ٺرڪي عاشق سڀ اسان جي ڳچي ۾ پيل آهن جيسيتائين هيءَ زندگيءَ جي گولاڙا بس روان دوران آهي.
حيدر ملاح

روڪ جي روڪي سگھين!

ﭘﻮﺋﻴﻦ ﺭﺍﺕ ﺟﺎ ﻟﻮﮢﺎﭠﻴﻞ ﻟﻔﻆ !!

______________________________________

ﻣﻨﮭﻨﺠﺎ ﻣَﻦَ !!
ﺍﭲ ﺍﻭﮬﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﺩﻝ ﺟﻲ ڳاﻟﻬﻪ ڪﺮﮠ ﻭﭸﺎﻥ ﭘﻴﻮ !
ﺍﻭﮬﺎﻥ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﺁﮬﻴﻮ ﺗﮧ ﭼﻨﺪ ﮔﻬڙﻳﻮﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ ڪﺮﻳﻮ !
ﭤﻮﺭﻭ ﮄﻳﺎﻥ ڏﻳﻮ !
ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ۾ ﺗﻤﺎﻡ ﻭڏﺍ ﺗﻤﺎﻡ ﻃﻮﻓﺎﻥ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ﻃﻮﻓﺎﻥ ﺟﻲ ﺍڳيان ﻃﻮﻓﺎﻥِ ﻧﻮﺡُ ﺑﻪ ﻧﻨﮃﻭ ﻣﺤﺴﻮﺱ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ .
ﺍﺳﺎﻥ ۽ ﺍﻭﮬﺎﻥ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻲ ﺯﻧﺪﮔــﻴﻦ ۾ ﺍﮬڙﺍ ﺍﻧﻴڪ ﻃﻮﻓﺎﻥ ﺁﻳﺎ ۽ ﺍﭸﺎﻥ ﺑﻪ ﺍﻳﻨﺪﺍ .
ﺍﻧﮭﻦ ﻃﻮﻓﺎﻧﻦ ﻣﺎﻥ ﻧڪﺮﮠ ﻻﺀِ ﺭڳو ﺗﺎﺭﻭ ﮬﺠﮡ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﻧﺎﮬﻲ ﭘﺮ ﺍﻭﮬﺎﻥ ﻭٽ ﺣﻮﺻﻠﻮ ﮬﺠﮡ ﺿﺮﻭﺭﻱ ﺁﮬﻲ .
ﻣﺎﻥ ڪﻴﺘﺮﻥ ﻣﮭﻴﻨﻦ ﮐﺎﻥ ﭔڏ ﺗﺮ ﺟﻲ ﺳﻮﻧﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻬڙﻱ ﺧﻄﺮﻧﺎڪ ﻃﻮﻓﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﻭڙﮬﻲ ڪﻨﺎﺭﻱ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﻮ ﺁﮬﻴﺎﻥ .
ﺗﺘﺮ ﭜﺘﺮ ﭤﻴﻞ ﻭﺟﻮﺩﮦ ﮐﻲ ﭔﻴﮭﺮ ﺳﻬﻴڙﻱ ﻭﺭﺗﻮ ﺍﭤﻢ .
ﺧﻨﺠﺮ ﭘﭡﻲﺀَ ۾ ﺍﻧﮭﻦ ﭘﻴﻮﺳﺖ ڪﻴﻮ ﺟﻦ ﺗﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻓﺨﺮ ﺭﻫﻴﻮ .
ﺟﻦ ﻻﺀِ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ ﺟﻮﺍﻧﻲﺀَ ﺟﻮﻥ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺋﻲ ﺑﮭﺎﺭﻭﻥ، ﺧﺰﺍﺋﻦ ﺳﺎﻥ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ڪﻨﺪﻱ ﮔﺬﺍﺭﻳﻮﻥ ﭘﺮ ﮐﻴﻦ ٽاﺭﻱﺀَ ﻣﺎﻥ ﮀﮣﮡ ﻧﻪ ڏﻧﻮﺳﻴﻦ !
ﮬﻦ ﻟﻤﺤﻲ ﻧﻪ ﺩﻭﮐﻲ ﺑﺎﺯﻥ ﺳﺎﻥ ڪﺎ ﺷڪﺎﻳﺖ ﺁﮬﻲ ﻧﻪ ﺑﻲ ﻭﻓﺎﺋﻦ ﺗﻲ ڪﺎﻭڙ !
