خانداني ماڻهون………

اسان کي ننڍپڻ کان سيکاريو ويندو آهي ته فلاڻو ماڻهو “خانداني ماڻهو “آهي. خانداني ماڻهو جي تشريح ۾ اڪثر اهي ماڻهو يا خاندان شامل ڪيا ويندا آهن جيڪي صدين کان ظالم ۽ سفاڪ حڪمرانن جا ساٿاري رهيا هوندا يا وري رعايت يافته هوندا. خانداني ماڻهن ۾ جڳهه جهان جون سڀ بڇڙايون شامل ھونديون آهن. پوليس …

پَنَ ڇَڻَ جي موسم!

اها حيدر آباد جي هڪ تيز اس واري صبح هئي اسان ٻئي گڏجي راڻي باغ جي آڳنڌ تي پسار ڪري رهيا هئاسين. امرتا مونکان پڇيو، ڇا گونگا ۽ انڌا به محبت ڪندا آهن؟ امرتا جي اوچتي سوال تي مونکان ڇرڪ نڪري ويو، مون امرتا جي چهري ۾ نهاريو هوءَ صفا سنجيده محسوس ٿي. مان آهستي …

مسجد ۾ لائوڊ اسپيڪر حرام آهي؟

هي ٨٣ جي جمهوري تحريڪ کان اڳ جي ڳالهه آهي، مانجهند شهر جي بازار واري مسجد ۾ استاد حافظ ﷲ ورايو مانجهند قرآن شريف جي تعليم ڏيندو هو. ساڻس جوڙ ۾ وري مولانا محمد بخش خميني قائدو پڙهائيندو هو. مولانا خميني مرحوم جي لاءِ مشهور آهي ته جي خميني قائدو پڙهائي ته قرآن اکيون پوري …

اسان ڏکيا ڪم ڪرڻ جي لاءِ نڪتا آهيون.

آسان ڪم ته هر ماڻهوءَ جي هٿ وس هوندا آهن مشڪل ڪم ڪرڻ وارا وڏن حوصلن سان اڳتي وڌندا رهندا آهن هو حالتن جان جهيڙيندا پنهنجي جان مال ۽ نفس جي قرباني ڏيندا بيابانن جا سينا چيريندا اڳتي وڌڻ جو ڪم ڪندا آهن . انهن مشڪل ڪم ڪرڻ جي لاءِ اسان کي ڪنهن منٿون نه …

ڊگهي ڪچهري.

ھن کان مون ور ور ڏيئي نالو پڇيو ھن ھر ڀيري مرڪي پنھنجو نالو ٿي ٻڌايو.اسان ڪافي ڪلاڪن تائين ڪچھري ڪئي، ان دوران اسان گھڻن ئي موضوعن تي ڳالھايو!موضوع ائين ھئا جيئن ناريل جي کل مٿان کُھريون تَندون!يا ائين کڻي چوان مَڪئي جي سنگ مٿان کَلن مٿان کَلون!!ھيءَ ڊگھي ڪچهري المنظر جي منظر جھڙي حسين …

چنڊالن جي چونڪڙي!

سنڌ ھن وقت چنڊالن جي چونڪڙيءَ وٽ يرغمال آھي. اھي چنڊال اوھان کي ھر جڳھہ تي ملندا. سالگرھہ تي گل دستي سان گڏ موت تي ميڻ بتيءَ سان گڏ ،ميلي ۾ گلي ۾ ڳانا پاتل ،راڳ ۾ جھومر ھڻندي ،ڪتابن جي مھورت ۾ ليکڪ جي شڪل ۾ ،مشاعري ۾ شاعر جي حيثيت ۾ ! ائين …

لاهوتي جو اعلان آ………!!

ڀٽ شاهه منھنجو ناناڻو شھر آھي ننڍپڻ جا ڪيترا ئي گرميءَ جي وڪيشن وارا مهينا امان سان گڏ نانا وارن وٽ گذرندا ھئا، خاص طور لطيف سائين جي ميلي جا ٽئي ڏينھن ڀٽ شاهه ۾ گذرندا ھئا. ڀٽ شاهه ۾ ميلي ۾ رش به جام ھوندي ھئي تہ بازارون به ڏاڍيون خوبصورت ھونديون ھيون، ڪلھو …

ڦلهڏيون ۾ ساڙيل ڦول!

صبح جي ٿڌڙي هوا کي ڪهڙي خبر ته جيئن ئي ڦلهڏيون مٿان منجهند ايندي ته گرم هوا پاڻ سان گڏ دوزخ جي باهه به کڻي ايندي.ڦلهڏيون شايد ڪڏهن گلابن جي گلن جي مٽا سٽا جو شهر هوندو گل جيڪي نه هندو ٿيندا آهن نه ئي مسلمان، نہ، مومن نه ڪافر، گل بنا تفريق جي عاشق …

خطي جي نئين صورتحال ۽ پاڪستان

نائن اليون کانپوءِ جتي پاڪستان لاءِ آمريڪا ۽ نيٽو جي ملڪن خزانن جا منهن کولي ڇڏيا هئا اتي وري پاڪستان لاءِ مشڪلاتن جي به ڄڻ ڪا شروعات ٿي چڪي هئي، پاڪستان پنهنجي سخت گير مذهبي نظرياتي لائين ۽ مذهبي رياست هجڻ سبب سدائين خطي جي لاءِ خطري جي گهنٽي طور موجوده رهيو آهي، خطي جي …

احتياط ڪريو!

اڃان مئي جي نٽهڻ اس ئي نه لڙي هئي هن جي زهر کائي خودڪشي ڪرڻ جي خبر گرم هوا جيان سنڌ جي جيءَ کي وڍ ڏئي ويئي. هن کان اڳ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته سوشل ميڊيا جي به ڪا اگهاڙي ترار ٿيندي آهي جيڪا جسم سان گڏ روح کي به روڙي ڇڏيندي …

Design a site like this with WordPress.com
Get started