تبديليءَ جو جوهر!

سنڌي سماج جنھن انداز سان چڱايون پنھنجي اندر ۾ سنڀالي ويٺو آھي شايد ئي ڪو ائين ملڪ جي ٻين قومن جي سماج ۾ ھن وقت ڪا مثبت سوچ موجودہ ھجي . غربت ،تعليم جي ڪمي ،انصاف نہ ملڻ ،ڀوتارڪي راڄ توڙي خراب حڪمرانيءَ سبب بظاھر سنڌي سماج جامد لڳي ٿو پر سنڌي سماج فطرت جي …

پليٽ فارم جو پٿر!

اها سياري جي ٿڌڙي شام هئي ميسينجر ۾ هڪ ميسيج آيو ، آئون اسلام آباد جي ٿڌ کان تنگ ٿي واپس اچي رهي آهيان، پر مون وٽ تنهنجي لاءِ پيار اڃان گرم جذبن وارو ئي آهي، ڊگهي جدائي ضرور هئي پر هڪ پل لاءِ به پنهنجي اکين کان توکي پري نه ڪيو اٿم ، توڙي …

المنظر ۽ سنڌوءَ جو بيٺل پاڻي!

موڪل جو ڏينھن نہ ھجڻ ڪري المنظر تي ڪجھه ۂي ماڻھو ھئاسين، ٻيڙي واري مھاڻي ٻہ ڀيرا اچي بتيلي م چڙھي درياھہ گھمڻ جو چيو، درياءَ ڇا ھو بيٺل پاڻي جو دُٻو ھو مون مھاڻي کي اڻ تارو جو چئي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر سنڌو ڪناري لکيل قديم ڪتاب رگ ويد م لکيل …

خط جو موت!

مونکي لفافي کولڻ جي ڏاڍي تڪڙ هئي، گهڻي ڳولا جي باوجود به جڏهن امرتا مونکي نه ملي ته مون ڄڻ ڳولا جي رڻ ۾ پاڻ کي وڃائي ڇڏيو هو آئون روز ريلوي جي پليٽ فارم تي امرتا کي وٺڻ ويندو هوس پر هر ڀيري مونکي ڪاري وڳي ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ٽرين جي بوگيءَ ۾ …

پهرين ملاقات!

اهو ٢ مئي جو گرم ڏينهن هو آئون سندس آفيس ۾ داخل ٿيس ته هوءَ پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئي تازا شيمپو ٿيل سندس وڏا ڪارا وار چهري کي ڍڪي بيٺا هئا، مون سلام ڪيو هن ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏانهن نهاريو سندس نظرن ۾ خبر ناهي ڇا ڪيفيت لڪيل هئي، مون محسوس ڪيو ته …

دولت!

امرتا مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين “تون مونسان ايترو دير سان ڇو گڏئين؟ مون وراڻيس،” شايد آئون ان ڪري توسان دير سان گڏيس، جو دولت دير سان ئي ايندي آهي “. حيدر ملاح

مختصر ڪهاڻي! چوري

هوءَ ڪافي سالن کان پوءِ منهنجي گهر آئي هئي، آخري ڀيرو هوءَ تڏهن آئي هئي جڏهن آئون اڃان ڪنوارو هوس، هاڻي ته آئون ٻن ٻارن جو پيءُ آهيان، هن بڪ شيلف مان ڪتاب کنيو، انهن جي پنن کي اٿلائيندي هن گلاب جو سڪل گل، ڪتاب جي ورقن مان کڻي ورتو، هن پنهنجي حواسن کي گڏ …

ڄڻ چَپنَ ۾ رابيل ٽڙيو هجي!

رات جي پوئين پھر جا لوڻاٺيل لفظ ________________________________________________ ڪافي سالن جي ڳولا کان پوءِ نيٺ هو مونکي ملي ويو. هن جي اکين تي چشمو چڙهيل هو ۽ چهري تي گهاٽي ڪاري ڏاڙهي هئي ،هن سان گڏ ٻه اڇا ڪتا ۽ هڪ ڪاري ٻلي به هئي. انسانن جي هجومن کان تمام پري هو، شايد ان ڪري …

پيسو ۽ آدرش!

پيسو ته رنڊيءَ وٽ به هوندو آهي پيسو ته هٿ جي مير آهي.بلڪل هي آدرشي ماڻهن جي لاءِ وڏا جملا هوندا.پر حقيقت بلڪل ان جي ابتڙ آهي، سرمائي کان سواءِ اوهان جي ڪابه اهميت ناهي. سرمايي سان اوهان پيشوا کي به پنهنجي مٺ ۾ رکي سگهو ٿا. سرمايو اوهان کي دنيا جون سڀ راحتون فراهم …

مارئي هاسٽل جي ڪمري ۾ لٽڪيل….

پوئين پھر جا لوڻاٺيل لفظ ـــــــــ ـــــــــ ـــــــــ ــــــــ ـــــــــ گھٽيءَ ۾ گھگھہ اونداھہ آھي، رکي رکي پنهنجِي، پنھنجِي سرحدن جا مورچا سنڀالي ويٺل ڪتا، ڀونڪي پنھنجي ڪتي ھجڻ جو احساس جاڳائڻ جي ڪوشش ڪن پيا، چوڪيدار جي سيٽيءَ جو تيز آواز ۽ سلنسر ڦاٽل موٽر سائيڪل جو آواز گڏجي ڪنن جا پڙدا ڦاڙي رھيا …

Design a site like this with WordPress.com
Get started