ﻧﻪ ﺍﻧﮭﻦ ﺗﻲ ﻣﻴﺎﺭﻭﻥ ﺁﮬﻦ ﺟﻴڪﻲ ڪﻨﮭﻦ ﺑﻪ ﻭﻗﺖ ﺑﻨﺪﻭﻕ ﺟﻲ ﮔﻮﻟﻲ ﭘﭡﻦ۾ ﭘﻴﻮﺳﺖ ڪﺮﮠ ﻭﺍﺭﺍ ﺁﮬﻦ .
ﻣﺎﻥ ﮔﮭﮣﻲ ﺳﻮﭺ ﻭﻳﭽﺎﺭ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﻣڪﻤﻞ ﭤﻴﮡ ﻭﭸﺎﻥ ﭘﻴﻮ ﻧﺌﻴﻦ ﺟﻮﺵ ۽ ﺟﺬﺑﻲ ﺳﺎﻥ ﺍڳتي ﻭﮄﮠ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ڪﻨﺪﺱ، ﺭڪﺎﻭٽوﻥ ٽوڙﻳﻨﺪﺍﺳﻴﻦ،
ﻣﻨﺰﻝ ﺳﺎڳي ﺁﮬﻲ، ﻣﻘﺼﺪ ﭼٽو ﺁﮬﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺳﻔﺮ ﺟﻲ ﭘﮭﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﺫﮬﻦ ۾ ﮬﻮ !!
ﮬﺎ ﻣﻨﮭﻨﺠﺎ ﻣَﻦَ !!
ﻣﺎﻥ ﺳﻤﻮﺭﻳﻦ ﮔﺴﺘﺎﺧﻦ ﺟﻲ ﮔﺴﺘﺎﺧﻴﻦ ﮐﻲ ﻣﻌﺎﻑ ڪﺮﻳﺎﻥ ﭤﻮ .
ﺍﻥ ﺍﻣﻴﺪ ﺳﺎﻥ ﺗﮧ ﮬﻮ ﻭﻳﺠﮭﻲ ﻣﺎﺿﻲﺀَ ﻭﺍﺭﻳﻦ ﻏﻠﻄﻴﻦ ﺟﻮ ﭔﻴﮭﺮ ﮄﮬﺮﺍﺀُ ﻧﻪ ڪﻨﺪﺍ ..
ﺭﺍﺕ ﺟﻲ ﮬﻦ ﭘﻮﺋﻴﻦ ﭘﮭﺮ ۾ ﻣﺎﻥ ﺷﻌﻮﺭ ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﺳماعتن ﮐﻲ ﮔڏ ڪﺮﻱ ﭔﮅﺍﺋﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎﻥ ﭤﻮ
ﻣﺎﻥ ﮬﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻏﻼﻣﻲﺀَ ﺟﻮ ﺍﻧڪﺎﺭﻱ ﺁﮬﻴﺎﻥ ..
ﻣﺎﻥ ﮬﺮ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺿﺎﺑﻄﻲ ﮐﻲ ﻣﺨﺼﻮﺹ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﺟﻮ ﮬﭥﻴﺎﺭ ﺳﻤﺠﮭﺎﻥ ﭤﻮ، ﺍﮬﻲ ﺳﺎڳيا ﺿﺎﺑﻄﺎ ﺟﻴڪﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺗﻲ ﻻڳو ڪﻴﺎ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ ﺍﻧﮭﻦ ﺿﺎﺑﻄﻦ ﮐﺎﻥ ڪﻲ ﻣﺨﺼﻮﺹ ﻓﺮﺩ ﻃﺎﻗﺘﻮﺭ ﺁﮬﻦ .
ﺿﺎﺑﻄﺎ ڪﻤﺰﻭﺭ ﺗﻲ ﻻڳو ﭤﻴﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﻃﺎﻗﺘﻮﺭ ﺍﻧﮭﻦ ﺿﺎﺑﻄﻦ ﺟﻲ ﮄﺍڳن ﮐﻲ ﻓﻘﻂ ﺍﻭﮬﺎﻥ ۽ ﻣﻮﻥ ﻻﺀِ ﭰﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﺭﺳﻲ ﻃﻮﺭ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻨﺪﺍ ﺭﮬﻦ ﭤﺎ .
ﻣﺎﻥ ﺳﻤﻮﺭﻥ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺿﺎﺑﻄﻦ ﮐﺎﻥ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﺁﺟﻮ ﭤﻮ ڪﺮﻳﺎﻥ .
ﺭﻭڪ ﺟﻲ ﺭﻭڪﻲ ﺳﮕﮭﻴﻦ !

