اکين جي چشمي تي الزام……

منهنجو محترم استاد سائين حيدر علي خان لغاري هميشه مرڪي مونکي چوندو هو جڏهن کان تنهنجي اکين تي چشمو چڙهيو آهي تڏهن کان تون سچ ڳالهائڻ کان ڪنارا ڪش ٿي ويو آهين .اڳ تنهنجون اکيون تنهنجي سچ توڙي ڪوڙ تي پيون چغليون هڻنديون هيون پر هاڻي چشمي جي ٿلهن شيشن ۾ لڪل تنهنجي اکين کي …

عشق ڇو ٿيندو انتهاپسند…….

اسان مان اڪثر دوستن جو خيال ھوندو آھي تہ محبوب وفادار ناھي ،اڪثر محبوب دوکو ڏين ٿا ،خصوصن ھن ملٽي ميڊيا واري دور ۾ محبوبن وٽ عاشقن جا درجن کن آپشن ھوندا آھن .ڪنھن کي دم دلاسو تہ ڪنھن کي ملڻ جو آسرو .واٽس اپ ،ميسينجر ۽ ٻيا ايپ روز روبرو ملاقات جا ذريعا ٿي …

آخر اوهان عشق کان ڇو ٿا ڊڄو….

اسان جو سماج عجيب ڪيفيتن ۾ ساھہ کڻي ٿو ان ڪيفيتن مان ھڪ ڪيفيت منافقي ۽ خوف جي بہ آھي . اوھان ھميشہ ٻين جي زندگين ۾ جھاتيون پائڻ جا عادي آھيو ٻين جي محبتن کي نشاني تي رکي ھلو ٿا ،جڏھن اوھان کان اوھان جي عشق جي بابت پڇجي ٿو تہ اوھان لڄارن ٻارن …

عشق جو سفر!

زوال کان ئي عروج ڏانهن وڌو اهيو ئي زندگي جو بنيادي قانون آھي جنهن شيء جي اوهان کي ضرورت آھي ان جي حاصلات لاء آدجڳاد کان انسان هٿ پير هڻي ٿو باھه ٻارڻ لاء پٿر گسائڻ ،انساني اوگهڙ ڍڪڻ لاء گاھه کان ڪپڙي جي تخليق تائين ،مٿي ڊڪڻ لاء غار کان پڪي گهر تائين جا …

سنڌ جا قومي ڪارڪنو…….!

قومپرست سياست ۾ ھن وقت جيڪي فرد تشدد پسند لاڙن جا حمايتي آھن سي رياست جي خاص ايجنڊا تحت سنڌ جي قومي ڪارڪن کي وقت کان اڳ مارائڻ چاھين ٿا. ڀڳت سنگھہ جو جيل مان موڪليل آخري خط جيڪو ھن نوجوانن جي نالي لکيو ھو. ان ۾ ھن ھڪ جملو ھي بہ لکيو ھوتہ ”انقلاب …

روڊ جي ڀِتِ تي ستل نئون نسل

عزيزانِ مَنۡ !فجر جي نماز جو وقت ھو ﷲ جي گھر مان اذان اچي رھي ھئي ملان جيئن ئي ﷲاڪبر چيو سموري ڪائنات ڄڻ نوڙي سجدہ در ٿي بيٺي ھئي ،پکين جي آوازن سان گڏ ڀڳت ڪنور رام جي صدا ڪنھن جھوپڙي ھوٽل جي ايف ايم ريڊيو تان گونجي اٿئي ھئي ،”نالي الک جي ٻيڙو …

ٺرڪي عاشق اسان جي ڳچيءَ ۾ پيل آهن.

رات جي پوئين پهر جا لوڻاٺيل لفظ!———————————————————–زندگي گولاڙا بس جي اوڌاري سيٽ جيان ٿي ويئي آهي، اوھان يقينن پڇندا ته گولاڙا بس ڇا آهي؟مانجهند کان اولهه پاسي درگاهه شاهه اويس قرني جي ڀرسان گولاڙا ڳوٺ آهي، اتان روز صبح جو ڇهين وڳي حيدر آباد جي لاءِ بس نڪرندي آهي، حيدرآباد کان واپس وري شام جو …

روڪ جي روڪي سگھين!

ﭘﻮﺋﻴﻦ ﺭﺍﺕ ﺟﺎ ﻟﻮﮢﺎﭠﻴﻞ ﻟﻔﻆ !! ______________________________________ ﻣﻨﮭﻨﺠﺎ ﻣَﻦَ !! ﺍﭲ ﺍﻭﮬﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﺩﻝ ﺟﻲ ڳاﻟﻬﻪ ڪﺮﮠ ﻭﭸﺎﻥ ﭘﻴﻮ ! ﺍﻭﮬﺎﻥ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﺁﮬﻴﻮ ﺗﮧ ﭼﻨﺪ ﮔﻬڙﻳﻮﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ ڪﺮﻳﻮ ! ﭤﻮﺭﻭ ﮄﻳﺎﻥ ڏﻳﻮ ! ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ۾ ﺗﻤﺎﻡ ﻭڏﺍ ﺗﻤﺎﻡ ﻃﻮﻓﺎﻥ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ﻃﻮﻓﺎﻥ ﺟﻲ ﺍڳيان ﻃﻮﻓﺎﻥِ ﻧﻮﺡُ ﺑﻪ ﻧﻨﮃﻭ ﻣﺤﺴﻮﺱ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ . ﺍﺳﺎﻥ …

سنيتا اچرج مان پڇيو………

پوئين رات جا لوڻاٺيل لفظ! ـــــــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــ ــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــــــــــ منھنجي آدرشي دوست سنيتا مونکان پڇيو ڪٿي آھيو، مون چيو سنيتا مان حيدرآباد وڃي رهيو آهيان، افسوس پاڻ اڄ، آدرشن، جدوجھد ۽ سنڌ جي آئيندي جي سياست تي ڳالهائي نه سگهنداسين! سنيتا وري پڇيو ڇو ڀلا اڄ ايترو مصروف ھوندا ڇا؟! مون چيو ھا اڄ …

سهاڳ رات

پوئين رات جا لوڻاٺيل لفظ! ____________________________________________________________________________ خودغرضيءَ جي انتھا تي پھچندي ھن آخر ۾ اھيو بہ لکي ڇڏيو تہ پيار وقتي احساس آھي ،اھو ڪنھن بہ وقت تبديل ٿي سگھي ٿو .ڪير ٿو ڪيڏي مھل اسان جي دل تي بادشاھي ڪري سچ تہ خبر ئي نٿي پوي . سندس زبرا لفظ دل تي ائين لڳا …

Design a site like this with WordPress.com
Get started