عسڪري پارڪ جي واڪ ٽريڪ تي لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جي تيز وکن کڻڻ کانپوءِ صفا ٿڪجي پيو هئس. سج به قاسم آباد جي ڀرسان سنڌو درياهه جي پيٽ جي ڪناري تي بلڊر مافيا جي قبضي ڪيل وڏن پلازائن جي اونچن ڇتين پويان اوچتو ڪري پيو هو. آئون عسڪري پارڪ جي ڇٻر تي ويهي کيسي …
Category Archives: Uncategorized
ڪرونا وائرس ۽ ڦاٿل پاڪستاني!
ملڪي ميڊيا تي اڄ ڪلھ ڪرونا وائرس جو چرچو آهي، چين جي مڪمل آبادي هن وقت ڪرونا وائرس جي خوف هيٺ آهي. چين سرڪار جي انگن اکرن مطابق اٺ هزار جي لڳ ڀڳ هن وقت ڪرونا وائرس جا تصديق ٿيل مريض موجوده آهن جڏهن ته ٻارنهن هزار کان مٿي اهڙا مريض آهن جن بابت انديشو …
منهنجي مٺڙي من جامي کي ياد آهي الائي نه…….!!
جامي جي گهر جي ڪتابن سان سٿيل ڊرائنگ روم ۾ اسان ٽي دوست، خدابخش درس، محمد علي ابڙو ۽ مان جامي سان ڪچهري لاءِ ويٺا هئاسين . جامي جيڪو گَرن گنجن دانشورن کان بنهه مختلف، سليقي ۽ فضيلت وارو، گفتگو جو بادشاھ، سخي ۽ سمجھدار. اسان وري ٻهراڙي جا ٻار، چانھ مان بسڪوٽ ٻوڙي کائڻ …
Continue reading “منهنجي مٺڙي من جامي کي ياد آهي الائي نه…….!!”
سنڌ ۾ نئين سياسي پارٽي جو نزول!
سنڌ ۾ وڏي عرصي کان سياست ۾ نوجوانن جي شموليت نه پئي ٿئي، جنرل ضياءَ جي دور ۾ شاگرد يونين تي بندش ان کانپوءِ جرڳائي اديبن پاران شاگرد سياست تي مڪمل بندش جي گهر ۽ عملي طور ٢٠ سالن جي لاءِ سياسي پارٽين تي شاگرد ونگ جو خاتمي جي مطالبي سبب شاگرد سياست ڄڻ ديوار …
راضپي جي ڳنڍ کول!!
جوانيءَ جو لهندڙ سج، ويندي ويندي چوندو ويو تنهنجي زندگيءَ جي ڪل موڙهي تنهنجو عشق هو. ان عشق کي نه وسارجان. تنهنجي محبوب جا ڏنل ڪل زخم تنهنجي اڻ مَئي دولت هئا. تون جي مرڪيو هئين اهو وياج سميت واپس ڪر! جوانن کي بار بار سمجهاءِ ته انسانيت کي زندهه رکڻ جي لاءِ عشق جي …
ڇا مصطفي ڪمال سان به اتحاد ٿي سگهي ٿو؟!
پاڪستان کان ٻاهر ويٺل پاڻ مرادو جلاوطن جيئي سنڌ جي مختلف گروپن جا ڀاڄوڪڙ گوريلا اڳواڻ ” بابائے مہاجر قوم” قائد الطاف حسین سان اتحاد ڪرڻ وقت قوم کي اهو ٻڌائين ٿا ته سنڌ جي ورهاڱي کي روڪڻ ۽ مها سنڌو ديش ٺاهڻ جي لاءِ هنن ايم ڪيو ايم لنڊن سان اتحاد ڪيو آهي. هي …
ڀڙوت ڪيئن ڪجي؟!
هي ڪتاب ميرپور خاص جي ان نامياري وڪيل مسٽر امان الله سومرو لکيو آهي جنهن تازو هاءِ ڪورٽ حيدر آباد ۾” ڀنگ قومي مشروب آهي ان تان بندش هٽائڻ جي لاءِ پٽيشن داخل ڪئي هئي.”هن پٽيشن ۾ دليل ڏنا ته جنرل ضياءُالحق جي مافيا آمريڪا سان گڏجي افغانستان ۾ سوويت يونين خلاف جڏهن جهاد جي …
مونکي اعتراض ناهي…….
اوهان مثبت سوچن کي منفي رخ ۾ وٺي وڃڻ جا هيراڪ آهيو ، اوهان ڪج بحثي جا عادي آهيو، فڪري نقطن تي گفتگو ڪرڻ، حڪمت عملين جي افاديت کي سمجهڻ بدران اوهان رد ڪرڻ جهڙي ردي رويي جا شڪار آهيو ان ڪري جڏھن حل بيان ڪجن ٿا ته اوهان حل طرف وڌڻ بدران، اڃان معاملن …
قومي ڪارڪن جي ڊائري
چاٻي چورپهريون ڀيرو ١٩٨٨ ۾ ڪنهن دوست مونکي ٻڌايو ته فلاڻو سياسي ڪارڪن “چاٻي چور” آهي. هي نئون تعارف ۽ نئون اصطلاح منهنجي لاءِ بنهه حيرت ڪندڙ هو، مون حيرت مان پڇيو چاٻي چور ڇا ٿيندو آهي؟ ،ڪنهن کي آڱر جيڏي بنهه ننڍڙي چاٻي چورائڻ مان ڀلا ڇا ملندو هوندو؟کلي چيائين ته اڄڪلهه ڪهڙو ڪتاب …
عظيم پيئرن جا نافرمان پٽ!!
تاريخ نافرمان اولاد جي غليظ پڻي سان ڀري پئي آھي رات رب جي نبي حضرت نوح تي ھالي وڊ جي ٺھيل فلم ويٺي ڏٺيم سندس نافرمان پٽ نوح جي سچ جي ٻيڙي ۾ چڙھڻ کان انڪاري ٿيندي ڏٺم، سندس مقدر پنھنجي ئي پيشاب ۾ ٻڏندي ۽ مرندي ڏٺم. ائين حب الوطني جي عظيم نالي سورھيہ …