حيدر ملاح

سنيتا اچرج مان پڇيو………

پوئين رات جا لوڻاٺيل لفظ!
ـــــــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــ ــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــــ

منھنجي آدرشي دوست سنيتا مونکان پڇيو ڪٿي آھيو، مون چيو سنيتا مان حيدرآباد وڃي رهيو آهيان، افسوس پاڻ اڄ، آدرشن، جدوجھد ۽ سنڌ جي آئيندي جي سياست تي ڳالهائي نه سگهنداسين!
سنيتا وري پڇيو ڇو ڀلا اڄ ايترو مصروف ھوندا ڇا؟!
مون چيو ھا اڄ ٻن رٺل دوستن کي پرچائڻو اٿم، ۽ ھڪ ڪاوڙيل دوست جنھن کي مون سميت گھڻن ئي انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙ دوستن ۽ پارٽين رڳو ان ڪري ويسر جي ڊسٽ بن ۾ اڇلائي ڇڏيو جو ھو ڪنھن پارٽي جو ليڊر يا ڪنھن ليڊر جو گھر ڀاتي نه ھو،
ھو طبيعت جو سخت ھو پر بزدل، ڪرمنل، ويڪائو ۽ منافق نه ھو.
سنيتا پڇيو اھو اوھان کان ڪاوڙيو ڇو ھو، مون کلي چيو سنيتا ڪڏهن ڪڏھن محلاتي سازشون چڱن ڀلن کي اڪيلو ڪري ڇڏينديون آھن..
ائين منھنجي سڏڪن جي آواز تي سنيتا ڇرڪي مونکان پڇيو ڇا توھان روئي رھيا آھيو؟!
نه نه سنيتا،
ڪي اکين جا بادل آھن سي بس نٿا ڪن، ان ڪري ئي ڪاوڙيل بادل ڏي وڏي دل، کليل ڀاڪرن ۽ اکين ۾ لڙڪ کڻي وڃان پيو!
گڏوگڏ ھڪ اکين ۾ شرمندگي آھي تہ سندس جھور پوڙھي ماءٌ ۽ سندس رئندڙ ونيءَ سان مصلحتن جي ور چڙهي ھڪ ڏينھن به پريس ڪلب جي اڳيان سندس زندگي بچائڻ لاءِ مطالبي جي شيٽ نه کڻي بيٺس!
سنيتا شايد منھنجي اندر جي ڪيفيت سمجهندي سوالن کي ٻئي طرف موڙيو،
اوھان مستقل مانجهند رھندا آھيو يا حيدر آباد به اوھان جو بنگلو آھي!
مون کلي چيو حيدرآباد نه منھنجو اجھو نه گھر نه مٽ نه مائٽ!!
سنيتا اچرج مان پڇيو ڇو؟!
مان ڪجھه وقت جي خاموشيءَ کانپوءِ چيو،
منھنجي آدرشي دوست سنيتا، ھيءَ جملو غور سان ٻڌجان منھنجو جنھن قومپرست پارٽي سان واسطو آھي ان تي الزام آھي تہ اھا قبضا ڪندڙن، ڀتي خورن ۽ ڪرمنلن ۽ ايجنسين جي آشيرواد تي ھلندڙن جي پارٽي آھي مان ان پارٽي جي نه صرف فائونڊرن مان آھيان پر مرڪزي آرگنائيزر، سيڪريٽري جنرل، پريس ترجمان ۽ ڪيترائي سال سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر رھيو آھيان.
منھنجي آدرشي دوست سنيتا ڪڏھن ڪڏھن رياستون انقلابي پارٽين جي خلاف پروپينگڊہ جا سمورا جديد طريقا استعمال ڪري انھن کي سماج ۾ اڪيلو ڪري بيھارينديون آھن، ائين جيئن انگريزن حر تحريڪ کي ڌاڙيلن جي تحريڪ قرار ڏيئي سنڌ جي عوام کان ڪٽي بيهاريو، ائين ئي جيئن لينن کي جرمني جو ۽ ھوچي کي جپان جو ايجنٽ قرار ڏنو ويو، بلڪل ائين ئي اسان سان رياست ڪيو، پارٽيون سماج مان جنم وٺن ٿيون ان ڪري سماج جون سمورين علتن وارا ماڻھو پارٽين ۾ شامل ٿي پارٽين جا ڪلچر ۽ انقلابي جوھر ضرور تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر رياستي ادارا به روڪڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪندا رھن ٿا! مون سميت اڄ ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن بي گھر آھن!
ڪال ڊسڪنيڪٽ ٿي ويئي !
چند ئي گھڙين ۾ موبائيل اسڪرين تي لفافو ٻڏڻ ۽ ترڻ لڳو،
لفافو کوليم تہ اسڪرين تي سنيتا جي نالي سان لکجي آيو، آدرشي ساٿي، معاف ڪجؤ نيٽ ورڪ جا سنگنل ڪمزور آھن.
جواب ۾ هيٺيان جملا لکيم!
سنيتا پنهنجو خيال رکجان!
نيٽ ورڪ رڳو نه پنھنجي بدقسمتي آھي پاڻ بحيثيت قوم ھر ايندڙ نئين ڏينهن تي وڌيڪ ڪمزور ٿيندا پيا وڃون!
ڪوشش ڪجان آدرشن کي مرڻ نه ڏجان مان سڀاڻي جي اڀرندڙ نئين انقلاب جي سج کي شايد نه ڏسي سگھان، مان هجان نه هجان پر آدرش زندہ رھڻ گھرجن !
پنھنجي ساٿين کي سيھڙڻ جو ڪم جاري رکجان، اوھان آدرشي نوجوان ئي سنڌ جو آئيندو آھيو.
پنھنجو سنڌ ڪارڻ ڪردار ادا ڪرڻ نه وسارجان!!
حيدر ملاح

سهاڳ رات

پوئين رات جا لوڻاٺيل لفظ!

____________________________________________________________________________
خودغرضيءَ جي انتھا تي پھچندي ھن آخر ۾ اھيو بہ لکي ڇڏيو تہ پيار وقتي احساس آھي ،اھو ڪنھن بہ وقت تبديل ٿي سگھي ٿو .ڪير ٿو ڪيڏي مھل اسان جي دل تي بادشاھي ڪري سچ تہ خبر ئي نٿي پوي .
سندس زبرا لفظ دل تي ائين لڳا ڄڻ خيبر قلعي تي ذوالفقار تلوار جون تجليون ھجن .ھر طرف تمنائن جو خون ھو سو ريزا ريزا ٿي وھي ھليو،ھن دل جو نئون قلعو فتح ڪري فخر مان ۽ فتح جي جوش سان ڄڻ ياعلي جا نعرا ھنيا .
مان سڪل پن جيان خزان جي موسم ۾ ڏار کان ٽٽي ڪري پيس مون کيس ڪيترائي ڏينھن آزيون نيازيون ڪيون ،مون کيس سمجھايو مان نہ مرحب آھيان نہ ئي ڪفر جو قلعو آھيان .
مان تہ تنھنجي من مسجد ۾ سالن کان پيار جو ٻرندڙ ڏيئو ھوس .جنھن کي اڄ تو بي حسيءَ جو ٻُڪُ جھلي ٻوساٽي( گل) ڪري ڇڏيو.
منھنجي روئڻ جي ڌيمي آواز تي ھن آخري جملو چئي ھٿ لوڏي الوداع ڪيو ،جملو ڇا ھو ڄڻ قيامت ھئي .
جاني بس ڪر ھاڻي!
تنھنجو روئڻ ،سڏڪڻ مونکي بور ٿو ڪري ،
مان ھلان ٿي!
ائين بنا موڪلائڻ جي بور ٿيڻ کان بچڻ لاءِ اٿي ھلڻ لڳي .
منھنجي دل ھميشہ جيان ان اميد تي ٽڪ ٻڌي بيٺل ھئي تہ ھوءَ ڪجھہ قدم کڻي وري واپس پويان نھاريندي!
مرڪندي مِينھَن جي ڇُوھي جيان موٽ کائيندي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندي پر ائين نٿيو ھوءَ فتح جي گھمنڊ سان اھڙي ويئي جھڙي منھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏھن رھي نہ ھئي .
ڪجھہ پل پھرين خبر پئي تہ ھن جي ھٿن کي ميندي سان لال ڪيو ويو آھي ،سندس بخملي بدن کي مھانگي لباس سان ڍڪيو ويو ھو ،سندس نڪ ۾ نٿ پيل ھئي .
اھا نٿ جيڪا سموري زندگي کيس غلاميءَ جي نيئرن ۾ ٻڌي گھليندي ھلندي .
ھو خوش ھئي الائي نہ پر ٻڌڻ ۾ اچي پيو سندس ٻنھي اکين مان کارا لڙڪ لڙي پيا ھئا ۽ ھوءَ رکي رکي ٿڌا ساھہ کڻي رھي ھئي .
ڄڻ ھن کي ڪنھن چارڻ جو انتظار ھو پر شڪست کاڌل سپاھي اڳ ۾ مايوسيءَ جي قبر سان وڙھندي وڙھندي ٿڪجي پيو ھو.قبر مان اٿي ھو چاھيندي بہ ھن جي اکين مان ڪرندڙ لڙڪن کي ٻڪن ۾ جھٽي نہ سگھيو ،لوڻاٺيل لڙڪ چنريءَ ۾ جزب ٿيندا ويا ۽ سھاڳ رات ۾ ھن پھرين پنھنجا لڙڪ سنڀالڻ لاءِ چنريءَ کي لاھي کڻي سيرانديءَ ويھاڻي جي ھيٺان رکيو ھوءَ اکيون پوري ليٽي پئي کيس بند اکين ۾ ڪافر مليو جنھن سدائين کيس چپن تي چمي ڏيندي چيو ھو! تون ئي منھنجو خدا آھين ڇاڪاڻ تو۾ ئي مونکي ان جو سڀ ٻاجھہ واريون صفتون ملن ٿيون.
ھو جاڳندڙ اکين سان مرڪي پئي تيسين ڪمري جو بلب وسامي چڪو ھو ……………!!
ھر طرف ڪاري ٻاٽ اونداھہ ڇائنجي چڪي ھئي ……..!!
حيدر ملاح

Design a site like this with WordPress.com
Get started